Umer Soomro Academy

Umer Soomro Academy Established in 2005 to publish research books of significant importance for Sindh in all languages t

25/03/2022

سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇهه هزار سال
https://archive.org/details/SindhJeeRejaniTareekh
(هن لنڪ تي وڃي ڪتاب pdf صورت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو)
سائين ايم. ايڇ. پنهور جي ڪتاب:
سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اريگيشن ان سنڌ
جو ترجمو
سهڙيندڙ ۽ سنڌيڪار: عمر سومرو
عمر سومرو اڪيڊمي پاران تيار ڪيل پنجون ڪتاب جيڪو اڪيڊميءَ 2013 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
(سنڌ جي 6000 سالن جي مختصر پر جامع تاريخ. جنهن ۾ سنڌ جي تايخ بابت لڳ ڀڳ هر سوال جو جواب ڪتاب ۾ شامل نثر، 77 تاريخي نقشن يا 890 تصويري سمجھاڻين مان لهي سگھجي ٿو. )
قيمت: 900 رپيا
هارڊ ڪاپي خريد ڪرڻ لاءِ رابطو:
03007051347

25/03/2022

سومرا راڄ گھراڻو
https://archive.org/details/SoomraRajGharano
(هن لنڪ تي وڃي ڪتاب pdf صورت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو)
ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومرا (پي ايڇ ڊي) جي 2 ڏهاڪا اڳ ڇپيل ڪتاب
The Soomras جو ترجمو
سنڌيڪار: عمر سومرو
عمر سومرو اڪيڊمي پاران تيار ڪيل ٻيو ڪتاب جيڪو ثقافت کاتي سنڌ 2010 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
قيمت: 400 رپيا

25/03/2022

پيرائي سنڌ ڪٿا
https://archive.org/details/PeraetiSindhKatha_201407
(هن لنڪ تي وڃي ڪتاب جي pdf ڪاپي مفت ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو)
ڀلوڙ سنڌ پارکو ايم. ايڇ. پنهور جي 3 ڏهاڪا اڳ ڇپيل لاثاني ڪم ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ
https://archive.org/details/ChronologicalDictionaryOfSindh
جو ترجمو
سنڌيڪار: عمر سومرو
عمر سومرو اڪيڊمي پاران تيار ڪيل ٽيون ڪتاب جيڪو اڪيڊمي 2011 ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
(ڌرتي جُڙڻ کان 1539ع تائين سنڌ سان لاڳاپيل تاريخي واقعا سن وار ترتيب ۾ - ماخذن ۽ ليکڪ پاران راين سميت)
قيمت: 1000 رپيا
هارڊ ڪاپي خريد ڪرڻ لاءِ رابطو:
03007051347

25/03/2022

Title: Six Thousand Years of History of Irrigation in Sindh
https://archive.org/details/SixThousandYearsOfHistoryOfIrrigationInSindh_201412
(pdf copy of book could be downloaded from here)
Author: M. H Panhwar
Compiled by: Umer Soomro
Composing and layout: Umer Soomro Academy
Published by: Culture Department, Government of Sindh.
عمر سومرو اڪيڊمي جو تيار ڪيل چوٿون ڪتاب جيڪو ثقافت کاتي سنڌ 2011 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو
قيمت 800 رپيا

25/03/2022
07/01/2022
07/10/2021

پاڪستان ۾ فارسي ٻوليءَ جو پوئتي پوڻ يا زوال
(خصوصي طور سنڌ جي حوالي سان)

ڀلوڙ سنڌ پارکُومحترم ايم ايڇ پنهور پاران 17 نومبر 1973 تي حيدرآباد ۾ ايران جي ثقافتي مرڪز ۾ ٿيل پاڪستان ۾ فارسي ٻوليءَ جي پوئتي پوڻ (زوال) جي ڪارڻن بابت سيمينار ۾ ڪيل تقرير جي مڪمل متن جو ترجمو:

سنڌيڪار: عمر سومرو



“هڪ مقالي، جنهن گھڻن کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو ھو، ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي چيو هو ته:
عربن پاران سنڌ فتح ڪرڻ وقت (12- 711ع) سنڌ ۾ هلندڙ سرڪاري ٻولي فارسي هئي.
اهو چوڻ اڄ به ساڳي ريت سچ ۽ بلڪل درست آهي.

هن بيان جي سچائي پرکڻ لاءِ اسان 2500 سال پوئتي وڃون ٿا.

505 -545ع.م (عيسيٰ مَهَند يعني عيسيٰ کان اڳ) ڌاري هخامَنِشي يا اخميني بادشاهه سائرس بلوچستان جا سنڌ سان لڳندڙ ڀاڱا فتح ڪيا. دارا-پهرئين پنهنجي سلطنت ۾ آرامي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪري لاڳو ڪيو. پاڪستان (هاڻوڪو) ۾ انھي جا عملدار ۽ سپاهُه اَوَستي (پراڻي فارسي) ڳالهائيندا هئا. پٽس زرگزز يونانين سان يورپ ۾ وڙهڻ لاءِ سنڌي فوجي ڀرتي ڪيا. هي هڪ وڌيڪ لاڳاپو ٺھيو فارسيءَ سان. ايستائين جو هخامَنِشين جو اقتدار ڍرڪڻ ۽ ننڍين ننڍين ديسي بادشاهيُن پاران دير ۾ دير 400ع.م تائين اقتدار سنڀالي وٺڻ تائين به فارسي سرڪاري ٻولي ٿي هلندي رهي.

سڪندر جي فتح (329- 325) تائين سموري سنڌو ماٿري کوڙ سارن ننڍن ننڍن سردارن جي راڄ هيٺ اچي چڪي هئي ۽ فارسي پوئتي پوندي ٿي ڏسجي. سڪندر جي هند ۾ سلطنت سندس مرڻ جي ٽن سالن اندر ڀڄي ڀورا ٿي وئي. اقتدار مورين جي هٿ آيو. انهن 137 سال (321 کان 184ع.م) راڄ ڪيو. مورين جي ڏينهن ۾ فارسي اڃا پوئتي پئي. انهي جي جاءِ تي پالي ۽ سنسڪرت ڌرمي ۽ سرڪاري ٻوليون ٿي اُسريون.

موريا راڄ جو 184ع.م ڌاري ڊهڻ سنڌ ۽ اڄوڪي اولهه پاڪستان ۾ باختري يونانين جي اچڻ جو ڪارڻ بڻيو. هي يوناني بادشاهه باختر يا بلخ جا هئا، جيڪو انوقت ايران جو حصو هو. انهن جو سپاههُ ايراني هو. اهي سِڪا يوناني لکتن وارا ڇاپيندا هئا، پر سندن سپاهه فارسي ڳالهائيندو هو. باختري يونانين (دِميتِريَس، مَنيندر وغيره) جو سنڌ ۾ راڄ ٿورڙو هليو ۽ 100 کن سالن کانپوءِ سِٿيُن (80ع.م کان 17ع) کانئن راڄ ڦُري ورتو، جيڪي پڻ ايران جي ئي هڪ ڀاڱي سِٿيا يا اولهه سيستان يا سَڪستان جا هئا. سِٿيُن سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ تي اٽڪل 150 سال راڄ ڪيو ۽ کانئن راڄ پارٿيُن (17-65ع) ڦُريو، جن وري سنڌ تي اٽڪل 50 سال راڄ ڪيو. پارٿي به ايران جي ئي صوبي خراسان جا هئا. انهن ايرانين جي لاڳيتي راڄ اَوَستي يا پراڻي فارسيءَ جي اثر کي سنڌ ۽ اڄوڪي اولهه پاڪستان ۾ نئين سِر زور وٺرايو. 65ع کانپوءِ پارٿيُن جي جاءِ تي ڪُشان (يُوئي چِي، اصل چين جا پر لڳ ڀڳ ٻن صدين کان وچ ايشيا ۾ وسيل) آيا، جن لڳي ٿو ته پارٿي گورنرن کي ئي سنڌ تي سندن پاران ڪجھ عرصي لاءِ راڄ هلائڻ ڏنو، پر سُتت ئي سِٿيُن سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ اتر گجرات تي قبضو ڪري ورتو.
ان ليکي فارسيءَ جا موريا سلطنت جي ٻين صدي ع.م ۾ ڍرڪڻ کانوٺي پير کُتل ئي رهيا.

283 کان 617ع جي وچ تي ساساني ايرانين سنڌو ماٿري ڪجھ ڀيرا فتح ڪئي ۽ هٿان ڦُرائي. جيتوڻيڪ سندن راڄ ٿورڙو هليو، پر فارسي هر ليکي هلندي رهي. ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي راءِ گھراڻي فارسيءَ کي لکپڙهه ۽ کاتا رکڻ جو ذريعو ڪري ڪم آندو هجي. تنهنڪري اهو چوڻ اچرج جوڳو نٿو لڳي ته عربن سنڌ فتح ڪرڻ مهل فارسيءَ کي سرڪاري ٻولي اچي ڏٺو هجي، جيئن ڊاڪٽر دائودپوٽي جو چوڻ آهي.
فارسيءَ جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان انهي وقت ساٿ 1250 سال پراڻو هو. انهي سنڌي ٻوليءَ تي ڊگھو عرصو هلندڙ اثر ڇڏيو.

عربن هٿان 711-714ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کانپوءِ فارسيءَ جي جاءِ عربيءَ ورتي. اهو فارسيءَ لاءِ هڪ ٻوليءَ طور سڀ کان وڏو ڌڪ هو ۽ انهي کي اهو ڌڪ پچائڻ ۾ ٽن صدين کان وڌيڪ عرصو لڳي ويو. عربي ٻولي فارسيءَ جي ويندي انھي جي پنهنجي گھر ايران ۾ به سرڪاري ٻوليءَ طور جاءِ وٺي چڪي هئي. عباسي درٻارن تي ايراني امير ۽ وزير ڇانيل هئا، پر لکپڙهه ۽ نياپا سنيها گھڻي ڀاڱي عربيءَ ۾ ٿيندا هئا. عباسي خليفن جو اقتدار ڍرڪڻ سان فارسيءَ ڏهين صديءَ ۾ وري پير کوڙيا.

ڏهين صديءَ ۾ سنڌ ۽ ملتان ايندڙ گھومڙائن، جن کي ڀُل وچان جاگرافيدان سڏيو وڃي ٿو، انهن عرب قبيلن ۾ عربي ٻولي ۽ سنڌين ۾ سنڌي وڌيڪ هلندي ڏٺيون، پر ٻين هنڌن تي 951ع ڌاري عربيءَ بجاءِ فارسي هلندي ڏٺائون.
سنڌ ۾ عربن جي فتح کانوٺي 150 سالن جي لاڳيتي وڳوڙن فتح کان اڳ ۽ پوءِ سِرجيل فارسي ۽ سنڌي ادب کي هڻي بنهه ناس ڪري ڇڏيو.

ان ليکي اهو چوڻ ته فارسي پهريون ڀيرو محمود غزنويءَ جي فتح ڪيل علائقن ۾ آئي درست ناهي. اُهو پاڻ پنهنجي سِر ايراني هو ۽ فارسيءَ کي عربيءَ جي جاءِ وٺرائڻ ۾ ٽيڪ ڀرائيندو ٿو ڏسجي. اُهو ڀلوڙ فارسي شاعر فردوسيءَ جو سرپرست هو.

1024ع کانوٺي فارسي سرڪاري ٻولي رهي. غزنوين جو ملتان ۽ اتر سنڌ تان قبضو 1040ع ڌاري تختو اونڌو ٿيڻ سبب ختم ٿي ويو، پر فارسي سرڪاري ٻوليءَ طور هلندي رهي. لڳي ائين ٿو ته فارسيءَ جو عربيءَ جي جاءِ وٺڻ ڏهين صديءَ جي وچ تي عباسي خلافت جو مرڪزي اقتدار ڍرڪڻ کانوٺي هوريان هوريان شروع ٿي چڪو هو ۽ پرانهان صوبا سياسي زور وٺڻ لڳا هئا ۽ ساڳئي وقت، هوريان هوريان ئي سهي، عربيءَ کي ڇڏي فارسي ڪم آڻڻ شروع ڪري چڪا هئا.

سومرن، جيڪي يارهين صديءَ جي مُنڍ ڌاري اُسريا ۽ جن جي وڏي خفيف کي محمود غزنويءَ شڪست ڏني، لاڙ سنڌ تي ايندڙ ساڍيون ٽي صديون بنا رنڊَ روڪ راڄ ڪيو. رڳو ٽي ڀيرا ٿوري ٿوري عرصي لاءِ دهلي سلطنت جو ٻيلپو (منصبداري) قبوليائون. اتر سنڌ ٻارهين صديءَ جي اَسيءَ واري ڏهاڪي ۾ دهليءَ جي سلطانن هٿان ڦُربي لُٽبي ٿي ڏسجي. انهي کانوٺي فاتحن جي تَر ڇڏيندي يا هيڻو ٿيندي سَٽِ ئي تَر وارا آزادي ماڻي رهيا هئا.
سمن، جن سومرن کان راڄ ڦُريو، سنڌ تي 1333ع کان 1520ع تائين راڄ ڪيو. اٿندي سندن راڄ رڳو لاڙ سنڌ تي هو، پر هوريان هوريان پنهنجو راڄ يا هلندِي پُڄندِي اتر پاسي سنڌي ڳالهائيندڙ علائقن جي وڏي ڀاڱي تائين وڌايائون.
تيرهين صديءَ جي مُنڍ کان 1350ع تائين دهلي سرڪار منگولن جي ڪاهُن کي مُنهن ڏيڻ واري سخت سياسي ضرورت هيٺ سيوهڻ، بکر ۽ اُچ پاڻ وٽ رکيا هئا.

منگولن ڪوئٽا-زهوب ۽ لورالائي واري ٽاڪرو علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ سرحد (هاڻ خيبر پختونخواه) ۽ ديرا غازي خان تائين پنجاب جا سنڌوءَ جي ساڄِي ڀر وارا سمورا علائقا والاري ورتا هئائون. سندن اڳتي وڌڻ روڪڻ لاءِ مٿين ٽنهي مضبوط هنڌن جو دهليءَ جي ڪنٽرول ۽ قبضي هيٺ هجڻ ضروري هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو محمد تغلق ۽ فيروز تغلق کي لاڙ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ ضروري ٿي پيو ۽ پهريان ته نبيرو جنگ ۾ ڳوليائون، پر انهي ۾ ناڪاميءَ تي ڏاها ۽ عالم ٺٽي ۾ گڏ ڪري، مذهبي سياست ڪم آندائون. ويندي پندرهين صديءَ تائين منگول ڏاهن ۽ وچ ايشيا جي عالمن کي سنڌ جي درٻارن ۾ فارسي ٻوليءَ کي اوسر ڏيارڻ لاءِ جاءِ ڏني وئي. هن سان سنڌ ۾ فارسي علم ۾ ويتر واڌرو آيو.

فارسيءَ کي سنڌ ۾ اڃا به هڪ تمام وڏو ڪاپاري ڌڪ 1524ع ۾ لڳڻو هو. شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون جي سنڌ تي راتاهن، ڪاهُن ۽ فتح ۽ انهن هٿان سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي تباهي، ڦُر لُٽ ۽ ڪوسَ فارسي توڻي سنڌي ٻنهي جو يارهين صديءَ جي مُنڍ ۾ سومرن جي اُسرڻ لاڪر سِرجيل ادب تباهه ڪري ڇڏيو. 1525 کان 1600ع تائين وارن سالن تمام وڏي انگ ۾ ڏاهن، شاعرن، درويشن ۽ سکين ستابن ماڻهن کي پنهنجو اباڻو ديس سنڌ ڇڏي سِرَ بچاءَ جي جاءِ جي ڳولا ۾ گجرات، بُرهانپور ۽ مڪي ڏانهن لڏي ويندو ڏٺو. ماڻهن لاءِ امن امان بنهه نه هو ۽ ساڃاهه وَندن لاءِ ويتر نه، ڇاڪاڻ ته سنڌي سولائيءَ سان منگولن جي چڱمڙسي قبولڻ وارا نه هئا. سندن ڌِڪار ۽ مُهاڏي کي شاهه بيگ ۽ شاهه حسن بيرحميءَ سان ڳوٺ ساڙائي ۽ ڪوس ڪرائي چِٿيو. شاهه حسن پنهنجي تباهيءَ واري ڪم ۾ رُڌل ئي هو ته همايون جي سنڌ ڏانهن ڀاڄ (1540- 1543ع) سندس لاءِ وڌيڪ ضروري بڻائي ڇڏيو ته اهو سنڌ کي بنهه نه رهڻ جوڳو ۽ همايون لاءِ اڻونندڙ بڻائي ڇڏي. هُن اهو مقصد واهڻن وسندين کي باهيون ڏياري، فصل تباهه ڪرائي ۽ همايون سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ گھربل ڪجھ شهرن کي ڇڏي ٻين سمورن کي ڦِٽائي سولائيءَ سان پِرايو.

سومرا ۽ سما راڄ جي 500 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ سِرجيل فارسي ۽ سنڌي ادب، فارسي تاريخ چچنامي ۽ درجن کن شاعرن جي سنڌي شاعريءَ کي ڇڏي، سمورو ناس ڪيو ويو.
جيڪو ٿورو گھڻو ادب بچيو، اهو سنڌ جي راڄڌاڻي ٺٽي ۾ هو. شاهه حسن جي مرڻ تي ترخانن ۽ بکر جي اڳوڻي گورنر وچ ۾ ٿيل جھيڙو پورچوگيزن کي سڏڻ جو ڪارڻ بڻيو، جن ٺٽي کي باهه ڏئي ارغونن جو سنڌي ڪتابن کي ناس ڪرڻ وارو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم پورو ڪيو.

1525- 1600ع وارن سالن وچ ايشيا مان فارسي ڏاهن کي ملڪ اندر ايندي پڻ ڏٺو. شاهه حسن وچ ايشيا جي سمورن ٻين منگولن وانگر وڏو ظالم هو ۽ انهن ئي وانگر ڏاهن جو گھورو به. وڏي انگ ۾ فارسي ڏاها خال ڀرڻ سنڌ آيا. بدقسمتيءَ سان انهن جي شاعرن “گل” ۽ “بُلبُل” پئي ڳايو، جيڪي ٻَئي سنڌ جي ڌرتيءَ تي اوپرا هئا. انهن ڪڏهن پنهنجي چوڌاري ماحولن جي ڳالهه ڪانه ڪئي ۽ جيتوڻيڪ انهن جا ڪتاب بچي ويا، پر انهن ڪڏهن به سنڌي شاعريءَ جي سِرجڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ وارو ڪم نه ڪيو.

سلطان محمود پاران رضا خوشيءَ سان بکر 1587ع ۾ اڪبر بادشاهه حوالي ٿيڻ ۽ لاڙ سنڌ 1592ع ۾ ترخانن کان فتح ٿيڻ ڪري مغل گورنر آيا.
1600- 1700ع وارا سال سنڌين پاران وڃايل آزادي موٽائي وٺڻ لاءِ جدوجهد وارو عرصو هئا. فارسي ڏاهپ، ڪن ٿورن جهڙوڪ معصومي ۽ ٻين کي ڇڏي، ساڳي بيٺل پاڻيءَ ۽ ڌاريائپ واري سوچ جو عنصر نه ڇڏيو. انهن حالتن هيٺ شاعرن فارسي شاعري ڇڏي بلڪل سنڌي ماحولن سان ٺهڪندڙ سنڌي شاعري رَچِڻ شروع ڪئي. ڌارين حاڪمن خلاف 200 سالن واري جدوجهد جي روپ ڏنل قومپرستيءَ جو نيٺ نتيجو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مضبوط قومپرست عنصرن جو اُڀرڻ بڻيو. فارسي ڏاهپ ٺٽي ۾ پلجندي رهي. 1699ع ۾ هيملٽن ٺٽي ۾ 400 ڪاليج ڏٺا.

1701 کان 1843ع جي وچ تي فارسي آزاد ماحول ۾ اُسري، ڏاهن تي ڪو ڏر ڏهڪاءُ نه هو ۽ اها سرڪاري ٻولي ٿي هلندي رهي.

1740ع البته فارسيءَ ٻوليءَ لاءِ سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ تباهي آڻڻ وارو هو. نادر شاهه، جيڪو پاڻ هڪ ايراني هو، تنهن محمد شاهه دهليءَ واري سان ٿيل ٺاهه ذريعي سنڌ کي ايراني سلطنت ۾ گڏائي ڇڏيو هو، پر جڏهن ڏٺائين ته نور محمد ڪلهوڙو انهي ٺاهه کي مانُ نه پيو ڏئي ته سنڌ تي ڪاهه ڪيائين. سنڌ جي ڀنڊار (خزاني) مان سمورو سون ۽ ڳهه ڳٺا کڻڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي پوري لائبريري پڻ کڻي ويو، جيڪا اڳتي هلي تباهيءَ جي ور چڙهي وئي. اهو هڪ وڌيڪ وڏو ڌڪ هو، جيڪو فارسيءَ کي لڳڻو هو، ۽ اُهو به بدقسمتيءَ سان هڪ ايراني فاتح هٿان.

سنڌ ارڙهن صدين مان گھڻين دوران جيڪو سياسي امن ۽ خوشحالي ڏٺا، تنهن سنڌ ۾ عظيم فارسي ڏاها پيدا ڪيا. انهن جون لکڻيون کانئن اڳ گذريل ٻن صدين ۾ ٿيندڙن کان بلڪل مَٽَ آهن.

انگريزن هٿان 1843ع ۾ سنڌ ۽ 1849ع ۾ پنجاب فتح ٿيڻَ فارسيءَ کي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ سرڪاري ٻوليءَ واري پَدَ تان مڪمل طرح هٽائي ڇڏيو.

انگريز، جن وٽ زبردست سياسي پروڙ هئي ۽ هند کي 250 سالن کان ڄاتائون ٿي ۽ گڏوگڏ هند جي کوڙ سارن علائقن جو هڪ صديءَ تائين انتظام هلائڻ جو تجربو پڻ هئن، سمجھي ورتو هو ته مسلمانن جي هند تي 800 سالن جي راڄ ۽ فارسي ٻوليءَ جي سنڌ سان 2500 سالن جي ساٿ جي باوجود به اها عام ماڻهوءَ تائين پاڙون نه پهچائي سگھي هئي. 1837ع ۾ برٽش پارليامينٽ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزيءَ سان گڏوگڏ ديسي ٻولين کي سرڪاري ٻوليون ڪري آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، تنهنڪري ڪمشنر اِن سنڌ سَر بارٽل فريئر 1853ع ۾ سنڌي الفابيٽ جا معيار مقرر ڪيا، سال ۾ ٻه ڀيرا سنڌيءَ جا امتحان ڪرايائين ۽ هر سينٽر تان پهريان ٽي نمبر کڻندڙ اميدوارن کي نوڪريون ۽ اسڪالرشپون آڇيائين.
نتيجو اهو ٿيو ته سنڌيءَ کي هيٺين انتظامي ڏاڪن تي فارسيءَ جي جاءَ وٺڻ ۾ ڪجھ ئي سال لڳا. مٿين انتظامي سطحن تي انگريزي ئي هلڻي هئي. 45 سينٽرن مان امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي ڏنيون ويندڙ اسڪالرشپن انگريزي ڄاڻندڙ ڪلرڪ ۽ ٻيا عملدار پيدا ڪيا ۽ فارسي پنهنجو ڪارج وڃائي ويٺي.

انگريزن البت ڄاتو ٿي ته ماڻهن جي پوئين تاريخ ۽ سڀِئتا (ثقافت) ڏکڻ ايشيا ۾ سِرجيل فارسي ادب ۾ موجود آهي. وارِن هسٽِنگس پاران 1783 ۾ پيڙهه رکيل ڪلڪتي واري ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال ۽ 1830 ۾ ٺهيل رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن فارسي نسخن منجھان ٽڪرا ڇپائڻ شروع ڪري چڪيون هيون ۽ ويندي ڪجھ فارسي نسخن جا پورا ترجما پڻ ڇپايا ويا. اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري تائين اصل فارسي نسخا ڇپائڻ جي گھرج محسوس ڪئي وئي. هي ڪم ٻنهي سوسائٽين پاران ببليوٿيڪا انڊيڪا سلسلي هيٺ ڪيو ويو. 1847 ڌاري تائين سمورا اهم تاريخي فارسي نسخا ۽ ڪيترائي صوبائي نسخا هنن ٻنهي سوسائٽين پاران ڇپائجي چڪا هئا.

اوڀر (ايشيا) جي اڀياسن ۾ دلچسپي قائم رکڻ لاءِ انگريزن فارسيءَ کي ميٽرڪيوليشن تائين جي نصاب ۾ ٻئي نمبر تي ڌاري ٻولي ڪري آندو. سنڌ ۾ 95 سيڪڙو شاگرد، هندو توڻي مسلمان ٻئي، ميٽرڪيوليشن تائين فارسي پڙهندا هئا. سنڌين انهي مان سنڌي ٻوليءَ کي اوسارڻ جو وڏو فائدو ورتو. 1853 کان 1940ع تائين سِرجيل سنڌي ادب ۾ هندو توڻي مسلمانن ٻنهي سولا فارسي لفظ آزاديءَ سان ۽ وري وري ڪم آندا. کوڙ سارا هندو پروفيسر ۽ استاد هئا، جيڪي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ فارسي پڙهائيندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي، جنهن شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن تي ٻڌل سمجھاڻي لکي، فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي هو. ڊاڪٽر سدارنگاڻي “لائبريري هسٽري آف پرشين پوئٽس آف سنڌ” لکيو. فارسي سنڌ ۾ جيئري رهي. اها ڪم اچڻ جوڳي هئي ۽ ڪارج هئس. ان سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ ۽ ماضيءَ جي سڀِئتا کي اوسارڻ ۾ مدد پئي ڏني. منجھس وڏي انگ ۾ آڳاٽا ڪم هئا، جن ۾ سنڌ جي هزار سالن جي تاريخ، جاگرافي، پراڻن آثارن ۽ سماجي حالتن جي ڇنڊڇاڻ ٿيل هئي. منجھس هندن توڻي مسلمانن ٻنهي جي مڃڻ جوڳو صوفي ادب هو. سڀ کان مٿي منجھس طبي ۽ مذهبي ادب جو تمام وڏو ڀنڊار هو.

1947ع ۾ آزادي ۽ پاڪستان جو ٺهڻ اردوءَ کي سرڪاري ٻولي ڪري آڻڻ جو ڪارڻ بڻيو. اها انتظام جي ميدان ۾ انگريزيءَ جي جاءِ نه وٺي سگھي. ٽيڪنيڪي تحقيقن ۽ انهن جي لاڳو ڪرڻ ۾ اها اڻپوري هئي. تنهنڪري انگريزي هلندي رهي. اردو نالي ماتر سرڪاري ۽ قومي ٻولي هئي.
تعليم جي ميدان ۾ اردوءَ کي گھربل اهميت ڏيڻي هئي. تعليمدانن کي شاگردن تي ڪل وقت جو اوترو وزن وجھڻو هو جيترو اهي کڻي سگھن. اردو ۽ اسلاميات کي نوان مضمون ڪري آڻڻو پيو. جيڪو مضمون ڇڏڻو پيو، سو هو فارسي. سنڌي ٻولي پنهنجي اوسر لاءِ سدائين اردوءَ بجاءِ فارسيءَ کي ڪم آڻيندي رهي هئي، پر فارسي پڙهڻ پاڪستان ۾ اڳيئي پوئتي پئجي چڪو هو.

سنڌ ۽ پاڪستان ۾ فارسي هٿ لکيل ڪتابن جو وڏو ڀنڊار موجود آهي. اهي سڀ جو سڀ مقامي تاريخ ۽ سڀئتا بابت آهن. هنن منجھان اٽڪل ويهه سنڌي ادبي بورڊ آزاديءَ کان هيل تائين ڇپرايا آهن. ٻئي هنڌ پوري پاڪستان ۾ هن جي اڌ جيترا به ناهن ڇپيا. هي انگريزن پاران اٽڪل هڪ صديءَ ۾ ڪيل ڪم جو رڳو هڪ ڀاڱو آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران پٺين 33 سالن ۾ صرف چار فارسي نسخا ترجمو ڪيا ويا آهن. هي ڪم هٿ ۾ کڻڻ لاءِ فارسي ڄاڻندڙن جي کوٽ آهي. سچ اهو آهي ته يونيورسٽيون فارسيءَ جا سٺا ڄاڻُو نٿيون پيدا ڪن پيون.
پنهنجي سڀِئتائي (ثقافتي) ورثي ۽ تاريخ کي سمجھڻ لاءِ اسان کي اڄ به فارسيءَ جي گھرج آهي. اسان اها تعليمي ادارن ۾ زوريءَ نٿا مڙهي سگھون. ان جو ڪو گھڻو استعمال ڪونهي، تنهنڪري کيس لازمي ڪري لاڳو ڪرڻ ٺهي نٿو.

اسان کي پنهنجي سڀِئتائي ورثي ۽ تاريخ جي اڀياس لاءِ ڪو ادارو ٺاهڻو پوندو. هي ادارو سمورن قسمن جا فارسي هٿ لکيل نسخا ڳولي هٿ ڪندو، انهن کي پڙهندو، پرکيندو پروڙيندو، ڇپرائيندو ۽ ترجما ڪندو. رڳو اهو ئي طريقو آهي جنهن سان اسان پنهنجو ماضي سمجھڻ لاءِ فارسي ٻوليءَ، ان جي ڪارج ۽ ورثي کي جياري رکي سگھون ٿا.”

پيگاسس Pegasusھڪ قديم يوناني ڏند ڪٿائي ڪردار،جنھن کي ٺڳ عربن عربي چولو پارائي،براق نالو ڏئي،مذھبي ڪتاب ۾ شامل ڪري،مفتوح ...
20/09/2021

پيگاسس Pegasus

ھڪ قديم يوناني ڏند ڪٿائي ڪردار،
جنھن کي ٺڳ عربن عربي چولو پارائي،
براق نالو ڏئي،
مذھبي ڪتاب ۾ شامل ڪري،
مفتوح قومن مٿان ائين ٿاڦيو جو،
ان کي سچ نه مڃڻ وارو ايمان جي دائري مان ٻاھر ليکبو۔

Pegasus, in Greek mythology, a winged horse that sprang from the blood of the Gorgon Medusa as she was beheaded by the hero Perseus. With Athena’s (or Poseidon’s) help, another Greek hero, Bellerophon, captured Pegasus and rode him first in his fight with the Chimera and later while he was takin...

20/09/2021

Alcmaeon of Croton (/ælkˈmiːɒn/; Greek: Ἀλκμαίων ὁ Κροτωνιάτης, Alkmaiōn, gen.: Ἀλκμαίωνος; fl. 5th century BC) was an early Greek medical writer and philosopher-scientist.[1] He has been described as one of the most eminent natural philosophers and medical theo...

Address

B-38 Soomra Co-operative Housing Society, Sector 36-A Scheme/33
Karachi
75280

Telephone

+923162134101

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Umer Soomro Academy posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Umer Soomro Academy:

Share

Category

Nearby media companies


Other Publishers in Karachi

Show All