Aamir ali

Aamir ali Cardiologist by profession, creator by passion🥼
"🩺


(1)

دل جي ڳالهه! اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان جا والدين هميشه چاهيندا هئا ته اسان کي محنت سان پڙهون! ڇو ؟ ڇاڪاڻ ته اڪثريت ڏسندي آهي ...
22/11/2024

دل جي ڳالهه!

اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان جا والدين هميشه چاهيندا هئا ته اسان کي محنت سان پڙهون! ڇو ؟

ڇاڪاڻ ته اڪثريت ڏسندي آهي ته دولتمند ٿيڻ ۽ سماج ۾ حيثيت تبديل ڪرڻ جو واحد رستو مطالعو آهي!! ڇاڪاڻ ته ان وقت ميرٽ هئي ۽ سفارش جو تصور تمام محدود هو!

پر اڄ ايم ڊي ڪيٽ کان ڪميشن تائين ٿيل تماشي لکين نو جوانن جا دل کي ٽوڙي ڇڏيو آھي جڏهن پيپر ليڪ پھريون ٿيو وڃن. سوال اهو آهي ته اهو صرف سنڌ ۾ ڇو ٿي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پاڪستان جو ساڳيو حصو آهي. ۽ ان کان پوء اهڙو ماڻهو جيڪو پوسٽ لاءِ پئسا ڏئي ان کان ٻي ڪهڙي اميد رکي سگھو ٿا!

سڀني والدين ۽ شاگردن کي منهنجو مشورو آهي ته اهي سنڌ ڪميشن ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ بدران آء ٽي بلاڪ چين ڊيٽا سائنس شعبي طرف وڃن يا ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃو جيئن چين اٽلي جرمني ناروي جون ٻوليون سکڻ کان پوءِ اتي هزارين اسڪالر شپس موجود آهن. ھن نظام مان اميد فضول آھي.

ڪهاڻي ڪيئن عظيم جنگ شروع ٿي ۽ تاريخ جو منظر تبديل ڪندي !!
21/11/2024

ڪهاڻي ڪيئن عظيم جنگ شروع ٿي ۽ تاريخ جو منظر تبديل ڪندي !!

In this special episode, I once again have the pleasure of welcoming Mr. Amir Magsi to the podcast. Known for his in-depth knowledge and engaging discussions...

19/11/2024

طبي سائنس جديد علم آهي!!
پر بدقسمتيءَ سان ڪجهه ماڻهو لائيڪ ۽ ويوز لاءِ سوشل ميڊيا تي غلط معلومات پکيڙيندا آهن!
جيئن لھسن ادرڪ کائڻ سان شريانون کلي وينديون آهن، ٻڪري جو کير پيئڻ سان دل جا سوراخ کلي ويندا آهن ۽ نفس ڪجھ پائوڊر سان موٽو ڪري سگھجي ٿو.
ان قسم جي غلط ڳھالين ۾ ڪا به حقيقت ناهي جئالسازن کان بچو!

ياداشتون:شهيد نصرالله گڏاني ۽ منهنجو پهريون رابطو سوشل ميڊيا تي ٿيو. مون هن کي پنهنجي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ هن کان پڇو ته مهرب...
15/11/2024

ياداشتون:

شهيد نصرالله گڏاني ۽ منهنجو پهريون رابطو سوشل ميڊيا تي ٿيو. مون هن کي پنهنجي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ هن کان پڇو ته مهرباني ڪري شيئر ڪريو، ۽ منٽ ۾ لکين فالوئر باوجود هن مون کي جواب ڏنو ۽ منهنجي آگاهي واري پوسٽ شيئر ڪئي.

ان کان پوءِ هڪ دفعي هو ڪراچي آيو ته مون کيس رات جي ماني جي دعوت ڏني پر هن ڊنر کان انڪار ڪيو ان بدران مون کي چيو ته ڊاڪٽر صاحب مان چانهه وٺندس پر ماني نه کائيندس. اهو واقعو ئي گواهي ڏئي ٿو ته شهيد ڪيترو اعلاء ۽ صاف سٿرو انسان هو ته هو ڪنهن کان به احسان وٺڻ کان پنھنجي پاڻ کي مبرا رکيو.
اللّٰه درجات بلند ڪري.

14/11/2024

سياسي صورتحال ۽ عمران خلاف ناانصافي تي ڳالهيون !!

عمران خان جي ڪتاب بابت منهنجو بحث ۽ سمجھو ته ڪيئن هن شخص پنهنجي قرباني ذريعي 75 سالن جي حڪمران اشرافيه کي چيلينج ڪيو
13/11/2024

عمران خان جي ڪتاب بابت منهنجو بحث ۽ سمجھو ته ڪيئن هن شخص پنهنجي قرباني ذريعي 75 سالن جي حڪمران اشرافيه کي چيلينج ڪيو

In this episode of my podcast series, I had the pleasure of hosting Mr. Amir Magsi once again. This time, we dive deep into the fascinating life and journey ...

12/11/2024

اسان جي سنڌي روايتن ۾ اسان پنهنجي مائرن کي تمام گهڻو پيار ۽ احترام ڪندا آهيون.
تنهنڪري منهنجي هڪ مريض گهٽ آمدني جي باوجود هن جي ماءُ لاءِ هن جو پيار ۽ احترام واقعي مون کي متاثر ڪيو. هن جي ماءُ کي ڦڦڙن ۽ ڊپريشن جو مسئلو هو پر هاڻي الحمدالله صحيح ڪم ڪرڻ سان هو 3 هفتا اڳ جي مقابلي ۾ بهتر آهي.
توهان اچي سگهو ٿا ۽ وزٽ ڪري سگهو ٿا ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر نزد ميزان بئنڪ ڏهرڪي سنڌ

پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي ۲۱ هين صدي ۾ به پوليو موجود آهي جڏهن ته سريلنڪا ۽ ڪرغستان جهڙن ملڪن مليريا جو خاتمو به ...
09/11/2024

پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي ۲۱ هين صدي ۾ به پوليو موجود آهي جڏهن ته سريلنڪا ۽ ڪرغستان جهڙن ملڪن مليريا جو خاتمو به ڪيو!!
يا ته اهڙي قسم جا ڪيس فاٽا ۾ ظاهر ٿن ٿا جتي جنگ جا اثرات آھن پر گهوٽڪي ۾ سمجھ کان بالاتر آھن؟ مان سمجهان ٿو ته هي انساني زندگي جو معاملو آهي.

عام خيال جي ابتڙ پوليو صرف معذوري جو معاملو ناهي پر اهو اسان جي (neuro degenerative) دماغ تي به اثر انداز ٿئي ٿو ۽ موت جو سبب بڻجي ٿو. ۱ ڪيس جي تصديق ٿي آهي ان جو مطلب وائرس ان ايريا ۾ آهي ان ڪري سڀني سماجي ورڪر صحافين سياستدانن ۽ صحت اختيارين کي گذارش آهي ته گهوٽڪي (خانپور مهر) جي متاثر ڳوٺ جو سروي لاء آواز اٿاريو.

09/11/2024

ميرپورماٿيلو گھوٽڪي ضلئو ۾ موسم جي تبديلي کانپوءِ صورتحال خراب ٿي وئي آھي دل واري مريضن لاء .

اڄ اسان دل جي دوري جي ۵ مريضن جو علاج ڪري ريفر ڪيو !! ڪجھ دل جي دورن ۾ درد جي شدت گهٽ هوندي آهن پر خطرو ساڳو ئي آھي !!
تنهنڪري اهڙيون شيون هيٺين مريضن ۾ ٿينديون آهن

۱) جيڪڏهن مريض کان اڳ دل جو دورو پيو هجي
۲) جيڪڏهن مريض کي شوگر هجي
۳) جيڪڏهن مريض سگريٽ نوشي ڪري

ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر ناڪو 5 ڏهرڪي 10 کان 1 سومر کان اربع تائين
علي محمد ميڊيڪل سينٽر خانپور مهر 10 کان 2 خميس
نيشنل ميڊيڪل سينٽر ميرپور ماٿيلو 1 کان 2 سومر کان اربع تائين

ڊاڪٽر عامر مگسي دل جو ماهر
۽فزيشن ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو

07/11/2024

خانپور مهر جي هڪ بهترين صحافي سان انٽرويو جنهن ۾ گهوٽڪي ۾ فالج ۽ دل جي دوري جي مسئلن بابت ڳالهايو.

اڄ هڪ ٻيو نوجوان (جنهن جي شادي صرف 7 مهينا اڳ ٿي هئي)   عطائي ڊاڪٽرن هٿان حياتي وڃائي ويٺو!! هاڻي هن نوجوان جي موت جو ذم...
06/11/2024

اڄ هڪ ٻيو نوجوان (جنهن جي شادي صرف 7 مهينا اڳ ٿي هئي) عطائي ڊاڪٽرن هٿان حياتي وڃائي ويٺو!!

هاڻي هن نوجوان جي موت جو ذميوار ڪير هوندو؟ سندس مائٽ، جھالت يا عطائي ڊاڪٽر؟

خدا جي واسطي هيٺين علامتن جي صورت ۾ اي سي جي لاءِ وڃو
1 سينه جو درد
2 ساھ جي تڪليف
3 پگھر (مونجھ سان گڏ)
4 گھٻراھٽ
5 مئدي ۾ تڪليف(پگھر سان)

ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر ناڪو 5 ڏهرڪي 10 کان 1 سومر کان اربع تائين

علي محمد ميڊيڪل سينٽر خانپور مهر 10 کان 2 خميس

نيشنل ميڊيڪل سينٽر ميرپور ماٿيلو 1 کان 2 سومر کان اربع تائين

ڊاڪٽر عامر مگسي دل جو ماهر
۽فزيشن ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو

01/11/2024

وڏي دل جي دوري جون نشانيون ڪھڙيون آھن مھرباني ڪري ھن وڊيو کي شيئر ڪريو ته جيئن ماڻھو ڄاڻن ته دل جي دوري جون نشانيون ڇا آھن هي مريض اسان وٽ دل جو دورو پوڻ ڪري آيو هو، سندس گھروارا گهر وڃڻ چاهين پيا پر اسان کيس اسپتال وڃي انجيوپلاسٽي لاءِ راضي ڪيو!!

ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر ناڪو 5 ديهرڪي 10 کان 1 سومر کان اربع تائين
علي محمد ميڊيڪل سينٽر خانپور مهر 10 کان 2 خميس
نيشنل ميڊيڪل سينٽر ميرپور ماٿيلو 1 کان 2 سومر کان اربع تائين
ڊاڪٽر عامر مگسي دل جو ماهر
۽فزيشن ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو

29/10/2024

ميرپور ماٿيلو گهوٽڪي ڏھرڪي ۽ اوباڑو عوام لاءِ خوشخبري

انسان نظرئي سان ادارا ٺاهيندو آھي!!

اسان جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب سان مختصر ڳالهه ٻولهه!! ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صاحب پاران تحفا سي ٽي اسڪين ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي مشين جلد ئي ڊي ايڇ ڪيو ميرپورماٿيلو ۾ ايندي!! ۽ جلد ئي ميرپورماٿيلو کي انشآلله ميڊيڪل يونيورسٽي پروجيڪٽ ملندو گمبٽ پاران .

29/10/2024

گندي پاڻي جي ڪري هي مرض (malaria) مليريا تيزي سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي رهيو آهي.

مليريا جون علامتون ڇا هونديون ۽ ڪھڙين علامتن جو مليريا سان تئلق ناھي ! ۽ اسپتال ۾ فرنٽ لائن ڊاڪٽر ڪيئن هن مرض سان وڙهڻ ۾ مصروف آهن!

بخار جي صورت ۾ مهرباني ڪري ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو اچو جتي مليريا جي دوا ۽ ڪٽس موجود آهن.

مان توهان کي اهو به ڏيکاري رهيو آهيان ته ڪيئن ڪجھ آسان شيون ڪري توهان پنهنجي ٻار کي (infectious diseases) موذي مرضن کان بچائي سگهو ٿا ! مهرباني ڪري هي وڊيو ڏسو ۽ شيئر ڪريو.

ايس ايس ڊي ميڊيڪل سينٽر ناڪو 5 ڏهرڪي 10 کان 1 سومر کان اربع تائين
علي محمد ميڊيڪل سينٽر خانپور مهر 10 کان 2 خميس
نيشنل ميڊيڪل سينٽر ميرپور ماٿيلو 1 کان 2 سومر کان اربع تائين
ڊاڪٽر عامر مگسي دل جو ماهر ۽ فزيشن
ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو

خبردار: جيئن توهان سڀني کي خبر آهي ته اسان سياري ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ! موسم جي تبديلي سٻ لاکڙا (chicken pox) جا ڪيترائي...
27/10/2024

خبردار:

جيئن توهان سڀني کي خبر آهي ته اسان سياري ۾ داخل ٿي رهيا آهيون !
موسم جي تبديلي سٻ لاکڙا (chicken pox) جا ڪيترائي ڪيس سامهون اچي رهيا آهن!

هن بيماريءَ جون علامتون هن ريت آهن
۱) بخار
۲) چمڙي تي خارش
۳) بک جي گھٽتائي
۴) ٿڪاوٽ

مھرباني ڪري ھن بيماري جي ذاھر کان پوءِ پنھنجي گھر ۾ ٻار کي الڳ (isolate) ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته ھي مرض کنگھ (droplets) سٻ پکڙجي سگھي ٿو. بخار جي صورت ۾ پاڻي جي پٽي ذريعي گرمي پد کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته تيز بخار هن بيماري کي وڌيڪ پيچيده ڪري سگهي ٿو.
بقلم ڊاڪٽر عامر مگسي
ڪارڊيولاجٽ
ميرپور ماٿيلو DHQ

Address

Dhq Hospital
Mirpur Mathelo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aamir ali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Nearby media companies