UJALA PRESS CLUB

UJALA PRESS CLUB Bashir Ahmed Baladi

17/11/2023

سانگھڑ شہر میں سماجی برایاں عروج پر

15/11/2023

60 ميل جي صحافين کي ڊي ايس پي دوڙ ۽ پوليس پاران ڪوريج دوران ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا پاران اجالا پريس ڪلب سانگهڙ

حيدرآباد جا فليٽ موت گهر ڇو آهن..حيدرآباد ۾ نسيم نگر جي نسيم شاپنگ مال مان فجر جي وقت قوم پرست سرگرم اڳواڻ بينڪ ملازم عو...
15/11/2023

حيدرآباد جا فليٽ موت گهر ڇو آهن..
حيدرآباد ۾ نسيم نگر جي نسيم شاپنگ مال مان فجر جي وقت قوم پرست سرگرم اڳواڻ بينڪ ملازم عورت مرڪ پيرزادو جو ڦاهو آيل لاش مليو آهي. جنهن جي وارثن قتل جو شڪ ڏيکاريندي پوليس کان جاچ جو مطالبو ڪري رکيو آهي.
هن شاگردياڻي جي ڦاهو آيل لاش ملڻ کان پهرين ڏيڊ سال اڳ ساڳئي نسيم شاپنگ مال پلازه جي هڪ فليٽ مان وڪالت جي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگرد جو به لاش مليو هو.
انڪري پوليس لاش ملڻ واري هنڌ کي سيل ڪري جيو فنسنگ, فنگر پرنٽ ۽ ٻيون فانرنزڪ سائنس جي گهرجن موجب جزا ضرور وٺي.ڪمري جي فارنزڪ سائنس سان جاچ ڪئي وڃي. جنهن سان پوليس اهڙن مبينا خودڪشي جي ڪيسن جي تهه تائين ضرور پهچندي.

15/11/2023

9 مئی واقعات کے بعد گرفتار پی ٹی آئی رہنماؤں کا جیل سے الیکشن لڑنے کا اعلان.

یاسمین راشد، میاں محمد الرشید ، عمر سرفراز چیمہ سمیت دیگر نے الیکشن لڑنے کے لیے عدالت سے اجازت طلب کر لی.

 راڻيپور پوليس ھٿان شاھمراد بروھي کي سخت تشدد ڪري ماري ڇڏيو متاثر نوجوان جو عورتون مقتول جي لاش مٿان قرآن پاڪ رکي ڌرڻو ھ...
15/11/2023


راڻيپور پوليس ھٿان شاھمراد بروھي کي سخت تشدد ڪري ماري ڇڏيو متاثر نوجوان جو عورتون مقتول جي لاش مٿان قرآن پاڪ رکي ڌرڻو ھنيو ويٺيون آھن پوليس کي آخر ڪنھن حق ڏنو آھي ته ائین نوجوان کي تشدد ڪري ماري ڇڏين پوليس کي عدالتن کان مٿانھون ٿي ڪري پاڻ فيصلن جو حق ڪنهن ڏنو آھي اھڙي ظلم سنڌ پوليس کي چڱي طريقي سان وائکو ڪري ٿي جتي پوليس رڳو سياسي ماڻھن جي ڪمداري ڪندي ناحق خون پئي ڪري ڪڏھن ڪنهن سردار يا ايم اين اي کي به ائين وڃي ماريو جيڪي سڄو ڏينهن ھر ڏوھ ۾ ملوث ھوندا پر اتي پوليس کي قانون نظر ايندو ۽ اڳيان وڏو موچڙو ...

جھول پوليس پاران ڪجھ ڏينهن اڳ جھول شھر جي حيات پاڙي مان لڳل ڌاڙي جي ڪيس ۾ گھربل چوابدار عبدالخالق شر ۽ ڌاڙي جي ڪيس ۾ گھر...
15/11/2023

جھول پوليس پاران ڪجھ ڏينهن اڳ جھول شھر جي حيات پاڙي مان لڳل ڌاڙي جي ڪيس ۾ گھربل چوابدار عبدالخالق شر ۽ ڌاڙي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڇاپي دوران جھول پوليس تي حملو ڪرڻ جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار ھادي بخش شر کي جھول پوليس گرفتار ڪري سانگھڙ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو وڌيڪ رمانڊ لا۽ ياد رھي ته عبدالخاق شر پوليس مٿان جھيڙي جي ڪيس ۾ به جھول پوليس کي گھربل ھو جڏھين ته ايس ايڇ او جھول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جھول جي حيات پاڙي مان لڳل ڌاڙي جي ڪيس ۾ انھن کي وڏي ڪاميابي ملي آھي ڌاڙي ۾ ملوث مک جوابدار عبدالخالق شر کي جھول پوليس گرفتار ڪري ان وٽان ڦر ٿيل سون جي رڪوري به ڪئي آھي جڏھن ته ھو ڌاڙي سميت پوليس تي حملو ڪرڻ جي ڪيس ۾ به گھربل ھو جڏھن ته جھول پوليس تي ڪيل حملي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار ھادي بخش شر کي به گرفتار ڪيو آھي .

سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙیندڙ اھڙي بھادر نیاڻي خودڪشي ڀلا ڪیئن ٿي ڪري سگھي؟ مرڪ جو نسیم شاپنگ مال فلیٽ حیدرآباد مان پکي ۾ ٻڌل لا...
15/11/2023

سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙیندڙ اھڙي بھادر نیاڻي خودڪشي ڀلا ڪیئن ٿي ڪري سگھي؟ مرڪ جو نسیم شاپنگ مال فلیٽ حیدرآباد مان پکي ۾ ٻڌل لاش ھٿ معاملي جي شفاف انڪوائري ٿیڻ گھرجي ،

سانگهڙ
15/11/2023

سانگهڙ

جھول لڳ ڳوٺ فقير لاشاري جي رهواسين جي سوين مردن عورتن  ٻارڙن جو بااثرن خلاف پريس ڪلب جھول آڏو احتجاجي مظاهرو اڀ ڏاريندڙ ...
12/11/2023

جھول لڳ ڳوٺ فقير لاشاري جي رهواسين جي سوين مردن عورتن ٻارڙن جو بااثرن خلاف پريس ڪلب جھول آڏو احتجاجي مظاهرو اڀ ڏاريندڙ نعرا ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ گهرن کي باهيون ڏيڻ جا الزام؛؛ خبر موجب جھول لڳ ڳوٺ فقير لاشاري جي سوين مردن عورتن ٻارڙن جو بااثرن خلاف پريس ڪلب جھول آڏو احتجاجي مظاهرو دانهون اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان موقعي تي صحافين اڳيان داهيندي محرم لاشاري؛ ياسين لاشاري؛ غلام قادر لاشاري؛ وزير علي لاشاري؛ مسمات نجمه لاشاري؛ حميده لاشاري؛ دنا لاشاري؛ چيو ته بااثر وڏيرن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسان کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ٻاهر نڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي؛ هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ فقير لاشاري انگريز جي دور کان آهي جتي اسان رهندا آهيون اسان جي وڏڙن جا قبرستان به هن ڳوٺ ۾ آهن؛ هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمن تحت اسان جي ڳوٺ فقير لاشاري کي ڳوٺ آباد اسڪيمن تحت مختيارڪار سانگهڙ ڳوٺ آباد ۾ داخل ڪيو ويو اسان ڳوٺاڻن کي سابقه وفاقي وزير ادي شازيا عطا مري سرڪاري طور 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي صنعتون ڏنيون جيڪي اسان وٽ موجود آهن اصل صنعتون صحافين کي به ڏيکاريو ويون هنن چيو اسان کي صنعتون ملڻ بعد سکر جي مختلف ڪيسن ۾ گهربل امجد علي رند؛ اعجاز علي رند؛ نظر محمد رند؛ حيدر موچي؛ غلام حسين لاشاري؛ آصف علي رند؛ زلفي رند ۽ ٻيا اسان کي پنهنجي ڳوٺ مان بي دخل ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند بڻجي اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن اسان جي ٻارڙن کي اسڪول به نٿا ڇڏين ٻار اسڪول ويندا آهن ته انهن کي پڪڙي واپس ڪري مارڪٽ ۽ ٻارڙن مٿان تشدد پڻ ڪندا آهن؛ هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي پاڻي پيئڻ لاءِ به ڀرڻ نٿو ڏنو وڃي اسان جي نياڻين جون پوتيون لاهي مٿي تذڪرو ڪندڙ جوابدار کڻي ويا آهن اسان سان ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اهڙيون درخواست اسان جھول ٿاڻي تي ڏنيون آهن پر جھول پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن وڌيڪ چيو اسان ووٽر به پاڪستان پيپلزپارٽي جا آهيون پر ان هوندي به پاڪستان پيپلزپارٽي وارن اسان کي تباھ ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي اهڙيون شڪايتون سابقه ايم پي اي ڄام شبير علي کي ڏنيون آهن پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته ڳوٺ مان جلد ٽپڙ کڻي لڏي وڃڻ لاءِ جوابدار مختلف هيلا بهانا ڪري اسان کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي جوابدارن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ فقير لاشاري خالي نه ڪيو ته باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيندا سين مظاهرين وڌيڪ چيو ته مٿي تذڪرو ڪندڙ جوابدارن اسان کي قتل ڪرڻ جان کان مارڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي اسان کي حراسمنٽ ڪري رهيا آهن هنن آخر ۾ نگران وزير اعلي سنڌ؛ گهرو وزير حارث نواز؛ آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد؛ ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ٻين وس وارن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته مٿي تذڪرو ڪندڙ جوابدارن بااثر آهن جن مان اسان کي ۽ اسان جي ٻچڙن کي خطرو آهي جلد جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن عورتن سميت ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد اڳيان ڌرڻو هڻندا سين

11/11/2023

سانگھڙ شھر ۾ منشيات ۽ موٽر سائيڪل چورين ۾ اضافو ايس ايڇ ثناالله پنھور ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام

11/11/2023

جهول
ڳوٺ سيد نور شاھ جي رھواسين جو بااثر زميندار پاران ڳوٺ مان زبردستي لڏائڻ خلاف ڳوٺاڻن غلام قادر لاشاري,محرم علي لاشاري ,ياسين لاشاري,خدا بخش لاشاري,مسمات بانک,مسمات ڌنا, مسمات حميدا لاشاري معصوم ٻارن عمران,مسڪان,شھزادي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب جھول اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين اڳيان داھيندي چيو ته ھو سرڪاري ڳوٺ ۾ ويٺل آھي جٿي جا زميندار پھنجون ٻنيون پلاٽنگ ڪري وڪري ڪري ھاڻ ڳوٺ ۾ پيڙھين کان ويٺل انھن غريبن کي لڏائي اتي بنگلا ٺاھڻ لا۽ انھن کي ڌمڪائي گھرن کي باھيون ڏيڻ جا داٻا ڏئي ڳوٺ مان نيڪال ڪرڻ چاھين ٿا انھن وڌيڪ چيو ته انھن سان رند برادري سان تعلق رکندڙ زميندار انھن جي اچ وڃ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن انھن کي پاڻي ڀرڻ به نٿو ڏنو وڃي ھو سخت پريشان آھن انھن وٽ بس ايھا ملڪيت گھر آھن جيڪي ھڪ سرڪاري ڳوٺ ھجڻ جا انھن وٽ سڀ ثبوت آھن انھن اھڙيون دانھون ڊي سي سانگھڙ توڙي مختار ڪار سميت جھول ٿاڻي تي ڏنيون آھن ته انھن کي جبري طور تي گھر خالي ڪرايا پيا وڃن ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي انھن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ انھن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جبري گھر خالي ڪرائيندڙ خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي انھن آخر ۾ ايس ايس پي سانگھڙ ۽ ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو فوري نوٽيس وٺي انھن سان انصاف ڪن.

سانگھڑ
10/11/2023

سانگھڑ

جھول پولیس
09/11/2023

جھول پولیس

جھول
08/11/2023

جھول

سانگهڙ پوليس جو بهترين ڪارنامو سانگهڙ پوليس ڱم ٿيل پرس ڳولا ڪرائي واپس ڪرائي ڇڏيو اها لڳل خبر اڄوڪي اخبار تعمير سنڌ ۾
06/11/2023

سانگهڙ پوليس جو بهترين ڪارنامو سانگهڙ پوليس ڱم ٿيل پرس ڳولا ڪرائي واپس ڪرائي ڇڏيو اها لڳل خبر اڄوڪي اخبار تعمير سنڌ ۾

سانگهڙ ويجهو ڪار ايڪسيڊنٽ اها لڳل خبر اڄوڪي اخبار تعمير سنڌ ۾
06/11/2023

سانگهڙ ويجهو ڪار ايڪسيڊنٽ اها لڳل خبر اڄوڪي اخبار تعمير سنڌ ۾

05/11/2023
04/11/2023

‏سنیٹ میں قراداد پیش ایک انوکھا انداز ,,, اپ بھی سنئے😢😭😢

جهول ٿاڻي تي سول جج سانگهڙ جو ڇاپو تفصيلي خبر اڄوڪي اخبار تعميرسنڌ
04/11/2023

جهول ٿاڻي تي سول جج سانگهڙ جو ڇاپو تفصيلي خبر اڄوڪي اخبار تعميرسنڌ

04/11/2023

سانگهڙ ۾ صفائي نه ٿي شھر گندگي جي ورچڙھل بيمارين منھن ڪڍيو مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب مليريا ۾ واڌ شھر ڪافي وقت کان وٺي مسئلن جي ور چڙھيل بلديا جو جعلي عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو

جهول رپورٽ بشيراحمد بالادي جهول ٿاڻي جي حد ڏوهارين جي لاءِ آرام گاھ بڻجي وئي ايس ايڇ او جهول نبي بخش جلباڻي ڏوهن تي ظابط...
03/11/2023

جهول رپورٽ بشيراحمد بالادي
جهول ٿاڻي جي حد ڏوهارين جي لاءِ آرام گاھ بڻجي وئي ايس ايڇ او جهول نبي بخش جلباڻي ڏوهن تي ظابطو آڻڻ ۾ ناڪام ڏوهاري گهرن ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي رهيا آهن اهڙي جهول ٿاڻي جي حد مان ٻه وارداتون ڳوٺ گهنڊڻ مان هڪ هفتو اڳ ٿي چڪيون آهن جن جون جهول ٿاڻي تي الڳ الڳ اين سيون پڻ داخل ٿيل آهن جڏهن ته موٽر سائيڪل جهول ٿاڻي جي حد مان ڦر ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن
گذريل رات دير سان وارڊ نمبر هڪ ۾ اٺ کان مٿي نامعلوم جوابدارن گل محمد سولنگي ۽ راڻو سولنگي جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور؛ لکين روپيا روڪ ؛نياڻين جو قميتي لکين رپين ڏاج جو سامان؛ ٻه موٽر سائيڪل پاڻ سان کڻي ڏوهاري آرام سان فرار ٿي ويا آهن لڳل گهر اندر ڌاڙي بابت سولنگي عورتن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هڪ جوابدار اسان سڃاتو جنهن جو نالو خالقو شر ٻڌايو پيو وڃي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جهول پوليس خالقو شر کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي هتان جي سڃاھ وندن آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي شھيد بينظرآباد؛ ايس ايس پي سانگهڙ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جھول ٿاڻي جي حد ۾ وڌنڌڙ بدامني چورين ڦرن مٿان ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نااهل ايس ايڇ او جهول کي هٽائي ايماندار ايس ايڇ او جهول مقرر ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

02/11/2023

جهول ۾ گزريل رات لڳل گل محمد سولنگي جي گهر ۾ لکين روپين جو مبيانا ڌاڙي بابت گل محمد سولنگي ۽ سندس گهر ڀاتين احتجاج ڪندي چيو ته جهول پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آھي هنن جو چوڻ ته ڏوهاري اسان سڃاتا آھن ۽ جهول ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي جڏهن ته ڌاڙي ۾ ملوث مبيانا مک جوابدار خالقڏنو شر کي جهول پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي

جھول جي وارڊ نمبر ٻه حيات شر پاڙي مان ڇھن نامعلوم ھٿيار بندن مبينا گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري گل محمد سولن...
02/11/2023

جھول جي وارڊ نمبر ٻه حيات شر پاڙي مان ڇھن نامعلوم ھٿيار بندن مبينا گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري گل محمد سولنگي جي گھر ۾ مبينا ڌاڙو ھڻي گھر مان ڪيش رقم سونا زيور ٻه موٽر سائيڪلون سميت قيمتي سامان کڻي فرار متاثر گل محمد سولنگي جي زال ٻڌايو ته ھڪ جوابدار کي ان سڃاتو آھي ٻي طرف جھول پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي سڄي معاملي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

01/11/2023

ميونسپل ڪاميٽي سانگهڙ ۾ بلديا ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا شھر ڪچري جي ڍير ۾ تبديل

ضلع سانگھڙ جي تعلقي سنجھورو  جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ سوڍو ڪوري جي اسڪول ۾ نہ بلڊنگ نه فرنيچر جنهن ۾ معصوم گلن جھڙ...
01/11/2023

ضلع سانگھڙ جي تعلقي سنجھورو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ سوڍو ڪوري جي اسڪول ۾ نہ بلڊنگ نه فرنيچر جنهن ۾ معصوم گلن جھڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ھيٺ زمين تي ويھي تعليم پرائي رھيون آهن ڳوٺاڻن جو چوڻ ته پھريون ڊي سي سانگھڙ ڊسرڪٽ ايجو ڪيشن آفيسر سانگھڙ ۽ تعلقي ايجوڪيشن سنجھوري کي دانھون ڪيون ڪنهن کي رحم نه آيو جنهن ضلع ۾ تيل ۽ گئس جا فنڊ ھڙپ ڪندڙ سياستدان ۽ ڪامورا جيڪي ڪرپشن جا بادشاه بڻيا ويٺا آهي اسڪول ۾ اڄ به معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي تعليم پرائي رھيون نگران وزير اعلي سنڌ نوٽيس وٺي

افسوس ناڪ خبر ڳوٺ جمالدين شر ۾ جمالدين پتڻ ٻيڙي  تي 11ماڻھو سوارشادي لا۽ اچي رھيا ھيا اچانڪ وچ ناري ۾ ٻيڙي اونڌي  جن ما ...
30/10/2023

افسوس ناڪ خبر ڳوٺ جمالدين شر ۾ جمالدين پتڻ ٻيڙي تي 11ماڻھو سوارشادي لا۽ اچي رھيا ھيا اچانڪ وچ ناري ۾ ٻيڙي اونڌي جن ما 7 ماڻھو لاپتا ڳولا جاري

Address

Bashir Ahmed Baladi Post Office Jhol District Sanghar Sindh
Sanghar

Telephone

+923003215695

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when UJALA PRESS CLUB posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Media/News Companies in Sanghar

Show All