جيڪب آباد
جي ستين ڪلاس جي شاگرد فرحان علي ولد غلام نبي نائچ جو چوڻ آهي ته زرق خان ڊومڪي اسڪول جي استاد عاشق علي جمالي مون سان بدتميزي ۽ بدفعلي ڪرڻ جو گذريل ڪجھ مھينن کان چوندو رھيو آھي اڄ مان مجبور ٿي پنهنجي والدين ۽ ميڊيا جي دوستن کي ٻڌائي رھيو آھيان مون سان انصاف ڪيو وڃي
جيڪب آباد نديم لاشاري
جيڪب آباد ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ برقرار جيڪب آباد سول لائين ٿاڻي جي حد مان مختيارڪار ھائوس جي سامهون گدائي پبلڪ اسڪول مان چور دروازن جا تالا ٽوڙي اسڪول مان پکا پاڻي واري موڻر لاوُڊ اسپيڪر ڊنڊي وارا پکا ۽ بيو قيمتي سامان با آساني سان چوري ڪري ويا حد جي ٿاڻي تي اينسي داخل پوليس بيوس بڻيل
جيڪب آباد نديم لاشاري
جيڪب آباد ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ برقرار جيڪب آباد سول لائين ٿاڻي جي حد مان مختيارڪار ھائوس جي سامهون گدائي پبلڪ اسڪول مان چور دروازن جا تالا ٽوڙي اسڪول مان پکا پاڻي واري موڻر لاوُڊ اسپيڪر ڊنڊي وارا پکا ۽ بيو قيمتي سامان با آساني سان چوري ڪري ويا حد جي ٿاڻي تي اينسي داخل پوليس بيوس بڻيل
جيڪب آباد:6شهيد پوليس اهلڪارن جا قاتل ,گينگ اڳواڻ مٺل شاھ ۽ ڌاڙيل مغوي فرقان سومرو کي سرعام موٽرسائيڪل تي کڻي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي,
نديم لاشاري
جيڪب آباد: پراپرٽي وارو معامرو: عدالت اڳوڻي ايم پي اي مير اورنگزيب پنهور ۽ سندس ڀاءُ سليمان خان پنهور مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جيڪب آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ مير شجاع الله خان ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي، ڪورٽ سڳوري اسان جي پراپرٽي واري مسئلي تي اسان سان انصاف ڪندي پراپرٽي تي قابض منهنجي ٻنهي سئوٽن اڳوڻي اورنگزيب پنهور ۽ سندس ڀاءُ سليمان خان پنهور مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
جيڪب آباد. ندیم لاشاری
شيدي محلا جي رهواسي احمد علي جو پوليس جي ناجائزين خلاف ميڊيا اڳيان دانھون ھن چيو ته ھڪ مھينو اڳ ون فائيو وڏو منشي ياسين اوٺو سٽي ٿاڻي جي حد ۾ رات جو ھوٽل تان کڻي ويو ھيو جڏھن منهنجون اکيون ٻڌي سڄي رات مونتي تشدد ڪندو رھيو ۽ منھنجي مٿان ظلم ڪندو رهيو مان سٽي ٿاڻي تي ايف آئي آر جي لاءِ به ويم پر پوليس منھنجي ايف آئي آر ڪونه ڪئي ۽ مان ڪورٽ سڳوري مان ايف آئي آر ڪرائي آهي پر
افسوس جو پوليس ھن کي گرفتار ڪون ٿي ڪري جڏهن ته سٽي ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي ياسين اوٺي سان ياري نڀائي رهيا آهن ياسين اوٺو مونکي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ايس ايس پي جيڪب آباد تحفظ فراهم ڪري ۽ مان مطالبو ڪريان ٿو ايس ايس پي جيڪب آباد ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان خدارا خدا جي واسطي مون سان انصاف ڪيو وڃي
جيڪب آباد: ملڪ ۾ کاڌي، پيتي سميت پيٽروليم شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪرڻ واري عمل خلاف جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران اڳواڻن سعيد احمد بروهي، نور محمد منجهو، بابل ڪوريجو، رياض لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهري وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر مارچ ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو جتي مڇريل ماڻهن مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.