National Awareness Compaign,قومي سجاڳي مھم،

National Awareness Compaign,قومي سجاڳي مھم، سنڌ جي لڪل صلاحيت کي اتساھ ڏيڻ۔

ڪراچي ڊفينس ۾ ٽريفڪ سگنل تي مسافرن کان ڦرون ڪندڙ ٻه افغاني پٺاڻ پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيا
08/03/2023

ڪراچي ڊفينس ۾ ٽريفڪ سگنل تي مسافرن کان ڦرون ڪندڙ ٻه افغاني پٺاڻ پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيا

سڄي دنيا ۾ پورن موويز ڏسڻ وارن ۾ پاڪستان اڃان سوڌو پهرئين نمبر تي. گوگل سروي.
08/03/2023

سڄي دنيا ۾ پورن موويز ڏسڻ وارن ۾ پاڪستان اڃان سوڌو پهرئين نمبر تي. گوگل سروي.

https://m.facebook.com/
02/03/2023

https://m.facebook.com/


کُلُّ نَفْسٍ ذَائِقَتُہ المَوت۔
إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ😰
کرہ ارض کا سب سے خوش نصیب شخص شامی شہری "غازي شحادة" جرمنی سے بیت اللّٰه شریف کی زیارت کیلئے سائیکل پہ نکلا تھا۔ کئی ممالک سے ہوتے ہوئے وہ سعودی عرب پہنچا۔ مہینوں کے پر مشقت سفر کا اختتام ہونے ہی والا تھا۔ وہ مکہ مکرمہ کی حدود میں داخل ہوگیا تھا کہ پیغام اجل آگیا۔ دل کا دورہ پڑنے سے غازی شحادۃ کا انتقال ہوگیا۔ احرام ہی کفن بنا سبحان اللّٰٖه۔ مسجد حرام میں جنازہ ہوا اور مکہ مکرمہ میں تدفین۔ میدان حشر میں احرام پہن کر ہی اٹھے گا۔آللہ پاک ان کے درجات بلند فرمائے ۔
#آمین_______ثم_______آمین 🌹😘

28/02/2023

وائيلڊ لائيف کاتي وارن نانگن کي ريسڪيو ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ واري ايريا ۾ ڇڏي ڏنو

27/02/2023

عوام اٽي لا۽ پريشان، ڪم ڏسو

27/02/2023

اوباڑو کے قریب گاؤں مٹرکوٹ میں قبرستان میں ایک نیم کے درخت سے بیکٹیریل لکویڈ بہنا شروع ہوا تو گاؤں والے برتن لے کر پہنچ گئے درخت سے نکلنے والا زہریلا گندہ مادہ برتن بھر پینے لگے اور درخت کو پیر بنا کر پیر کا معجزہ کہنے لگے،،،

کاتن وارا پئسا اچي ويا آھن 5 هزار في ايڪڙ جو پنهنجو نالو چيڪ ڪريو پئسا ڪارڊ تي ڊوائز مان وصول ڪري سگهو ٿا
27/02/2023

کاتن وارا پئسا اچي ويا آھن 5 هزار في ايڪڙ جو پنهنجو نالو چيڪ ڪريو پئسا ڪارڊ تي ڊوائز مان وصول ڪري سگهو ٿا

26/02/2023

عمران خان صرف اي گورننس لاڳو ڪري ويو تہ، سڀ برابر ٿي ويندا، اھا سمجھ تمام گهٽ ماڻهون ٿا رکن تہ اي گورننس آھي ڇا، جنهن جو پهريون قدم آنلائن اليڪٽران ووٽينگ نظام آھي

26/02/2023

جهالت سڀني براين جي جڙ آهي

26/02/2023

Real inspired interview

26/02/2023

28 فيبروري کان بغير ڪاغذ ۽ بغير رجسٽريشن موٽر سائيڪل ھلائڻ تي پاپندي لاڳو ،
ذریعن موجب ليٽر تي هلائيندڙ موٽر سائيڪل چالان ڪري مالڪ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري

ڄامشورو : سنڌ جا مزاحيا اداڪار علي گل ملاح ۽ سھراب سومرو سپر هاءِ وي تي گاڏي کي ٽرالر جو ٽڪر, گاڏي تباه، علي گل ملاح ۽ س...
25/02/2023

ڄامشورو : سنڌ جا مزاحيا اداڪار علي گل ملاح ۽ سھراب سومرو سپر هاءِ وي تي گاڏي کي ٽرالر جو ٽڪر, گاڏي تباه، علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو محفوظ آهن

25/02/2023

ميڊيسن فيڪٽري تي ڇاپو.
آگمينٽن به گھر م پئي ٺھي مريض کٿان خوش ٿيندا
هي سڀ نقلي دوائون سموري سنڌ ۾ وڪرو پيون ٿين

انڊيا سان مقابلو ھنن شين ۾ ڪيو..انڊيا جي شھر دھلي ۾ 2000 ھزار کان وڌيڪ گاڏيون چارجنگ پوائنٽس آھن۔ جتي نارمل چارجنگ فيس ...
25/02/2023

انڊيا سان مقابلو ھنن شين ۾ ڪيو..

انڊيا جي شھر دھلي ۾ 2000 ھزار کان وڌيڪ گاڏيون چارجنگ پوائنٽس آھن۔
جتي نارمل چارجنگ فيس 3 روپيا ۽ فاسٽ چارجنگ فيس 7 روپيا يونٽ آھي۔
انڊيا 2030 تائين 80 فيصد اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون استعمال ڪندو. جنهن سان انڊيا کي 60 ارب ڊالر جو پيٽرول ۽ ڊيزل امپورٽ نه ڪرڻو پوندو۔

فيصلو ملڪ جي بقا ۽ قوم جي مفادن جي خاطر ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاليسي بيان ڪندي چيو آهي ته شادين ۾ گهور منڱڻهارن ...
24/02/2023

فيصلو ملڪ جي بقا ۽ قوم جي مفادن جي خاطر ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاليسي بيان ڪندي چيو آهي ته شادين ۾ گهور منڱڻهارن بدران حڪومتي ڌر جا چونڊيل نمائندا وٺندا جنهن ۾ پ پ پ ، ن ليگ ۽ فضل رحمان جي پارٽي جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي شامل هوندا.

نه بيروزگار هو ,نه ئ نوجواني وارو عشق هوس آمريڪي ٿامس جيڪو 2 ارب ڊالرز جي ملڪيت رکندڙ ۽ 78 سال جي عمر م پنهنجي دفتر م پس...
24/02/2023

نه بيروزگار هو ,
نه ئ نوجواني وارو عشق هوس
آمريڪي ٿامس جيڪو 2 ارب ڊالرز جي ملڪيت رکندڙ
۽ 78 سال جي عمر م پنهنجي دفتر م پسٽل هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي

گراناز مری زندہ بازیاببارکھان کے کنویں سے ملنے والی لاش کسی نامعلوم لڑکی کی نکلی گراناز مری کے ساتھ اس کی بیٹی بیٹوں کو ...
23/02/2023

گراناز مری زندہ بازیاب
بارکھان کے کنویں سے ملنے والی لاش کسی نامعلوم لڑکی کی نکلی گراناز مری کے ساتھ اس کی بیٹی بیٹوں کو بھی لیویز اہلکاروں نے بازیاب کرا لیا زرایع

22/02/2023

ٺٽو: ٻگھاڻ ۾ ديوان ڊاڪٽر دولت رام تي وحشياڻو تشدد جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نوٽيس وٺي پنھنجي عدالت لڳائيندڙ ھمراھن کي قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي ڪنھن کي اجازت ناھي

بلوچستان حڪومت مري فيملي جي ٽن فردن جو قتل۔  ڪيس صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران بجاء نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪري  ڇڏيو ۔
22/02/2023

بلوچستان حڪومت
مري فيملي جي ٽن فردن جو قتل۔
ڪيس صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران بجاء نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪري ڇڏيو ۔

22/02/2023

سنڌ جي بهادر نياڻي ادي
ام رباب چانڊيو کي هڪ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي زمانت رد ڪورٽ ۾ گرفتار ٿي ويو

مطلب پاسو بدلجي پيو
21/02/2023

مطلب پاسو بدلجي پيو

21/02/2023

هن مري ذات جي عورت ڪجھ عرصو اڳ قرآن شريف کڻي اپيل پي ڪئي ته کيس ۽ سندس ست ٻارن کي صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران جي قيد مان نجات ڏياري وڃي پر سندس سڏ ڪنهن نه ٻڌو نتيجتن ٻن جوان پٽن سان گڏ سندن لاش ھڪ کوھ مان مليا اڄ سندن وارث اهي لاش کڻي ڪوئٽه ۾ احتجاج ڪري رهيا آھن پر نه پوسٽ مارٽم ٿو ٿئي ۽ نه ايف آء آر ۽ پنج ٻار اڃان کيتران جي قبضي ۾ ھئڻ جو ٻڌايو پيو وڃي ۔خدا جو خوف ڪريو مقتولين سان انصاف ڪريو

ھن حيوان تي لعنت ھڻي اڳڪتي شيئر ڪريو
21/02/2023

ھن حيوان تي لعنت ھڻي اڳڪتي شيئر ڪريو

21/02/2023

هي خان محمد مري جي گهر واري جي فيبروري ۾ شيئر ٿيل وڊيو آھي جنهن ۾ ھو قران پاڪ هٿ ۾ کڻي بلوچستان جي صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي اپيل ڪري رهي آھي ته کين آزاد ڪيو وڃي۔جيڪا پوء ٻن پٽن سميت قتل ٿي وئي ۽ لاش کوھ مان مليا ۔cp

هڪ ماءُ ٻه ڳنڀرو نوجوان پٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان  هن بد شڪل بد ڪردار بدبوندار سردار  جي قيد ۾ هيا فرض سمجهي پوسٽ فيسبڪ تي ر...
21/02/2023

هڪ ماءُ ٻه ڳنڀرو نوجوان پٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان
هن بد شڪل بد ڪردار بدبوندار سردار جي قيد ۾ هيا
فرض سمجهي پوسٽ فيسبڪ تي رکو جيئن هي بد شڪل گرفتار ٿئي

ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ به افغاني پٺاڻن جي لوڌ کي چند پئسن تي سندن افغانستان جي ڪارڊن ۾ ترميم ڪري ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مقامي پ...
20/02/2023

ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ به افغاني پٺاڻن جي لوڌ کي چند پئسن تي سندن افغانستان جي ڪارڊن ۾ ترميم ڪري ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مقامي پاڪستاني شهريت طور شناخت لا۽ آساني پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن هو مستقبل ۾ هتان جا شهري هجن، ذريعن موجب ڊي ايڇ او آفيس ٺٽي ۾ ڪنهن ڊاڪٽر معرفت پهتل افغانين جي نادره فارم جي تصديق ڪرڻ جو سلسلو شروع ، ٺٽي جا سرڪاري ڊاڪٽر توڙي ٻين سرڪاري ادارن ۾ ويٺل 18 گريڊ جا آفيسر پنهنجي نسلن جي تباه ڪارين جا پاڻ زميوار هوندا ڇو ته ڪينسر وبا کان وڌيڪ خطرناڪ افغاني پٺاڻ ملڪ ۾ آباد ٿيڻ ملڪ لا۽ هڪ وڏو رسڪ آهن هنن کي اهڙي قسم جا فارم تصديق ڪري ڏيڻ سان توهان کي افغانين کان مليل چند پئسا ملڪ ۽ قوم جي خون جو سوڌو ڪرڻ برابر جو فيصلو ٿي سگهي ٿو هڪ طرف پاڪستان حڪومت پرڏيهي افغاني پٺاڻن کي ملڪ بدر ڪرڻ جون ڪوشش پئي ڪري ته ٻئي طرف سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ڪرپٽ سرڪاري ڪامورا چند ٽڪن تي پنهنجو ناجائز ڪم کي لڳا پيا آهن اهڙا ڪرپٽ سرڪاري ڪامورا ٿورو هوش کان ڪم وٺن

20/02/2023

بريڪنگ نيوز
صدر عارف علوي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏي اليڪشن 9 اپريل بروز آچر تي ٿيندي

سنڌيو ھوشيار!دريا سنڌ جا رخ پيا موڙجن، آهي ڪا سنڌ کي خبر؟....
19/02/2023

سنڌيو ھوشيار!
دريا سنڌ جا رخ پيا موڙجن، آهي ڪا سنڌ کي خبر؟....

اڄ مان توھان کي سنڌ ۾ ھڪ اھڙي اداري جي باري ۾ ٻڌايان ٿي جيڪو گمس کان ھزار دفعا بھترين سھولتون ڏئي رھيو آھي  ھن اداري کي ...
18/02/2023

اڄ مان توھان کي سنڌ ۾ ھڪ اھڙي اداري جي باري ۾ ٻڌايان ٿي جيڪو گمس کان ھزار دفعا بھترين سھولتون ڏئي رھيو آھي ھن اداري کي سنڌ حڪومت 2010 ۾ قائم ڪيو جنھن جو نالومحترم بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ڪراچي رکيو جيڪو سول اسپتال ۽ ايس آء يوٽي جي ڀرسان آھي ھن اداري جي ھڪ وڏي ڳالھ اھيا آھي ته بغير سفارش جي ھر مريض کي عزت ملي ٿي ايتري قدر جو ٽيسٽون ڪيتريون به مھنگيون هجن پرسڀ پنھنجو پاڻ فري ڪيو وڃن ٿو اگر ڪنھن کي رت جي ضرورت آھي ته انھي کي اھيا سھولت پڻ فري ملي وڃي ٿي اگر ڪنھن جو بلڊ گروپ جو مسئلو آھي ته ڊونر ڏئي رت وٺي سگھجي ٿو ڊونر کان بلڊ وٺڻ مھل انھي کي جوس بسڪيٽ فري ڏنو وڃي ٿو نه ڪائي بلڊ بيگ نه ٽيسٽن جو خرچ سڀ فري انھي کان پوءۡ دوا ته بلڪل فري آھي مريض جي مالڪن تي ڪوبه برڊن نه آھي مريض کي ٻه ٽائيم ماني ناشتو به ملي ٿو اھو به بھترين نه ڪا پرچي نه سفارش ھن ۾ ڳالھ ڪجي ڊاڪٽرس جي ته ملڪ جا بھترين ڊاڪٽر .چويھ ڪلاڪ موجود ملندا جيترو ٿي سگھي ته ماڻھن کي ھن اداري جي باري ۾ ٻدايو ته ماڻھن کي بھترين سھولتون ملي سگھن

18/02/2023

گرھوڙي۽ جي اڳڪٿي،
حاڪم حرفت ساڻ وڪيندا وسيلا،
ڪوڙا ڪائنرا ٿيندا پاڻ ۾ ٻول ٻڌا،
مُلُڪ مسلماني پاڻ ۾ وڙھي ٿيندا ويرانا،

18/02/2023

گرھوڙي۽ جي اڳڪٿي،
پاھت جن جون پيڙھيون سي محتاج ٿيندا مانيء لاء،
گڏھ ماڻھو گندين واہُ واہُ ڪندا وڏيرن کي،
ادب نہ ھوندو عورتن کي مردن نہ مڻيا،

18/02/2023

مھرباني ڪري پنھنجي نياڻين کي دين جي تعليم پنھنجي پاڙي جي ڪنھن عورت معلما وٽ ڏياريو اگر عورت ناھہ تہ پاڻ پنھنجي گھر م نياڻين کي پڙھايو!
نفسا نفسي موبائيل جو دؤر آ ھر چوٿون ماڻھون وحشي درندو لڳو پيو آ..!!!

مير مرتضئ ڀٽو جي نياڻي فاطمہ ڀٽو جو اهو ڪتاب جنهن ۾ هن پنهنجي پي ءٗ ٖ ماءٗ ٖ ۽ ڀٽو خاندان جي رازن تان پردو کڻي تهلڪو مچا...
18/02/2023

مير مرتضئ ڀٽو جي نياڻي فاطمہ ڀٽو جو اهو ڪتاب جنهن ۾ هن پنهنجي پي ءٗ ٖ ماءٗ ٖ ۽ ڀٽو خاندان جي رازن تان پردو کڻي تهلڪو مچائي ڇڏيو **

فاطمہ ڀٽو جو هي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب “ سانگس آف بلڊ اينڊ سورڊ ( رت ۽ تلوار جا گيت ) سندس پيءٗ مير مرتضئ ڀٽو جي زندگي جي ڪهاڻي آھي بلڪہ ان ۾ ھن ڀٽي خاندان جي تاريخ، غير فطري موتن، جدوجھدن توڙي عياشين کي بي باڪي ۽ ايمانداريءَ سان لکيو آھي. جنھن ۾ ھن نه رڳو پنھنجي ڦُڦيءَ بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس تي ڪڙي تنقيد ڪئي آھي. اتي پنھنجي پيءُ، چاچي شاھنواز جي گوريلا سرگرمين ۽ رنگين زندگين کي کلي طرح سان لکيو آھي. فاطمه ڀٽو ھن ڪتاب کي لکڻ لاءِ ڪيترائي دفعا يورپ، امريڪا، عرب ملڪن توڙي يونان ۾ پنھنجي پيءُ مرتضيٰ جي ساٿين، ڪلاس فيلوز ۽ محبوبائن سان پاڻ ملاقاتون ڪري پنھنجي پيءُ جي زندگي جي ڪڙين کي ڪڙين سان ملايو آهي. هيءُ هڪ دلچسپ ڇرڪائيندڙ ۽ انڪشافن سان ڀريل ڪتاب آهي. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڪتاب جي شروعات خانداني پس منظر کان وٺي 2008ع تائين ٿيل انھن مڙني دکدائڪ داستانن کي لکي قلمبند ڪري، پڙھندڙن توڙي تاريخ ۽ سياست جي شاگردن لاءِ گھڻو ڪجهه بيان ڪيو آھي، پاڪستان ۽ سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ھيءُ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنھن ۾ توھان لاڙڪاڻي جي ڀٽن جي شھزادن توڙي شھزادين کي سمجھڻ لاءِ گھڻو ڪجهه پڙھڻ لاءِ ملندو.
فاطمه ڀٽو پنھنجي خاندان جي پس منظر کي بيان ڪندي لکي ٿي ته ڀٽو خاندان راجستان کان لڏي سنڌو جي ڪناري ”مٺي جو مڪان“ نالي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو، جيڪو ڳڙھي خدابخش ۽ ميرپور ڀٽو جي وچ ۾ ھو. خدا بخش ڀٽو فاطمه جو تڙ ڏاڏو، جنھن جي نالي تي اڏيل ڳڙھي خدا بخش ڀٽو شھيدن جي آخري آرامگاھ. واري ڳوٺ سان دنيا ۾ مشھور آھي. خدا بخش ڀٽي جو پٽ مرتضيٰ ڀٽو (اول)، جنھن کي برطانوي سفارتڪار جي زال سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ان انگريز آفيسر مرتضيٰ خان کي دوکي سان گھرائي کاڌي ۾ زھر ڏئي مارائي ڇڏيو. اھو ڀٽي خاندان جي فردن جو پھريون ”غير فطري موت زھر ڏيڻ“ سبب ٿيو. ان کان گھڻو پوءِ فاطمه جي چاچي مير شاھنواز ڀٽي جو موت پڻ فرانس جي هڪ شھر ۾ زھر جا ڪيپسول واپرائڻ سبب ٿيو ۽ پوءِ ڀٽن جي غير فطري طور تي مارجي وڃڻ جو سلسلو اڃان به جاري آھي. مرتضيٰ خان (اول) جي شخصيت ڊگھي، قدآور ۽ خوبصورت ھئي، ۽ پوءِ فاطمه ڀٽو جي پيءُ تي سندس تڙ ڏاڍي مرتضيٰ جو نالو رکيو ويو. جنهن جو موت به 1996ع ۾ سندس ئي گھر جي اڳيان غير فطري انداز ۾ ٿيو. مرتضيٰ ڀٽو (اول) جو پٽ سر شاھنواز ڀٽو وري سنڌ جي سياست ۾ ھڪ نمايان حيثيت وارو ڪردار ھو. ھن ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي اسڪول ڪراچي ۾ ورتي پر ھو اتان پرائمري جا پنج درجا به پورا نه ڪري سگھيو. جوان ٿيڻ کانپوءِ سياست ۾ پير پاتائين ۽ بمبئي جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر بنيو پر 1937ع واري اليڪشن ۾ ليلارام عرف عام شيخ عبدالمجيد سنڌي کان پنھنجي ئي شھر لاڙڪاڻي مان شڪست کائڻ کانپوءِ سياست کي خيرباد چئي پنھنجي فيملي سميت بمبئي لڏي ويو. سر شاھنواز ڀٽي کي 3 پٽ ھئا، ٻه پھرئين گھر واريءَ مان، سڪندر علي ۽ امداد علي خان ڀٽو ھئا. امداد علي ڀٽو ۽ سڪندر علي، ذوالفقار علي ڀٽو کان عمر ۾ گهڻا وڏا ھئا. ھو وڏا پياڪ ۽ انتھائي شوقين ۽ عورتن ۾ تمام گھڻا مقبول ھئا. انھن ۾ امداد علي ڀٽو وڌيڪ خوبصورت ۽ خوش لباس ھو. ھو ھميشه فل سوٽ پھريندو ھو. بقول فاطمه ڀٽو جي ته هو ٻئي Noted loather ھئا. ٻنھي خوبصورت نوجوانن جا فطري موت 30 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي ٿي ويا. سر شاھنواز جي ٻيو نمبر گھر واري لکي ٻائي عرف خورشيد بيگم جيڪا پونا انڊيا جي ھڪ عام ۽ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ عورت ھئي. جنھن سان شاھنواز ڀٽو، عشق جي شادي ڪئي ھئي کيس ان مان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽي ڌيئر بينظير، مانا ۽ ممتاز پيدا ٿيون.
سر شاھنواز ڀٽو 1937ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ دلبرداشته ٿي جڏھن بمبئي ھليو ويو. ان وقت سنڌ جو وزير اعليٰ خان بهادرالھه بخش سومرو ھو، جنھن جي سفارش تي شاھنوازڀٽي بمبئي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي سرڪاري نوڪري کي قبول ڪيو.
انھيءَ دوران جهونا ڳڙھ.، رياست جو وزير اعليٰ جيڪو سر شاھنواز نواز ڀٽو جو ذاتي دوست ھو، جيڪو بيمار ٿي پيو ۽ علاج لاءِ يورپ ھليو ويو. ھن شاھنواز ڀٽو کي اعتماد وارو دوست سمجھي جهونا ڳڙھ. رياست جو وزير اعليٰ مقرر ڪري ڇڏيو جتي ھو گڏيل ھندستان جي ورھاڱي تائين جھونا گڙھ جو وزير اعليٰ رھيو. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين شاديءَ لاءِ لکي ٿي ته ھو ڪرڪيٽ راند جو وڏو شوقين ھو. ھن جي ٻالڪپڻ جو فائدو وٺندي ۽ ڪرڪيٽ واري بيٽ جي تحفي عيوض کيس ڀٽو فيمليءَ جي مالدار احمد خان ڀٽي جي ننڍيءَ ڌيءَ شيرين امير بيگم سان شادي ڪرائي وئي. جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو کان عمر ۾ ڏھ. سال وڏي ھئي. امير بيگم جي ٻي ڀيڻ جي شادي وري ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي ڀاءُ امداد علي ڀٽو سان ڪرائي وئي، جڏھن ته سندن ٽين ڀيڻ کي سندس خاندان جو ھڪ ماستر زمين تان ٿيل جھگڙي کانپوءِ اغوا ڪري کڻي ويو ۽ ساڻس شادي ڪيائين.
ذوالفقار علي ڀٽو بمبئي ۾ پھريون عشق Soraya Karim Bhoy سان ڪيو. جڏھن سوريا جي مائٽن کي خبر پئي ته ھوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻي گھر واري ھوندي ته ھنن پهرين ئي پرڻيل ذوالفقار علي ڀٽو کي پنھنجي ڌيءَ جو سنگ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي امڙ خورشيد بيگم انتھائي غريب ۽ معمولي خاندان جي عورت ھئي، جنھن پنھنجي پٽ کي چيو هوته ”سياست جي جنت عام ماڻھن جي پيرن ھيٺان آھي. تنھنڪري تون ڪڏھن به اهو نه وسارجان ته تون سنڌ جي ھڪ غريب ڌرتيءَ سان واسطو رکين ٿو.“ اھو ئي سبب ھو جو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي امڙ جي غريب ھئڻ ۽ سندس ٻڌايل نصيحت جي ڪري غريبن جو ليڊر بڻجي ويو. جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا ۾ پڙهندو هو تڏهن وري نصرت اصفھاني جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو، سندس ماءُ خورشيد بيگم انھيءَ شاديءَ تي اعتراض ڪيو ته نصرت جو خاندان شيعه فرقي سان تعلق رکي ٿو ۽ ڀٽا سني آھن. نصرت جو پيءُ ھڪ معمولي صابڻ چي (صابڻ ٺاھڻ جو ڪاروبار ڪندڙ) آھي. نيٺ 1951ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻي شادي نصرت اصفهاني سان سندس دوست ”اِلو“ عرف الاھي بخش سومري ۽ نڪاح جي شاھد طور ڪريم داد جوڻيجي جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. جيڪي نصرت کي سندس پيءُ جيڪو نابين ھو، جي گھر کان کڻي آيا ۽ سندن طرفان وڏي ڪوشش کان پوءِ شيعه نڪاح خوان مولوي کي آندو ويو، جنھن نڪاح پڙھايو. ڀٽو نڪاح کانپوءِ سڌو گھر نه ويو. ھن کي شادي وارا پھريان ڏينھن ڪراچيءَ جي پيلس ھوٽل ۾ گذارڻا پيا، ڪجهه ڏينھن کانپوءِ شاھنواز ڀٽو، ٻنھي گھوٽ ڪنوار کي ھوٽل مان گھر وٺي آيو. 1953ع ۾ نصرت ڀٽو کي جڏھن سولجر بازار ۾ قائم ھڪ ڪرسچن اسپتال ۾ بينظير ڀٽو پيدا ٿي ته ڀٽو خاندان کي پھريون ٻار، ڌيءُ جي ڄمڻ تي ڪابه خوشي نه ٿي، ڇو ته ھو نصرت مان پٽ جي ڄمڻ جي اميد رکيو ويٺا ھئا. ايسيتائين جو ڀٽي خاندان جو ڪوبه فرد کيس ڌيءَ (بينظير) جي ڄمڻ تي مبارڪون به ڏيڻ نه آيو. نصرت پنھنجي ساھرن جي اھڙي رويي تي لڙڪ لاڙي ويٺي ھئي. ان وقت نصرت جي تيماداري نواب اڪبر بگٽيءَ جي ڀيڻ ۽ شيرباز مزاريءَ جي گھر واريءَ ڪئي ھئي. ھڪ سال پوءِ جڏھن نصرت ڀٽو مير مرتضيٰ کي جنم ڏنو ته سندس ڏاڏي خورشيد بيگم نه رڳو اسپتال ۾ نصرت جي تيمارداري ڪندي رھي پر ھوءَ پنھنجي نُنھن لاءِ تحفا ۽ سونو ھار پڻ کڻي آئي ھئي.
ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي پٽن جي تربيت تمام سٺي نموني سان ڪئي ھئي. ھو کين چوندو ھو ته انهن پيرن تي ھٿ رکي جھڪي ملڻ وارن ماڻهن کي منع ڪن ۽ ساڻن ڀاڪر پائي ملن. سگريٽ نه واپرائين ڇو ته سگريٽ صحت لاءِ نقصانڪار آھن، جنھن مان ڪينسر جھڙي خطرناڪ بيماري ٿي سگھي ٿي ان کان بھتر آھي ته ھو شراب واپرائين۔ ڀٽي کي جڏھن لاڙڪاڻي مان آخري دفعو گرفتار ڪري لاهورکڻي ويا ته ھن کي پنھنجي ٻنھي پٽن جو سخت اونو ھيو. ھن ڪنھن طرح سان کين نياپو موڪليو ته ھو ھاڻي ھتان ھليا وڃن ھن پنھنجي دوستن کي پڻ چورايو ته ھو ھن جي پٽن جي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ ۾ قانوني طريقي سان مدد ڪن، جيڪڏھن نه ته ھو ڪھڙو به طريقو اختيار ڪري کين ملڪ کان ٻاھر موڪلين۔
فاطمه ڀٽو ھن ڪتاب کي لکڻ لاءِ ڪئي دفعا ھر انھيءَ جڳهه تي ۽ انھن ماڻھن سان ملي معلومات ڪٺي ڪئي، جيڪي مرتضيٰ ڀٽو جا ساٿي ۽ دوست رھيا ھئا. ھن پنهنجي ڪتاب ۾ پيءُ ۽ چاچي جي طرفان سندن والد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن، پيپلز لبريشن آرمي ۽ الذوالفقار تائين جي سفر کي به تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن سندن زندگيءَ ۾ آيل عورتن ۽ شادين جو ذڪر به ايمانداريءَ ۽ سچائي سان ڪيو آھي.
ھن لکيو آھي ته جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ قيد ھو ته ھنن ڀائرن جي سياسي سرگرمين جو مرڪز لنڊن ھو جتي ھڪ ڏينھن يونائيٽيڊ نيشن جي طرفان ٿيل ھڪ ڪانفرنس ۾ سڪندراعظم جي ڄم واري شھر veria سان واسطو رکندڙ عورت ڊيلا جي سندس پيءُ مير مرتضيٰ سان ملاقات ٿي. ڊيلا فاطمه کي ٻڌايو ته ھن ان ڪانفرنس جي Basement واري ھال ۾ محسوس ڪيو ته ھن کي ھڪ نھايت ئي خوبصورت ۽ قد ۾ کائنس ٻيڻو شخص کيس گهوري رهيو آهي ۽ ايئن اسان ھڪٻئي سان مسڪراھٽن جي مٽاسٽاڪئي. ڊيلا جيڪا ان وقت ساڻس گڏ ويٺل برطانيه ۾ صوماليا جي سفير کان ھن شخص جو پڇيو. ھن کيس ٻڌايو ته ھو پاڪستان جي اڳوڻي سوشلسٽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو پٽ مرتضيٰ آھي، جنھن جي حڪومت جو فوج تختو اوندھو ڪري کيس قتل جي ھڪ ڪيس ۾ قيد ڪيو آھي. هو هاڻي پنھنجي پيءُ جي آزاديءَ ۽ کيس بي گناھ. ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم آھي. اھو به عجيب اتفاق ھو ته ڊيلا به پنھنجي محبوب مڙس لاءِ جيڪو يونان جي آرميءَ جو برطرف ٿيل جنرل ھو، جنھن کي وري ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، يونان جو انھي فوجي جنرل Michal Raufogalis سان ڊيلا سندس گرفتار ٿيڻ کان صرف 3 مھينا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو ھو. جنرل کائنس عمر ۾ 25 سال وڏو ھو. جنرل مائيڪل کي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ نه رڳو ھٽايو ويو پر کيس بغاوت ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا اچي وئي هئي. جنرل مائيڪل يونان جي ھٽايل ملٽري صدر Rapadopolous جو ويجھو ۽ با اعتماد ساٿي ھو. ايستائين جو جڏھن ڊيلا جي جنرل مائيڪل سان شادي ٿي ته ھن کي شادي واري منڊي به انھي صدر جنرل پارائي ھئي.
ڊيلا انھن ڏينھن دوران پنھنجي مڙس جي آزاديءَ ۽ سندس عمر قيد جي سزا ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪن (سي آئي اي) جي عملدارن سان نيويارڪ ۾ ملاقاتون ڪندي رھندي ھئي. ائين مرتضيٰ ۽ ڊيلا جي وچ ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي زندگيءَ جي تلخين کي شيئر ڪيو. اهڙي طرح هو ٻئي مختلف ريسٽوريٽن ۾ گڏجي کائيندا پيئندا ۽ ڊانس ڪندي ھڪ ٻئي کي ويجھو اچي ويا. جڏھن فاطمه ڀٽو 2008ع ۾ اٿينس جي شھر ۾ پنھنجي پيءُ جي محبوبا ڊيلا سان ملاقات ڪئي ته ان وقت ڊيلا جي عمر 60 سالن کان مٿي ٿي چڪي ھئي، پر ھن جي جسامت ٻڌائي رھي ھئي ته ھو اڃا به ھڪ خوبصورت عورت آھي. ڊيلا فاطمه سان گرم جوشيءَ سان ملي هئي ھن فاطمه جي اکين ۾ مرتضيٰ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن جي وارن کي چميون ڏنيون ھن کيس مرتضيٰ جا لکيل خط ۽ تحفا ڏيکاريا. ھن کيس مرتضيٰ سان گڏ نڪتل ھڪ تصوير به ڏني. ھن کيس ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پٽن کي جيل مان ڳجھي نموني سان خط لکي چيو ھو ته ”جيڪڏھن توھان منھنجي قتل جو پلاند نه ڪيو ته توھان منھجا پٽ نه ھوندا“. ھن فاطمه کي اھو به تفصيل سان ٻڌايو ته مرتضيٰ پنھنجي پيءَ جي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ۽ ڪيڏا جتن ڪيا، پر ٻئي ڀائر کيس بچائي نه سگھيا. ھن کيس ٻڌايو ته جنھن وقت کين لنڊن ۾ معلوم ٿيو ته سندن پيءُ کي ڦاسي ڏني وئي آھي ته مير مرتضيٰ جا ھٿ ۽ چھرو ڏڪڻ لڳو پر ھن جلدي پنھنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪري ورتو. آءُ ساڻس گڏ ھئس کيس دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رھيس ۽ مون ھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو ته ھو ٿڌو ٿئي. ھن تنھن وقت چيو ته ”ھنن ھيري کي ماريو آھي کين ان جي قيمت ڏيڻي پوندي“. ھن پوءِ پاسي واري ڪمري ۾ وڃي پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ته اسان جي پيءُ کي ڦاسي ڏني وئي آھي. پوءِ ٻئي ڀائر سفيد ڪپڙا پھري ٻاھرآيا، جتي تمام گھڻا ماڻھو ۽ ميڊيا وارا سندن انتظار ڪري رھيا ھئا.
ميرمرتضيٰ ڊيلا کي ڪابل ۾ گھرائي منڊيءَ جو تحفو ڏيندي شاديءَ جي باقائده آفر پڻ ڪئي. پر ڊيلا کيس ٻڌايو ته ھن جو مڙس جنرل مائيڪل اڃان به جيل ۾ آھي تنھنڪري ھن وقت ھوءَ ڪوبه فيصلو نٿي ڪري سگھي. ھن فاطمه کي ٻڌايو ته هوءَ ھڪ دفعو مرتضيٰ جو خط کڻي ڪراچيءَ پڻ آئي ھئي. جتي ھن اھو خط نصرت ڀٽو کي پھچايو ھو. جتي نصرت ڀٽو ته ساڻس پاٻوهه ۽ پيار سان پيش آئي ھئي پر بينظير ڀٽو کيس 70 ڪلفٽن ۾ ئي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ کانپوءِ ملي پر ھن کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو.
ڊيلا ٻڌايو ته ھڪ دفعو شام جي صدر حافظ لااسد سان مرتضيٰ، شاھنواز ۽ سندس جي گڏيل ملاقات پڻ ٿي ھئي، جتي مرتضيٰ شام جي صدر حافظ الاسد سان سندس تعارف مڱيندي طورڪرايو ھو. فاطمه کي هن اھو به ٻڌايو ته ابوظھبي جي شيخ زيد ڀٽو جي ڀائرن جي ٺاهيل ( PLA) پيپلز لبريشن آرميءَ جي مدد کان به انڪار ڪيو. پر ھن تحفي جي طور تي ڀٽي جي پٽن کي 10,000 ھزار ڊالر ڏنا. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڪتاب ۾ پنھنجي چاچي شاهنواز جنھن کي ھوگوگيءَ جي نالي سان سڏي ٿي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ شاھنواز کي گوگيءَ سڏيو ويندو ھو. جنهن لاءِ لکي ٿي ته چاچي گوگيءَ جو عشق ساڻس گڏ سوئزرلينڊ ۾ پڙھندڙ ترڪش نسل جي ھڪ بت ۾ ڀريل ڇوڪري Nurseli سان ٿيو ھو ساڻس ڪيترائي سال گڏ پڻ رھيو ۽ ان ڇوڪريءَ سان هن جو مڱڻو به ٿيو. جڏھن نرسيلا جي گھروارن کي خبر پئي ته ھو مسلح جدوجھد ڪندڙ گوريلو آھي ته ھن جي والدين ان مڱڻي کي فورن ٽوڙي ڇڏيو، پوءِ شاھنواز به لنڊن مان سڌو ڪابل منتقل ٿي ويو. فاطمه ڀٽو ٻنهي ڀائرن جي ڪابل ۾ رھائش ۽ شادين جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته ڪابل ۾ ٻئي ڀائر وزير اڪبر خان اسٽريٽ جي پيلس- 2 جي ھڪ ٽن بيڊرومن جي سنگل اسٽوري بنگلي ۾ رھندا ھئا. جيڪو جرمني ۽ لبيا جي سفارتخانن جي بلڪل آمھون سامھون ھو. جتان کان صرف اڌڪلوميٽر جي مفاصلي تي پاڪستان جو سفارتخانو ھو.
مرتضيٰ ڪابل ۾ سليمان خان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ڊيلا مرتضيٰ جي جدوجھد وارن سالن ۾ اتي ساڻس گڏ رھندي ھئي. ڊيلا اردو ۽ اسپينش ٻوليون به سکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ھن ان دوران پنھنجي يونان ۾ قيد جنرل کي ڇڏڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو ھو. مرتضيٰ جي ساڻس گھرائپ جو اندازو سندس کي لکيل انھيءَ خط مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ھن کيس لکيو ته ”اسين جيڪي واعدا پورا نه ڪري سگھياسين، اھي واعده پنھنجي وطن سنڌ ۾ ھلي پورا ڪنداسون“۔ مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي آرگنائزيشن جو سياسي سربراھ ھو ته شاھنواز ان جو جنگجو ڪمانڊر ھو. ڊيلا جڏھن لڳاتار ڪابل ايندي رھندي ھئي ته افغان انٽيليجنس وارن مرتضيٰ کي آگاھ. ڪيو ته ڊيلا آمريڪن سي آئي اي جي ايجنٽ آھي ۽ پوءِ اھڙو اظھار مرتضيٰ ڊيلا ڏانھن لکيل ان آخري خط ۾ به ڪيو ته مونکي پنھنجي دوستن توھان جي آمريڪي سي آئي اي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ٻڌايو آھي. ان کانپوءِ مرتضيٰ ۽ ڊيلا جا رستا الڳ ٿي ويا. انھيءَ دوران ڪابل جي انھيءَ وزير اڪبر خان نالي واري روڊ تي مرتضيٰ ڀٽو، شاھنواز ڀٽو ۽ سندن ويجھو ترين دوست سھيل سيٺي شام جو پَسار ڪندا ھئا. جتي سندن پاڙي ۾ رھندڙ Fowzia فوزيه پڻ شام جو اتي واڪ ڪندي ھئي اتي سندس مير مرتضيٰ سان عليڪ سليڪ وڌندي وئي ۽ نيٺ اھا عليڪ سليڪ مرتضيٰ سان شاديءَ ۾ بدلجي وئي. فوزيه جي والد جو تعلق ھڪ سفارتڪار گھراڻي سان ھو. اهڙي طرح سندن شامون فوزيه جي گھر ۾ ان جي خاندان وارن سان گذرڻ لڳيون انھيءَ دوران وري مرتضيٰ جي ننڍي ڀاءُ شاھنواز جو واسطو فوزيه جي ننڍي ڀيڻ ريحانا سان ٿي ويو.
ريحانا، تنھن وقت ۾ روس جي خلاف وڙھندڙ افغان مجاھدين جي وڏي حمايتي ھئي ۽ شاھنواز وري ھڪ ڪميونسٽ ملڪ جو مھمان ھو. ھو ٻئي ان تي چرچن ڀوگن ۾ وڙھندا رھندا ھئا. جيتوڻيڪ ٻنھي ڀائرن جون شاديون چند ڏينھن جي وقفي سان ٿيون ھيون. پر ٻنھي جي شاديءَ جي دعوت واري تقريب گڏيل ٿي ھئي. جنھن ۾ مرتضيٰ ۽ شاھنواز فلسطيني گوريلن وارا يونيفارم پاتا ھئا مير جي يونيفارم جو رنگ ڳاڙھو ۽ شاھنواز ڪاري رنگ وارو يونيفارم پھريو ھو. جڏھن ڀٽو ڀائرن جو گڏيل دوست سھيل سيٺي ان شاديءَ واري تقريب جي دعوت کڻي ان وقت جي افغان انٽيليجنس جي اڳواڻ ڊاڪٽر نجيب الله جيڪو پوءِ افغانستان جو صدر به بنيو وٽ ويو ته ھن ان جي اڳيان ھڪ ڳجھو فائيل سامھون رکيو ۽ چيو ته ھن مونکي پھرين ڇو نه ٻڌايو ته ھو ٻئي ڀائر جن ٻن ڀينرن سان شاديون ڪري رھيا آھن جن جي پيءُ ۽ فيملي جا افغان مجاھدين سا ويجھا لاڳاپا آهن. ھنن جو پيءُ فارين سروسز ۾ ملازم آھي ۽ خصوصن جنرل ضياءَ جي (آئي ايس آئي) جي ذريعي افغان مجاهدين کي ھٿيار فراهم ڪرڻ سميت ٻي مدد پڻ ڪندو آھي، جيڪي آمريڪن سي آئي جي معرفت کين ڏنا وينداآھن پر نجيب جي اھڙي قسم جا انڪشاف ۽ خدشا ٻنھي ڀائرن جي شاديءَ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي نه سگھيا. جنهن سان ڊاڪٽر نجيب کي وڏي مايوسي ۽ نااميدي ٿي ۽ ايئن ھو ٻئي انھيءَ ان وقت جي مجاھدين ۽ اڄ جي طالبان جي حامي خاندان جا ناٺي بڻجي ويا.
فاطمه ڀٽو جي پيدائش 29 مئي 1982ع تي شام جو 3:45 منٽن تي ڪابل جي ھڪ فوجي اسپتال ۾ ٿي. ان وقت ڪابل ۾ ڪرفيو ھو جتي فاطمه جي ماءُ فوزيه کي سخت پھري ۾ اسپتال ۾ آندو ويو، تڏهن اھو به خطرو ھيو ته ڪٿي مجاھدين ان اسپتال کي ٽارگيٽ نه بنائين ۽ ان حملي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي باغي پٽن کي ختم نه ڪيو وڃي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجيب طرفان اسپتال ۾ خصوصي انتظام ڪيا ويا ھيا. ايستائين جو ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس زال به اسپتال ۾ پھچي ويا ۽ ان وقت مرتضيٰ ڀٽو، فلسطيني يونيفارم ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ٻاھران ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو. بقول فاطمه جي ته سندس ماءُ فوزيه شاديءَ کان اڳ ئي اميد سان ٿي وئي هئي.( Fowzia was already pregenant with me). جڏھن فاطمه جو جنم ٿيو ته سندس پيءُ مرتضيٰ جي خيال ۾ ٻه نالا ھئا، جيڪي نئي ڄاول ڇوڪري لاءِ ھن سوچيا ھئا جن ۾ ھڪ سندس ماءُ جي والده جو نالو فاطمه ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءُ جو نالو خورشيد هو. بعد ۾ منھنجي ايراني پڙڏاڏيءَ جو نالو فاطمه ئي تجويز ڪيو ويو. ۽ اھڙيءَ طرح منھنجي سوٽ ۽ چاچي گوگيءَ جي ڌيءُ جو نالو سنڌ جي ھڪ لوڪ داستان جو ڪردار ”سسئي“ رکيو ويو. منھنجي ڏاڏي نصرت چوندي ھئي ته منھنجي مڙس کي قتل ڪيو ويو ته آءُ پنھنجي اولاد کان پھرين مرڻ پسند ڪنديس. ھن پنھنجي ڪنھن ٻئي پياري جو موت زندگيءَ ۾ ڏسڻ نه ٿي چاھيو.
فاطمه پنھنجي سموري خاندان جي تمام گھڻي وقت کانپوءِ ٿيل انھي رات واري گڏجاڻيءَ جو احوال به تفصيل سان لکيو آھي جتي ڀٽي خاندان جا سمورا فرد گڏ ٿيا ھئا. مرتضيٰ ۽ شاھنواز شام مان اچي شريڪ ٿيا ھئا. بي نظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو لنڊن مان اچي شريڪ ٿيون ھيون، سندن والده جنيوا مان آئي ھئي. سڀني پنھنجي ٻالڪپڻ جون يادون ۽ شرارتون ھڪٻئي سان شيئر ڪيون. فاطمه ۽ سسئي ان وقت بالڪل ننڍڙيون ھيون جيڪي پنھنجي پيءُ ۽ چاچي جي ٽنگن کي پڪڙي خوش ٿي رھيون ھيون. اھا خوشيءَ واري شام ريحانا ۽ شاھنواز جي معمولي اختلافن تي ختم ٿي وئي، ايستائين جو منھنجو والد جيڪو پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو. ان طرفان معمولي مداخلت ڪرڻ تي چاچي به ريحانا کيس خاموش رھڻ جو چيو ۽ ھن عورت اتان منھنجي پيءُ ۽ ڦُڦي کي به ڪڍي ڇڏيو. اسين سڀئي ڏاڏي نصرت سان گڏجي سندس رھڻ واري فليٽ تي ھليا آياسون. صبح جو سويل انھيءَ فليٽ جو بيل وڳو، بابا ٻاھر ويو ته منھنجي چاچي ريحانا ٻاھر بيٺي ھئي ھن ٻڌايو ته شاھنواز کي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آھي. اسين سڀئي سندس فليٽ تي آياسين اسان ڏٺو ته چاچا گوگيءَ جو لاش صوفي ۽ ڪافيءَ واري ٽيبل جي وچ ۾ ڪريو پيو ھو. سندس قميص لٿل ھئي، بدن تي بلو رنگ جا نشان ھئا.
بابا پنھنجي امڙ کي چيو ته ”امان گوگي ھليو ويو“ ۽ پوءِ فرانس جي تحقيق ڪندڙ پوليس پنھنجي رپورٽ ۾ چيو ته شاھنواز جو موت زھريلا ڪيپسول واپرائڻ جي ڪري ٿيو آهي. سندس آنڊي، بدن ۽ ٻين حصن ۾ زھر ڦھليل ھو. شاھنواز جي مرتئي کانپوءِ مرتضيٰ ۽ فوزيه ۾ اختلاف وڌي ويا. سندن جو ھاڻي ھڪٻئي سان گڏ رھڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ ان وقت منھنجي عمر صرف 3 سال ھئي. منھنجي پيءُ مونکي ما ءُ جيان پاليو ھو، هو مونکي پنھنجي ھٿن سان وھنجاريندو ھو، منھنجا وار ڪٽي سنواريندو ھو، مونکي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪھاڻيون ۽ ٿڌڙا ڪڍي سمھاريندو ھو. مونکي پنھنجي بوٽن جھڙا بوٽ ٻارائندو ھو. آءُ صفا Tom boy لڳندي ھئس. ايئن مون پنھنجي جنم ڏيندڙ ماءُ کي بنهه وساري ڇڏيو. جڏھن منھنجو پيءُ قتل ٿي ويو ته پوءِ فوزيه ھڪ ڏينھن اوچتو منھنجي ڪراچيءَ واري ھاءِ اسڪول ۾ اچي نڪتي، جتي ھن اسڪول انتظاميه کان منھنجي لاءِ گھر ڪئي مون ساڻس پهرين ته ملڻ به پسند نه پئي ڪيو ڇو ته منھنجي پيءُ ته ھن سان گڏ نڪتل فوٽو به فيملي البم مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيا ھئا. بالاخر مونکي ساڻس اسڪول جي اندر ئي ملايو ويو. ھن مونکي چيو ته مرتضيٰ کيس سندس وٽان اغوا ڪري کڻي ويو ھو ھن کيس چيو ته ”ھوءَ کيس هڪ دفعو پنھنجي ماءُ سڏي“ پر مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ساڻس وڃڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته آءُ کيس ھتي وڌيڪ ڏسڻ به نٿي چاھيان. ھن پوءِ ڦُڦي بينظير جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ھئي.
فاطمه جتي پنھنجي پيءُ مرتضيٰ ۽ وڏي (بينظير) جي اختلافن جو ذڪرڪيو آھي اتي ھن پنھنجي پيءُ جي بيدرديءَ سان قتل واري ڏينھن جو به دل ڏاريندڙ ذڪر ڪيو آھي ته ھن کي ڪيئن نه مجبور ٿي، وڏي (بينظير) سان وزيراعظم ھائوس اسلام آباد ڳالھائڻو پيو، جتان کيس آصف زرداريءَ ٻڌايو ته ”تنھنجو پيءُ مارجي ويو آھي.“
ھن پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ياد ڪندي لکيو آھي ته بابا جڏھن ملڪ کان ٻاھر جلاوطن ھو ته به پنھنجي گھر ۽ سنڌ کي ياد ڪندو ھو ۽ ھو جمالو وارو سنڌي لوڪ گيت ترنم ۾ ڳائيندو ھو. ھو سنڌ جو روايتي اجرڪ استعمال ڪندو ھو. شڪارپور جو آچار کائيندو ھو. جيڪو ھن کي شڪارپور مان سوکڙي ٿي ايندو ھو. ھن وڌيڪ اھو به لکيو آھي ته بابا مون سان ڪڏھن به اردو ۾ نه ڳالھايو ۽ ھو مون سان ھميشه انگلش ۾ گفتگو ڪندو ھو. ھن پنھنجي پيءُ ۽ غنويٰ ڀٽي جي شاديءَ ۽ محبت جو احوال به سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪيو آھي، جو ٻنھي جي پھرين ملاقات ھڪ لفٽ ۾ ٿي ھئي، پوءِ ھو آھستي آھستي ھڪٻئي جي ويجھو اچي ويا. ھو دمشق جي charn ھوٽل ۾ گڏجي ترندا ھئا ۽ اتي مونکي پڻ بابا به اتي ترڻ سيکاريندو ھو.
غنويٰ لاءِ سندس چوڻ آهي ته ھوءَ بيروت مان اچي دمشق ۾ ھڪ ھنڌ رسيپشنسٽ ٿي ۽ ڪيٿولڪ چرچ ۾ نوجوان ڇوڪرين جا Ballet (ڊانس) وارا ڪلاس وٺندي ھئي. غنويٰ جا مائٽ مارڪسسٽ ھئا ھن جي ماءُ ڪافيه جيڪا شاعره ۽ استاد پڻ ھئي ۽ سندس والد عبود ھڪ انجينئر ھو. جيڪو 1940ع ۾ فرانسيسين خلاف پڻ وڙھيو ھو. ھن لکيو آھي ته ميرمرتضيٰ پنھنجي اسيمبليءَ دوران ملندڙ الائونس ۽ پگھار ايڌھي وٽ جمع ڪرائيندو ھو.cp

17/02/2023

ٺٽو: گھارو مان ڦورو ھڪ شخص زمان جتوئي کان برياني جو پيڪٽ ڦر ڪري فرار.
مهانگائي جو اثر

17/02/2023

تيل جون قيمتون واپس وٺو.
تحريڪ لبيڪ جي سربراه سعد حسين رضوي حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو۔

17/02/2023

بريڪنگ
ايڊيشنل آ۽ جي ڪراچي آفيس تي دھشتگردن جو دستي بمن سان حملو پوليس ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ ھلندڙ لائيٽ بند

Address

Karachi
72400

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when National Awareness Compaign,قومي سجاڳي مھم، posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Category

Nearby media companies


Other Talent Agents in Karachi

Show All

You may also like