04/06/2023
#موبائيل ۽ #مسلمان
موٽرولا ڪمپني اڄ کان 50 سال اڳ 3 اپريل 1973ع تي دنيا جو پهريون موبائل فون ايجاد ڪيو، جنهن جو وزن 1 ڪلوگرام هو. ان کي چارج ٿيڻ ۾ 10 ڪلاڪ لڳندا هئا ۽ 30 منٽن جي ڳالهائڻ کان پوءِ بيٽري ختم ٿي ويندي هئي. تنهن کان پوءِ 1992 ۾ نوڪيا ڪمپني پنهنجو پهريون موبائل فون نوڪيا1011 آندو جنهن موبائل فون جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ان جون تقريباً 1 ڪروڙ ڪاپيون وڪرو ٿيون. نوڪيا 1011 ۾ 99 نمبرن جي اسٽوريج ميموري هئي، وزن به گهٽائي 495 گرام ڪيو ويو، ان جو اسٽينڊ بائي ٽائيم 12 ڪلاڪ ۽ ٽاڪ ٽائم 4 ڪلاڪ هو. دنيا جي پهرين موبائيل جو بنيادي ڪم ڪال ڪرڻ هو، پوءِ ايس ايم ايس جو اضافو ٿيو، پوءِ انٽرنيٽ، پوءِ دنيا جي هر شيءِ موبائيل تي منتقل ٿي وئي. اڄ دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڪم هجي جيڪو موبائيل ذريعي نه ٿي رهيو هجي. ٽي وي يا اي سي کان ويندي ڊرون جهازن ۽ ڪيمرائن تائين موبائيل فون ايپ سان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. بئنڪنگ سسٽم ۾ دنيا جي 70 سيڪڙو دولت ۽ ڊيٽا ، موبائيل ايپليڪيشنن ۾ منتقل ٿي چڪي آهي، باقي به تمام تيزيءَ سان ٿي رهي آهي. پر اڄ به هن موبائيل پنهنجي بنيادي ڪم کي نه وساريو آهي. توهان گيم کيڏي رهيا هجو يا فلم ڏسي رهي رهيا هجو، انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪندي وڊيو ٺاهيندي يا توهان هڪ وقت ۾ 10 ڪم به ڪري رهيا هجو، جيئن ئي ڪال اچي ٿي ته موبائل فوري طور تي هر ڪم ڇڏي توهان کي ٻڌائي ٿو ته ڪال اچي رهي آهي اها ٻڌو. ڇاڪاڻ ته سڀ ڪم پنهنجي جاءِ تي پر اچڻ واري ڪال تمام اهم به ٿي سگهي ٿي انڪري هُو پنهنجا سڀ ڪم روڪي ڇڏي ٿو ۽ انسان جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ سڄي ڪائنات کي سندس خدمت لاءِ سينگاريو آهي، اهو ڏينهن ۾ ڪيترا دفعا پنهنجو ڪم بند ڪري الله جي سڏ تي مسجد ڏانهن وڃي ٿو؟ مسجد ۾ وڃڻ ته پري رهيو پر اسان اذان دوران ڳالهائڻ به بند ڪرڻ مناسب نه ٿا سمجهون. عبادت هر انسان ۽ نماز هر مسلمان جي زندگيءَ جو اهم جز آهي، جنهن کي موت تائين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. ڪاش اسان موبائيل فون مان اهو ئي سبق سکي وٺون جيڪو اسان پاڻ ايجاد ڪيو آهي ۽ هڪ منٽ لاءِ به پاڻ کان ڌار نه ٿا ڪريون ته دنيا جا سڀ ڪم ڀلي ڪريو پر پنهنجي پيدائش جو اصل مقصد الله جي عبادت ڪرڻ کي ڪڏهن به نه وساريو. جيئن ئي اذان ٿئي ته سڀ ڪجهه روڪي مسجد ۾ وڃو ۽ الله جي ڪال جو جواب ڏيو. ڪهڙي خبر الله جي اچڻ واري ڪال اسان لاءِ آخري ڪال هجي.