Awam Jo Saharo

Awam Jo Saharo خبرن جي دنيا جو تيز ترين نيٽورڪ عوام جو سهارو

03/01/2024
نئين دهلي: موبائيل فون چوري ٿيڻ يا ڦر ٿيڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي پر ڀارت ۾ چور اهڙو ته شاهينگ نڪتو جو 50 ميٽر اوچو موبا...
05/12/2023

نئين دهلي: موبائيل فون چوري ٿيڻ يا ڦر ٿيڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي پر ڀارت ۾ چور اهڙو ته شاهينگ نڪتو جو 50 ميٽر اوچو موبائل ٽاور چوري ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب چوري جو هي منفرد واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڳوٺ اجيني ۾ پيش آيو، جتي چور 50 ميٽر بلند موبائل فون ٽاور کي به نه ڇڏيو ۽ چوري ڪري ويا. اهڙي عجيب چوري جاچ آفيسرن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي.
هي چوري ٿيل موبائل ٽاور نه رڳو 50 ميٽر اوچو هو پر ان جو وزن 10 ٽن هو. ان سان گڏ چور 8 لک 50 هزار رپين کان وڌيڪ جو سامان به کڻي ويا، جنهن ۾ موبائل ٽاور اسمبلي سان لاڳاپيل هڪ شيلٽر، اليڪٽريڪل فٽيننگ ۽ ٻيو سامان به شامل آهي.
پوليس موبائيل ٽاور چوري جي ايف آءِ آر راجيش ڪمار جي شڪايت تي داخل ڪئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ٽاور هن سال 31 مارچ تي چوري ٿيو هو. جڏهن ته، اڃا تائين اهو واضح ناهي ته واقعي جي رپورٽ اٺ مهينن بعد ڇو داخل ڪئي وئي.
رپورٽ موجب راجيش ڪمار ياديو نالي هڪ ٽيڪنيشن ٻڌايو ته سندس ڪمپني جنوري 2023 ۾ يوجني ڳوٺ ۾ عبيدالله نالي هڪ شخص جي فيلڊ ۾ موبائل ٽاور لڳايو هو. 31 مارچ تي، انسپيڪشن لاءِ فيلڊ جو دورو ڪيو ته ٽاور نه هو.
پوليس کي شڪ آهي ته ٽاور چوري ڪيو ويو جيئن ان کي وڪڻي سگهجي.

امريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف عافيه صديقي جي و...
05/12/2023

امريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف عافيه صديقي جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ سمٿ طرفان ڪيو ويو

وڪيل ڪائيو اسٽيفورڊ سمٿ جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت ڊاڪٽر عافيه سان ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جي واقعن کان آگاهه آهي، ڊاڪٽر عافيه جي وڪيل ڪلائيو موجب کيس ڊاڪٽر عافيه جنسي زيادتي بابت ٻڌايو، جنهن بعد شڪايت داخل ڪئي وئي

هن چيو ته بگرام ۾ جنسي زيادتي جاچ حربي طور ڪئي وئي، ڊآڪٽر عافيه سان هر ڏينهن بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو وڃي ٿو

ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه گذريل ڏينهن پنهنجي ڀيڻ سان جيل ۾ ٻيو ڀيرو ملاقات ڪئي، ملاقات بعد وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جو چوڻ هو ته هن کي جيل ۾ عافيه جي حالت پهريان کان وڌيڪ خراب محسوس ٿي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هن وٽ لفظ ناهن

پ پ ٺٽي ضلعي ۾ ٽڪيٽن جو پروپوزل تيار ڪري ورتو، ٺٽي جي قومي تڪ تي سسئي پليجو ، پي ايس 75 ٺٽي تي رياض شاھ شيرازي پي ايس 76...
05/12/2023

پ پ ٺٽي ضلعي ۾ ٽڪيٽن جو پروپوزل تيار ڪري ورتو، ٺٽي جي قومي تڪ تي سسئي پليجو ، پي ايس 75 ٺٽي تي رياض شاھ شيرازي پي ايس 76 ٺٽي تي حاجي علي حسن زرداري اميدوار ھوندا

پاڪستان جي پهرين سنڌي ڇوڪري سنڌ جي ننڍڙي شهر ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ ھندو ڇوڪري تلسي ميگهواڙ سافٽ بال رانديگر آهي جيڪا پاڪس...
05/12/2023

پاڪستان جي پهرين سنڌي ڇوڪري سنڌ جي ننڍڙي شهر ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ ھندو ڇوڪري تلسي ميگهواڙ سافٽ بال رانديگر آهي جيڪا پاڪستان جي قومي ٽيم ۾ کيڏندي.

سائفر ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ...
05/12/2023

سائفر ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، جنرل رٽائرڊ باجوه کي عدالت گهرائيندس

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان چيو ته سائفر ڪيس ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي سفارتخاني جي آفيشلز کي گواهه بڻائيندس

عمران خان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، جنرل باجوه کي عدالت گهرائيندس

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون سان ڪنهن به ڳالهيون ناهن ڪيون، لکي ڏيان سگهان ٿو ته اليڪشن پي ٽي آءِ کٽيندي

عمران خان جو چوڻ هو ته مونکي جهڙي ريت پڪڙيو ويو، اِهو هڪ پلان هو، نواز شريف لنڊن پلان کانپوءِ پاڪستان آيو، جيل ۾ ڪنهن به ڏکيائي ۾ ناهيان، جيل ۾ رهڻ کي عبادت سمجهان ٿو

خاور مانيڪا جي الزامن بابت عمران خان چيو ته مون بشريٰ بيبي کي تڏهن ڏٺو جڏهن نڪاح ٿيو، ٻارڙن کي پنهنجي ماءُ خلاف بيان ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪجهه سياسي اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ سان شڪر ادا ڪيان ٿو

گهوٽڪي ڏنگڙو واهه جي پُل جيڪا ٽن هفتن کان ڪِريل آهي جنهن سبب ڊسٽرڪٽ جيل، شگرمل، مومل جي ماڙي سميت آس پاس جي سوين ڳوٺن جا...
05/12/2023

گهوٽڪي ڏنگڙو واهه جي پُل جيڪا ٽن هفتن کان ڪِريل آهي جنهن سبب ڊسٽرڪٽ جيل، شگرمل، مومل جي ماڙي سميت آس پاس جي سوين ڳوٺن جا لکين رهواسي سخت پريشان ۽ دربدر آهن

آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ڊي آءِ جي سکر پاران حڪم ڏنو ويو آھي تہ جن آفيسرن ۽ ملازمن جا ٻار ( حاضر سروس يا جيڪي سروس دوران ...
04/12/2023

آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ڊي آءِ جي سکر پاران حڪم ڏنو ويو آھي تہ جن آفيسرن ۽ ملازمن جا ٻار ( حاضر سروس يا جيڪي سروس دوران شھيد ٿي ويا آهن) جن جي اولاد پيدائشي ٿلهيسيميا کان متاثر آهن، تنھن کي آءِ جي سنڌ طرفان 15,000 رپيا ماهوار الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي
يا اهڙن آفيسرن ۽ ملازمن جڪي حاضر سروسز ، يا جيڪي سروس دوران شھيد ٿي ويا ھجن جن جا ٻار پيدائشي طور تي معذور آهن) انھن جو بہ علاج ڪرائڻ جو فيصلو اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

سنڌ جي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ نون ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿيدرخواستگذار ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم جي غير حاض...
04/12/2023

سنڌ جي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ نون ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي
درخواستگذار ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم جي غير حاضري سبب ٻڌڻي ڪجھ ٽائيم لاءِ ملتوي ڪئي وئي ھئي
ٻڌڻي ۾ دير سبب ڪانٽريڪٽ تي ٿيل ڀرتين ۾ مشڪلاتون آھن، سرڪاري وڪيل
اسان اهو به سمجهون ٿا ته حڪم نامي سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جسٽس ظفر راجپوت
ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڪورٽ نه هجڻ سبب مريض سخت پريشاني جو شڪار آهن
بئريسٽر فروغ نسيم ڪافي مشڪلاتن سبب ڪيترائي ڀيرا پيش نه ٿيو: سرڪاري وڪيل
ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي نه ٿيڻ سبب 200 بسترن جي اسپتال غير فعال ٿي وئي آهي: ڊائريڪٽر
گذريل ٻڌڻي تي بئريسٽر فروغ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ موجود هو، جنهن تي جونيئر وڪيل بريفنگ ڏني هئي.
اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻي بئنچ آڏو پيش ٿيو، جنهن ۾ جونيئر وڪيل بريفنگ ڏني
خير، جڏهن اھي هن ڪيس سان مڪمل ٿي ويا آهن، انهن کي هتي پيش ٿيڻ لاء چيو وڃي، عدالت
گريڊ ھڪ کان 15 سرڪاري نوڪرين تي پابندي 15 جنوري تائين وڌائي ڇڏي
عدالت چيف سيڪريٽري کان عدالتي فيصلي کان 6 مھينا پھريان تائين سمورين ڀرتين جو رڪارڊ گھري ورتو.

ميرپور ماٿيلو: معذورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر ميرپور ماٿيلو پاران ريلي ڪڍي وئي، ڪيترن ئي شاگر...
04/12/2023

ميرپور ماٿيلو: معذورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر ميرپور ماٿيلو پاران ريلي ڪڍي وئي، ڪيترن ئي شاگردن جي شرڪت

ڊپٽي ڊائريڪٽر سيف ﷲ مهر جي اڳواڻي هيٺ نڪتل ريلي ۾ شاگردن توڙي شاگرياڻين معزورن جي حقن بابت پلي ڪارڊ کڻي شرڪت ڪئي

ريلي ڪڍڻ جو مقصد عوام کي معذورن جي حقن بابت آگاه ڪرڻ آهي، خصوصي ٻارن کي اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر ۾ داخل ڪرايو وڃي. سيف ﷲ مهر

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته ڪچي ۾ پاڻي هجڻ سبب ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي شهيد صحافي جان مهر جي قاتلن تائين نه پهچي س...
04/12/2023

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته ڪچي ۾ پاڻي هجڻ سبب ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي شهيد صحافي جان مهر جي قاتلن تائين نه پهچي سگهياسين، 17 ڊسمبر تائين شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڊيڊلائن مقرر ڪئي آهي.

خانپورمهر لڳ ونواهه ۾ ويٺل15 ورهين جي ناري زينب سومرو مبينا طور اغوا، واقعي جو ڪيس داخل، ٻئي طرف ناري جي وارثن احتجاج ڪن...
04/12/2023

خانپورمهر لڳ ونواهه ۾ ويٺل15 ورهين جي ناري زينب سومرو مبينا طور اغوا، واقعي جو ڪيس داخل، ٻئي طرف ناري جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته شيخ برادري جا ماڻهو هٿيارن جي زور تي اسان جي ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري ويا آهن.

ميرپور ماٿيلو ۾ نادرا عملي ڳوٺاڻي علي بخش شر کي مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس نادرا آفيس جي انچارج منير ميراڻي ج...
04/12/2023

ميرپور ماٿيلو ۾ نادرا عملي ڳوٺاڻي علي بخش شر کي مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس نادرا آفيس جي انچارج منير ميراڻي جي چوڻ تي زخمي ڳوٺاڻي کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.

لاهور: پنجاب حڪومت صوبي ۾ اڻ رجسٽرڊ رڪشا هلائڻ تي پابندي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ 30 ڏينهن جي رليف واري مدي کانپوءِ...
02/12/2023

لاهور: پنجاب حڪومت صوبي ۾ اڻ رجسٽرڊ رڪشا هلائڻ تي پابندي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ 30 ڏينهن جي رليف واري مدي کانپوءِ انهن سمورن رڪشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري وزير ابراهيم مراد جي هدايت تي پنجاب حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي چنگ چي رڪشا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ابراهيم مراد چيو ته چنگ چي رڪشن کي 30 ڏينهن جي وارننگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته لوڊرز به رڪشا هلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

نگران وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ وڏن شهرن ۾ غير منظور رڪشن تي پابندي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو پر مستقبل ۾ چنگ چي رڪشن جي تياري تي پابندي هوندي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت لاهور شهر ۾ 80 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪل رڪشا هلن ٿا، جن مان صرف 20 سيڪڙو رجسٽرڊ آهن.

ٺارو شاهه ۾ ايڪتا تقريب:  شمن علي ميرالي سر وکيرياٺارو شاهه ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان واري تقريب دوران شمن علي ميرالي ۽ ٻين...
02/12/2023

ٺارو شاهه ۾ ايڪتا تقريب: شمن علي ميرالي سر وکيريا
ٺارو شاهه ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان واري تقريب دوران شمن علي ميرالي ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو

شمن علي ميرالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي

فنڪار شمن علي ميرالي چيو ته سڀاڻي هر ماڻهو ثقافتي ويس اوڍي ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائيندو

بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو ...
02/12/2023

بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو آهي ته بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي

عمر ايوب پي ٽي آءِ جو بنا مقابلي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا ۽ ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي، بلوچستان مان منير بلوچ ۽ سندس پينل بنا مقابلي چونڊجي ويو

سنڌ مان حليم عادل شيخ تحريڪ انصاف جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازيءَ موجب اڪبر ايس بابر مون سوڌو منهنجي ٽيم سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود هئس

اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪئي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ اليڪشن ڪميشن ۾چئلينج ڪنداسين

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بي ضابطگي بابت اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ويندي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون، اڄ شام انٽر پارٽي اليڪشن جي سلسلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندس….

02/12/2023

جروار ۾ 3 ڊسمبر ثقافتي ڏهاڙي جي اعلان کان بعد تقريبون جاري

سنڌ ڪابينا پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهينگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبو...
01/12/2023

سنڌ ڪابينا پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ واڳيل اختيارين شرڪت ڪئي
ڪابينا طرفان پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، 9 هزار 901 اسڪولن جي مرمت لاءِ 3 ڏهائي 3 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي
سنڌ ڪابينا رينجرز کي هڪ ڏهائي 38 ارب رپيا ڏيڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي، گهرو کاتي آگاهي ڏني ته رينجرز ان رقم مان واٽر ڪينن، ڪوئيڪ ريسپانس وهيڪلز ۽ ڪميونيڪيشن سميت ٻيو سامان خريد ڪندي
آبپاشي کاتي سنڌ ڪابينا آڏو فلڊ پروٽيڪشن سيڪٽر پروجيڪٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي

ڪوئيٽا پيپلزپارٽي جي جلسي کان واپسي تي جيالن سان روڊ حادثو پنج ڄڻا فوت ٿي ويا جنھن ۾ مظفر ڀٽو, علي مراد سھتو,ڳھڻو خان ٽڳ...
01/12/2023

ڪوئيٽا پيپلزپارٽي جي جلسي کان واپسي تي جيالن سان روڊ حادثو پنج ڄڻا فوت ٿي ويا جنھن ۾ مظفر ڀٽو, علي مراد سھتو,ڳھڻو خان ٽڳڙ,امتياز ماڇي، غلام نبي ڪلھوڙو فوتين ۾ شامل

نگران وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ساڳي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهيذريعن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين ڪو به ...
30/11/2023

نگران وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ساڳي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين ڪو به واڌ يا گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي پر ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 4 رپيا 52 پيسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آھي

30/11/2023

گهوٽڪي بريڪنگ نيوز

سنڌ حڪومت پاران سياري جي موڪلن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري، 22 ڊسمبر 2023 کان 31 ڊسمبر 2023 تائين تعليمي ادارا بند رھندا...
30/11/2023

سنڌ حڪومت پاران سياري جي موڪلن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري، 22 ڊسمبر 2023 کان 31 ڊسمبر 2023 تائين تعليمي ادارا بند رھندا.

اسلام آباد: سينيٽ جي گهرو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪاميٽي سينيٽر محسن عزيز جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پارلياماني رپورٽرز ا...
30/11/2023

اسلام آباد: سينيٽ جي گهرو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪاميٽي سينيٽر محسن عزيز جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسئيشن جي صدر عثمان خان ۽ سيڪريٽري نويد اڪبر پي آر اي جي نمائندگي ڪئي

صدر پي آر اي عثمان خان چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل کي 108 ڏينھن گذري ويا آھن پر قاتل گرفتار ناھن ٿي سگھيا،3 جاچ آفيسر بدلي ٿي چڪا آھن، سيڪريٽري پي آر اي نويد اڪبر چيو ته سنڌ صحافين لاءِ خطرناڪ صوبو بڻجي ويو آھي

آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختيار چيو ته 13 آگسٽ تي جان محمد مھر کي شھيد ڪيو ويو، قاتل ڪچي واري علائقي ۾ ھليا ويا آھن، ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪيو آھي. 12 ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻو آھي، جلد شير محمد سميت ٻيا به پڪڙيا يا ماريا ويندا. تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو سنڌ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ھي ھڪ جان محمد مھر ناھي ڪافي صحافي قتل ٿي چڪا آھن، عزيز ميمڻ سميت ڪافي صحافين کي ايم اين ايز، ايم پي ايز جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو، سکر ته صحافين لاءِ غزا بڻجي ويو آھي. سکر ۾ وڏيرا صحافين کي ڪنٽرول ڪندا آھن

اجي ڪمار لالواڻي کي نيب جي حراست ھيٺ اسپتال ۾ موجود شخص جي وڊيو ٺاھڻ تي قتل ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ راجا رفعت راجا چيو ته ڪنھن به ڏوھاري يا قاتل کي نه ڇڏيندس. 18 ڊسمبر تائين جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪنداسين يا مارينداسين، اِن لاءِ پوليس کي ڀلي ڪيترو به نقصان برداشت ڪرڻو پوي. ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار چيو ته 17 ڊسمبر شهيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي ڊيڊ لائين مقرر وئي آھي

ايس ايڇ او جروار صدرالدين لڪ جي بھترين ڪارڪردگي جروار جي مختلف رستن تي سنيپ چيڪنگ جاري
29/11/2023

ايس ايڇ او جروار صدرالدين لڪ جي بھترين ڪارڪردگي جروار جي مختلف رستن تي سنيپ چيڪنگ جاري

حيدرآباد: نگران وڏي وزير جي اسپتال جي دوري دوران مريض ٻارڙِي جي وارث جو احتجاج، حيدرآباد ۾ نگران وڏي وزير جي سول  اسپتال...
29/11/2023

حيدرآباد: نگران وڏي وزير جي اسپتال جي دوري دوران مريض ٻارڙِي جي وارث جو احتجاج، حيدرآباد ۾ نگران وڏي وزير جي سول اسپتال جي دوري دوران مريض ٻارڙِي جي وارث احتجاج ڪيو

احتجاج ڪندڙ شخص چيو ته سول اسپتال ۾ نگران وڏي وزير جي پروٽوڪول سبب مريض توڙي سندن وارث پريشان آهي

هن چيو ته نياڻي کي کڻي آيو آهيان، نگران وڏي وزير جي پروٽوڪول سبب سندس علاج شروع ناهي ٿيو

وڊيو ۾ احتجاج ڪندڙ شخص چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته مريضن جو علاج نٿو ڪيو وڃي، نگران وڏي وزير هن معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي

سانگھڙ۾ ٽي وڳا ڪپڙن جا چوري جي الزام ۾ پوليس ٽن ڀينرن تي سانگهڙ ٿاڻي تي چوري جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
29/11/2023

سانگھڙ۾ ٽي وڳا ڪپڙن جا چوري جي الزام ۾ پوليس ٽن ڀينرن تي سانگهڙ ٿاڻي تي چوري جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

رائونتي: سنڌ پنجاب دنگ وٽ سولنگي ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس جي پهچڻ تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ...
29/11/2023

رائونتي: سنڌ پنجاب دنگ وٽ سولنگي ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس جي پهچڻ تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو

سنڌ پنجاب دنگ وٽ سولنگي ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا، مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو

پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سولنگي برادري جا 4 ۽ سيلرا برادري جا عورت سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا

پوليس جي فائرنگ ۾ ڪرم علي ڪوش، ڌاڙيل عمرو شر ۽ سندس سئوٽ مارجي ويا، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ پيل آھن

جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 22 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پيپلزپارٽي دلچسپ انداز ۾ ننڍي چونڊ مان آئوٽ ٿيل، 3 آزاد...
29/11/2023

جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 22 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پيپلزپارٽي دلچسپ انداز ۾ ننڍي چونڊ مان آئوٽ ٿيل، 3 آزاد اميدوار ۽ هڪ ٽي ايل پي جو اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن

ننڍي چونڊ وڙهندڙ اميدوارن ۾ ٽي ايل پي جو اميدوار عمران لاشاري، آزاد اميدوار لياقت کوسو، عمران جمالي ۽ آزاد اڪبر علي شامل، پيپلزپارٽي وارڊ 22 تان اڳوڻي ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ آصف ابڙو کي کٽرائڻ لاءِ پنهنجي ميمبر تنوير بروهي کان استعيفا ڏياري هئي

آصف ابڙو اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان اختلافن سبب آخري وقت تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا، پيپلزپارٽي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ تنوير بروهي کي ٻيهر ٽڪيٽ ڏني

ٽي ايل پي اميدوار عمران لاشاري پ پ اميدوار تنوير بروهي جي نامزدگي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو، هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ تنوير بروهي کي چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چونڊ وڙهندڙ 4 اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي

پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ سولنگي شر تڪرار تان عورت سميت 4 ڄڻا قتل ٿيڻ جا اطلاع مليا آهنپنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾  سو...
29/11/2023

پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ سولنگي شر تڪرار تان عورت سميت 4 ڄڻا قتل ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن

پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ سولنگي ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان عورت سميت 4 ڄڻا قتل ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن

مخبري جي الزام تان شروع ٿيل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، نتيجي ۾ چئن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن

پوليس ذريعن موجب ڪمند جي ڪٽائي ڪندڙ سولنگي ڌر تي شر ڌر جي هٿياربندن حملو ڪيو، شر ڌر جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سولنگي ڌر جا 3 ڄڻا ۽ سيلرا برادري جي واٽهڙو عورت مارجي وئي

کپرو ٻيلي جي زمين تي قبضوڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي  ٻن ڄڻن سوڍو ۽ قربان جوڻيجو کي 2  2سال سزا
29/11/2023

کپرو ٻيلي جي زمين تي قبضوڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ٻن ڄڻن سوڍو ۽ قربان جوڻيجو کي 2 2سال سزا

ملائيشيا پاڪستاني سياحن لاءِ اي ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو ملائيشيا جي اميگريشن ڊپارٽمينٽ اهم طريقيڪار ۾ تبديليون آڻي ڇڏيون ...
29/11/2023

ملائيشيا پاڪستاني سياحن لاءِ اي ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو ملائيشيا جي اميگريشن ڊپارٽمينٽ اهم طريقيڪار ۾ تبديليون آڻي ڇڏيون ھاڻ ويزا آن لائين پورٽل تان اپلائي ڪري سگھجي ٿو جنهن سان پاڪستاني سياحن کي آساني سان 30 ڏينهن جي دوري واري ويزا لاءِ آن لائين پورٽل ذريعي اپلائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

اسان ڏاڍا خوش قسمت آهيون جو اسان سنڌ ۾ نه پنجاب ۾ رهون ٿا: ڪرڪيٽر شعيب مقصود  زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذر...
29/11/2023

اسان ڏاڍا خوش قسمت آهيون جو اسان سنڌ ۾ نه پنجاب ۾ رهون ٿا: ڪرڪيٽر شعيب مقصود
زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذريعي سفر ڪري رهيو هئس ۽ سنڌ پوليس ايتري ڪرپٽ آهي جو 50 ڪلوميٽرن کان پوءِ توهان کي روڪين ٿا ۽ پئسا گهرن ٿا يا وري توهان کي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا: ڪرڪيٽر شعيب مقصود جو ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ
ھر 50 ڪلوميٽرن کان پوءِ وري توهان کي روڪيندا ۽ وري پئسا گهرندا سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن عروج تي اسان کين ٻڌايو ته اسان انٽرنيشنل ڪرڪيٽر آهيون ملتان وڃي رھيا آھيون ڪراچي ۾ اسان جي ميچ ھئي پوءِ بہ اهي 8000 هزار رپيا وٺي ويا ته پوءِ اسان کي وڃڻ ڏنو.

گھوٽا ڀيري تڪرار تان ميرپورماٿيلو وچ شهر ۾ قتل ٿيل شهمير ڀيري قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار مختيار گهوٽو کي پوليس گرفتار ڪري و...
28/11/2023

گھوٽا ڀيري تڪرار تان ميرپورماٿيلو وچ شهر ۾ قتل ٿيل شهمير ڀيري قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار مختيار گهوٽو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو....

28/11/2023

ميرپورماٿيلو : پيالا هوٽل لڳ عورت مبينا قتل

28/11/2023

گهوٽڪي : گڻگي ۾ نامعلوم چور هاءِ اسڪول جون 8 دريون پٽي ويا

جنوبي پنجاب سان تعلق رکندڙ غربت کي مات ڏيئي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيل بلال پاشا پراسرار نموني فوت ٿي ويو
27/11/2023

جنوبي پنجاب سان تعلق رکندڙ غربت کي مات ڏيئي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيل بلال پاشا پراسرار نموني فوت ٿي ويو

بلاول ڀٽو جي شادي جي حوالي سان مشاورت شروع ٿي وئي آصف زرداري پنهنجي پٽ جي جلد شادي ڪرڻ چاهي ٿو، ڀينرن جو ڪردار اهم هوندو...
27/11/2023

بلاول ڀٽو جي شادي جي حوالي سان مشاورت شروع ٿي وئي آصف زرداري پنهنجي پٽ جي جلد شادي ڪرڻ چاهي ٿو، ڀينرن جو ڪردار اهم هوندو.
نوجوان سياسي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جي شادي بابت خانداني صلاح مشورا شروع ٿي ويا آهن، اي آر واءِ نيوز موجب آصف علي زرداري چاهي ٿو ته بلاول ڀٽو جلد کان جلد شادي ڪري، ان حوالي سان خاندان ۾ صلاح مشورا شروع ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو جي شادي ڪڏهن ڪرڻ جو فيصلو. چاچي ۽ چاچا خاندان جي سامهون شادي جون مختلف تجويزون رکيون. بلاول ڀٽو جي شادي جي فيصلي ۾ ٻنهي ڀينرن جو ڪردار اهم هوندو. بلاول ڀٽو جي شادي جا اڪثر سوشل ميڊيا تي بحث ٿيندا رهن ٿا. بلاول ڀٽو جي شادي جي حوالي سان دلچسپ بحث ان وقت شروع ٿيو جڏهن 2019ع ۾ ان حوالي سان سندس والد آصف علي زرداري پاران بيان جاري ڪيو ويو.
آصف زرداري باضابطا اعلان ڪيو ته سندس پٽ بلاول شادي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو لاءِ ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري پاڻ به هڪ بيان جاري ڪيو هو، بلاول ڀٽو ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته سندس شادي جون تياريون ڪيون پيون وڃن. بلاول چيو ته سندس شادي ويجهو آهي، في الحال ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏئي سگهان. ڪجهه عرصو اڳ بلاول ڀٽو شادي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته سندس شادي جو فيصلو سندس ڀيڻون ئي ڪنديون.

مريم اورنگزيب کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪملاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مريم اورنگزيب کي 9 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو ...
27/11/2023

مريم اورنگزيب کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مريم اورنگزيب کي 9 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جج عبهر گل ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس ۾ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي مريم اورنگزيب جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

عدالت لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي وارنٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس ۾ مريم اورنگزيب، جاويد لطيف ۽ ٻيا جوابدار نامزد ٿيل آهن

گذريل ٻڌڻي تي جاويد لطيف جي پيش ٿيڻ تي عدالت سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا

Address

Mirpur Mathelo
65040

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awam Jo Saharo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Awam Jo Saharo:

Videos

Share