QALAM

QALAM Only For Public issues

🔄 قصو گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور جي استاد جي بي حيائي جو...!!!!    ⛔ محرابپور: انسان ڪيڏ...
12/09/2024

🔄 قصو گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور جي استاد جي بي حيائي جو...!!!!

⛔ محرابپور: انسان ڪيڏو به ظالم ڇو نه ھجي پر سندس دل پوءِ به رحمدل ھوندي آھي، مان سمجهان ٿو ڪوبه شخص اھڙو نه ھوندو جنهن جو ھي تصوير ڏسي جيء جهُري نه پوندو ھجي،

⛔ انتھائي افسوس ۽ ڏک سان لکجي ٿو ته ھن تصوير ۾ سفيد سونھاريء سان ھڪ پيرسن وڏي جدوجهد مشڪل مرحلن مان گذري سمبوسا ٺاهي گهران ٻچڙن جي پيٽ گذر لاءِ نڪري گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور پھچي اسڪولي ٻارڙن جي رسيس جو انتظار ڪندي ٻارڙن ڏي تڪيندو ھوندو،

⛔ته اھي ھن کان شئي وٺندا ۽ ھي انھن مان ٻه پئسا ڪمائي پنهنجي ٻچڙن لاءِ سودو سلف وٺي ويندو،

⛔ سندس دل ۾ گهڻائي ارمان سانڍيل ھوندا جيڪي ھتان ڪمايل پيسن مان پورا ڪرڻ جا خواب ڏسندو ھوندو،

⛔ ضروري به ناهي ته سڀني ٻار ھن کان سمبوسا خريد ڪن، ضروري به ناهي ته ھن کي ٻارڙن مان جھجھي روزي به ملندي ھجي،

⛔ ھن اسڪول ۾ موجود استادن جي پگهار اڌ لک کان وٺي ٽن چئن لکن تائين ضرور ھوندي، ملڪ ۾ ڪابه آفت اچي وڃي پر ھنن استاد صاحبان کي پنهنجي مقرر پگهار ضرور ملندي،

⛔ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور ۾ ڪو ٽيھارو کن استاد ھوندا، ان کان علاوه ڪلرڪ ۽ ٻيو اسٽاف پڻ ھوندو جن مان 75 سيڪڙو اسٽاف کي ضرور خبر ھوندي

⛔ ته تير جي نشان وارو استاد ڪيئن نه ھن غريب مسڪين بزرگ پورھيت کان ان مد ۾ سمبوسا وٺي کائي پيو ته کيس اسڪول م روزي ڪرڻ لاءِ اندر اچڻ ڏنو ويو آهي،

⛔ ڇا ھي استاد ويھ ٽيھ روپيا ڏئي کائنس سموسا خريد نه ٿو ڪري سگهي، ھي جهونو پٽ تي ويھي ھن استاد کي مفت سموسا ڏئي اسڪول احاطي ۾ ويھي ٻچڙن جي روزي ڪرڻ جي بخشش پيو پني،

⛔ آھي ڪو اسڪول جو معزز استاد جيڪو ھن استاد جي اھڙي ڪريل حرڪت تي کيس ٿڪ لعنت ڪري، آھي ڪو اھڙو معزز استاد جيڪو ھن جي اھڙي گهٽيا عمل تي ھن جو سوشل بائيڪاٽ ڪري، آھي ڪو ٽي اي او، ڊي اي او، ڪو ڊائريڪٽر، ڪو سيڪريٽري تعليم، ڪو وزير تعليم

⛔ جيڪو ھن پيرسن کي بنا ڀتو ڀرڻ جي گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور ۾ پٽ تي ويھي عزت سان روزي ڪرڻ ڏئي..!!!!





30/08/2024

اڄ جي ڳالھ...

اڄ جي جمعي نماز جو خطبو،

معصوم نينگري سونهن شيخ جو بي رحماڻو قتل

۽ ملتان ۾ رھائش پذير محرابپور واسي خواجه سراء زرين راجپوت جو سوال..!!!

لاکاروڊ جو صحافي اشفاق لاکو عدالتي ڇاپي بعد آزاد..     ڪراچي: لاکاروڊ واسي صحافي ۽ سوشل ورڪر اشفاق لاکو عدالتي ڇاپي ۾ با...
24/08/2024

لاکاروڊ جو صحافي اشفاق لاکو عدالتي ڇاپي بعد آزاد..

ڪراچي: لاکاروڊ واسي صحافي ۽ سوشل ورڪر اشفاق لاکو عدالتي ڇاپي ۾ بازياب، ملير بار جي وڪيل دوستن ايڊووڪيٽ بلال حبيب ۽ ايڊووڪيٽ منصف راشد شر جي درخواست تي ملير ڪورٽ جي جج صاحب ملير سٽي ٿاڻي تي چاپو ھڻي کيس آزاد ڪرائي ورتو، عدالت ڌرين کي 26 آگسٽ تي ڪورٽ طلب ڪري ورتو..!!!!

ھڪ ٻيو صحافي شھيد ٿيڻ پيو وڃي..   محرابپور:تعلقي محرابپور جي شھر لاکاروڊ سان واسطو رکندڙ حق سچ لکندڙ، مظلوم ماروئڙن جو آ...
22/08/2024

ھڪ ٻيو صحافي شھيد ٿيڻ پيو وڃي..

محرابپور:تعلقي محرابپور جي شھر لاکاروڊ سان واسطو رکندڙ حق سچ لکندڙ، مظلوم ماروئڙن جو آواز بلند ڪندڙ دلير ۽ بھادر سوشل ورڪر اشفاق لاکو کي اڪري چودڳي جي ڪجه چڱن مڙسن ڪراچي جي علائقي ۾ يرغمال بڻائي کائنس ھٿيارن جي زور تي زبردستي پنهنجي حق ۾ بيان وٺڻ ۽ سندس ئي آء ڊي تان سندس بيان لائيو ھلائڻ بعد کيس گم ڪري ڇڏيو آهي، سندس نمبر مسلسل بند ٻڌايا پيا وڃن، آء جي سنڌ ۽ خاص طور ايس ايس پي خيرپور اشفاق لاکو جي اغوا معاملي جو نوٽيس وٺي سندس حياتي بچائي ھڪ ٻيو صحافي نصر الله گڏاڻي شھيد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تحرڪ وٺي..!!!


21/08/2024

ايران ۾ زائرين سان حادثو، ڪيترائي فوت..

ڪراچي: لاڙڪاڻي کان ايران ويندڙ زائرين سان يزد جي علائقي ۾ حادثو، 37 ڄڻا شھيد ڪيترائي زخمي، حادثو ڪوچ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، ياد رھي ته پراڻي اي سي ڪوچ ۾ چڙھڻ تي قافلي جي ڪافي زائرين اعتراض پڻ واريو پر قافلي جي سالار اطھر شاهه شمسي گهٽ قيمت سبب اھڙي ڪوچ ڪرائي ھئي..!!!

محرابپور ۾ پوليس گرديء خلاف لڳل ڌرڻي جون جهلڪيون..!!!
20/08/2024

محرابپور ۾ پوليس گرديء خلاف لڳل ڌرڻي جون جهلڪيون..!!!

20/08/2024

ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو جي پوليس گرديء خلاف صحافين جو احتجاج جاري..

محرابپور: سينئر صحافي اخلاق جوکيو سميت 17 شھرين مٿان پرامن احتجاج ڪرڻ تي دھشتگرديء جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ۽ صحافي اخلاق جوکيو جي گهران ٿيل چوري کي ڌنڌو ٺاھيندڙ ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو خلاف سٽيزن رائيٽس ڪميٽي پاران اخلاق جوکيو جي سرپرستي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ جسقم جو بانيڪار اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, پ پ شھيد ڀٽو جو مرڪزي اڳواڻ رحيم کوسو, ظفر کوسو، نيشنل پريس ڪلب نوشھروفيروز جو اڳواڻ سينيئر صحافي ظفر تڳڙ, صحافي اتحاد نوشھروفيروز جو اڳواڻ سيد جاني شاھ, ظفر اعواڻ، ادريس سھتو، سجاد شاھ، ڀريا سٽي يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ مجيد ڪيريو, راڻا عبدالستار راجپوت، آفتاب ڪيريو، جسقم اڳواڻ شھاب ميمڻ,ٺاروشاھ جو سينيئر صحافي شاھد سومرو، ناميارو مذھبي عالم سيد حماد الله شاهه ايڊووڪيٽ، سيد اسد الله شاهه ايڊووڪيٽ سميت خانواھڻ, ھالاڻي, ڪنڊيارو, ڀرياسٽي پڊعيدن سميت ٻين مختلف شھرن کان قلم ڌڻين, سماج سڌارڪن, ليکڪن جي وڏي انگ ۾ شرڪت...!!!

22/01/2024

اڳوڻي پ پ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سان ووٽر مشڪري ڪندي... 😜😜😜

بنا عنوان..
22/07/2023

بنا عنوان..

10/07/2023

مچ بلوچستان جو خوبصورت منظر...!!!!!

15/02/2022

ٻين ورسي جي موقعي تي....

محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جو ناحق خون اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾.....!!!!!

11/01/2022

اردو جي نامياري شاعر فيض احمد فيض جي بھترين شاعري....

سمجهوڪي سمجهن......
02/12/2021

سمجهوڪي سمجهن......

25/11/2021

اھڙا چونڊيل نمائندا منھنجا مولا توکان مون گهريا ھا....

انڊيا جي اسيمبلي ميمبر پنهنجي ئي وزيراعظم نريندر مودي کي ڌوئي ڇڏيو....!!!!

22/11/2021

شھيد صحافي عزير ميمڻ جو ناحق خون...

2 سال اڳ بي درديء سان قتل ٿيندڙ شھيد صحافي عزير ميمڻ جو خون اڄ به انصاف لاءِ واجهائڻ لڳو، ڏسو سرڪاري چينل پي ٽي وي نيوز تي ھليل ھي رپورٽ!!!!!!!

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when QALAM posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to QALAM:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share