07/09/2023
آپريشن ٿيٽر مان بھانو ڪري ڊاڪٽر مونکي ٽيبل تي ڇڏي ڀڄي ويو!!!!!!!!!!!!!!!
صحافي شيخ سنڌي جو احوال غور سان پڙهي پنھنجي راءِ ضرور ڏيندا !
4 سيپٽمبر تي يورالاجي وارڊ 14 جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عمران ادريس ميمڻ جي حڪم تي ڊاڪٽر حيدر مونکي 5 سيپٽمبر 2023 تي گردي جي آپريشن لاءِ وقت ڏيندي هدايت ڪندي چيو تہ "رات جو 12 کان کائڻ پيئڻ بند ڪري 5 تاريخ تي صبح جو 8 وڳي اسپتال ۾ پڄي وڃجان ان ڏينھن تي 14 وارڊ جي آپريشن ٿيٽر ۾ استعمال ٿيندڙ ٽن ٿيٽرن مان 3 نمبر او ٽي ۾ چوٿو نمبر منھنجو هو پر لسٽ ۾ ڏهين نمبر ۾ منھنجو نالو (2:30) اڍائي وڳي منھنجي آپريشن جو وارو آيو ان وقت ڊاڪٽر عمران ادريس مونسان ٿيٽر ۾ ملندي چيو ته اسان صبح کان آپريشن ڪري ٿڪجي پيا آهيون، توھان کي وقت ان ڪري ڏئي رهيا آهيون جو اوهان جي لاءِ ڪوٽڙي اسپتال جي ايم ايس سرجن ڊاڪٽر برڪت لغاري مونکي بار بار فون ڪري اوهان جي پارت ڪئي آهي" کيس مھرباني چئي آپريشن لاءِ ٽيبل تي ليٽي پيس تہ بھوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر پنھنجي ڪارروائي شروع ڪندي او ٽي ٽيڪنيشنس کي جيئن آرڊر ڪيو ته هڪ ٽرپ لڳائڻ لاءِ ڪينولا لڳائي ڊرپ شروع ڪري ڇڏي ٻئي ٽيڪنيشنس بلڊ پريشر چيڪ ڪيو ته او ٽي ۾ لڳل ڪمپيوٽرائيز اسڪرين تي منھنجو بلڊ پريشر مٿيون 201 ۽ هيٺيون 120 ٻڌائي رهيو هئو، ان تي بھوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو ته "رپورٽ غلط پئي اچي مريض جي قميص جا ڪف مٿي ڪري بيلٽ ٻيھر لڳايو، هن ٽيڪنيشن کي چيو ته ايترو بلڊ پريشر هجي ته مريض هن ٽيبل تائين ئي ڪونه اچي سگهي ها" ٿوري دير ۾ ٽيڪنيشنس ڊاڪٽر جي ڳالھ تي عمل ڪرڻ بجاءِ سڀني خبر نه آهي اکيُن ئي اکين ۾ ڇا ڳالهايو جو ٽيڪنيشن منھنجي ڊرپ لاهيندي چيو ته توهان جي آپريشن نٿي ٿي سگهي مون کين چيو تہ" توھان منھنجو جيترو بُک اُڃ ۾ وقت ورتو آهي ته منھنجي زبان هيٺان ٽيبليٽ رکو ته بلڊ پريشر گهٽ ٿئي پر ڊاڪٽر منھنجي ھڪ به نه ٻڌي ۽ رفو چڪر ٿي ويو ۽ مون ڪاوڙ ۾ پنھنجو ڪينولا پٽي اڇالي 14 نمبر وارڊ ۾ قائم ڊائلسس کاتي مان ڪميوٽرائيز بي پي آپريٽر تي بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو ته مٿيون 177 ۽ هيٺيون 88 هئو جيڪو وڃي ڊاڪٽر حيدر سان ڳالھايم تہ بھوشي واري ڊاڪٽر بلڊ پريشر جو بھانو ڪري ڀڄي ويو آهي جڏهن ته توهان جي ۽ ڊائلسس واري ڊپارٽمينٽ جي ڪميوٽرائيز بلڊ پريشر جي رزلٽ ۾ ايترو فرق ڇو؟ ڊاڪٽر حيدر خود هڪ سيکڙاٽ ڊاڪٽر هئو جنھن جان ڇڏائيندي ٻي تاريخ جو آسرو ڏئي آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر ويھي رھڻ جو حڪم ڪندي چيو ته منھنجو انتظار ڪر مون ڊاڪٽر جو انتظار ڪرڻ بجاءِ هڪ واقف او ٽي ٽيڪنيشن جي مشوري تي فائيل ان جي حوالي ڪري گهر هليو آيس پر اڄ 7 تاريخ آهي ٽيڪنيشن مونکي ٻڌايو ته في الحال تاريخ نٿي ملي جڏهن ته گڙدي ۾ سخت تڪليف جي ڪري مونکي اڪثر بخار رهي ٿو ۽ 24 ڪلاڪ تڪليف ۾ گذري رهيا آهن، جيڪا حقيقت مون سرجن ڊاڪٽر برڪت لغاري کي ٻڌائي تنھن کي خود تمام گهڻو ارمان ٿيو ۽ منھنجي ھڪ صحافي دوست راشد شيخ کي ڪٿان خبر پئي ته هو خود پريشان ٿيندي چيو ته "جيئن توهان چئو" مونکي سنڌ ٽي وي جي رپورٽر ڀاءُ اسماعيل باريجو مونکي اڳ ئي مدد جي صلاح ڪئي هئي ۽ منھنجو رپورٽون ڊاڪٽرن کي ڏيکاري سدائين صلاح ۾ رهندڙ بھترين ساٿي ساجد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر خالد انڙ سان ان سلسلي ۾ مشورو ڪرڻ بجاءِ آئون توھان سڀني دوستن کان مشورو ان ڪري وٺڻ چاهيان ٿو ته آئون جنھن پريس ڪلب جو ميمبر آهيان ان پريس ڪلب جا اهم عھديدار پنھنجي ذاتي ڪاروبارن ۾ ايترا مصروف آهن جن اڳ به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي مون پنھنجي ڄامشورو جي صحافي دوستن سان پنھنجي تڪليف جو اظھار نه ڪري سگهيو هيس LUMHS جي ڊاڪٽر سُروپ ڀاٽيا جنھن ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي صحافين کي ته هيلٿ ڪارڊ ڏنا پر ڪوٽڙي جي صحافين کي اڄ تائين خبر به نه آهي ته لمس اسپتال ۾ علاج جي سھولت لاءِ PRO طرفان هيلٿ جا ڪارڊ به وٺڻ گهرجن مون ڊاڪٽر سُروپ ڀاٽيا کي جڏهن فارم جو چيو هو ته مونکي موجوده PRO امداد خشڪ ڏانهن موڪليو جنھن کي ان متعلق ڪا خبر ئي نه هئي انھن کي سندن اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ڪھڙي شڪايت ڪريان ان لاءِ اوهان سڀني پڙهندڙن جي آڏو پنھنجي دل جي ڳالھ اڳيان رکي اٿم تہ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ اسپتال LUMHS جي يورالاجي ڊپارٽمينٽ وارڊ 14 جي ڊاڪٽرن ۽ خاص طور تي بھوش ڪندڙ ڊاڪٽر جي سلوڪ خلاف مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
1) ڇا مذمتي بيان هلائجن (2) وائيس چانسلر کي لکت ۾ حقيقت بيان ڪجي (3) صحافي ،سماجي سياسي دوستن جي وفد سان گڏجي LUMHS انتظاميا اڳيان فرياد ڪجي يا سڀني ڳالهين کي ڇڏي پرائيويٽ آپريشن ڪرائجي جنھن کان سڀ ڊاڪٽر منع ڪري رهيا آهن، پنھنجي راءِ ضرور ڏيندي
شيخ سنڌي
رپورٽر
ڊيلي ريجنل ٽائيمس ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو سنڌ
03003442506
Whatsap number
Sheikh Sindhi