City Press Club Tando Jan Muhammad

City Press Club Tando Jan Muhammad Stay informed about Tando Jan Muhammad and national and international news. (CPCT)

06/03/2024

ٰ ڇا سج کان ڌرتي طرف طوفان پيو اچي؟
ٰ تحرير: نظير احمد ڀنڀرو

جولاءِ 2025 ع ۾ سولر اسٽارم يا سج کان نڪرندڙ بجليءَ وارين چقمقي لھرن (Electromagnetic waves) جو طوفان سج کان ڌرتيءَ طرف ايندو ۽ جيڪو ڌرتيءَ تي بجليءَ تي هلندڙ اوزارن خاص طور تي ٽيليفون، موبائل ۽ انٽرنيٽ جي سروس ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، اهڙا طوفان اڳين دورن ۾ پڻ ايندا رهيا آھن جيڪي سج جي اندر ٿيندڙ ڪيميائي اٿل پٿل جي اوچتو وڌي وڃڻ سبب پيدا ٿيندا آھن، جولاءِ 2025 ع ۾ ڌرتيءَ تي پھچندڙ اهڙي طوفان سبب سائنسدان ڪافي پريشان آھن، سج مان نڪرندڙ اهڙين طوفاني لھرن سبب ڪنهن زماني ۾ سياري مريخ تان موجود هوا ۽ پاڻي غائب ٿي ويو هئو پر ان دئور ۾ ڌرتيءَ تي ڪجهہ منفي اثر پيا هوندا پر هوا ۽ پاڻي ڌرتيءَ تي ئي موجود رهيو جڏھن ته سج کي ڌرتي سياري مريخ کان وڌيڪ ويجهي آھي انڪري سج جون طوفاني لھرون به طاقتور هونديون، جيئن ته ڌرتي مريخ کان وڏي به آھي ۽ ڌرتيءَ جي ڪوئر يار مرڪز ۾ چقمقي لھرون پيدا ڪندڙ مادو وڏي مقدار ۾ موجود آھي جيڪو هر وقت چقمقي لھرن وسيلي سج مان نڪرندڙ نقصانڪار چقمقي لھرن کي ڌرتيءَ کان پري ڌڪيندو رهندو آھي، ان طريقي سان قدرت ڌرتيءَ کي اهڙي قسم جي سج مان نڪرندڙ طوفانن کان بچائڻ جو نظام ڏنو آھي جيڪو انھن سج جي طوفاني لھرن کان ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، انڪري گهڻي پريشانيءَ واري ڳالهہ ڪانهي، الله تعاليٰ کان هر وقت خير جي دعا گهرڻ گهرجي ته شال هيءَ ڌرتي اشرف المخلوقات جي خراب افعالن کان بچيل رهي.

تعليم کاتي سنڌ پاران تعليمي سال 25-2024 لاءِ امتحانن ۽ موڪلن جو شيڊول پڌرو..چوٿين کان اٺين ڪلاس جا امتحان 15 اپريل کان 2...
06/03/2024

تعليم کاتي سنڌ پاران تعليمي سال 25-2024 لاءِ امتحانن ۽ موڪلن جو شيڊول پڌرو..
چوٿين کان اٺين ڪلاس جا امتحان 15 اپريل کان 27 اپريل تائين ورتا ويندا.
نائين ڏهين ڪلاس جا امتحان مئي جي پھرئين هفتي ۽ يارھين ٻارهين ڪلاس جا امتحان مئي جي آخري ھفتي ۾ ورتا ويندا.
جڏهن ته پھرئين کان ٽئين ڪلاس جي شاگردن کي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو ويندو.

City Press Club Tando Jan Muhammad

06/03/2024

تعلقہ ڈگری سے رپورٹ...
بے نظیر انکم سپورٹ پروگرام کی امدادی رقم میں کٹوتی کرنے والے عناصر کے خلاف کارروائی عمل میں لائی جائے اور ڈیوائس سینٹرز پر جاری بھتہ خوری کو بند کرایا جائے اور حصہ پتی کے کلچر کو ختم کرکے قانون کی رٹ قائم کی جائے تاکہ غریب اور بے سہارا افراد کو امدادی رقم بنا کٹوتی کے مل سکے.
City Press Club Tando Jan Muhammad

01/03/2024

برسات جو سسٽم گجرات طرف منتقل ٿي رهيو آھي، سنڌ ۾ ڪٿي به رِم جِهم، ٽِم ٽِم کان وڌيڪ برسات نه وسندي.

29/02/2024

سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، اڇڙو ٿر، ٺٽو، سجاول، بدين، ماتلي، جهڏو ۾ جمعي تي 3 وڳي مناسب برسات جو امڪان آھي.

29/02/2024

مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، چيلهار، ڇور، ڏاهلي ۽ ٿرپارڪر جي علاعقن ۾ جمعي جي شام 5 وڳي کان وچولي برسات جو امڪان آھي.

29/02/2024

جمعي کان برسات، ڳڙي پوڻ ۽ پھاڙن تي زوردار برفباريءَ سبب سنڌ ۾ 10 کان 14 ڊگريءَ جي سيءَ جي زوردار لھر داخل ٿيندي.

29/02/2024

*موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ برساتن جا 3 کان 4 اسپيل پوڻ جا امڪان آهن....*

*سنڌ جي اتر وارن علائقن ۾ اڄ رات کان 2 مارچ تائين برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، طوفاني برساتن سبب خضدار ۽ جهل مگسي جي جابلو پٽي کان سنڌ ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي...../*

*موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو....*
City Press Club Tando Jan Muhammad

29/02/2024

*بلدياتي ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.....*

29/02/2024

*موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو....*

ٽنڊو جان محمد                                                                   ٽائون ڪاميٽي چئيرمين قاضي نور محمد ساند ...
29/02/2024

ٽنڊو جان محمد ٽائون ڪاميٽي چئيرمين قاضي نور محمد ساند جي ھدايتن تي سينٽري عملو مختلف جڳھن تي روٽر مشينون لڳائي رھيو آھي، برسات دوران ڪنھن بہ ايمرجنسي جي صورت ۾ ھيٺ تصوير ۾ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري سگھو ٿا.
City Press Club Tando Jan Muhammad

سڀاڻي شام جو بلوچستان کان هڪ طاقتور سسٽم سنڌ ۾ انٽري ڪندو. اتر ۾ شهدادڪوٽ کان ويندي ڏکڻ ۾ ڪراچي تائين اهو مينهن سنڌ جي ن...
28/02/2024

سڀاڻي شام جو بلوچستان کان هڪ طاقتور سسٽم سنڌ ۾ انٽري ڪندو. اتر ۾ شهدادڪوٽ کان ويندي ڏکڻ ۾ ڪراچي تائين اهو مينهن سنڌ جي نوي سيڪڙو علائقن ۾ ٻارنهن ڪلاڪن تائين وسڪارو ڪري راجستان ۾ انٽري ڪندو. گهوٽڪي ضلعي جي بلڪل اترين حصن ۾ شايد مينهن نه پوي باقي ساري سنڌ ۾ سٺو مينهن پوڻ جا نوي سيڪڙو امڪان آهن. مينهن جو گهڻو زور سيوهڻ، نوابشاه، سانگهڙ کان ڏکڻ طرف هوندو، يعني ڏکڻ سنڌ ۽ ٿر جي اولهندن حصن ۾ وڌيڪ مينهن پوندو.
هن سسٽم جي ختم ٿيڻ کان پوء ٽن ڏينهن اندر هڪ ٻيو ڪمزور سسٽم ايندو ۽ نائين ڏهين مارچ ڌارا به هڪ سسٽم اچڻ جا امڪان آهن.
گذريل هڪ هفتي کان ڏکڻ بلوچستان ۾ 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ مينهن پئجي چڪو آهي ۽ اڃا ٻه ٽي سسٽم بلوچستان اچڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.
ايندڙ هڪ هفتي دوران ملڪ جي اترين علائقن ۾ به طوفاني مينهن ۽ برفباري ٿيندي، ان ڪري ڪافي سٺا امڪان آهن ته اپريل مئي ۾ اوائلي برف رجڻ ڪري جيڪڏهن ارسا وارا حرامپائي نه ڪن ته سنڌ ۾ نسبتن پاڻي جي کوٽ گهٽ ٿيندي.
ھي گوادر جي تازي تصوير آهي.
City Press Club Tando Jan Muhammad

28/02/2024

پھرين مارچ تي ڪراچي وارا خبردار رھن، گوادر کان مغربي برسات جو زوردار سلسلو تيز ھوا سان گڏ پھچندو...
City Press Club Tando Jan Muhammad

موسم جو احوال، اسپيشل ويڌر فورڪاسٽ. اڄ 27 فيبروريءَ تي سنڌ ۾ اتر جي تيز رفتار هوائن جو سلسلو شام تائين جاري رهندو ان بعد...
28/02/2024

موسم جو احوال، اسپيشل ويڌر فورڪاسٽ.

اڄ 27 فيبروريءَ تي سنڌ ۾ اتر جي تيز رفتار هوائن جو سلسلو شام تائين جاري رهندو ان بعد هوائن جي رفتار گهٽجڻ لڳندي، سکر، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر، دادو، نواب شاهہ، حيدر آباد، ٺٽو، ٿرپارڪر ۽ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ اڄ شام کان اولهہ طرف کان بادل ايندا جيڪي 5 مارچ تائين ڪڏھن هلڪا ته ڪڏھن گهاٽا ٿي گذرندا رهندا پر سنڌ ۾ اتر، لاڙ ۽ کيرٿر رينج ۾ چڱڙي برسات جو امڪان 29 فيبروريءَ کان 5 مارچ تائين رهندو، ان دوران بلوچستان، ڪي پي، گلگت ۽ ڪشمير ۾ ڳڙي سان زوردار برساتون ۽ زبردست برفباري ٿيندي، درياهہ ۾ پاڻي وڌي ويندو.

اڄ لورالائي، ڪوئٽا، تربت ۽ گوادر بلوچستان جي ڪجهہ علائقن ۾ برسات جو امڪان آھي.

ڪَڙَڪ سيءَ لاءِ بلڪل تيار ٿي وڃو، پھرين مارچ کان پھرين جنوري جھڙو سيءُ شروع ٿي ويندو ڇو ته ڪوئٽا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن جبلن تي شديد ترين برفباري ٿيڻ جو امڪان آھي ۽ اتر جي نان اسٽاپ نارمل رفتار جي هوائن جي سنڌ طرف جاري رهڻ سبب زوردار سيءَ پوندا جيڪي 7 مارچ کان گهٽجڻ شروع ٿيندا.

هيءَ پوسٽ آگاهيءَ لاءِ شيئر ضرور ڪيو، سيٽلائٽ اپڊيٽ ڏسڻ لاءِ اسان جو يوٽيوب چينل وزٽ ڪيو ۽ چينل سبسڪرائب ڪيو.
The Ethentic Weather Information.
We Trust in Hard Work
City Press Club Tando Jan Muhammad

28/02/2024

*گوادر میں شدید بارش کے بعد ایمرجنسی لگادی گئی ہے سفر کرنے سے گریز کریں ۔*
City Press Club Tando Jan Muhammad

اهم الرٽ قدرتي آفتن کان بچاء واري اداري آگاھ ڪيو آھي تہ 29 فيبروري کان 2 مارچ تائين  سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني طوفان يا برسات ب...
27/02/2024

اهم الرٽ

قدرتي آفتن کان بچاء واري اداري آگاھ ڪيو آھي تہ 29 فيبروري کان 2 مارچ تائين سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني طوفان يا برسات بجلي جي ٿنڀن، گاڏين، فصلن ۽ سولر پليٽن وغيرہ کي نقصان ڏئي سگھن ٿا.
City Press Club Tando Jan Muhammad

23/02/2024

اسٽيٽ بئنڪ وٽ باقي 8 ارب ڊالر بچيا آھن ۽ IMF کي 27 ارب ڊالرن جي قسط ڏيڻي آھي
ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاء تمام ڳرا ٽيڪس لڳايا ويندا کاڌي پيتي جو سامان تمام گهڻو مهانگو ٿيندو بک ۽ بيروزگاريء جي ڪري سماجي مسئلا وڌندا ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو خودڪشين ۾ اضافو ٿيندو جسم فروشي وڌندي
پنهنجي ضرورتن کي محدود ڪريو ايندڙ وقت لاء ڪجھ بچائي رکو
معاشي بحران وڌيو ته پاڪستان جي حالت ماضيء جي سوويت يونين جهڙي ٿيندي جتي ماني ملڻ به ڏکي هئي.
City Press Club Tando Jan Muhammad

09/02/2024

پي ايس۔48 جي سمورين(ڪل 160) پولنگ اسٽيشنز جو غيرحتمي نتيجو پڌرو ٿي ويو پ پ اميدوار ميرطارق خان ٽالپر 67923 ووٽ کڻي سوڀارو جي ڊي اي اميدوار ارباب عنايت الله 16231وٶٽ کڻي سگهيو.
City Press Club Tando Jan Muhammad

بی آئی ایس پی کے وظائف میں اضافہ کر دیا گیا ہے۔آپ کی آگاہی ہمارے وظائف کی منصفانہ تقسیم کے لئے اہم ہے۔City Press Club Ta...
07/02/2024

بی آئی ایس پی کے وظائف میں اضافہ کر دیا گیا ہے۔آپ کی آگاہی ہمارے وظائف کی منصفانہ تقسیم کے لئے اہم ہے۔
City Press Club Tando Jan Muhammad

07/02/2024

محکمہ اطلاعات سندھ میرپورخاص الیکشن میڈیا سیل

ڈویزنل کمشنر میرپورخاص فیصل احمد عقیلی نے انتخابی عمل کو مانیٹر کرنے اور درپیش مسائل کے حل کے لیے فوری طور پر عام انتخابات تک ایڈیشنل کمشنر ون کے دفترکمشنر کمپلیکس میں ایڈیشنل کمشنر ون علی نواز بھوت کی سربراہی میں فوری طور ڈویژنل الیکشن مانیٹرنگ سیل قائم کر دیا ہے جو کہ 24 گھنٹے کام کریگا . ڈویژنل الیکشن مانیٹرنگ سیل کا ٹیلیفون نمبر 02339290367.اور 02339290298 واٹس اپ نمبر 03130450298 پر رابطہ کیا جا سکتا ہے جو ڈویژن بھر کے اضلاع کے ڈپٹی کمشنرز /ڈسٹرکٹ ریٹرننگ ، ریٹرننگ آفس سے رابطے میں رہے گا اور انتخابی مراحل کی مانیٹرنگ کی جائے گی ۔
City Press Club Tando Jan Muhammad

07/02/2024

محکمہ اطلاعات سندھ میرپورخاص الیکشن میڈیا سیل۔

میرپورخاص . انتہائی حساس پولنگ اسٹیشن پر 8 سیکیورٹی اہلکار ، حساس پولنگ اسٹیشن پر 6 سیکیورٹی اہلکار اور نارمل پولنگ اسٹیشن پر 4 سیکیورٹی اہلکار حفاظتی ڈیوٹی پر معمور ہوں گے .

میرپورخاص . انتخابی عمل کے لیے میرپورخاص ڈویژن کے ٹوٹل 22ہزار 196 پولنگ عملے کی ٹریننگ کروائی گئی ہے جس میں 2 ہزار 29 پرزائیڈنگ افسران ، 2 ہزار 29 سینئر اسسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 12 ہزار 92 اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 6 ہزار 46 پولنگ افسران شامل ہیں . جس میں ضلع میرپورخاص میں 689 پرزائیڈنگ افسران ، 689 سینئر اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 4 ہزار 274 اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 2 ہزار 137 پولنگ افسران ٹوٹل 7ہزار 789 عملہ مقرر کیا گیا ہے

اسی طرح ضلع عمرکوٹ میں پولنگ اسٹیشن میں ٹوٹل 6 ہزار 571 عملہ مقرر کیا گیا ہے جس میں 515 پرزائیڈنگ افسران ، 515 سینئر اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 3 ہزار 694 اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 1 ہزار 847 پولنگ افسران شامل ہوں گے .

میرپورخاص . ضلع تھر پارکر میں پولنگ اسٹیشن میں انتخابی عمل کے لیے ٹوٹل 7 ہزار 836 عملہ مقرر کیا گیا ہے جس میں 825 پرزائیڈنگ افسران ، 825 سینیئر اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران ، 4 ہزار 124 اسٹنٹ پرزائیڈنگ افسران اور 2 ہزار 62 پولنگ افسران شامل ہوں گے.
City Press Club Tando Jan Muhammad

'ڪڏهن به ووٽ نه ڏينداسين': 17 سيڪڙو پاڪستاني نوجوانن جي راءوائس آف آمريڪا جي سروي ۾ جتي پاڪستان جي 70 سيڪڙو نوجوانن ايند...
01/02/2024

'ڪڏهن به ووٽ نه ڏينداسين': 17 سيڪڙو پاڪستاني نوجوانن جي راء

وائس آف آمريڪا جي سروي ۾ جتي پاڪستان جي 70 سيڪڙو نوجوانن ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو ارادو ڏيکاريو آهي، اتي 17 سيڪڙو نوجوانن چيو آهي ته اهي ڪڏهن به ووٽ نه وجھندا.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب ملڪ ۾ پنج ڪروڙ 68 لک کان بہ وڌيڪ ووٽرن جون عمرون 18 کان 35 سالن جي وچ ۾ آھن.

ماهرن موجب هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي نوجوان ووٽرن جو انگ 44 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هجي، اتي ايڏي وڏي انگ جو ووٽ نه ڏيڻ جو رجحان ملڪ جي سياسي ۽ چونڊ نظام تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

ووٽ نه ڏيڻ جو رجحان

پاڪستان ۾ ووٽرن جو عمر جي لحاظ سان ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونهي. ڪنھن خاص عمر جي ماڻهن ۾ ووٽنگ جو رجحان جاچڻ لاء ’ايگزٽ پولز’ يعني ووٽ ڏئي ٻاھر ايندڙ ماڻھن جي سروي تي ئي ڀاڙيو ويندو آھي.

’ايگزٽ پولز’ تي ٻڌل مختلف رپورٽن موجب پاڪستاني نوجوانن ۾ ووٽ ڏيڻ جو لاڙو اڳ ۾ ئي تمام گهٽ آهي.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) موجب 1988ع کان 2018ع جي وچ ڌاري ٿيل اٺن قومي چونڊن ۾ نوجوانن جي ووٽنگ جي شرح 31 سيڪڙو هئي. انهن اٺن چونڊن ۾ سراسري ٽرن آئوٽ اٽڪل 44 سيڪڙو رهيو.

رپورٽ موجب 2018ع وارين عام چونڊن ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٿيل چونڊن ۾ نوجوانن جو سڀ کان وڏو ٽرن آئوٽ رهيو، جنهن جو اندازو 37 سيڪڙو لڳايو پيو وڃي.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سان لاڳاپيل قاضي خضر حبيب جيڪو ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي چونڊن ۾ مبصر طور جائزو وٺندو رهيو آهي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي گذريل اٺن چونڊن ۾ وڌ کان وڌ ٽرن آئوٽ 50 سيڪڙوکان گهٽ ئي رھيو آهي.

هن چيو ته ڪڏهن به ووٽ نه ڏيڻ جي سوچ رکندڙ پاڪستاني نوجوانن جو انگ 17 سيڪڙو کان گهڻو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

قاضي خضر حبيب جو چوڻ آهي ته اسان جي سياسي نظام ڪڏهن به اهڙي غير معمولي ڪارڪردگي ناھي ڏيکاري، جنهن مان نوجوان کان ان ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو وٺڻ جي ڪا توقع رکي سگهجي.

هن چيو ته نوجوانن وٽ نہ راندين جا ميدان آهن، نہ کين تعليم ۽ صحت جون سهولتون ميسر آهن. اهڙين حالتن ۾ اهي جمهوريت يا سياسي نظام سان ڪا به ويجهڙائي محسوس نه ٿا ڪن ۽ ھنن جو اهڙو احساس سياسي ۽ چونڊ نظام تي به ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

'ووٽ نه ڏيڻ به هڪ راءِ آهي'

’يوٿ انفلوئنسر’ ۽ سياسي مبصر سيد مزمل شاھ جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪيترين ئي جمهوريتن ۾ ووٽ نه ڏيڻ کي به سياسي راءِ سمجهيو ويندو آهي.

هن چيو ته ڪجھ جمهوري ملڪن ۾ 'نوٽا' (NOTA) يعني ’انهن مان ڪو به نه‘ جو آپشن به بيلٽ پيپرن تي ڏنو ويندو آهي. ھن چيو ته ’نوٽا’ جو اختيار ڏيڻ سان انهن ووٽرن جي راءِ کي به باقائدگيءَ سان رڪارڊ ڪيو ويندو آھي ، تہ اھڙن راءِ ڏيندڙن چونڊن ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين يا اميدوارن تي اڻ اعتماد جو اظهارڪيو آھي.

سيد مزمل موجب پاڪستان ۾ چونڊن ۾ نوجوانن جي اڻ دلچسپي کي نظر ۾ رکندي ووٽرن کي بہ اهڙو آپشن ملڻ گهرجي.
City Press Club Tando Jan Muhammad

ضلعي ٿرپارڪر/ضلعي ميرپورخاص  ۾ رجسٽرڊ شراب جي دڪانن تي ٽنڊي آدم مان ٺھندڙ جعلي شراب آڻڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي نه رڳو ...
12/01/2024

ضلعي ٿرپارڪر/ضلعي ميرپورخاص ۾ رجسٽرڊ شراب جي دڪانن تي ٽنڊي آدم مان ٺھندڙ جعلي شراب آڻڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي نه رڳو ايترو پر ڇھ مھينا اڳ في پينٽ تي ھڪ سئو روپيا وڌايا ويا جڏھن ته ڇھ مھينن بعد وري ٽيون ڏينھن کان ھڪ سئو روپيا وڌائي في پينٽ جو ريٽ ست سئو روپيا ڪيو ويو آھي يعني 16800 روپيا ڪارٽن جو ريٽ ڪيو ويو آھي جيڪو ٽنڊي آدم مان جعلي فيڪٽري جو شراب آھي جيڪو انھن کي ڇھ کان ساڍا ڇھ ھزارن تائين ڪارٽن ملي ٿو اھڙي ريت پنڊيء(مري) مان ھولسيل ريٽ اڳ ۾ واٽ ون ڊرائجن سپيريم جو 9300 ھولسيل ريٽ في ڪارٽن ھو جيڪو ھاڻي في ڪارٽن تي 500 روپيا وڌڻ بعد 9800 روپيا ڪيو ويو آھي جڏھن ته شراب خانن تي في ڪارٽن تي ڇھ مھينا اڳ 2400 وڌايا ويا ۽ تازو ٻن ٽن ڏينھن کان 2400 وڌايا ويا آھن اھو بي جعلي فيڪٽريء جو شراب جڏھن ته مري جو ڪارٽن انھن کي 9800 ۾ ملي ٿو اھو ھي 16800 ۾ وڪرو ڪن ٿا ليڪن اھو مري جو شراب ناھي پر ٽنڊي آدم مان ڇھ ست ھزار في ڪارٽن وٺي اچن ٿا واضح رھي ته (مري) مان ڪمپني پاران تازو ريٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آھي۔
copy

05/12/2023

بینظیر تعلیمی وظائف پروگرام میں شمولیت کے لئے شرائط اور رجسٹریشن کا طریقہ کار۔

18/11/2023

ٽنڊو جان محمد پوليس جي ڪاروائي شمشاد مڱڻھار شراب سميت گرفتار.

City Press Club Tando Jan Muhammad
11/11/2023

City Press Club Tando Jan Muhammad

09/11/2023

ٽنڊو جان محمد جگو مالهي جي ڪئبن ۽ گهر تي پوليس جي اسپيشل ٽيم جو ڇاپو۔ 2 ڄڻا زخمي ،عورتن تي تشدد ، 2 ڄڻن کي پوليس کنڀي ويئي۔

ٽنڊوجان محمد : ٽائون ڪاميٽي جي سينيٽري ورڪر وجيش ڪمار گجراتي کي قادري ڪميونيڪيشن دڪاندار ڪچرو کڻڻ جي معمولي ڳالھ تان دڪا...
02/11/2023

ٽنڊوجان محمد :
ٽائون ڪاميٽي جي سينيٽري ورڪر وجيش ڪمار گجراتي کي قادري ڪميونيڪيشن دڪاندار ڪچرو کڻڻ جي معمولي ڳالھ تان دڪاندار نويد قادري خاڪروب وجيش ڪمار کي ڏنڊو ھڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو جنھن تي سينيٽري ورڪرن احتجاجن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪندي مين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويٺل، ھنن چيو ته ٻہ ڪلاڪ ٿي ويا پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس دڪاندار کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ڪونھي، ھنن جو مطالبو آھي ته دڪاندار کي گرفتار ڪري ھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
City Press Club Tando Jan Muhammad

ڊگھڙي آئي ڪلينڪ طرفان ھڪ روزہ مفت اکين جي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، جنھن ۾ سرجن ڊاڪٽر محي الدين خان قائم خاني مريضن جو مفت مع...
02/11/2023

ڊگھڙي آئي ڪلينڪ طرفان ھڪ روزہ مفت اکين جي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، جنھن ۾ سرجن ڊاڪٽر محي الدين خان قائم خاني مريضن جو مفت معائنو ڪندو.
City Press Club Tando Jan Muhammad

Address

Tando Jan Muhammad
Digri
69320

Telephone

+923248832182

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when City Press Club Tando Jan Muhammad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to City Press Club Tando Jan Muhammad:

Videos

Share


Other Media/News Companies in Digri

Show All