Sindhi News

Sindhi News هرخبرسڀ جي نظر

10/06/2024

سکر: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد سنڌ جي دوري تي پهتي، روبينه خالد سکر جي مختلف سينٽرن جو دورو ڪيو

سينيٽرن تي دوري دوران روبينه خالد عورتن کان مسئلا معلوم ڪيا، فنگر پرنٽ نه لڳڻ تي عملي کي ڇنڊ، سيکڙاٽ ماڻهو ويهاريا آهن ان ڪري عورتن جي فنگر پرنٽ جو مسئلو پيش اچي پيو، عورتن کي قطارن ۽ ايجنٽن کان بچائڻ لاءِ انهن جا بئنڪ اڪائونٽ کولي رهيا آهيون، ته جيئن عورتن کي سڌو سنئون پئسا حاصل ٿي سگهن، پوري پاڪستان ۾ 95 لک کان مٿي عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان مستفيد ٿي رهيون آهن، غربت جي شرح مطابق پئسا ڏئي رهيا آهيون، جنهن جي 32 سيڪڙو کان مٿي شرح آهي ان جا پئسا بند ڪيا ويا آهن،بينظير انڪم سپورٽ پروگرام انتهائي شفاف آهي نه ماضي ۾ ڪنهن امير کي پئسا مليا آهن ۽ نه ئي هاڻي پيا ملن، سنڌ جي سينٽرن ۾ بهتري آئي آهي، اڃا وڌيڪ بهتري ايندي، ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جو ڊائريڪٽر ذوالفقار شيخ ساڻس گڏ هو.

سکر، ڪراچي واسي نوجوان تي سکر ۾ مبينا حملو، نوجوان انصاف ۽ تحفظ لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو، ڪراچي جي علائقي ڪورنگي...
09/06/2024

سکر، ڪراچي واسي نوجوان تي سکر ۾ مبينا حملو، نوجوان انصاف ۽ تحفظ لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو، ڪراچي جي علائقي ڪورنگي واسي رائو عبدالرحمان جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جوابدار شريف کوسو، فاروق مھر، اشرف کوسو مونکي حراسان ڪرائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندا رهندا آهن، تماچاڻي ۽ سائيٽ ايريا ٿاڻن ٻہ ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون آهن، جنهن مان تماچاڻي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ختم ٿي وئي آهي، باقي سائيٽ ايريا ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ منهنجي سيشن ڪورٽ سکر ۾ حاضري هئي، حاضري کائي واپس موٽيس ته مون تي حملو ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عدالت جي دروازي تي ئي انسپيڪٽر آفتاب سومرو مونکي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ جوابدار شريف کوسو، اشرف کوسو، فاروق مھر ۽ ٻيا منهنجي ڪڍ لڳا، جن جي مون وٽ ويڊيو پڻ آهي، اهڙي اطلاع مون ون فائیو تي پڻ ڏني، جوابدار مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مون کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي، حملي واري درخواست مون سيشن عدالت جي جج کي پڻ ڏني آهي، 22اي 22بي جي درخواست پڻ ڏني آهي، جنھن جي 13 جون جي تاريخ رکي وئي آهي، مٿين جوابدارن جي سرپرستي ريٽائرڊ ايس ايس پي نياز کوسو ۽ سندس پٽ محراب کوسو ڪري رهيو آهي، جيڪو چوي ٿو ته سکر پوليس منهنجو ۽ منهنجي ماڻهن جو ڪجھ نه ڪري سگهندي، بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل اسان تي الزام ڪوڙا آهن اسان ڪنهن کي به اغوا جي ڪوشش ناهي ڪئي، اسان جو رائو عبدالرحمان خلاف ڪيس داخل آهي، اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ عبدالرحمان وارن ڌمڪيون ڏنيون آهن، جن خلاف اسان 22اي ۽ 22بي جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

09/06/2024

سکر ،پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد زاهد حسين شاھ بخاري چيو آهي ته غريب مستحق بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هر ممڪن عوام جي خدمت ۽ مدد ڪئي پئي وڃي، جيڪي مستحق انڪم سپورٽ ۾ اندراج نه آهن سي ليبر ڪالوني جي آفيس اچي اندراج ڪرائي سگهن ٿا.

04/06/2024

سنڌ ۽ سنڌين ۾ صدين کان شعور موجود آهي
بناساز ۽ ميوزڪ جي فنڪار رسول بخش چوهاڻ جو هي سريلو آواز ڏسندڙن جي نظر

01/06/2024

سکر انڊسٽريل زون جي پيڙھ جو پٿر رکڻ واري تقريب کي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ جو خطاب

انڊسٽريل زون جي حق ۾ ان ڪري به آهيان جو نوجوانن کي روزگار ملندو،

ڇاڪاڻ ته حڪومت لاءِ ايترن نوجوانن کي روزگار ڏيڻ مشڪل آهي،

اها قوم بک نه مرندي جنهن وٽ ٽيڪنيڪل ماڻهو هوندا آهن،

اسان پٽيوالا، چوڪيدار پيدا ڪري رهيا آهيون اسان کي ٽيڪنيڪل ماڻهو پيدا ڪرڻ گهرجن،

آءِ بي اي يونيورسٽي 1994ع ۾ ٺهي ان يونيورسٽي جو شاگرد مون وٽ نوڪري لاءِ نه آيو

اسان اهڙا ادارا ٺاهيو جيڪي اسان تي بار نه هجن پر هو اسان جو وزن کڻن،


اسان هڪ سئو ايڪڙ زمين ڳولهي ڏينداسين، ڊراءِ پورٽ قائم ڪيو وڃي،

اسان سياستدانن به وڏيون زيادتيون ڪيون آهن،

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موٽروي ناهي پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پورٽ ضرور آهن،

01/06/2024

سکر: صالح پٽ جي ڳوٺاڻن جو زمين تي مبينا قبضي خلاف، ڳوٺ ٿُمي جي رهواسين شنباڻي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

ڌرڻي جي اڳواڻي غلام شبير، حيدر بخش، واحد بخش، ڌڻي بخش، شهزادي، حسنا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

جوابدارن حاجي مڱريو، فتن مڱريو، مجيد مڱريو ۽ ٻين سندن 64 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي، ڳوٺاڻا

زمين جا ڪاغذ به اسان وٽ موجود آهي ان باوجود بااثر جوابدارن زمين تي قبضو ڪيو آهي، ڳوٺاڻا

زمين تي اسان جون ٻڪريون ويون ته پنج ٻڪريون ڪُهي کائي ڇڏيون آهن، ڳوٺاڻا

صالح پٽ ٿاڻي جي پوليس ڏانهن ويا آهيون پر اسان سان انصاف نه ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻا

اسان جي تڪ جي چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد شاہ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس شاهه ڏانهن به ويا آهيون پر تدارڪ ناهي ٿيو، ڳوٺاڻا

ان ڪري انصاف لاءِ هتي آيا آهيون، جيسيتائين انصاف ۽ زمين تان قبضو خالي نه ٿيندو تيستائين هتان نه وينداسين، ڳوٺاڻا

31/05/2024

ڪنڌڪوٽ پوليس چيڪ پوسٽ مان اغوا ٿيندڙ پوليس اهلڪار علي رضا لغاري جي ڌاڙيلن پاران تشدد ڪندڙ ويڊيو جاري ڪئي

بريڪنگ نيوز ميرپورماٿيلي جي صحافي نصر اللہ گڏاڻي مٿان قاتلاڻي حملي وارو معاملوڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ نوٽيس وٺندي واق...
22/05/2024

بريڪنگ نيوز

ميرپورماٿيلي جي صحافي نصر اللہ گڏاڻي مٿان قاتلاڻي حملي وارو معاملو

ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ نوٽيس وٺندي واقعي جي انڪوائري ۽ جوبدارن جي گرفتاري لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنہ جي سربراهي ۾ پنج رڪني جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي وئي

ڊي ايس پي گهوٽڪي، ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو ۽ ايس ايڇ او جروار ٽيم ۾ شامل

معاملي جي نشاندهي نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين جي آءِ ٽي کي روزاني بنيادن تي رپورٽ ڊي آءِ جي سکر وٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

22/05/2024

سکر ، صحافين پاران گهوٽڪي جي صحافي نصر اللہ گڏاڻي مٿان قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو، سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سنڌ صحافي اتحاد پاران گلوب چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ساحل جوڳي، تاج رند، ايڊووڪيٽ قربان بلوچ، گوهر خان کوسو، ايڊووڪيٽ قربان ڪَلوڙ، ماجد ڏنور، نور حسن چوهاڻ، بچل مهر، دين محمد سميجو، نثار چنجڻ، نجمہ نور، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ٿين ها ۽ اجئي لالواڻي توڙي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي سزا ملي ها ته اڄ نصراللہ گڏاڻي تي حملو نہ ٿئي ها، نصر اللہ گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو آزادِ صحافت تي وار آهي، ڀوتارڪر نظام ۽ هڪ مخصوص سوچ رکندڙ لابي مسلسل صحافين کي نشانو بڻائي رهي آهي، نصر اللہ گڏاڻي کي ٽارگيٽ ڪري حملو ڪرڻ به انهي ڀوتارڪي سلسلي جي ڪڙي آهي، هنن چيو ته حملي کي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

20/05/2024

ڊي آئي جي پير محمد شاھ کي سکر جوانگ ڪرڻ وقت سلامي پيش

17/05/2024

سکر پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي پريس ڪانفرنس

سنڌ ايڏي ترقي ڪئي آهي جو هاڻي سنڌ مان ٻار ڦر ڪيا پيا وڃن، پنوعاقل مان ٻار اغوا ناهي پر ٻار ڦر جو واقعو پيش آيو آهي، ههر مان سامان ڦر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻار به ڦر ڪري ويا، وڏي ماڻهوءَ جي گهر ڌاڙو لڳي ها ته جيو فينسنگ ٿئي ها، پر محمد حسين جو پي اڪرم اڪيلو ويٺو آهي، پڪي جي ڌاڙيلن ڪچي جي ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏني آهي، اهي پڪا جا ڌاڙيل جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن جيڪي ڪچي جي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا، امن و امان جي نالي تي ڪرپشن ٿي آهي،ٻڌو هو ته هٿيار ۽ اي پي سي اچڻيون آهن پر اهي ڪٿي آهن، جيڪا صوفين ۽ ولين جي ڌرتيءَ هئي اها ڌاڙيلن جي ڌرتيءَ بڻجي وئي آهي، بغير سياسي، پوليس ۽ باقي ادارن جي سرپرستي کانسواءِ ڌاڙيل ڪجهه نٿا ڪري سگهن، وڏي وزير جا مشير ۽ ان جا پٽ هٿيار ۽ منشيات وڪرو ڪندي پڪڙيا ويا آهن،سنڌ ۾ ترقي ٿي آهي، ڇا اها ترقي آهي شرم اچڻ کپي حڪمرانن کي

شهيد جان محمد مهر جا قاتل اڃا گرفتار ناهن ٿيا،پنوعاقل ۾ ايس ايڇ او صوبائي وزير رکيو، ايس ايڇ اوز ڀتا ڏئي پوسٽنگ وٺي رهيا آهن، موٽروي رات جو ڇهين وڳي بند ٿي وڃي ٿو، موٽروي جو لوه چوري ٿي ويو آهي، انوار الحق 100 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي،پنجاب جي هارين کي ڦرڻ وارو وائيٽ ڪالر ڌاڙيل انوار الحق آهي، سنڌ ۾ بارداڻو پنهنجن ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، اربين رپين جي ڪرپشن هر سال جيان هن سال به ڪئي پئي وڃي،عمران خان جي هڪ ديدار سان پوري نظام جون ٽانگين ڪانپ رهي هي،جنهن طريقي سان اوهان اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي قوم اهو برداشت نه ڪندي،عمران خان جلد آزاد ٿيڻ وارو آهي اسان ان کي سنڌ ۾ وٺي اينداسين، اها پيپلزپارٽي جي آخري حڪومت آهي، عمران خان هڪ يا ٻن مهينن ۾ آزاد ٿيندو ان باوجود آزاد نه ڪيو ويو ته پوءِ حڪمران ڪشمير جي عوام کي ڏسي چڪا آهن، اسان ضلعي ۽ يوسي سطح تي وڃي تنظيم سازي ڪري رهيا رهيا آهيون، ورڪرز اسان جا نظرانداز نٿا ڪريون، پراڻن چهرن کي گڏ ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ ٺيڪيدارن حوالي پارٽي ڪئي وئي هاڻي ائين نه ٿيندو،جيڪي مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺا آهن پارٽي ۾ انهن کي ئي عهدا ڏنا ويندا، سڀ کان پهرين فيڪٽري يا ڪارخانا هڻڻ وارا وڃي مقامي بااثر وٽ وڃن ٿا، اهي بااثر اڳواٽ ئي سنڌين جو سودو ڪري ڇڏين ٿا، اصل فيڪٽري ۾ ملازمت جو حق سنڌين جو آهي، ملڪ ۾ نه عدليا آزاد آهي نه ٻيا ادارا آزاد آهن، صرف ڌاڙيل آزاد آهن،پهرين اسان کي ججن ۽ ادارن کي آزاد ڪرڻو آهي،

16/05/2024

سکر ، باگڙجي ۾ قبيلائي خوني ويڙهاند ۾ هڪ مهيني اندر ماءُ ۽ پٽ جي قتل وارو معاملو

ماءُ ۽ ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ معصوم نياڻيون سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويون، ڪريمت ڌيءَ سوجھرو پنهنجي ننڍي ڀيڻ رابعه سان گڏ احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ٽي هفتا اڳ اسان جي ڀاءُ عبدالحڪيم کي جوبدارن سڄڻ جتوئي، احسان، نويد، شهزادو، عرفان، ابرار جتوئي ۽ ٻين حملو ڪري قتل ڪيو، جنهن کي اسان جي احتجاجن باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو،
هفتو اڳ ٻيهر جوبدارن حملو ڪري اسان جي امڙ ڪامل خاتون کي قتل ڪيو،
جوابدارن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود باگڙجي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري،اسان جي مردن کي جان جو خطرو آهي ان ڪري انصاف لاءِ اسين نڪتيون آهيون،اسان کي اڃا تائين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان کي زمينن تي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي،
جوابدار سرعام باگڙجي شهر ۾ گهمي رهيا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري،اسين اعليٰ حڪمرانن ۽ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان هٿ ٻڌي اپيل ٿيو ڪيون ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

سکر ۾ سنڌ جي پهرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جي 81 هين ورسي ملهائي وئي، خبرموجب: آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن پاران سک...
14/05/2024

سکر ۾ سنڌ جي پهرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جي 81 هين ورسي ملهائي وئي، خبرموجب: آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ ورسي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي آپسا جي جنرل سيڪريٽري اسماعيل سومرو شهيد الله بخش سومرو انتهاپسندي خلاف جدوجهد ڪندي شهيد ٿي ويو، جنهن مذهبن کان الڳ ٿي ڪري تمام انسانيت جي خاطر جاکوڙ ڪئي ان ڪري انسانيت جي دشمنن کيس شهيد ڪيو، غريب نواز پارٽي جي اڳواڻ وقار سومرو چيو ته شهيد الله بخش سومرو سنڌ ڌرتيءَ جو هيرو هيو جنهن کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، شهيد الله بخش سومرو کان ويندي شهيد جان محمد مهر تائين سڀ جو سڀ شهيد قوم جا هيرو آهن، اسان کي پنهنجي هيروز تي فخر آهي، تقريب کي خطاب ڪندي مولانا يعقوب حيدري، ضمير گهنڃو، عبدالقادر سومرو،اسحاق سومرو، محمد عمران ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڌرتيءَ صوفين، ولين ۽ سَنتن جي ڌرتيءَ آهي اسان شهيد الله بخش سومرو جي ڏسيل واٽ تي هلي مذهبي رواداري کي فروغ ڏيون ۽ گڏيل جدوجهد ڪري انتهاپسندي جو خاتمو آڻيون، ان موقعي تي شهيد الله بخش سومرو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني ۽ خيرات جو بندوبست ڪيو ويو هو.

14/05/2024

شڪارپور پوليس جو ٿاڻي رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ انعام يافتا ڏوھارين جي گرفتاريءَ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي جڏهن ته ڏوهارين جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو، ٿاڻي رستم جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ پناه شجراع ۽ عظيم سعد خاناڻي جي علائقي ۾ انعام يافتا ڏوهاري گلاب سعد خاناڻي ۽ مٺل سعد خاناڻي جي گروھ جي گرفتاري لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ان دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جڏھن ته ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، بختربند گاڏيون، جديد مشنري ۽ پوليس جي وڏي نفری به شامل آهي، ڏوهارين جي ٿاڪن کي باھ ئي تباھ ڪيو ويو آهي, کيس وڌيڪ سرچنگ جاري آهي. فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي، ڏوهارين جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو. ايس ايس پي شڪارپور عرفان علي سمون ـ

12/05/2024

سکر ۾ سماجي تنظيم روشن خيال پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري رٽائرڊ پوليس اهلڪار حاجي غلام حيدر بهگت ۽ صدر ايڊووڪيٽ محمد شڪيل لاکو جي گڏيل پريس ڪانفرنس.

سماجي تنظيم جي صدر ايڊووڪيٽ محمد شڪيل لاکو ۽ جنرل سيڪريٽري غلام حيدر بهگت ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي مرحوم والد وٽ لڳ ڀڳ ٽي سئو ايڪڙ زمين هئي جڏهن ته اسين ٽي ڀائر ۽ پنج ڀينرون آهيون ۽ مان پڻ پوليس مان رٽائرڊ ملازم آهيان. جيئن ته اسان جي برادري جي بااثر اڳواڻ شهزاد ڀهاڳت جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي منظور وساڻ جو ويجهو ساٿي آهي، هڪ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، جيڪا کيس ڪوڙي ثابت ٿي ته اسان کي باعزت بري ڪيو ويو، جڏهن ته ورهاست ۾ آيل زمين تي گهڻا سال پهريان جگهه ٽهرائي هئي، جاءِ پراڻي هجڻ جي ڪري مين اڳوڻو دروازو پراڻو ٿي چڪو آهي، ان ڪري هاڻي مان نئون ٺهرائڻ چاهيان ٿو، پر منهنجا ڀائٽيا علي گل ڀهاگت، ظهير اڪبر، عون بهاگت، بااثر وڏيري شهزاد جي زور تي منهنجي جاءِ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اسان جي علائقي معزز منظور علي وساڻ کي ۽ اعليٰ اختيارين ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي خيرپور ڊي آءِ جي سکر کان اپيل ٿا ڪيون ته هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

12/05/2024

سکر () گورنمنٽ ريٽارئرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ مرڪز جي سڏ تي گورنمنٽ لاکا ھاءِ اسڪول سکر ۾ سنڌ جي ضلعي ۽ تعلقي جي عھددارن شرڪت ڪئي. مرڪزي اجلاس زير صدارت محترم ضمير خان، سکر ضلعي صدر محمد بخش مھر طرفان ميزباني جا فرائض سرانجام ڏنا، اسٽيج تي ضلعي بدين صدر قادر بخش جلالاڻي ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالرشيد کوسو ، مرڪزي صدر ضمير خان ، استاد عبدالعزيز برڙو، جوائينٽ سيڪٽري ضلعي جيڪب آباد ، عبدالحميد برچونڊ ضلعو شڪارپور، جن اسٽيج تي موجود هئا ، سکر جي عھددارن سڀنئي آيل ريٽارئرڊ ٽيچرز جو استقبال ڪيو ، مرڪزي صدر ضمير خان سڃي سال جي ڪارگذاري رپورٽ پيش ڪئي ۽ تمام دوستن کان را۽ طلب ڪئي ، اسان جا بنيادي مسئلا ۽ مطالبہ، گروپ انشورنس ۽ بينول فنڊ اسان کي ريٽائرمنٽ ، وقت ڏنو وڄي ، صحت ڪارڊ ، پنش ۾ اضافو ، سن ڪوٽا ، ڏنو وڄي ۽ سنڌ اسمبلي مان بل پاس ڪيو وڃي ،

09/05/2024

سکر: سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به 9 مئي سانحي جي حوالي سان پاڪ فوج زندآباد جي نعرن سان مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون،
تفصيل موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد زاهد حسين شاھ بخاري چيو آهي ته 9 مئي سانحي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي اسان جي ملڪ جا ادارا اسان جا آهن اسين هر وقت پاڪ فوج سان گڏ آهيون جيڪي دشمن اناثر ملڪ جي ادارن نقصان پهچائڻ چاهن ٿا تن کي ٻدائڻ ٿا چاهيو ته اسين پاڪستان جي عوام پاڪ فوج سان هر ڏکي وقت ۾ گڏ آهيون اسين پنهنجي ادران کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن دشمن کي سبق ملي سگهي پاڪ فوج زندآباد پاڪستان پائيندا آباد

08/05/2024

سکر ، شاھ فيصل ڪالوني جا رهندڙ سولنگي برادري جي مرد عورتن بااثر ڀاءُ جي خلاف بيڻ سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي،
تفصيل موجب، شاھ فيصل ڪالوني جا رهندڙ سولنگي برادري جي احتجاج ڪندڙ مريم خاتون، باغ علي سولنگي، مسمات زاھدھ خاتون ۽ شهزادو سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته محرم سولنگي ، حفيظ الله، حبيب الله سولنگي ۽ ٻين زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي جيڪا زمين مديجي عبدالرحيم جي وانڊ ۾ آهي جيڪا ڪل سوا سئو ويسو آهي، جنهن زمين جي ٽڪري جي مٿان حڪومت پاران بارش مطاثر پاران جڳاء ٺهرائي ڏني پئي وڃي، تنهن زمين تي محرم سولنگي ۽ ٻيا چون ٿا ته هي زمين تنهنجي ناهي هتان پنهنجو سامان کڻي وڃون جنهن تان منهنجي ڀاءُ ڀائٽرن سان گڏجي منهنجي ٻي ڀاءُ باغ کي مار ڏني ۽ منهنجي ٻانهن بنڃي ڇڏي آهي جڏهن ته اسين ويجهي ٿهاڻي تي به وياسين پر ٿهاڻي وارن اسان غريبن جي دانهن نه ورتي اسان کي اهيو چئي موٽائي ڇڏيو ته توهان گهر وڃون توهان جو ٺهراءُ ڪرائيندا سين، پر وڌيڪ موت مار ڌمڪيون ڏئي ٿو اسان اعليٰ عملدارن ۽ وزير اعليٰ سنڌ ڊي آئي جي کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد مجرم کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن مونکي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي

05/05/2024

روهڙي ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين جي وچ ۾ بيڪو ھلائڻ جي معاملي تان جھيڙو، جنهن ۾ عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 13 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي اسپتال منتقل، تفصيل موجب روهڙي ڀرسان صالح پٽ ٿاڻي جي ڳوٺ واهڙي ۾ مھر ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ بيڪو ھلائڻ جي معاملي تان لٺيون ڪھاڙيون سروٽا لڳڻ سبب سومرا برادري جي ٻن عورتن سميت 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جنهن ۾ غلام شبير سومرو سندس زال رضيه خاتون، سس ﷲ جوائي، عبدﷲ علي محمد، شاهنواز سومرو ۽ ٻيا شامل آهن، سومرا برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي قبولي زمين تي سالن کان وٺي ويٺل آهيون زمين ۾ پاڻي ڏيڻ لاءِ بيڪو ھلائي رهيا هئاسين ته اوچتو مهر برادري جا ماڻهو ڪھاڙين جا وار ڪري اسان کي زخمي ڪري وڌو جنهن ۾ ٻن عورتن سميت اسان جا 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڪجھ اسپتال آندا ويا آهن ۽ ٻين زخمين کي اسپتال آندو پيو وڃي، ٻئي پاسي مهر برادري جي ماڻهن مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته اسان جا 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن زخمين ۾ علي حسن مهر، لال ڏنو، غلام حسين مهر ۽ ٻيا زخمي آهن، زخمين جو چوڻ هو تہ سومرا برادري جي عورتن اسان جي اکين ۾ مرچ وجهي لٺيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، اسان انهن کي چيو سين ته مهرباني ڪري بيڪو نه ھلايو ان ڪاوڙ ۾ اچي اسان تي حملو ڪري مرڻينگ ڪيو ويو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، سومرا برادري عورتن دانهون ڪيو ته مهر برادري جا ماڻهو سياسي سپورٽ ۽ اتان جا بااثر ماڻهن آهن، اسان مٿان حملو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي جيئن ڀڳڻن جي مٽ ۾ زمين انهن کي وڪرو ڪري ڏين، تحفظ سان گڏ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او صالح پٽ جو چوڻ هو ته اسان وٽ ٻئي ڌريون آيون آهن ٻنهي ڌرين کي ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو آهي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

03/05/2024

سکر ۾ صحافين جي عالمي ڏينهن تي صحافين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي

سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سنڌ صحافي اتحاد پاران صحافت جو عالمي ڏهاڙو شهيد صحافين جي نانءُ ڪيو ويو

شهيد جان محمد مهر ۽ ٻين شهيد صحافين جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي

شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،

احتجاج ۾ شهيد جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر، ڀائيٽو اياز مهر، سليم الله مهر ۽ ٻيا شريڪ

امر صحافي اجئي لالواڻي جا ڀائر ايڪانت ڪمار، روهيت ڪمار احتجاج ۾ شامل

احتجاج ۾ صحافي، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا،

شهيد جان محمد مهر جا جئين اسين وارث آهيون تئين قلمڪار به وارث آهن، ڪرم الله مهر

اسان جي ڀاءُ اجئي لالواڻي کي قتل ٿئي ٽي سال گذري چڪا آهن پر اڃا تائين قاتلن کي سزا ناهي ملي، ايڪانت ڪمار

اڄوڪي ڏينهن تي شهيد صحافين کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، ساحل جوڳي جنرل سيڪريٽري سکر يونين آف جرنلسٽس

اسين ڏکارا آهيون جو شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي پوليس ۽ حڪومت گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، صحافي اڳواڻ سيد ڪامران علي

صحافت جي آزادي لاءِ صحافين جون وڏيون قربانيون آهن، واپاري اڳواڻ جاويد ميمڻ

محدود وسيلن باوجود صحافي قلم ۽ ڪئميرا ذريعي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ صفيه بلوچ

احتجاج ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر علي کوسو، ايس يو پي اڳواڻ عيدن جاگيراڻي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ بچل مهر خطاب ڪيو

احتجاج ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻ ايڊووڪيٽ قربان ڪلوڙ، جاويد نوحاڻي، سياسي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احمد علي کوسو، ناري فائونڊيشن اڳواڻ انور مهر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

احتجاج کي ينگ اتحاد جي اڳواڻن عرفان ملڪ، ڪامريڊ عبدالحميد شيخ، سليم جاگيراڻي، اسماعيل سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،

سکر، پنوعاقل، روهڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا جي صحافين نثار چنجڻ، رئوف عباسي، رستم انڍڙ، شڪيل وسير، عبدالرحمان انصاري، آزاد عجيب منگي، الطاف ڪلوڙ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

آخر ۾ شهيد صحافين جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات في سبيل الله جو بندوبست ڪيو ويو،

03/05/2024

سکر ،ايم پي اي سيد فرخ شاھ جي سکر سوسائٽي جو دورو ڪيو جنهن دوران سوسائٽي جي رهندڙ عوام بنيادي سهولتن جي کوٽ بابت آگاهي ڏني، جنهن تي سيد فرخ شاھ جن هر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خاطري پڻ ڪرائيندي چيو ته جيئن ئي حڪومتي معاملا ٽهيڪ ٿيندا تيئن ئي هن سوسائٽي جا بنيادي ڪمن کي ترجيح ڏني ويندي

30/04/2024

سکر،روهڙي ويجهو 15 سئو روپيا قرض نه ڏيڻ تان جوابدارن حملو ڪري پورهيت جو مٿو ڦاڙي ۽ ڏند ڀڃي ڇڏيا، زخمي نوجوان سول اسپتال سکر منتقل، متاثر نوجوان جي وارثن پاران اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو، خبرموجب؛ روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد درگاھ دوست محمد شاھ تي جوابدارن حملو ڪري ٻانهو جوڳي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي سکر سول اسپتال داخل ڪيو ويو، هوڏانهن زخمي پورهيت جي وارث عورتن ۽ مردن درمحمد جوڳي، مائي بختاور، شبير جوڳي ۽ ٻين سول اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جوابدارن ٻانهو ڪانڌڙو ۽ نور محمد ڪانڌڙو حملو ڪري اسان جي نوجوان کي پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو آهي، بٽ لڳڻ سبب سندس مٿو ڦاٽي پيو ۽ ٻه ڏند ڀڃي پيا آهن، زخمي نوجوان جو چوڻ آهي ته جهانجي کان مون هر ڪاهڻ لاءِ ٽريڪٽر گهرايو جنهن ڪانڌڙي جو ٽريڪٽر مون ڏانهن موڪليو، ڪانڌڙا اڄ مون کان پئسا وٺڻ آيا ته مون کين چيو ته جنهن کان ٽريڪٽر گهرايو آهي ان کي پئسا ڏيندس، جنهن تان مڇرجي مون کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو ويو آهي، پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

29/04/2024

سکر ،جعفریہ الائنس پاڪستان صوبہ سنڌ جو اجلاس امام بارگاہ شاہ نجف ۾ ٿي گذريو

27/04/2024

سکر ۾ ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر سکر محمد بخش ڌاريجو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ثوبيه فلڪ رائو پراڻي سکر جي قريشي روڊ ۾ سستي ماني تندور جو افتتاح ڪيو.

افتتاح کان پوءِ آفيسرن چيو ته هن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ ٻه وقت جي ماني مزدورن لاءِ خواب بڻجي وئي آهي ان نيڪ ڪم کي وڌ کان وڌ عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهو سستي ماني خريد ڪري سگهن. واضح رهي ته سستي ماني تندوري نان 20 رپين ۾، چپاتي 10 رپين ۾ ۽ تندوري کير وارو نان 25 رپين ۾ ملندو.

سنڌي نيوزاداري کي وائيس نيوز لاءِ ليڊيز نيوز ڪاسٽر جي ضرورت آهيرابطو نمبر 0311 2129203
27/04/2024

سنڌي نيوز
اداري کي وائيس نيوز لاءِ ليڊيز نيوز ڪاسٽر جي ضرورت آهي
رابطو نمبر 0311 2129203

سکر ،اليڪشن ٽربيونل سکر جي پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف داخل نااهلي واري درخواست ...
26/04/2024

سکر ،اليڪشن ٽربيونل سکر جي پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف داخل نااهلي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور،

اليڪشن ٽربيونل واسطيدار ڌرين صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر، ڊي آر او ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ درخواستگذار جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو، وڪيل نور الدين چوهاڻ، فاروق احمد جتوئي، مولانا محمد صالح انڍڙ ،حافظ عبدالحمید مهر ۽ واسطيدار پيش ٿيا،جمعيت علماء اسلام جي هارايل اميدوار مبين احمد بلو وڪلين نور الدين چوهاڻ ۽ فاروق احمد جتوئي معرفت نااهلي واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، پ پ ايم پي اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڪيس هلايو وڃي، پي ايس 22 پنوعاقل تي 45 فارم تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو جي ڪاميابي تي آهي،پ پ جي ڄام اڪرام ڌاريجو کي ڌانڌلي ذريعي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي،جي يو آءِ اميدوار جا 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري ڊبل ٺپا هنيا ويا آهن،ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي آڱوٺن جي چڪاس ڪرائي وڃي،اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ نوٽيفڪيشن روڪرائن لاءِ درخواست داخل ڪرائي پر ڪو به فيصلو ناهي آيو، پي ايس 22 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي فارم 45 تحت فيصلو ڏنو وڃي،فارم 45 تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو جي ڪاميابي يقيني آهي،اليڪشن ٽربيونل درخواستگذار ڌر جو موقف ٻڌڻ بعد نااهلي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي

24/04/2024

سکر ۾ مبينا طور ناجائز لاڳاپا نه رکڻ تان سُهري هٿان نوجوان نُنهن کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ وارو معاملو، سرڪاري فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف مقتول ناري جي وارثن جو سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، خبر موجب: بچل شاهه مياڻي جي آصف ڪالوني جي رهواسين ۽ مقتول ناري انوشا جي والد اڪبر ممداڻي، ماءُ صحت خاتون، فقير محمد، مائي پيراڻي ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته سندس نياڻي کي سهري عرض محمد ممداڻي ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو انڪار تي نياڻي تي موبائل فون رکڻ جو الزام لڳائي کيس ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اسين نياڻي کي ڪنڌڪوٽ دفنائڻ لاءِ ويل هئاسين ته پويان پوليس جوابدار سان ٻٽ بڻجي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، نياڻي کي دفنائي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته پوليس اسان کي ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو، ظلم به اسان سان ٿيو آهي ۽ پوليس وري ڪمزور ڪيس داخل ڪري جوابدار کي بچائڻ چاهي ٿي، سندن اعليٰ اختيارين ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار عرض محمد ممداڻي بلوچ خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

22/04/2024

سکر،پاڪستان يوٽيلٽي ورڪرز الائنس پاران 10 تاريخ تي ريفرنڊم جي حوالي سان هڪ خانگي هال ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد عارف شاهه. مرڪزي چيئرمين ايم سليم. مرڪزي چيف آرگنائيزر محمد الياس. مرڪزي صدر شهاب الدين، مرڪزي نائب صدر معظم علي، عزيز الله ڀٽو مرڪزي وائيس چيئرمين صدور خان ڀاڳ ۽ مختلف ضلعن جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد عارف شاهه چيو ته ووٽ ڏيو پنهنجو حق وٺو پاڪستان ۾ هڪ ئي ادارو آهي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جيڪو غريبن کي رليف فراهم ڪري ٿو، هن رمضان شريف ۾ 30 ارب کان وڌيڪ جو وڪرو ٿيو آهي، اها منافعي واري ڪمپني آهي جنهن کي پنهنجي ملازمن جي ڪا به پرواهه ناهي، جنهن ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪن ٿا جن مان ڪجهه روز ڏيهاڙي تي ڪم ڪن ٿا،روزانه اجرت تي حڪومت پاڪستان پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اسان کي ڪيترن ئي سالن کان اداڪ الائونس نه ڏنو ويو آهي، جنهن جي نشاني گلاب آهي، ڇا يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن پاڪستان جو ادارو ناهي جو اسان کي هر سهولت کان محروم ڪيو پيو وڃي، هاڻي اڃين نه ٿيندو، 10 تاريخ تي نئون سج نڪرندو اسان جي پينل جنهن جو نيشان گل آهي، هن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪنداسين ته جيئن اسين آل پاڪستان ورڪرز الائنس کي رجسٽر ڪري سگهون،سي بي اي جي ملازمن کي فوري طور تي ريگيولر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ، سندس اسان جي ڪوشش هوندي ته بيواھ ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ الڳ سان فنڊ رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڪچي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، باقي جيڪي فنڊ الاُونس وٽرائي ڏنا ويندا، اڳلي سي بي اي جي تنظيم صرف پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي رهي، سندس سمورن زميندارن ۽ ڪارڪنن کي 10 مئي تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڦل کي ووٽ ڏئي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي پنهنجا حق حاصل ڪريو.

ڪراچي، مهم برائي 2 مئي جلسه عام عوامي اسيمبلي سنڌ علامه راشد محمود سومرو جي PS, 96 ڪورنگي جي اجلاس کي خطاب ڪندي
20/04/2024

ڪراچي، مهم برائي 2 مئي جلسه عام عوامي اسيمبلي سنڌ علامه راشد محمود سومرو جي PS, 96 ڪورنگي جي اجلاس کي خطاب ڪندي

Address

Sukkur
PIPULL

Telephone

+923112129203

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindhi News:

Videos

Share


Other Media/News Companies in Sukkur

Show All