Pepolse Labour Bearu Dist Jamshoro

Pepolse Labour Bearu Dist Jamshoro for the rights of Labour and Laborers

بريڪنگ نيوز ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ ھاء اسٽار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دوست محمد خاصخيلي انتظاميه جي غفلط سبب موٽرمان ڪرنٽ ل...
12/10/2023

بريڪنگ نيوز
ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ ھاء اسٽار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دوست محمد خاصخيلي انتظاميه جي غفلط سبب موٽرمان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ واري معاملي جو ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد نوٽس وٺي ڇڏيو
اسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو علي اصغر لاکو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري پورھيت جي وارثن کي ليبر لاء تحت ڪمپزيشن ڏيارڻ جون ھدايتون انڪوائري ۾ مل انتظاميا جي غفلت ثابت ٿيڻ تي ڪاروائي جون ھدايتون پڻ ڏنيون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو جو ھاء اسٽار فيڪٽري مالڪ سان رابطو واقعي جا تفصيل ورتا
مل مالڪ جو چوڻ ھيو ته مل انتظاميا کي فوتي پورھيت جي تدفين ۾ موڪليو آھي وارثن جي مالي مدد سان گڏ ليبر لاء تحت قانوني ڪمپزيشن فوتي جي وارثن کي ادا ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائي وئي
پاران
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

افسوس ناڪ خبر ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ سپر اسٽار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دوست محمد خاصخيلي فيڪٽري انتظاميه جي غفلط سبب موٽرم...
12/10/2023

افسوس ناڪ خبر
ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ سپر اسٽار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دوست محمد خاصخيلي فيڪٽري انتظاميه جي غفلط سبب موٽرمان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو
پورهيت جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو,فيڪٽري انتظاميه متاثر خاندان سان ڪو سهڪار نه ڪيو ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد فوري نوٽس وٺي پورھيت جي وارثن کي انصاف ڏياري
فوتي پورهيت پوپٽ ڳوٺ جو راهواسي ٻڌايو وڃي ٿو
پاران
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

گل پيپر مل مالڪ حاجي ادريس ميمڻ سندس ڇاڙتي جي ايم نور احمد جا ڪلور فيڪٽري اندر بدستور جاريگل پيپر مل مالڪ پورھيتن جا حق ...
03/10/2023

گل پيپر مل مالڪ حاجي ادريس ميمڻ سندس ڇاڙتي جي ايم نور احمد جا ڪلور فيڪٽري اندر بدستور جاري
گل پيپر مل مالڪ پورھيتن جا حق غضب ڪري مزدورن جو استحصال ڪري رھيو آھي جيڪا ليبر لاء انساني حقن جي خلاف ورزي آھي
ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو گل پيپر مل انتظاميا جي زيادتين جو سختي سان نوٽس وٺن 32000 ھزار پگھار سميت پورھيتن کي ليبر لاء تحت مليل سھولتون بحال ڪيون وڃن
ٻئي صورت ۾ پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو گل پيپر مل جي پورھيتن جي حقن لاء بھرپور تحريڪ شروع ڪندي
پڌرائي
امتياز ھنگورو جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

02/10/2023

نگينہ ڪاٽن مل انتظاميه پيپلز ليبر بيورو جو ليگل نوٽس ڦاڙڻ واري مسئلي تي ضلعي صدر غلام حسين مغل سان غلتي مجندي معزرت ڪري ڇڏي ✌️

جئي ڀٽو جئي مذدور جدوجهدنگينہ ڪاٽن مل جي جي ايم آفتاب پٺاڻ پاران پيپلز ليبر بيورو جو 32 ھزار پگھار وارو گيٽ تي لڳل ليگل ...
02/10/2023

جئي ڀٽو جئي مذدور جدوجهد
نگينہ ڪاٽن مل جي جي ايم آفتاب پٺاڻ پاران پيپلز ليبر بيورو جو 32 ھزار پگھار وارو گيٽ تي لڳل ليگل نوٽس ڦاڙڻ واري مسئلي تي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي قيادت سميت اڳوڻي چئيرمين ڪاٽي خليل بلوچ ليبر کاتي جي آفيسرن ۽ نگينہ ڪاٽن مل انتظاميه سان رابطي ۾ آھيون جن پڻ اھڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي ۽ خاطري پڻ ڪرائي آھي ته 32 ھزار پگھار تي عمل ڪرائي نوٽس ڦاڙڻ واري مسئلي تي انڪوائري ڪري ڏوھ ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ نگينہ ڪاٽن مل انتظاميه کان معزرت ڪرائي ويندي 32 ھزار پگھار ڏيڻ جو اھڙو نوٽيس پڻ نگينہ ڪاٽن مل انتظاميا لڳائي ڇڏيو آھي پيپلز پارٽي قائدين جون تصويرون ڇپيل ليٽر پيڊ جي بي حرمتي تي مل گيٽ اڳيان احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا پيپلز ليبر بيورو جا ڪارڪن جيالا تيار رھن
انشاءالله فتح جيالن ۽ پورھيتن جي ٿيندي
پڌرائي
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچونمذدور جدوجهد زنده✌️✊پيپلز ليبر بيورو جي جدوجهد نيٺ رنگ لاتو نگينہ ڪاٽن مل انتظا...
02/10/2023

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون
مذدور جدوجهد زنده✌️✊
پيپلز ليبر بيورو جي جدوجهد نيٺ رنگ لاتو نگينہ ڪاٽن مل انتظاميه پورھيتن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 ھزار ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن مل نوٽس بورڊ تي لڳائي ڇڏيو نگينہ ڪاٽن فيڪٽريءَ جي پورھيتن کي مبارڪون
پڌرائي
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

02/10/2023

نگينہ مل جي مزدور دشمن جي ايم آفتاب پٺاڻ پاران پيپلز ليبر بيورو جو مل گيٽ تي لڳل ليٽر پيڊ ڦاڙڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا

28/09/2023

منھنجي پگھار ھڪ مزدور جي برابر ڪريو اگر انهي پگھار ۾ گذارو نه ٿيو ته آءٌ مزدور جي پگهار وڌائي ڇڏيندس
#حضرت عمر فاروق رضه♥️

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچونمذدور جدوجهد زنده بادپيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جو صدر غلام حسين مغل نگينہ ٽ...
28/09/2023

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون
مذدور جدوجهد زنده باد
پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جو صدر غلام حسين مغل نگينہ ٽيڪسٽائل ملز جي گيٽ تي سنڌ منيميم ويجز بورڊ پاران پورھيتن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 ھزار مقرر ڪرڻ جو گزٽڊ نوٽيفڪيشن لڳائيندي جڏھن ته مل ايڊمن کي به نوٽيس پيش ڪيو ويو ۽ گذارش ڪئي وئي آهي ته نگينہ مل پورھيتن جي بيچني کي ختم ڪري سنڌ مينيم ويجز بورڊ جي گزيٽڊ نوٽفيڪشن تحت سفائير ڪوليگيٽ ۽ ٻين فيڪٽرين عمل ڪندي پورھيت جي پگھار 32 ھزار مقرر ڪري ماھ جولائي آگسٽ جي ايريل جي ادائگي به پورھيتن کي ڪئي وڃي مل مينجمٽ انھيءَ تي عمل ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ٻئي صورت ۾ پيپلز ليبر بيورو نگينہ ٽيڪسٽائل ملز پورھيتن سان ھر محاذ تي گڏ ھوندي
واضح رھي ته سنڌ مينيم ويجز بورڊ جو گزيٽڊ نوٽيفڪيشن 14 ڏينھن گذرڻ تي عمل درآمد جوڳو ٿي ويندو

27/09/2023

ڪوٽڙي جي فيڪٽري مان مقامي ماڻهن کي نوڪرين کان برطرف ڪرڻ خلاف پورهيتن جو مل جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڌرڻو.

ٽائيم نيوز تي رپورٽر شوڪت ميمڻ جي ڪيل رپورٽ
ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قائم ڪاٽن فيڪٽري جي انتظاميا پاران بنا جواز 150 کان مٿي پورھيتن کي نوڪرين کان برطرف ڪري سندن گيٽ بند ڪرڻ خلاف پیپلز لیبر بیورو جي اڳواڻ غلام قاسم کوسو جي اڳواڻي ۾ پورھيتن مل جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي مل انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن پورھيتن شمن سولنگي , بشير ٻٻر , جمن چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سالن کان فيڪٽري ۾ پورھيو ڪندڙن آھيون پر مل انتظاميا بنا ڪنھن نوٽيس جي نوڪرين کان برطرف ڪري گيٽ بند ڪري بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ھن مھنگائي جي دور ۾ نوڪرين کان برطرف ڪيو ويو آھي جيڪا نااصافي آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته نوڪرين تي بحال ڪري پريشاني کان بچايو وڃي

سائيٽ ڪوٽڙي جي فيڪٽرين ۾ پورھيتن سان ناانصافيون بدستور جاري جانورين جو دوائون  تيار ڪندڙ ويٽز فارما ڪمپني انتظاميا 04 پ...
27/09/2023

سائيٽ ڪوٽڙي جي فيڪٽرين ۾ پورھيتن سان ناانصافيون بدستور جاري جانورين جو دوائون تيار ڪندڙ ويٽز فارما ڪمپني انتظاميا 04 پورھيتن جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو ليبر کاتو نوٽيس وٺي

27/09/2023

ڪوٽڙي جي فيڪٽري مان مقامي ماڻهن کي نوڪرين کان برطرف ڪرڻ خلاف پورهيتن جو مل جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڌرڻو.
ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قائم ايل ٽي سي ڪاٽن فيڪٽري جي انتظاميا پاران بنا جواز 150 کان مٿي پورھيتن کي نوڪرين کان برطرف ڪري سندن گيٽ بند ڪرڻ خلاف پيپلز ليبر بيورو تعلقہ اڳواڻ غلام قاسم کوسو جي اڳواڻي ۾ پورھيتن سان گڏجي مل جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي مل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن پورھيتن شمن سولنگي , بشير ٻٻر , جمن چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سالن کان فيڪٽري ۾ پورھيو ڪندڙن آھيون پر مل انتظاميا بنا ڪنھن نوٽيس جي نوڪرين کان برطرف ڪري گيٽ بند ڪري بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ھن مھنگائي جي دور ۾ نوڪرين کان برطرف ڪيو ويو آھي جيڪا ناانصافي آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته نوڪرين تي بحال ڪري پريشاني کان بچايو وڃي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد نوٽس وٺي
پڌرائي
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

ڪوٽڙي سائيٽ جي گل پيپر مل مالڪ پاران ھن ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي جي دور ۾ پورھيتن کان 12 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺي 8 ڪلاڪ ڏھاڙي جي حساب سان...
26/09/2023

ڪوٽڙي سائيٽ جي گل پيپر مل مالڪ پاران ھن ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي جي دور ۾ پورھيتن کان 12 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺي 8 ڪلاڪ ڏھاڙي جي حساب سان ماھانہ پگھار ڏيڻ سان گڏ سالن کان پورھيتن کي پڪو نه ڪرڻ ليبر لاء تحت اي او بي آئي سوشل سيڪيورٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ رجسٽرڊ نه ڪرڻ ۽ مل اندر ٺيڪيداري نظام ھلائڻ خلاف پورھيتن جو مل مالڪ جي ظلمن کان تنگ ٿي پيپلز ليبر بيورو اڳواڻن معرفت ليبر کاتي ۾ گل پيپر مل مالڪ حاجي ادريس جي ايم نور احمد خلاف انصاف لاء درخواست داخل مل مالڪ ۽ جي ايم طرفان پورھيتن کي ليبر ڊپارٽمنٽ ۾ ڪمپلين ڪرڻ تي گيٽ بند ڪرڻ جون ڌمڪيون
پيپلز ليبر بيورو گل پيپر مل مالڪ جي پورھيتن سان اھڙين زيادتين تي نگران وزيراعلي رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر نگران وزير محنت ڊاڪٽر جنيد شاھ ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کان نوٽيس وٺي پورھيتن سان انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿي گل پيپر مل مالڪ پورھيتن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ۽ مل اندر گنڊاگردي بند نه ڪئي ته مل گيٽ اڳيان ڪيمپ قائم ڪري پورھيتن جي تحفظ ۽ جائز مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ڪيو ويندو
پڌرائيءَ
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

سنڌ جي پورھيتن لاء خوشخبريمينميم ويجز بورڊ سنڌ پاران پورھيتن جي گھٽ ۾ گھٽ ماھانہ اجرت 32000 ھزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڏ...
26/09/2023

سنڌ جي پورھيتن لاء خوشخبري
مينميم ويجز بورڊ سنڌ پاران پورھيتن جي گھٽ ۾ گھٽ ماھانہ اجرت 32000 ھزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڏينھن ٻن ۾ سنڌ جي پورھئي واري وزارت پاران اھڙو نوٽفيڪشن جاري ڪرڻ جو امڪان ليبر کاتي کان اميد رکجي ٿي ته ھن منھگائي ۾ پسجندڙ پورھيت طبقي کي 32 ھزار پگھار تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺندو

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچونمذدور جدوجهد زنده بادڪجھ ڏينهن اڳ نوري آباد ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ پورھيت عرفان مي...
22/09/2023

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون
مذدور جدوجهد زنده باد
ڪجھ ڏينهن اڳ نوري آباد ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ پورھيت عرفان ميتلو ڊيوٽي دوران ھارٽ اٽيڪ اچڻ سبب مشين ۾ "ڳلو" ڪنڌ ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو ھيو جنھن جو نوٽيس پيپلز ليبر بيورو ضلعي اڳواڻن جي رابطي ڪرڻ تي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب ورتو ھيو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو علي اصغر لاکو کي انڪوائري جي ھدايت ڪئي جنھن جلد وراثن سان انصاف جي خاطري ڪرائي ھئي
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر اڄ پورھيت جي ڳوٺ پھچي وارثن کي مل انتظاميا طرفان مليل قانوني واجبات سان گڏ 10 لک جو چيڪ ڪمپزيشن جي صورت ۾ فوتي جي وارثن بيواھ کي امانت پھچائي آيو
اسين اھڙي عمل تي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو علي اصغر لاکو صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو ٿا انھيءَ جو اجر رب ڪريم ڪوششون وٺندڙ مدد ڪندڙن کي ضرور ڏيندو آمين
پڌرائي
امتياز ھنگورو جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

جئي ڀٽو جئي بلاول ڀٽو زرداري جئي مذدوراڄ 21 سيپٽمبر تي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي سينئر نائب صدر محترم لعل بخش ڪلھوڙو صاحب ...
21/09/2023

جئي ڀٽو جئي بلاول ڀٽو زرداري جئي مذدور
اڄ 21 سيپٽمبر تي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي سينئر نائب صدر محترم لعل بخش ڪلھوڙو صاحب جي آفيس ضلعي ڪائونسل حيدرآباد ۾ چئيرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي 35ھين سالگراهه جو ڪيڪ حيدرآباد ڊويزن جي صدر محترم خالد قمبراڻي انفارميشن سيڪريٽري اڪبر بروهي سينئر اڳواڻ محمد اعظم راجپوت پيپلز ليبر بيورو حيدرآباد نامزد صدر ثقلين علي ڪلھوڙو صدر ڄامشورو غلام حسين مغل سينئر اڳواڻ غلام شبير ملاح صدر مٽياري مقبول حسين ميمڻ عبدالرزاق سمون امتياز ھنگورو رزاق شيخ سميت ڪارڪنن جيالن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

بينظير جي لال عوامي ليڊر محبوب چئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي 35 ھين سالگرھ مبارڪ رب پاڪ کيس ھزارين خوشين سان گڏ ...
21/09/2023

بينظير جي لال عوامي ليڊر محبوب چئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي 35 ھين سالگرھ مبارڪ رب پاڪ کيس ھزارين خوشين سان گڏ لکين ڪاميابيون نصيب ڪري آمين
پاران
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

ويلڊن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو 👍✌️ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ سان ليبر جي مسئلن تي ملاقات لاء سندس آفيس وڃڻ ٿيو ته عو...
20/09/2023

ويلڊن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو 👍✌️
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ سان ليبر جي مسئلن تي ملاقات لاء سندس آفيس وڃڻ ٿيو ته عوام سان سندس ميل جول ۽ انھن جي حل لاء قدم کڻندي ڏسي تمام گھڻي خوشي سان گڏ مونکي اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور علي مھيسر جو عوامي دؤر وري ياد اچي ويو
اڄ کان 7 سال اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي آفيس عوام مسئلن جي حل جو مرڪز بڻيل ھئي جنھن جو ڪريڊٽ صوفي منش انسان دوست ڪردار سر منور علي مھيسر ڏانھن ھيو جنھن حقيقي معنع ۾ عوام جي بنيادي سھولتن کان وٺي سندس آفيس پھتل عام ماڻهن پورھيتن جي ڏک درد تڪليف مسئلن اھنجن کي ختم ڪر لاء وس آهر ڪوششون ڪيون ۽ پوء تاريخ ڏٺو ته ھن عوام دوست آفيسر جي بدلي تي سڄي ضلعي ڄامشوري جي سياسي سماجي ۽ عام ماڻھن احتجاج رڪارڊ ڪرائي سندس بدلي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ضلعي جي عوام پاران محبتن جو اھڙو اظھار ڪرڻ ڪنھن آفيسر لاء آنر اعزاز کان گھٽ ناھي
اھڙيون ئي خوبيون مون ھن ھفتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ صاحب سان ٻن ملاقات ۾ محسوس ڪيون سندس پاران عوام سان تڪڙي ملڻ ۽ انھن جي حل لاء سنجيده ڪوششون وٺندي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي سندس مان اميد رکجي ٿي ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جھڙي عھدي تي رھي ڪري عوام جي بنيادي سھولتن کان وٺي تمام عوامي اشوز تي پنھجي عوام دوست ڪردار کي جاري رکي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي آفيس تي عوام جي وڃايل عتماد کي بحال ڪندا ♥️🙏
سندس لاء دعاڳو
امتياز ھنگورو جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو سابقہ ڪائونسلر ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي

16/09/2023

اي او بي آئي اداري ۾ پورھيتن جي رجسٽريشن لاء اھم معلومات ضرور ٻڌندا
پورھيت دوست وڌ کان وڌ پوسٽ کي شيئر ڪن جئين وڌ ۾ وڌ مذدور ھن معلومات کان فائدو حاصل ڪري سگھن

16/09/2023

*••• ڄامشورو/ کاڻ ۾ پورھيتن جي دٻجڻ جو واقعو*

ليبر ۽ انساني وسيلن واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاھ پاران ڄامشورو ۾ کاڻ ۾ پورھيتن جي دٻجڻ واري واقعي جو نوٽس

صوبائي وزير سيد جنيد علي شاھ جو ليبر کاتي جي آفيسرن کي فوري طور واقعي واري ھنڌ تي پھچڻ جي ھدايت

کاڻ ۾ دٻجن واري واقعي ۾ ھڪ پورھيت جي فوت ٿيڻ ۽ ٻن ڄڻن جي دٻجڻ جا اطلاع ملايا آھن.

کاڻ ۾ دٻيل ٻن ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍڻ لاءِ ھن ممڪن اپاءُ ورتا وڃن. ڊاڪٽر جنيد علي شاھ

پورھيت جي حياتي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. صوبائي وزير محنت سنڌ

واقعي ۾ ھڪ پورھيت جي فوت ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ صدمو پھتو آھي. ڊاڪٽر جنيد علي شاھ

پورھيتن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل قانونن تي ھر صورت ۾ عمل ڪرايو وڃي، صوبائي وزير جي ليبر کاتي جي آفيسرن کي هدايت

صوبائي وزير پاران ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور کان واقعي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

جئي ڀٽو جئي مذدور جدوجهدپيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر محترم حبيب الدين جنيدي صاحب سان ڪراچي رھائشگاھ تي پيپلز ليبر بيورو ض...
15/09/2023

جئي ڀٽو جئي مذدور جدوجهد
پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر محترم حبيب الدين جنيدي صاحب سان ڪراچي رھائشگاھ تي پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جي صدر غلام حسين مغل جنرل سيڪريٽري امتياز ھنگورو سينئر نائب صدر غلام مرتضي ڪابورو قيھر خان کوسو جي ملاقات تنظيم سازيءَ ۽ پورھيتن جي مسئلن کان آگاهه ڏني
پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر ۽ ميمبر گورننگ باڊي ورڪرز ويلفيئر بورڊ محترم حبيب الدين جنيدي صاحب سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ کي آن ڪال وٺي پورھيتن جي رھائش نيو ليبر ڪالوني ۾ پاڻي بجلي گيس جا مسئلا ۽ ورڪرن جي جھيز گرانٽ ڊيٿ گرانٽ اسڪالر شپ سميت لاڳاہيل مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ چيو جنھن بعد وفد سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ محترم سعيد صالح جماڻي صاحب سان ملاقات ڪري پورھيتن جا جائز مسئلا سندس آڏو رکيا جنھن تي سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ ايڊمن بشير احمد چاچڙ صاحب ۽ ڊائريڪٽر ورڪس انجنيئرنگ سيد مظفر شاھ صاحب کي لاڳاپيل جائز مسئلا حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آهن
پڌرائيءَ
امتياز ھنگورو جنرل سيڪريٽري
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

پورھيتن جي مختلف مسئلن جي حل لاء پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن جو ڪراچي ڏانھن صفر دعائن ۾ ياد رکندا ♥️
14/09/2023

پورھيتن جي مختلف مسئلن جي حل لاء پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن جو ڪراچي ڏانھن صفر دعائن ۾ ياد رکندا ♥️

نوري آباد ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ مزدور پورھيت عرفان ميتلو ڊيوٽي دوران مشين ۾"گلو" ڪنڌ ڦاسڻ سبب فوت ٿيڻ واري حادثي تي ريجنل ...
13/09/2023

نوري آباد ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ مزدور پورھيت عرفان ميتلو ڊيوٽي دوران مشين ۾"گلو" ڪنڌ ڦاسڻ سبب فوت ٿيڻ واري حادثي تي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو علي اصغر لاکو صاحب سان تفصيلي گفتگو ٿي آھن جن جو چوڻ آھي ته پورھيت کي ڊيوٽي دوران ھارٽ اٽيڪ پيو جنھن سبب پورھيت مشين ۾ اچي ويو مل انتظاميا سان رابطو ٿيو آهي ڪفن دفن جي بندوبست سميت وراثن کي ھڪ ھفتي جي اندر 10 لک ڪمپزيشن ڏيارينداسين جڏھن ته حادثي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي
پيپلز ليبر بيورو پورھيت جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪري ٿي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ليبر ڊپارٽمنٽ جي ٽيڪنيڪل آفيسرن کي فيڪٽرين اند سيفٽي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ گھرجي جئين پورھيت حادثن کان بچي سگھن

ڪوٽڙي نوري آباد حيدرآباد زون جي ثي فريقي ڪميٽين جي ميٽنگ چئرمين ڪميٽي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب ...
11/09/2023

ڪوٽڙي نوري آباد حيدرآباد زون جي ثي فريقي ڪميٽين جي ميٽنگ چئرمين ڪميٽي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ ٽنھي زون جي ميمبرن چيمبر آف ڪامرس سوشل سيڪيورٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي نمائندن شرڪت ڪئي

09/09/2023

پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري پاران ورڪرز ڪميٽي اڳواڻن جي مان ۾ اڄ شام 5 وڳي بليدي ھائوس بستي ۾ آجياڻو رکيو ويو آهي

06/09/2023

05 09 2023 Hyderabad
ثي فريقي ڪميٽي ليبر سائيٽ زون ڪوٽڙي نوري آباد ۽ حيدرآباد جي جوائنٽ ميٽنگ چئرمين ليبر ڪميٽي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد رينج محترم غلام سرور اتيرو صاحب جي صدارت ھيٺ ٿي گذري
ميٽنگ ۾ چيمبر آف ڪامرس سوشل سيڪيورٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ ميمبران ڪميٽي شرڪت ڪئي
ميٽنگ ۾ پورھيتن جي ھيٺ ڏنل ليبر لاء تحت سھولتون فراھم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو

1 سنڌ حڪومت پاران پورھيتن لاء ماھوار مقرر ٿيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 ھزار اعلان تي ننڊن وڏن ڪارخانن ۾ فوري عمل ڪرايو وڃي
2 نوري آباد ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي ڪارخانن ۾ ھلندڙ ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي
3 ڪوٽڙي نوري آباد حيدرآباد جي ڪارخانن ۾ رھجي ويل ھڪ لک پورھيتن کي سوشل سيڪيورٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ اي او بي آئي ۾ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي
3 ڪوٽڙي نوري آباد حيدرآباد جي ڪارخانن ۾ سيفٽي قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي جئين پورھيتن ڪنھن امڪاني حادثن کان بچي سگھن
4 ورڪرز ويلفيئر بورڊ طرفان پورھيتن کي الاٽ ڪيل فليٽ رھائشي ليبر ڪالونين ۾ بنيادي سھولتون گيس پاڻي بجلي فراھم ڪري رھجي ويل بلاڪس جي فليٽن جي ريپيئرنگ مرمت ۽ فٽنگ مڪمل ڪرائي وڃي جئين فليٽ رھائش جي قابل ٿي سگھن
5 ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪافي وقت کان رڪيل اسڪيمون جھڙوڪ ڊيٿ گرانٽ اسڪالر شپ ۽ جھيز گرانٽ وغيره اپلاء ڪيل پورھيتن کي فوري ادا ڪيون وڃن
چئرمين ڪميٽي ريجنل ڊائريڪٽر ليبر حيدرآباد غلام سرور اتيرو صاحب ميٽنگ ۾ خاطري ڪرائي ته جلد سيڪريٽري ليبر سان ملاقات ڪري پورھيتن جا تمام جائز مطالبا منظور ڪرائي مختلف انڊسٽريل زون ۾ عملدرآمد ڪميٽيون جوڙي پورھيتن جا ليبر لاء تحت سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا
پڌرائيءَ

بريڪنگ نيوزسنڌ منيميم ويجز بورڊ ۾ پورھيتن جي ماھوار اجرت 32 ھزار مقرر ڪرڻ تي سرمائيدارن ليبر کاتي ۽ پورھيتن جي نمائندن ا...
06/09/2023

بريڪنگ نيوز
سنڌ منيميم ويجز بورڊ ۾ پورھيتن جي ماھوار اجرت 32 ھزار مقرر ڪرڻ تي سرمائيدارن ليبر کاتي ۽ پورھيتن جي نمائندن اتفاق ڪري ورتو جلد نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي
لعل بخش ڪلھوڙو ميمبر سنڌ منيميم ويجز بورڊ

اسين 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي پاڪ فوج شھداء کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنھنجي جانن جا نظرانہ ڏئي ملڪي دفاع کي م...
06/09/2023

اسين 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي پاڪ فوج شھداء کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنھنجي جانن جا نظرانہ ڏئي ملڪي دفاع کي مظبوط مستحڪم ڪيو آھي پاڪ افواج زنده باد پاڪستان زنده باد
پاران
پيپلز ليبر بيورو تعلقو ڪوٽڙي ضلع ڄامشورو

05/09/2023

ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري پاران ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعو ڄامشورو جي ٽيم کي بليدي ھائوس بستي ۾ ڇنڇر شام 5 وڳي آجياڻو ڏنو ويندو

جيئي ڀٽو ازم 🇱🇾❤🇱🇾❤🇱🇾❤✌️✊بريڪنگ نيوز سيوھڻ ڳوٺ مراد علي شاھ واھڙ ۾اڄ ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعي ڄامشوري جي وفد جي سابق...
03/09/2023

جيئي ڀٽو ازم 🇱🇾❤🇱🇾❤🇱🇾❤✌️✊
بريڪنگ نيوز سيوھڻ ڳوٺ مراد علي شاھ واھڙ ۾
اڄ ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعي ڄامشوري جي وفد جي سابقا ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو صاحب جي اڳواڻي ۾ سابقا سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاھ صاحب سان واھڙ ھائوس ۾ خصوصي ملاقات جنھن ۾ سيد مراد علي شاھ صاحب نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ناانصافي تي ڪارڪنن جون ڳالھيون ٻڌي يقين دھاني ڪرائيندي ورڪرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪارڪنن پارٽي جو اثاثو آهن جيالن جا سڀ خدشا ختم ڪيا ويندا جلد کان جلد ڪوٽڙي ٿاڻو بولا خان سميت چئني تعلقن جي ورڪرن ۾ روزگار جي حوالي سان مايوسي ختم ڪري ورڪرن کي روزگار ڏنو ويندو
انھي موقعي تي پي پي سٽي ڄامشورو پي پي سٽي ڪوٽڙي پي پي سٽي ٿاڻو بولا خان جي عھديدارن سميت زيلي ونگن پيپلز ليبر بيورو پيپلز يوٿ سپاف جا عھديدارن موجود ھئا
پڌرائي
ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعو ڄامشورو

پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري پاران سابقہ وزيراعلئ سنڌ محترم سيد مراد علي شاهه سابقہ ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر صاحب ...
02/09/2023

پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري پاران سابقہ وزيراعلئ سنڌ محترم سيد مراد علي شاهه سابقہ ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر صاحب سابقہ ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو صاحب جو ڄامشورو ڦاٽڪ پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو ✌️
پڌرائيءَ
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

02/09/2023

بريڪنگ نيوز
اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوڪرين جي تنظيمي ڪوٽا ۾ ٽن تعلقن ڪوٽڙي ٿاڻو بولا خان مانجھند ورڪرن کي نظرانداز ڪرڻ ورڪرن طرفان سخت احتجاج ڪرڻ کان پوء نوٽيس وٺي ڇڏيو

اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو پارٽي ورڪرن سان ڳالھيون ڪيون

اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو سان راھپوٽو ھائوس ڪراچي ڊفينس ۾ ڪوٽڙي ٿاڻو بولا خان جي عھديدارن ورڪرن تنظيمي ڪوٽا تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي پنھنجي خدشن کان آگاھ ڪيو

اڳوڻي ايم اي جي مڪمل خاطري کان پوء ورڪرن طرفان احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو جو چوڻ ھو ته اڳوڻي وزير اعلي سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي پارٽي ورڪرن سان ڳالھيون ڪيون آھن پارٽي ورڪرن سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو

جلد اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان ڪارڪنن جي ملاقات ڪرائي ورڪرن جي ڪوٽا بحال ڪرائي ويندي

تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو ✌️ھلو ھلو ڄامشورو ڦاٽڪ ھلو سابقہ وزيراعلئ سنڌ کان ورڪر ڪوٽا جو حساب...
01/09/2023

تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين اعلان
هزارين مان نه رڳو ✌️
ھلو ھلو ڄامشورو ڦاٽڪ ھلو سابقہ وزيراعلئ سنڌ کان ورڪر ڪوٽا جو حساب وٺڻ ھلو
پاران
ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعو ڄامشورو

01/09/2023

ڏس وڃ او شھيد راڻي تو حياتي ۾ جن جيالن ورڪرن جي ھنن کي پارت ڪئي اڄ انھن ورڪرن کي نڌڻڪو ڪري روڊ تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي 😭

31/08/2023

ڄامشوري جي بدلجندڙ سياسي صورتحال تي ڪارڪنن جي گھري نظر آھي انشاءالله ورڪرن جي حق ۾ سبھاڻي جي گڏجاڻي ۾ اھم فيصلا ڪنداسين ✌️

31/08/2023

ورڪر کو روزگار دو ورکر کو عزت دو ✌🏿
پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري پاران جيالن کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف 2 سيپٽمبر تي سابقہ وزيراعلئ سنڌ نائب صدر پيپلز پارٽي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ڄامشورو ڦاٽڪ تي رکيل استقباليه آمد دوران ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ڄامشورو پاران رٿيل احتجاج ۾ بھرپور شرڪت ڪري نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو انشاءالله جئي ڀٽو ✌️
پڌرائيءَ
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

ورکر کو عزت دو ورکر کو روزگار دو ✌🏿پيپلز پارٽي ضلعي ڄامشوري جي ورڪرن کي نوڪرين ۾ نذرانداز ڪرڻ خلاف 2 سيپٽمبر سنڌ جي اڳوڻ...
31/08/2023

ورکر کو عزت دو ورکر کو روزگار دو ✌🏿
پيپلز پارٽي ضلعي ڄامشوري جي ورڪرن کي نوڪرين ۾ نذرانداز ڪرڻ خلاف 2 سيپٽمبر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي نائب صدر سيد مراد علي شاهه جو ڄامشورو ڦاٽڪ تي رکيل استقبال ۾ جيالن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي حوالي سان گڏيل مشاورتي گڏجاڻي جمع نماز منجھند 3 وڳي بليدي ھائوس بستي ۾ سڏائي وئي آھي جنھن جي دعوت پيپلز پارٽي مدر ونگ جي سمورن تعلقن جي عھديدارن پيپلز يوٿ ونگ سپاف ھاري ڪميٽي ڪلچر ونگ پيپلز ليبر بيورو مينارٽي ونگ ليڊيز ونگ سميت سينئر اڳواڻن ۽ پارٽيءَ ورڪرن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي اچو ته بينظير صاحبه جا حقيقي ورڪر گڏجي قيادت کان پنھنجو حق وٺون
پاران
ورڪرز ڪميٽي پيپلز پارٽي ضلعو ڄامشورو

ڄامشوري ضلعي جي عوام جي بنيادي حقن نوڪرين تي ڌاڙو ھڻندڙ جو استقبال ھتان جي عوام جيالن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر ھوندو جن...
31/08/2023

ڄامشوري ضلعي جي عوام جي بنيادي حقن نوڪرين تي ڌاڙو ھڻندڙ جو استقبال ھتان جي عوام جيالن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر ھوندو جنھن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيون ٿا
مراد علي شاھ جي پنھنجا نوازي ۽ تعصب پرست سياست کي رد ڪريون ٿا
2 سيپٽمبر تي ڄامشورو ڦاٽڪ تي جيالن جي ٿيندڙ احتجاج جي پيپلز ليبر بيورو حمايت ڪري ٿي بھرپور شرڪت ڪنداسين
پاران
پيپلز ليبر بيورو ضلعو ڄامشورو

ڄامشوري ضلعي جي تعلقن مانجھند ڪوٽڙي بولا خان جي حقن ۽ عوام جيالن جي نوڪرين تي ڌاڙا ھڻندڙ جو ھاڻ ڄامشورو واسي ڇا اڃان به ...
31/08/2023

ڄامشوري ضلعي جي تعلقن مانجھند ڪوٽڙي بولا خان جي حقن ۽ عوام جيالن جي نوڪرين تي ڌاڙا ھڻندڙ جو ھاڻ ڄامشورو واسي ڇا اڃان به استقبال ڪندا ڪڙو سوال ؟💔😭🙏

ڪراچي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر محترم حبيب الدين جنيدي صاحب سان سندس رھائشگاھ تي تنظيمي مامعلن ۽ پورھيتن جي مسئلن جي ح...
01/06/2023

ڪراچي
پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر محترم حبيب الدين جنيدي صاحب سان سندس رھائشگاھ تي تنظيمي مامعلن ۽ پورھيتن جي مسئلن جي حل لاء پيپلز ليبر بيورو ضلعي ڄامشوري جي صدر غلام حسين مغل جنرل سيڪريٽري امتياز ھنگورو ڪيھر خان کوسو جي ملاقات

Address

Kotri
Kotri

Telephone

+923433544603

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pepolse Labour Bearu Dist Jamshoro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Pepolse Labour Bearu Dist Jamshoro:

Share


Other Kotri media companies

Show All