Ghotki News

Ghotki News only Ghotki related problems discus karen.

اوٻاوڙو ويجهو چوڪماڙي روڊ حادثو 3 ڄڻا اجل جو شڪار
25/07/2023

اوٻاوڙو ويجهو چوڪماڙي روڊ حادثو 3 ڄڻا
اجل جو شڪار

گھوٽڪي آجي ڏنگڙو واھ ۾ نامعلوم لاش لڙھندو پيو وڃي مگر عادلپور ۽ گھوٽڪي پوليس حد جو جواز ڄاڻائي لاش وٽ ناھي پھتي ھي آھي ا...
25/07/2023

گھوٽڪي آجي ڏنگڙو واھ ۾ نامعلوم لاش لڙھندو پيو وڃي مگر عادلپور ۽ گھوٽڪي پوليس حد جو جواز ڄاڻائي لاش وٽ ناھي پھتي ھي آھي اسان جي گھوٽڪي جتي اسان جي لاشن کي ڪانؤ ۽ ڪتا پٽي کائي ويندا
پر پوليس ۾ حد جو تقرار ختم نه ٿيندو

انتھائي اھم اطلاع....ڪچي جي ڌاڙيلن پاران داد لغاري جي حد خاص طور 8 نمبر داد لغاري,چار نمبر,راجا فارم,کيروھي ۽ ٻين علائقن...
19/07/2023

انتھائي اھم اطلاع....
ڪچي جي ڌاڙيلن پاران داد لغاري جي حد خاص طور 8 نمبر داد لغاري,چار نمبر,راجا فارم,کيروھي ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ پلاننگ ڪن پيا اھڙي قسم جا ٿريٽس ۽ معلومات حد جي ٿاڻي کي ملي آهي ٽريڪٽر وٺڻ جي بھاني,جاين جي مستري جو ڪم,مسجد لاء پيش امام,بجلي جو ڪم ڪري ڏيڻ,ڍور ڍڳي جو سودو ۽ عورتاڻي آواز تي ڪال مطلب ڪنهن به قسم سان ماڻهن کي گھرائڻ جا ٿريٽ آهن ۽ اھڙي قسم جون حرڪتون شروع ٿي چڪيون آهن علائقي واسي چوڪس رھن اھڙي قسم جي ڪنهن به غير ضروري فون کان پاسو ڪن جيڪڏھن اھڙي قسم جو ڪو به فون اچي ته فوري طور حد جي ٿاڻي تي رابطو ڪيو ۽ ڪنهن جي ڳالهين ۽ چڪرن ۾ اچڻ کان پاسو ڪريو : ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر جو انتھائي اھم ميسج آهي دوست ھن ميسج کي پاڻ پنهنجن پيارن ۽ جيڪي سوشل ميڊيا يوز نٿا ڪن انھن تائين پھچائين : ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر پڻ ڪندا

افسوس ناک خبر پشاور موٹر وے پر خوفناک حادثہ۔ 4 بسیں اور 12 گاڑیاں آپس میں ٹکرا گئی مقامی ذرائع  کے مطابق حادثہ میں 35 اف...
19/07/2023

افسوس ناک خبر
پشاور موٹر وے پر خوفناک حادثہ۔ 4 بسیں اور 12 گاڑیاں آپس میں ٹکرا گئی مقامی ذرائع کے مطابق حادثہ میں 35 افراد کی ہلاکت کی خبر ہے۔مذید تحقیق جاری،،،،

رھڙڪي جو ھي نوجوان ڪراچي عباسي شھيد اسپتال ۾ بيھوش پيل آھي جنھن خودڪشي لا۽ زھر کاڌي آھي ـ ڊاڪٽر موجب ھن جو بچڻ انتھائي م...
17/07/2023

رھڙڪي جو ھي نوجوان ڪراچي عباسي شھيد اسپتال ۾ بيھوش پيل آھي جنھن خودڪشي لا۽ زھر کاڌي آھي ـ ڊاڪٽر موجب ھن جو بچڻ انتھائي مشڪل آھي ـ شيئر ڪيو ته جيئن ـوارثن تائين اطلاع پھچي CP

16/07/2023
موٽروي M-5 تي گھوٽڪي ضلعي ۾ قائم ٿيل گھوٽڪي انٽرچينج جو فائدو صرف گھوٽڪي تعلقي کي ٿي رھيو ھو،باقي ٻيا تعلقا موٽروي جي سھ...
15/07/2023

موٽروي M-5 تي گھوٽڪي ضلعي ۾ قائم ٿيل گھوٽڪي انٽرچينج جو فائدو صرف گھوٽڪي تعلقي کي ٿي رھيو ھو،باقي ٻيا تعلقا موٽروي جي سھولت جي فائدي کان محروم ھيا.ان کانپوء ٻيو ٺاھيل گڊو انٽرچينج جيڪو ب ھن سھولت کان محروم تعلقن کي فائدو ن ڏئي رھيو ھو ڇاڪاڻ جو ھڪ ت ھي گھوٽڪي ضلعي جي آخري تعلقي اوٻاوڙو کان تقريبن 24 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي ۽ ٻيو روڊ خراب ھجڻ جي ڪري ۽ ٽيون ھن علائقي جي امن امان جي صورتحال خراب ھجڻ جي ڪري ھن انٽرچينج کان اوٻاوڙو طرف ويندڙ لنڪ روڊ کي ماڻھو غير محفوظ سمجھندا آھن ان ڪري ھي ٻئي انٽرچينج سواء گھوٽڪي تعلقي جي باقي ٻين تعلقن ۽ ان جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن لاء فائديمند ثابت ن ٿي سگھيا ۽ ھاڻي تازو ئي گورنمينٽ طرفان منظور ٿيل جھانپور انٽرچينج ايترو ڪارائتو ثابت ن ٿيندو ڇاڪاڻ جو ھي نئون منظور ٿيل انٽرچينج ب گھوٽڪي انٽرچينج جي بلڪل ويجھو صرف 23ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي ۽ ھن جو فائدو صرف ۽صرف ميرپورماٿيلو شھر کي ٿيندو جيڪو تقريبن 17 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي ۽ ان کان علاوھ اڪثر ٻهراڙين کي ب گھڻو فائدو ن ٿيندو ۽ ٻيو ت ھن انٽرچينج جي لنڪ روڊ ب ايتري محفوظ ن ھوندي جنھن جو اندازو تازو ٿيل ڪجھ واقعن مان لگائي سگھجي ٿو پر جيڪڏھن اھو ئي انٽرچينج ان لوڪيشن کان ٿورو اڳتي ۽ گھوٽڪي انٽرچينج کان ڪجھ وڌيڪ مفاصلي يعني رائونتي واري لوڪيشن وٽ ڏنو وڃي ت ان سان ميرپور ماٿيلو پوري تعلقي سان گڏوگڏ ڏھرڪي ۽ اوٻاوڙو تعلقي کي ب گھڻو فائدو ٿيندو ۽ ان کان علاوھ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي ب گھڻو فائدو ٿيندو ۽ اھڙي طرح رائونتي واري جڳھ تي انٽرچينج ٺھڻ سان ھن ٻنھي انٽرچينج جو اثر پوري ضلعي جي آبادي تي پوندو ۽ پورو ضلعو موٽروي جھڙي پروجيڪٽ جو فائدو وٺي سگھندو ۽ تقريبن ضلعي جي سڄي آبادي موٽروي تي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي.جيڪڏھن ھن لوڪيشن کان نڪرندڙ ٽن روڊن جو مفاصلو ڏٺو وڃي ت ھن لوڪيشن کان ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي ۽ اوٻاوڙو تائين مفاصلو سواء 1 يا 2 ڪلوميٽر جي تقريبن ساڳيو ئي بڻجي ٿو جيئن گوگل ميپ جي تصويرن مان ڏسي سگھجي ٿو ت رائونتي واري لوڪيشن کان اوٻاوڙو تائين مفاصلو تقريبن 14 ڪلوميٽر ، رائونتي کان ڏھرڪي تائين تقريبن 15 ڪلوميٽر ۽ رائونتي کان ميرپور ماٿيلو تقريبن 17 ڪلوميٽر فاصلو بڻجي ٿو.ھاڻي امر ان ڳالھ جو آھي ت جيڪڏھن ھن ٽنھي شھرن ڏانھن ويندڙ روڊ کي ڪشادو ۽ مضبوط بڻايو وڃي ت ھي مفاصلو گھٽجي سگھي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ وقت جي ب بچت ٿيندي ۽ ھن ٽنھي لنڪ روڊن تي سيڪيورٽي مقرر ڪرڻ سان ن صرف انٽرچينج طرف سفر ڪندڙ پر سڪون ھوندا پر ان ٽنھي شھرن کان ڀرپاسي جي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ڏينھن ھجي توڙي رات شھر ڏانھن آرامدھ سفر ڪندا.
رائونتي انٽرچينج جي بڻجڻ سان گھوٽڪي ضلعي جي انڊسٽري کي وڏو فائدو ٿيندو جنھن ۾ ميرپور ماٿيلو جي فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني ميرپور ماٿيلو، غلام محمد شوگر مل ميرپور ماٿيلو،ڏھرڪي جي اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ،FFC پاور پلانٽ ڏھرڪي، ماڙي گئس ڪمپني لبرٽي پاور پلانٽ ڏھرڪي، الائينس شوگر مل اوٻاوڙو، ڏھرڪي شوگر مل ڪمون شھيد ، گلف شوگر مل مريد شاخ ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيون ننڍيون توڙي وڏيون فيڪٽريون پنھنجي پروڊڪٽ ۽ خام مال جي آمدورفت آساني سان ڪري سگھنديون.ھن انٽرچينج جي ٺھڻ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي رائونتي ڪچي تائين رسائي آساني سان حاصل ٿي سگھندي جنھن سان ڪچي جي علائقي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي ۽ گھوٽڪي ضلعي جي ھن ٽنھي تعلقن ۽ ان جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڪنھن ب ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء پڻ ھي انٽرچينج ڪارگر ثابت ٿيندو. ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪيو جيئن ھي آواز اعلي حڪام تائين پھچي.

اوباڑو پولیس کی بروقت کاروائیآج شام تقریبا 5 بجے نیو غوری محلہ سے ملک نظیر احمد کی سی ڈی موٹرسائیکل نامعلوم چور چوری کرک...
15/07/2023

اوباڑو پولیس کی بروقت کاروائی
آج شام تقریبا 5 بجے نیو غوری محلہ سے ملک نظیر احمد کی سی ڈی موٹرسائیکل نامعلوم چور چوری کرکہ لے گئے تھے جس کی اطلاع نظیر احمد ملک نے فورا تھانہ اوباڑو پر دی جس پر اوباڑو پولیس نے ایس ایس پی تنویر تنیو حسین تنیو کی ہدایات پر ڈی ایس پی اوباڑو مٹھل کھکرانی،ایس ایچ او اوباڑو عبدالوحید بھٹو،وایگل اسٹاف نورحسن بھٹو،عبدالرحیم سومرو،قربان شیخ اور غلام رسول سمیجو نے فورا ناکہ بندی کرکہ دوران سنیپ چیکنگ آج ہی وہ موٹر سائیکل ریکور کروا لی،چور پولیس کو دیکھتے ہی موٹر سائیکل چھوڑ کر فرار ہوگئے موٹر سائیکل قانونی کارروائی کے بعد اصل مالک نظیر احمد ملک کے حوالے کر دی
مسروقہ موٹر سائیکل واپس ملنے پر اصل مالک نظیر احمد ملک نے ڈی ایس پی اباڑو، ایس ایچ او اباڑو اور انکی ایگل ٹیم کا تہہ دل سے شکریہ ادا کیا اور انہیں ہار پہنائے.

ڇا سنڌ جا حڪمران امن ڪرائڻ ۾ سنجيده آهن ____ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ھجڻ جي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي ڪش...
14/07/2023

ڇا سنڌ جا حڪمران امن ڪرائڻ ۾ سنجيده آهن ____

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ھجڻ جي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعا ڀنگ لاءِ اغوا جي انڊسٽري بڻجي چڪا آھن ھر روز معصوم ٻارڙا مزدور ۽ عورتون اغوا ٿي رھيون آھن ڌاڙيلن وٽ نيٽو فورسز جا ھٿيار ڪٿان ٿا اچن بندوق جي زور تي سنڌ ۾خوف جو راڄ جاري آهي ھن وقت به سنڌ مان گھٽ ۾گھٽ به 35 کان 40 ماڻھو اغوا ٿيل آھن جن ۾ سکر جي سنگرار جي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري به شامل آهي ننڊڙي فرحان سومرو عظيم ماڻڪ چئين ورھين جي ڪوثر کوسو ۽ سندس امڙ نازيا کوسو سکر مان عبدالرحمان کھڙو، جيڪو مالڪن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، شڪارپور جو اغوا ٿيل نينگر سلمان نصيراڻي پيارو ڳوٺ واسي ڪاشف پنھور سميت شامل آھن، گھوٽڪي واقعو معصوم ڀاءُ ڀيڻ سلمان ۽ ڪلثوم جي المناڪ قتل واري سانحي سخت دلي صدمو پهتو آهي بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ ھر روز پيش ايندڙ تمام ڀيانڪ ۽ خطرناڪ واقعن تي ٿيندو آهي گھوٽڪي ۾ قبيلائي جھڙن جي ڪري 13 وھين جي نينگريءَ بشرا ساوند ۽ سندس چاچو غوث بخش ساوند کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو قبيلائي جھڙن جي حملي ۾ ھڪ دڪاندار مارجي ويو ۽ ھڪ واٽھڙو به زخمي ٿي پيو ھي اوھي قبيلائي جهيڙا جهٽا آھن جن ڪجھ عرصو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي۾ سنڌ جي وڏي ڪردار ۽ اھل علم پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بيڏوهي قتل ڪيو ويو هو سنڌ۾ ھانٔ ڏاريندڙ واقعہ اسان جي سنڌ سونھاريءَ ۾ روز جو معمول بڻيل آهن جنھن کي ڏسي ۽ ٻڌي ڪنڌ شرم کان جهڪي ٿو وڃي ڪڏھن ڪنھن غريب مسڪين کي اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي وڍيو وائرل ٿو ڪيو وڃي ڪڏھن ڪنھن پوليس چوڪين تي حملا ڪري پوليس جي جوانن کي شھيد ٿو ڪيو وڃي سنڌ ۾ ڌاڙيل راج آھي سنڌ۾ ڪوبه محفوظ ناھي عوام جي جان مال عزت آبرون محفوظ ناھي ھر طرف ظلم ستم زيادتي ۽ ڏاڍ جو راڄ آهي ليڪن افسوس آهي سنڌسرڪار تي الائي ڪنھن. جي انتظار۾ آھي اڃان تائين ڏوھارين خلاف ڪو موثر آپريشن نه ڪيو پيو وڃي ڇا ڪچي جا ڌاڙيل حڪومت کان طاقتور آھن آخر ڪيسيتائين ماڻھون پنھنجن پيارن جا لاش کڻندا رھندا ڪيترن ئي امڙين جون جهوليون خالي ٿي ويون آهن پر حڪمرانن کي سنڌ جي غريب عوام جو احساس ئي ناهي سنڌ ۾ڊگھي عرصي کان امن امان جي صورتحال خراب آھي ھر ايندڙ ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ھاڻي ته اسٽريٽ ڪرائيم جون تمام وارداتون سڄي سنڌ جي سڀني شھرن ۽ ٻھراڙين جي علائيقن ۾ پڻ ٿينديون رھن ٿيون جنھن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ماڻھن کي قتل پڻ ڪيو وڃي ٿو سنڌ۾ اھڙا سوين واقعا پيش اچي چڪا آهن سنڌ ۾ سياسي سماجي قومپرست پارٽيون خاموش بڻيل آهن صرف فيس بڪ تي مذمت ڪرڻ۾ مصروف عمل آهن ڪوبه سنڌ جي عوام جي لاءِ امن خاطر ميدان تي نه اچي چڪو آهي سنڌ۾ صدائين 13سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت رھي آھي ليڪن سنڌ سموري ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي رھي آھي عوام غير محفوظ بڻجي چڪو آهي حڪمران جماعت جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پيپلزپارٽي جا آھن اڪثر سردار نواب آھن اھي نٿا چاھين ته سنڌ۾ امن ھجي انھن جي حڪم تي ڊي آ۽جي ۽ايس ايس پي مقرر ٿين ٿا جنھن جي ڪري امن امان جي صورتحال بھتر نه ٿي سگهي جي ڊي اي توڙي جماعت اسلامي ن ليگ قومپرستن جون پارٽي خاموش بڻيل آهن جيڪڏهن جي يوآ۽ سنڌ جو اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو سنڌ ۾ امن ريلي ۽ مارچ جو اعلان ڪري ته سنڌ سرڪار پو۽ ھوش۾ اچي ويندي واحد جماعت جي يوآ۽ آھي جيڪا عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان تي آھي جي يوآ۽ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو سکر آئي بي اي جي تقريب ۾ وزيراعظم ميان شھباز شريف ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي امن امان جي صورتحال تي پنھنجو چٽو مؤقف رکيو ھو سنڌ جو عوام امن چاھي ٿو ھن چيو ھو ته سنڌ سرڪار پوليس کي جديد ھٿيار ڏئي جئين ڪچي ۽ پڪي ۾ امن قائم ٿي سگهي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي گھرجي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،

14/07/2023

چڪ شهباز پور ۾ دڪاندارنى۽ منافا کورن رڻ ٻاري ڇڏي پنهجا هٿراڌو ريٽ هڻي پاڻ ۾ ناني ويڙو ڪري غريب ۽ مزدور ماڻهن کي روزمراه جي استعال جي شين جهڙوڪ اٽو,گيھ,دال,کنڊ,چانور ۽ سبزيون وغيره جا ريٽ مهانگائي جا بهانا بڻائي راؤنتي جي اگھن کان 20 کان 30 رپيه مهانگو وڪرو ڪرڻ لڳا لڳي ٿو يا ته ڪو پڇڻ وارو نه آهي ۔
اسين مختيارار اوٻاوڙو ۽اعلئ علمدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته رائونتي جيان چڪ شهباز پور تي ب توجه ڏين من گھڙي اگھن کي ختم ڪري ريٽ لسٽ هڻي ان مطابق دڪاندارن کي پابند بڻائي هٿراڌو مهانگائي ۽ منفاخورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي۔

غير اخلاقي وڊيو اپلوڊ ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر مولائي حبيب ۽ صبا شاهه خلاف پنوعاقل واسي نوجوان پٽيشن تيار ڪري ورتي  News
13/07/2023

غير اخلاقي وڊيو اپلوڊ ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر مولائي حبيب ۽ صبا شاهه خلاف پنوعاقل واسي نوجوان پٽيشن تيار ڪري ورتي
News

13/07/2023

گهوٽڪي:مڙس اڳوڻي زال جي ٻنهي ٻارڙن سان محبت ڪندو هو مونکان برداشت نہ ٿيو ٻنهي ٻارڙن کي زبردستي زهر پياري مارايو آهي. ويڳي ماء جو اعتراف😭 News

ڪچي جي ڌاڙيلن جا پڪي تي ويٺل سھولت ڪاري ڪندڙ ھڪ منصوبي تحت پڪي م بد امني جي باھ ڀڙڪائي رھيا آھين .. ڇا ڪاڻ ته ھو چاھين ٿ...
13/07/2023

ڪچي جي ڌاڙيلن جا پڪي تي ويٺل سھولت ڪاري ڪندڙ ھڪ منصوبي تحت پڪي م بد امني جي باھ ڀڙڪائي رھيا آھين .. ڇا ڪاڻ ته ھو چاھين ٿا ته عوام ايس ايس پي خلاف اٿي کڙو ٿئي جئين ھي ايس ايس پي ھتان بدلي ٿي وڄي يا ڪچي م ھٿ ھلڪو رکي ... مڃيو سين ته ھن وقت ڪچو ء پڪو يڪسان بدامني جي ور چڙهيل آهي.. پر اھو به تسليم ڪريو ته ھن ايس ايس پي جيترا ڏوھاري کپايا آھين اھو به ريڪارڊ آھي... پڪي تي موجود سھولت ڪاري ڪندڙن کي خبر آهي ته تنيو صاحب آخري ويڙھ انھن سان ڪندو .. ان ڪري انھن ڀوتارن جي بدولت اڄ ڪلھ پڪو به ڪچو بڻيل آهي.. پر ياد رکڻ گهرجي ته امن اسان جي پھرين ترجيح آهي .. ان ڪري باشعور عوام ھن وقت ايس ايس پي تنوير تنيو ء سندس ٽيم جي لاء دعاگو آهي ء گڏ بيٺل آهي... ڀل ڀوتارن جا ڀاڙي تي ھريل لکاري ڪجهه به لکن پر ڏوھارين خلاف جنگ جوٽيندڙ پوليس جا جوڌا اسان جا ھيرو آھين 🙏

31/05/2023

Agar Corruption tawhan khe khatam krni aahe ta sarkaari office men Clerks je Roop men jeke bagharr wetha ahin unhan Khan start kayo

27/06/2020

پيپلزپارٽي وارن جي اها وڏي غلطي آهي مونکي حراسان ڪري پارٽي ۾ وٺي ويندا ۽ هي مسئلو صرف سردار چانڊيو جو نه پر پٺيان لڪل هٿ آهن اسان عمران خان جا ٽائيگر آهيون جيڪي هر مصيبت کي منهن ڏئي ويندا پر ياد رکجو هميشه دور ساڳيو نه رهندو آهي ايتري ڪيو جيتري برداشت به ڪري سگهو
ايم پي اي سردارميرشهريارخان جي پريس ڪانفرنس

27/06/2020

پرائمري پاس ايس ايڇ او سردار چانڊيو جيڪو فوتي ڪوٽا تحت پوليس ۾ آيو اڄ ايم پي اي سردار شهريارخان جي ووٽر خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري پاڻ کي هيرو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو
ڀلي زرداري ليگ جي چمچن کي خوش ڪر ياد رک سڀاڻي اپوزيشن وارا حڪمران بڻجي توکي پوليس مان پٽيوالو بڻائيندا

08/01/2020
19/11/2019
11/11/2019

💝صرف وہ حضرات شیر کردیں جو مولانا سے دل سے پیار کرتے ہو۔💝

01/11/2019

آذادی مارچ کو دیکھ
کر یے بات تو ثابت ہو گیا ہے کے
عمران خان ایک سچا۔ایماندار اور عظیم لیڈر ہے۔۔۔۔۔۔

20/09/2019
18/09/2019
18/09/2019
18/09/2019

Address

Mirpur Mathelo Press Club
Mirpur Mathelo
WHK9171

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ghotki News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ghotki News:

Share