Mokhi Publication

Mokhi Publication Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mokhi Publication, Publisher, Office Mokhi Media, Khera Bazar Moro, Moro.

موکي پبليڪيشن پنھنجي جوھر ۾ موکيءَ جيان علم جا مَٽ ڀري متارن کي پيارڻ جو ھڪ ادارو آھي. ادارو بنيادي طور سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ادارو آھي.
موکي پبليڪيشن سنڌ ۾ جديد سائنسي فڪرن سميت جديد تعليمي تدريسي لاڙن کي عام ڪرڻ جو سوچي ٿي. موکي پبليڪيشن جو ھيڊڪواٽر ساھتي پرڳڻي جي شھر موري ۾ آھي پبليڪيشن جو بنياد 13 مئي 2020ع تي رکيو ويو.
موکي پبليڪيشن ڪتابن جي ڇپائي، وڪري سان گڏ ننڍا ننڍا

پروگرام، فيسٽيول، سيمينار ڪانفرنسون ۽ ڪتابي ميلا منعقد ڪرڻ جو پڻ سوچي ٿي.
موکي جو مشن سنڌي ادب سميت پرڏيھي ادب جا معياري ترجما ڇپي سنڌ واسين تائين پھچائڻ آھي.

"سڪرند بوڪ فيئر"11 آگسٽ کان 20 آگسٽ 2023ع تائينھنڌ: سينيما چوڪ سڪرنڊوڌيڪ رابطي لاءِ03052356233پاران موکي پبليڪيشن       ...
10/08/2023

"سڪرند بوڪ فيئر"

11 آگسٽ کان 20 آگسٽ 2023ع تائين

ھنڌ: سينيما چوڪ سڪرنڊ

وڌيڪ رابطي لاءِ
03052356233

پاران موکي پبليڪيشن

13/12/2022
Ranipur/راڻيپور Mokhi organized 3 day's Book fair  13th, 14 & 15th December 2022 (Tuesday, Wednesday & Thursday)Venue: n...
12/12/2022

Ranipur/راڻيپور

Mokhi organized 3 day's Book fair
13th, 14 & 15th December 2022 (Tuesday, Wednesday & Thursday)
Venue: near NBP bank highway road Rani pur
راڻيپور
موکي ٽن ڏينھن جو ڪتابي ميلو 13, 14 ۽ 15 ڊسمبر 2022، اڱارو اربع ۽ خميس تي سجائي رھي آھي.
ھنڌ: ھاء وي روڊ راڻيپور .

وڌيڪ رابطي لاءِ:

03052356233

08/12/2022

Visit: http://mokhimedia.blogspot.com | Biography of Sindhi Zafar | Founder of Mokhi Media.Sindhi Zafar born (15 May 1969 – 08 December 2021) was Sindhi Stor...

07/12/2022
آڻي اُتر واءَ موکي مَٽ اُپَٽِيامتارا تنھن ساءِ اچن سر سنباهيو. _لطيفساٿيو! موکي پنھنجي وِت ۽ وَس آھر سنڌ ۾ لکپڙھہ جي وسي...
06/12/2022

آڻي اُتر واءَ موکي مَٽ اُپَٽِيا
متارا تنھن ساءِ اچن سر سنباهيو.
_لطيف

ساٿيو!
موکي پنھنجي وِت ۽ وَس آھر سنڌ ۾ لکپڙھہ جي وسيع پکيڙ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي. جنھن سلسلي ۾ اسان جو موکي ڪتاب گھر سنڌ جي ھر شھر ۾ ڪتابي ميلا لڳائي رھيو آھي. جتي سنڌي، اردو ۽ انگريزي جا ڪتاب رعايت تي وڪرو ڪيا ويندا. اسان جو مقصد سنڌ ۾ علمي، فڪري ۽ سائنسي لاڙن ڏانھن نوجوانن ۾ لکپڙھہ جو رجحان پيدا ڪرڻ آھي.
انھيءَ سلسلي ۾، تاريخ 10 ۽ 10 ڊسمبر (ڇنڇر ۽ آچر) 2022ع تي موکي ماما جمن دربدر کي ساريندي، ست قبي گمبٽ ۾ "ٻہ ڏينھون ڪتابي ميلو" لڳائي رھي آھي. ھن علمي، ادبي، فڪري ڪتابي دنيا جي اوھان کي نينڊ ڏجي ٿي.
وڌيڪَ رابطي لاءِ:
03052356233

Moro/ موروSindhi culture day celebrationMokhi BOOk Stall 3rd & 4th December 2022 (Saturday & Sunday)Venue: Mehran citize...
02/12/2022

Moro/ مورو
Sindhi culture day celebration
Mokhi BOOk Stall
3rd & 4th December 2022 (Saturday & Sunday)
Venue: Mehran citizen club main road moro

مورو
سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي ڪتابي اسٽال
3 ۽ 4 ڊسمبر 2022، ڇنڇر ۽ آچر
ھنڌ: مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو
وڌيڪ رابطي لاء:

03052356233

شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهسنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي ڪتابي اسٽال1 ڊسمبر 2022ھنڌ: سبو ڪرڪيٽ گرائونڊوڌيڪ رابطي ل...
30/11/2022

شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه
سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي ڪتابي اسٽال

1 ڊسمبر 2022
ھنڌ: سبو ڪرڪيٽ گرائونڊ
وڌيڪ رابطي لاء:
03052356233

آڻي اُتَرُ واءَ، موکيءَ مٽ اُپَٽِيامَتارا تنھن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.               (لطيف)نوان جتوئي ۾ ليڪچر پروگرام...
23/11/2022

آڻي اُتَرُ واءَ، موکيءَ مٽ اُپَٽِيا
مَتارا تنھن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.
(لطيف)
نوان جتوئي ۾ ليڪچر پروگرام ۽ ڪتابي اسٽال

25 نومبر جمعي جي ڏينھن ليڪچر پروگرام بعنوان "سياست بابت نفسياتي رويا" ٿي رھيو آھي.
آس پاس چودڳي، ھوت خان بھراڻي، مناھين، سڌوجہ، مٺياڻي، ڏيپارجا، ابڙان، نوشھرو فيروز مورو، ۽ ٻين علائقي واسين/ساٿين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
وقت: 3 وڳي شام جو
ليڪچرڪار: ڪامريڊ جاويد راڄپر
ھنڌ: لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ نيوجتوئي،صابر شاھ گلي وين اسٽاپ نيو جتوئي
رابطي لاءِ

03088325804
03052356233

23/11/2022

الطاف شيخ جو سفر ناما
1-آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس 500
2-دنيا رنگ رنگيلي 400
3-ورئ ياد آيا 400
4-ملائيشيا ٻارھن سال بعد 300
5-اي روڊ ٽو مدينه 350
6-سي ئي جوڀن ڏينھن 250
7-جت جر وھي ٿو جال 300
ٽوٽل 2600
%30 ڊسڪائونٽ
1820 ڊسڪائونٽ قيمت
پوسٽ خرچ 200
ٽوٽل رعايتي قيمت 2000

گھرائڻ لاءِ رابطو ڪريو
واٽسپ نمبر 03052356233

"دنيا جا سمورا راز ڪتابن ۾ آھن، پنھنجي ذميواريءَ سان مطالعو ڪيو!"_ليموني اسڪنٽقيمت 300فري ھوم ڊليوريگھرائڻ لاءِ رابطو ڪر...
20/11/2022

"دنيا جا سمورا راز ڪتابن ۾ آھن، پنھنجي ذميواريءَ سان مطالعو ڪيو!"
_ليموني اسڪنٽ
قيمت 300
فري ھوم ڊليوري
گھرائڻ لاءِ رابطو ڪريو.
03052356233

For online order
Contact on WhatsApp
03052356233

آڻي اُتَرُ واءَ، موکيءَ مٽ اُپَٽِيامَتارا تنھن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.               (لطيف)موکي پَبليڪيشن پَنھنجي سفر...
20/11/2022

آڻي اُتَرُ واءَ، موکيءَ مٽ اُپَٽِيا
مَتارا تنھن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.
(لطيف)

موکي پَبليڪيشن پَنھنجي سفر کي جاري رکندي ٻوليءَ جي سُڌارن، افاديت ۽ واڌ ويجھہ لاءِ ڪتابن جي بھترين ڇپائيءَ لاءِ اوھان کي نينڊ ڏئي ٿي.
پنھنجي تخليقي ۽ ترجمي واري پورھيي کي ڇپرائڻ لاءِ اسان سان رابطو ڪريو.
وڌيڪ رابطي لاءِ
03088325804
03052356233

29/10/2022
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو طرفان موري سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نظم گو شاعر رمضان نول جي ياد ۾ ڪوٺايل "ادبي تقريب" ۾ موکي پبليڪ...
28/10/2022

سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو طرفان موري سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نظم گو شاعر رمضان نول جي ياد ۾ ڪوٺايل "ادبي تقريب" ۾ موکي پبليڪيشن مورو طرفان "ڪتابي اسٽال"، 30 آڪٽوبر 2022ع بروز آچر جي ڏينھن، مھراڻ سٽيزن ڪلب، مين روڊ مورو ۾، صبح جو ڏھ وڳي کان منجھند ٽي وڳي تائين لڳايو ويندو. جنھن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب ڊسڪائونٽ تي ڏنا ويندا.
وڌيڪ رابطي لاءِ
03052356233

20/10/2022

وٺي ھر ھر جنم وربو،
مٺا مھراڻ ۾ ملبو.
الوداع جمن دربدر ـــ

پرولتاريہ انقلاب جي لاءِ وچين طبقي جا شھري، ٻھراڙي جي پورھيت عوام جو سوال، انھن پورھيتن کي پرولتاريہ جي پٺڀرائيءَ جي لاء...
19/10/2022

پرولتاريہ انقلاب جي لاءِ وچين طبقي جا شھري، ٻھراڙي جي پورھيت عوام جو سوال، انھن پورھيتن کي پرولتاريہ جي پٺڀرائيءَ جي لاءِ تيار ڪرڻ جو سوال اھم آھي. انقلاب جو مستقبل ۽ پرولتاري آمريت جي پائيداري ان ڳالھہ تي بيٺل آھي تہ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شھر ۽ ٻھراڙيءَ جو پورھيت عوام ڪنھن کي امداد ڪندو؟ سرمائيدارن کي؟ اُھي ڪنھن جي فوج ٿيندا؟ سرمائيدارن جي يا پرولتاريہ جي؟ فرانس جي 1948ع ۽ 1871ع جي انقلاب جو افسوسناڪ انجام خاص طور تي ان ڪارڻ بہ ٿيو ھو ، ڇوتہ ٻنھي مرحلن ۾ ھارين سرمائيدارن جو ساٿ ڏنو ھو. پرولتاريہ جو نہ. ان جي اُبتڙ "آڪٽوبر انقلاب" ان لاءِ بہ سوڀارو ٿيو ھو تہ اُن سرمائيدارن کي فوج کان محروم ڪري ڇڏيو ھو اُن ئي ھارين کي پرولتاريہ سان گڏ بيھاريو. ڇوتہ ان انقلاب جي دوران پرولتاريہ اھو ثابت ڪيو تہ شھر ۽ ٻھراڙي سموريون پورھيتن جو ھڪ ئي اڪيلو اڳواڻ ھو.
جيڪڏھن ڪير بہ ھن ڳالھہ کي سمجھڻ کان قاصر آھي تہ، اھو نہ"آڪٽوبر انقلاب" کي سمجھي سگھندو ۽ نہ وري پرولتاريہ آمريت جي فطرت کي سڃاڻي سگھندو ۽ نہ ئي اسان جي پرولتاري اقتدار جي اندروني پاليسيءَ جو ادراڪ ڪري سگھندو. ھيئر نہ تہ ڪڏھن بہ نہ.
ڪتاب: آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون
جوزف اسٽالن/سردار ٻرڙو

سنڌ ۾ توھين مذھب جو تصور ئي ڪونہ ھو، جيڪڏھن ڪو اھڙي ڳالھہ ڪندو بہ ھو تہ چوندا ھئا، "ڇڏيوس چريو ٿي ويو آ."_ظفرڪتاب: ظفر پ...
16/10/2022

سنڌ ۾ توھين مذھب جو تصور ئي ڪونہ ھو، جيڪڏھن ڪو اھڙي ڳالھہ ڪندو بہ ھو تہ چوندا ھئا، "ڇڏيوس چريو ٿي ويو آ."
_ظفر

ڪتاب: ظفر پڄاڻان
قيمت: 400
ڊسڪائونٽ: ٪50
گھر ويٺي آرڊر ڪرڻ جي لاءِ واٽسپ تي رابطو ڪريو.
03052356233

07/10/2022

موکي ڪتاب گھر طرفان اڄ سگا مورو جي ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ڪتابن جو اسٽال پڻ ھوندو.
ھنڌ: مھراڻ سٽيزن ڪلب مين روڊ مورو.
سڀني ساٿين کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
وڌيڪ رابطي لاءِ
03052356233

موکي ميڊيا طرفان سنڌ جو ڪيس پاڪستاني رياست خلاف گڏيل قومن جي اداري ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آھي. سنڌي قوم جي ساڃاهہ وندن کي ...
27/09/2022

موکي ميڊيا طرفان سنڌ جو ڪيس پاڪستاني رياست خلاف گڏيل قومن جي اداري ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آھي. سنڌي قوم جي ساڃاهہ وندن کي اپيل ڪجي ٿي تہ لنڪ تي وڃي سائن اِن ڪري سنڌ جي ڪيس ۾ پنھنجو حصو ڳنڊين.

Current Situation of Flood in Sindh and ignorance by Pakistan Establishment

موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان 25 سيپٽمبر 2022ع بروز آچر ٽين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو...
25/09/2022

موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان 25 سيپٽمبر 2022ع بروز آچر ٽين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو ۾ ٿي گذري. جيڪو سنڌ جي قديمي شھر گچيرو پراڻو جي ڀر ۾ موجود آھي. ھن ڪيمپ ۾ مورو ڊائيگنوسٽڪ ليب جي ساٿين جو سھڪار پڻ رھيو. ھن ڪيمپ ۾ 400 مريضن جي ڊاڪٽر چڪاس ڪئي. جڏھن تہ مليريا جي مريضن جون ٽيسٽون پڻ ٿيون، جنھن ۾ 70 سيڪڙو مريض مليريا پازيٽو ٿيا.

مورو (پريس رليز) موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان 25 سيپٽمبر 2022ع بروز آچر ٽين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو ۾ ٿي گذري. جيڪو سنڌ جي قديمي شھر گچيرو پراڻو جي ڀر ۾ موجود آھي. ھن ڪيمپ ۾ مورو ڊائيگنوسٽڪ ليب جي ساٿين جو سھڪار پڻ رھيو. ھن ڪيمپ ۾ 400 مريضن جي ڊاڪٽر چڪاس ڪئي. جڏھن تہ مليريا جي مريضن جون ٽيسٽون پڻ ٿيون، جنھن ۾ 70 سيڪڙو مريض مليريا پازيٽو ٿيا. جڏھن تہ سڀني مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. موکي پبليڪيشن جي سي اي او مھراڻ سنڌي ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن جي فائونڊر خالد حسين، جڏھن تہ ڊاڪٽر خادم حسين ملڪ ۽ مورو ليب جي شاھزيب ٻلال مليريا جون ٽيسٽون ڪري خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏھن تہ سماجي رضاڪارن ۾ ظفر ٻگھيو، اسد ٻگھيو، محمد عظيم ٻگھيو پنھنجو پاڻ پڻ نِڀايو.
ھيءَ ميڊيڪل ڪيمپ صبح 11 وڳي کان شام 05 بجي تائين ھلندي رھي جنهن ۾ ڳوٺ جي آس پاس وارا ماڻھو پاڻيءَ مان پڻ اچي رھيا ھئا. جن جي حالت پِڻ ڳڻتيءَ جوڳي ھئي. ھي علائقو سَرڪاري صحت کاتي پاران مڪمل نظر انداز ٿيل آھي، جيڪو ھن وقت پاڻيءَ جي گھيري ۾ آھي. اھڙا کوڙ علائقا سرڪار پاران يا تہ سياسي انتقام جي ڪري نظر انداز ڪيا ويا آھن يا اوڏانھن انتظاميہ پھچڻ جي ڪوشش ئي ناھي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان لڳائيندي ڪيمپ لڳائيندڙن چيو تہ سنڌ ھن وقت شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب انتھائي تڪليف مان گذري رھي آھي. ماڻھن ۾ مختلف بيمارين جنم ورتو آھي. سنڌ سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن کي غريب عوام جو ڪو اونو ڪونھي، اسان پنھنجي وس آھر ماڻھن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھيا آھيون. سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڃان تائين برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن. جتي ماڻھن جي طبي علاج جي سخت ضرورت آھي.

موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان 25 سيپٽمبر 2022ع بروز آچر ٽين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو...
25/09/2022

موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان 25 سيپٽمبر 2022ع بروز آچر ٽين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو ۾ ٿي گذري. جيڪو سنڌ جي قديمي شھر گچيرو پراڻو جي ڀر ۾ موجود آھي. ھن ڪيمپ ۾ مورو ڊائيگنوسٽڪ ليب جي ساٿين جو سھڪار پڻ رھيو. ھن ڪيمپ ۾ 400 مريضن جي ڊاڪٽر چڪاس ڪئي. جڏھن تہ مليريا جي مريضن جون ٽيسٽون پڻ ٿيون، جنھن ۾ 70 سيڪڙو مريض مليريا پازيٽو ٿيا.

24/09/2022

فري ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ حاجي مينھو خان ٻگھيو ۽ آسپاس ۾ متاثرين جي لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي رھيا آھيون، جنھن ۾ ڊاڪٽر، گيسٽرو، الرجي، ڪلينڪل فيوَر ۽ ٻين بيمارين جي مريضن جي چڪاس ڪندا ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون.
جڏھن تہ مورو ڊائيگنوسٽڪ ليب جي طرفان مليريا جون ٽيسٽون ۽ دوائون پڻ ڏنيون وينديون.
سڀني آس پاس جي رھواسين کي اطلاع ڏجي ٿو.
تاريخ: 25 سيپٽمبر 2022ع آچر جي ڏينھن 11 وڳي صبح

پاران: موکي پبليڪيشن مورو
سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن

موجودہ صورتحال ۾ سنڌ جي دنيا کي دانھن - مھراڻ سنڌي سنڌ ۾ چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، جن...
18/09/2022

موجودہ صورتحال ۾ سنڌ جي دنيا کي دانھن - مھراڻ سنڌي
سنڌ ۾ چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، جنھن ۾ 57 لک ماڻھو بي گھر ٿيا آھن، جيڪي روڊ، رستن ۽ بندن تي دربدر واري زندگي گذاري رھيا آھن. او سي ايڇ اي جي رپورٽ مطابق برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 1600 ماڻھو مري چڪا آھن جنھن ۾ خودڪشيون پڻ شامل آھن. 12800 ماڻھو زخمي، 10 لک 5 ھزار گھر ڊھي ويا آھن، 10 لک 2 ھزار ايڪڙ فصل تباھ ٿيا آھن، ان کان علاوہ 3 لک 5 ھزار ٻار تعليم کان پڻ متاثر رھيا آھن. صحت کاتي طرفان تازي رپوٽن ۾ ھن وقت سنڌ ۾ 12 لک 25 ھزار ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيا آھن. بيمارين ۾ وڌ کان وڌ مليريا جا 2 لک 55 ھزار ۽ چمڙي جي بيمارين جا 2 لک 49 ھزار ڪيس پڻ ظاھر ٿيا آھن. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا وبا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي. رپورٽ ۾ ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن ۾ 60 سيڪڙو ڊينگي متاثر آھن. گذريل 6 ھفتن دوران ڊينگي سبب صرف ڪراچي ۾ 50 ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن، جڏھن تہ باقي سنڌ جي ٻين شھرن جي اسپتالن جي رپورٽ پي ايم اي تائين ناھي پھچي سگھي.
حڪومت امداد جي لالچ ۾ سنڌ جا شھر جنھن ۾ خيرپور ناٿن شاھ، بدين، ميھڙ، قبو سعيد خان، گاجي کھاوڙ، قمبر شھدادڪوٽ، ٺري ميرواھ ۽ ان کان علاوہ جوھي، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، مورو، نوشھروفيروز، محرابپور، سکر، خيرپور، دادو ۽ نوابشاھ جي ٻھراڙي وارن علائقن کي فطري نيڪال بند ڪري ھٿرادو ٻوڙيو آھي. پاڪستاني رياست طرفان سنڌ ۾ ھن وقت ڪنھن بہ علاقي ۾ سرڪاري رليف ناھي ملي سگھيو. متاثرين جو چوڻ آھي تہ حڪومت اسان کي خراب، پاروٿو ۽ سڙيل کاڌو ڏئي ٿي. اسان مٿي آسمان ڏانھن اڏامندڙ ھيليڪاپٽر ڏسي اميد جي نظر سان نھاريون ٿا، پر حڪومت جا نمائندا صرف پاڻي جو معائنو ڪري واپس روانا ٿي وڃن ٿا. وڌيڪ متاثرن جو چوڻ آھي تہ اسان جي مدد صرف سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن ۽ لوڪل فائونڊيشن وارا ڪري رھيا آھن. اسان جا گھر ھن وقت 20 کان 25 فٽ پاڻي ھيٺ آھن ۽ حڪومت جو چوڻ آھي تہ اھو پاڻي 06 مھينن کان پوءِ نڪرندو.
سنڌي قوم پاڪستان جي رياستي نظام مان مڪمل بيزار آھي، جنھن جو ثبوت گذريل ٻہ چونڊون آھن، جنھن ۾ 70 سيڪڙو عوام جي اليڪشني ووٽ ۾ ڪا بہ دلچسپي ۽ نمائندن تي ڪوبہ اعتبار جوڳو عمل نظر ڪونہ آيو. پاڪستاني رياست سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ آڻي صرف ٻاھران ايندڙ امداد سان پنھنجا پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
خوراڪ کاتي پاران جاري ڪيل تفصيل موجب سنڌ حڪومت متاثرين تي ھڪ کرب 80 ڪروڙ صرف کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪيا آھن. جيڪڏھن وڌيڪ گڏ ڪيل امداد جو ذڪر ڪجي تہ اھو ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
1. وفاق حڪومت طرفان 70 ارب روپيہ
2. بلاول زرداري طرفان 01 کرب ۽ 30 ارب روپيہ
3. ڊاڪٽر نشتر طرفان 520 ڪروڙ رپيہ
4. آسٽريلين ويلاگر لوڪ ڊيمانٽ (Luke Damant) طرفان 3000 ڊالر
5. آسٽريلين گورنمينٽ طرفان 50 لک ڊالر
6. چائنا گورنمينٽ طرفان 100 ملين يوئان ۽ 25000 خيما
7. آل پاڪستاني چائينز انٽرپرائزز ايوسسيئيشن 1.5 ڪروڙ روپيہ
8. جاپان حڪومت طرفان 7 ملين ڊالر
9. ڪينيڊا حڪومت طرفان 5 ملين ڊالر
10. برطانيا حڪومت طرفان 15 ملين پائونڊ
11. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان طرفان 5 بلين روپيہ
12. ڊاڪٽر عارف علوي طرفان 5 ڪروڙ روپيہ
13. پاڪستان نيسٽل ڪمپني طرفان 31 لک ليٽر صاف پاڻي ۽ 10 ھزار ليٽر کير
14. گوگل ملازمن طرفان 7 ڪروڙ 20 لک روپيہ
15. يو ايس ايڊ طرفان 5 ڪروڙ ڊالر
16. يورپي يونين طرفان 3.5 ملين يورو
17. سي اي او ARY NEWS سلمان اقبال طرفان 3 ڪروڙ روپيہ
18. پاڪستاني باڪر عامر خان طرفان 50 لک روپيہ
19. بنگلاديش حڪومت طرفان 80 ڪروڙ ٽڪن جو سامان
20. ريڊ ڪراس سوشل آرگنائيزيشن طرفان 5 ارب 72 ڪروڙ روپيہ
21. عالمي بينڪ طرفان 25 ڪروڙ 80 لک ڊالرز
22. ميٽا (فيسبڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ) ڪمپني طرفان 125 ملين روپيہ
23. گوگل ڪمپني طرفان 5 ملين ڊالر
24. يونيسڪو طرفان سنڌ جي ثقافتي ورثن جي بحاليءَ لاءِ 3 لک 50 ھزار ڊالر (1 لک 50 ھزار ورڊ ھيريٽيج فنڊ ۽ 2 لک ھيريٽيج امرجنسي فنڊ)
جيڪڏھن صرف انھن ئي انگن اکرن جو ذڪر ڪجي تہ اھو فنڊ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي زندگي بدلائي سگھي ٿو. متاثر پنھنجي زندگي اڳ کان وڌيڪ خوشحال گذاري سگھن ٿا، پر گڏ ڪيل امداد پاڪستاني رياست جا حڪمران ۽ فوجي جنرل ذاتي استعمال ۾ آڻي رھيا آھن. متاثرن کي انھن فنڊ مان 10 سيڪڙو بہ ناھي مليو. حيرت جھڙي ڳالھ آھي تہ اپوزيشن ۾ رھندڙ پي ٽي آء اڳواڻ ھن تباھڪاري حالت ۾ پنھنجي جلسن جلوسن ۾ 30 کان 35 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري رھيو آھي.
ٻوڏ متاثر بک تي پنھنجي زندگي گذاري رھيا آھن، جتي انھن جي مدد صرف مقامي تنظيمون ڪري رھيون آھن. پاڪستاني حڪمرانن جو چوڻ آھي تہ گڏ ڪيل مڪمل فنڊ اسان متاثرن ۾ ورھائي چڪا آھيون، پرڏيھي وزير بلاول زرداري گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا ۽ بحالي لاءِ وڌيڪ 16 ڪروڙ ڊالرز امداد جي اپيل پڻ ڪئي آھي.
1976ع کان 2022ع جي وچ ۾ جيڪي ٻوڏون آيون آھن، انھن سالن ۾ سنڌ ۾ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي رھي آھي. 46 سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ نہ ئي سنڌ ۾ ڪو ننڍو ڊيم ٺھيو، نہ بندن جي مرمت ٿي، نہ ئي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ طرفان ڪنھن بہ واھ، ڪينال يا شاخ وغيرہ جي مرمت ٿي سگھي آھي. جڏھن تہ بجيٽ ۾ ايريگيشن ڊيپارٽمينٽ طرفان 32 کرب روپيا خرچ ڪيا ويا آھن. سنڌ ۾ جيڪڏھن صرف فطري لنگھ ئي بحال ڪيا وڃن تڏھن بہ تمام گھڻي نقصان کان بچي سگھجي ٿو، پر دريائي ۽ پاڻي جي فطري وھڪرن ۽ لنگھن تي پاڪستان رياست جي جنرلن طرفان پلاٽنگ ڪري قبضا ڪيا ويا آھن. جڏھن تہ وڏيرن پنھنجي ذاتي مفادن خاطر شھرن کي پڻ ٻوڙايو آھي.
20 جون تي چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي ۽ اھو بہ چيو ويو ھو تہ آگسٽ مھيني کان برساتون 2010ع کان وڌيڪ ٿينديون ۽ ٻوڏ جي خطري جي پڻ اڳ ۾ وارننگ ڏني وئي ھئي پر تنھن جي باوجود ان جو ڪو مثبت اثر نہ نڪري سگھيو.
پاڪستاني رياست سنڌ مان 90 سيڪڙو گئس، 70 سيڪڙو تيل، ٿرمل ۽ وِنڊُ جنريشن ذريعي 80 فيصد بجلي کڻي ٿي، ھتان جو تباه حال سنڌي اڄ بہ 70 سيڪڙو ٽيڪس رياست کي ادا ڪري ٿو. بدلي ۾ ھتان جو ڌرتي ڌڻي بک، بدحالي، بيماري، بيروزگاري ۽ غلامي جھڙي سفاڪ حالتن کي منھن ڏئي ٿو.
سنڌي قوم جو تاريخي طور تي سنڌ ھڪ ملڪ آھي، جيڪو ھن وقت پاڪستان جو صوبو بڻيل آھي، سنڌي قوم چاھي ٿي تہ موجودہ صورتحال ۾ ٿيل تباھي کانپوءِ ايندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي امداد متاثرن تائين پھچي. ان ڪري بحيثيت سنڌي قوم اسان دنيا جي سڀني ملڪن ۽ فلاحي ادارن کي اپيل ڪيون ٿا تہ پاڪستان جا حڪمران اسان جي نالي تي امداد وٺي پنھنجا اثاثا ٺاھي رھيا آھن. ان ڪري يقين جوڳي فلاحي تنظيمن جي ھٿان يا پنھنجي ھٿن سان پاڻ اچي مدد ڪن.
[email protected]

Website: http://mokhimedia.blogspot.com/2022/09/blog-post.html

17/09/2022

مورو: سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل
سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڃڻ جا شھر جي مختلف گودامن تي چاپا ھڻي امداد جو آيل سامان ھٿ، موري جي صحافي پاڻ وڊيو وائرل ڪري رھيا آھن پر استحصالي ڌُر جا نالا لڪائڻ ۾ پورا....
اي سي، ڊي سي، مختيارڪار ۽ ڪائونسلرن تي شڪ

ٻين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ احمداڻي لغاريٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ طبي ڪيمپ، جيڪي ڪچي جي ڏورانهين علائقن ۾ ڦاٿل آھن. فري ميڊيڪل ڪي...
30/08/2022

ٻين ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ احمداڻي لغاري
ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ طبي ڪيمپ، جيڪي ڪچي جي ڏورانهين علائقن ۾ ڦاٿل آھن.
فري ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ احمداڻي لغاري يوسي لليا تعلقو مورو ۾ متاثرين جي لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي رھيا آھيون، جنھن ۾ ڊاڪٽر، گيسٽرو، الرجي، ڪلينڪل فيوَر ۽ ٻين بيمارين جي مريضن جي چڪاس ڪندا ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون.
جڏھن تہ مورو ليب ۽ ڊائيگنوسٽڪ ليب جي طرفان مليريا جون ٽيسٽون ڪيون وينديون
ان کان علاوہ ليڊي ڊاڪٽر عورتن جي بيمارين جي چڪاس ڪندي ۽ دوائون پڻ فراھم ڪيون وينديون.
سڀني آس پاس جي رھواسين کي اطلاع ڏجي ٿو.
تاريخ: 31 آگسٽ 2022ع اربع جي ڏينھن ڳوٺ احمداڻي لغاري، حسن جو ڀاڻ.

پاران: موکي پبليڪيشن مورو
سنڌ بائيو ٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو

سرڪار، سنڌي ماڻھن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آھي. پر اسان ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌي ماڻھن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، پنھنجي ھَڙان ...
30/08/2022

سرڪار، سنڌي ماڻھن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آھي. پر اسان ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌي ماڻھن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، پنھنجي ھَڙان وَڙان ڪَرِي، ۽ سرندي وارن جي مالي سھڪار سان اسان جتي جتي پھچي سگھياسين کين مفت طبي امداد سان گڏ ٻيون ضرورت جون شيون پهچائينداسين. وڌيڪ وَس وارن کي اپيلَ ڪجي ٿي تہ اسان جو ساٿ ڏين تہ جيئن سنڌي ماڻھن جا ڀَرجھلا ٿي انھن جي واھر ڪَرِي سَگُهون.

موکي پبليڪيشن مورو ۽ سنڌ بائِيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان تاريخ 28 مارچ 2022ع، آچر جي ڏينھن ايمرجنسي بنيادن تي تعلقو مو...
29/08/2022

موکي پبليڪيشن مورو ۽ سنڌ بائِيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان تاريخ 28 مارچ 2022ع، آچر جي ڏينھن ايمرجنسي بنيادن تي تعلقو مورو ويجھو يوسي لَلّيا جي ڳوٺ بِجراڻي لغاري جي مرڪزي الحُسيني امام بارگاھہ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي.

موکي پبليڪيشن مورو ۽ سنڌ بائِيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن طرفان تاريخ 28 مارچ 2022ع، آچر جي ڏينھن ايمرجنسي بنيادن تي تعلقو مورو ويجھو يوسي لَلّيا جي ڳوٺ بِجراڻي لغاري مرڪزي الحُسيني امام بارگاھہ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

سنڌ جو وڏو حصو برسات ۽ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيو آھي. ھزارين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن ۽ سندن جاني توڙي مالي نقصان پڻ ٿيو آھي. ا...
27/08/2022

سنڌ جو وڏو حصو برسات ۽ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيو آھي. ھزارين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن ۽ سندن جاني توڙي مالي نقصان پڻ ٿيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ اسان سنڌي ماڻهن جي واهر لاءِ امدادي ڪيمپ لڳائڻ شروع ڪري رهيا آهيون. پهرين مرحلي ۾ 28 آگسٽ 2022ع آچر جي ڏينهن امام بارگاهه ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ منجهند 02 وڳي طبي ڪيمپ لڳائي رهيا آهيون. اوهان دوستن ۽ وس وارن کي مالي سهڪار جي اپيل پڻ ڪجي ٿي، جيئن ٻين متاثرن ڳوٺن ۾ پڻ ڪيمپ لڳائي سگهجي. اچو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماروئڙن جي سار لهون ـ
پاران: موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن
Contact & Donation:
Mehran (Mokhi Publication CEO) 03088325804
Ayaz Hosho (Mokhi Publication Director) 03013526558
Khalid Hussain (Sindh Biotechnologist Association Founder & CEO) 03040883174

‏امدادي ڪيمپسنڌ جو وڏو حصو برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آھي. ھزارين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن. جاني توڙي مالي نقصان پڻ ٿيو آھي. ...
27/08/2022

‏امدادي ڪيمپ
سنڌ جو وڏو حصو برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آھي. ھزارين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن. جاني توڙي مالي نقصان پڻ ٿيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر لاءِ سڀاڻي امدادي ڪيمپ لڳائي رھيا آھيون.
ھنڌ: امام بارگاھ ڳوٺ بجراڻي لغاري
تاريخ: 28 آگسٽ 2022ع
وقت: 2 وڳي منجھند
پاران: موکي پبليڪيشن ۽ سنڌ بائيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن
contact:
Sardar Buriro 03052356233
Khalid Hussain 03040883174
Mehran 03088325804

27/08/2022

‏امدادي ڪيمپ
برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر لاءِ امدادي ڪيمپ لڳائي رھيا آھيون اوھان کي مالي سھڪار جي اپيل ڪجي ٿي.
Mobicash:
Kalid Hussain 03040883174
Mehran 03088325804

سنڌي شاعريءَ سان ھڪڙو ڪميٽيڊ شاعر امداد حسيني اڄ سنڌ کان موڪلائي ويو. سندس قلمي پورھيو سدا ياد رھندو.
27/08/2022

سنڌي شاعريءَ سان ھڪڙو ڪميٽيڊ شاعر امداد حسيني اڄ سنڌ کان موڪلائي ويو. سندس قلمي پورھيو سدا ياد رھندو.

26/08/2022

هنن ويچارن کي اھو چوڻ ته بندن جو خيال ڪجو. فضول ۽ اجايو آ. ھي ويچارا صرف مال کائڻ لاء حڪومت ۾ آھن. واھر ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ وقت چوندا پنھنجي مدد پاڻ ڪيو
شازيه مري چوندي سرنديءَ وارا آڳيان اچن. حڪومت پني ٿي.
درياھ جي بندن جو حال ڪونھي. ڪنھن وقت به جواب ڏئي سگھن ٿا
ان کان اڳ جو ڪا وڏي ٻوڏ اچي . سنڌيو ڪراچيء نڪري اچو. ٻيو ڪوبه چارو ڪونھي.
_دلشاد ڀُٽو سينيئر

پاڻي جو اهو قانون آهي تہ پاڻي وهڻ وقت زمين ۾ جذب ٿي ويندو آهي ۽ سج جي تپش تي بخارات جي شڪل ۾ بہ اڏامي ويندو آهي. ان سمور...
25/08/2022

پاڻي جو اهو قانون آهي تہ پاڻي وهڻ وقت زمين ۾ جذب ٿي ويندو آهي ۽ سج جي تپش تي بخارات جي شڪل ۾ بہ اڏامي ويندو آهي. ان سموري عمل کي آبپاشي جي اصطلاح ۾ واٽر لاسز يا پاڻي جو زيان چوندا آهن. ميداني علائقن ۾ وهڻ وقت پاڻي 55 سيڪڙو زمين ۾ جذب ٿي يا بخارات جي شڪل ۾ اڏامي ويندو آهي ، وارياسي علائقي ۾ پاڻي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ۾ جذب ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه اڇڙي ٿر رستي سان لڳ ڀڳ 120 ڍنڍون موجود آهن، انهن ڍنڍن ۾ به درياھ جو پاڻي ڀري سگهجي ٿو. اڇڙي ٿر کان پوء هٿونگو وٽ 90 ٻيون ڍنڍون آهن جيڪي به ڪافي پاڻي روڪي سگهن ٿيون...

دلشاد ڀٽو سينئر
ڪتاب: پهڻن پير پٿون ڪيا

24/08/2022

جيڪڏهن برسات ظلمن ۽ بدڪرداري جو نتيجو ھجي ھا ته وڏيري جو گھر ھزار دفعا ٻڏي ھا ـ
ننگر چنا
Visit: https://mokhimedia.blogspot.com

23/08/2022

دُنيا ۾ جيڪي بہ خوبيون آهن،
تن سڀني ۾ اعليٰ چار آهن؛
ياقوت جهڙا ڳاڙها چَپَ، ساز جو نغمو، شراب ۽ زردشت جو مذهب!
”ڇو تہ زردشت جي مذهب ۾ شراب جائز آهي“

رودڪي [ايراني شاعر]

Address

Office Mokhi Media, Khera Bazar Moro
Moro
67130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mokhi Publication posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Mokhi Publication:

Videos

Share

Category

Other Moro media companies

Show All