Theba lovers Alliance Talkua Hyderabad

Theba lovers Alliance Talkua Hyderabad Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Theba lovers Alliance Talkua Hyderabad, Social Media Agency, Hyderabad.

Sarwan Ali Thebo M Mubeen Thebo Shamshad Ali Thebo Aijaz Thebo Ayaz Ali Thebo Munam Thebo
03/02/2024

Sarwan Ali Thebo M Mubeen Thebo Shamshad Ali Thebo Aijaz Thebo Ayaz Ali Thebo Munam Thebo

25 /6/23 ٿيٻا لورس الائونس جي گروپ اهم اجلاس اڄ ٿي گذريو جنهن جي ميزباني منيم عالم ٿيٻو ڪئي  ڳوٺ نندو ٿيٻو ۾جنهن ۾ ڪافي ...
26/06/2023

25 /6/23 ٿيٻا لورس الائونس جي گروپ اهم اجلاس اڄ ٿي گذريو جنهن جي ميزباني منيم عالم ٿيٻو ڪئي ڳوٺ نندو ٿيٻو ۾
جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ٿيٻا برادري شرڪت ڪئي
پاران ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد
Munam Thebo
Shehroz Ashraf Thebo
Shamshad Ali Thebo
Sarwan Ali Thebo
Masroor Ahmed Thebo

*ٿيٻا لورس الائينس* تعلقه حيدرآباد جي ميٽنگ ڳوٺ هندال ٿيٻو ۾ *شمشاد علي ٿيٻو* جي ميزباني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ م...
04/06/2023

*ٿيٻا لورس الائينس* تعلقه حيدرآباد جي ميٽنگ ڳوٺ هندال ٿيٻو ۾ *شمشاد علي ٿيٻو* جي ميزباني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي
جنهن ۾ 3 مهينن لاءِ آگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا هيٺين ماڻهن تي مشتمل آهي

1.مسرور احمد ٿيٻو صاحب
2.الله ڏنو ٿيٻو صاحب
3.عاشق حسين ٿيٻو صاحب
4.شمشاد علي ٿيٻو صاحب
5.محمد قاسم منگرائي
6.ذاڪر حسين ٿيٻو صاحب بهاول زئونر
7.منعم عالم ٿيٻو صاحب
8.شهروز اشرف ٿيٻو صاحب
ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد جي آئينده ميٽنگ 25 جون شام 6 بجه ڳوٺ حاجي نندو ٿيٻو ۾ رکي وئي آهي
Shehroz Ashraf Thebo Sarwan Ali Thebo Aijaz Thebo Ayaz Ali Thebo

محمد سومار ٿيٻو : سنڌ جو نامور سماج سڌارڪ، قومي ڪارڪن محمد سومار عرف رئيس علڻ خان ٿيٻو، 1932ع ڌاري ڳوٺ ٿيٻا ضلعي حيدرآبا...
23/05/2023

محمد سومار ٿيٻو : سنڌ جو نامور سماج سڌارڪ، قومي ڪارڪن محمد سومار
عرف رئيس علڻ خان ٿيٻو
، 1932ع ڌاري ڳوٺ ٿيٻا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ٿيٻا ڳوٺ ۾ ورتي. 1950ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مٽرڪ ۽ 1958ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. هي شروع کان وٺي سرڪاري نوڪريءَ جي خلاف، آزاد سوچ ۽ آزاد خيال جو ماڻهو هو، تنهنڪري نوڪريءَ جي خفي کان آزاد ٿي قومي سياست ۾ آيو ۽ قوم جي خدمت کي شيوو بنايائين. اٺ سال مدرسة السلام جي مدرسه بورڊ جو ميمبر به ٿي رهيو. سن شهر ۾ قائم ’شاهه حيدر سوسائٽيءَ‘ جو چئن سالن تائين چيئرمئن ٿي رهيو. ان دوران سيد امداد شاهه سان گڏجي سن ۽ منظور آباد جي هاءِ اسڪولن جون بلڊنگون منظور ڪرايائين. جنهن بعد منظور آباد ۾ مستقل طور اچي رهائش پذير ٿيو. سندس 1946ع کان سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سائين جي. ايم سيد سان تعلقات قائم ٿيا، پوءِ زندگيءَ جو باقي عرصو جي. ايم سيد سان گذاريائين. سائين جي. ايم سيد سان ويجهڙائي ۽ قومي سياست ڪرڻ سبب 6 مهينا مچ جيل ۾ به گذاريائين ۽ اذيتون سٺائين. ان کان سواءِ 1950ع کان 1977ع تائين ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي جيل ۾ قيد ڪاٽيائين، بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ سيد امداد محمد شاهه سان گڏجي بنگال جو دورو ڪري آيو. رئيس علڻ خان ٿيٻو جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران جيل ۾ رهيو، پر پنهنجن ارادن تي اٽل رهيو ۽ سڄي زندگي جي. ايم سيد سان گڏ رهيو ۽ سندس ڀروسي ۽ اعتماد وارو ماڻهو هو، ٿيٻي صاحب وٽ گذر سفر لاءِ صرف 16 ايڪڙ زمين هئي، ان جي باوجود پنهنجي صلاحيتن ۽ محنتن ڪري تمام وڏن ماڻهن ۽ چوٽيءَ جي ليڊرن کي ويجهو رهيو. جن ۾ جي. ايم سيد کان سواءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان عبدالغفار خان، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ شيخ مجيب الرحمان شامل آهن. علن خان ٿيٻو طبيعت جو انتهائي سادو هوندو هو. سدائين اجرڪ يا لوئيءَ جو پٽڪو مٿي تي ٻڌندو هو، غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو پنهنجي وقت ۾ ٻارهن سالن تائين مسلسل لوڪل بورڊ دادوءَ جو ميمبر چونڊيل رهيو. هن فقير صفت انسان 1992ع ۾ وفات ڪئي. هن ڪيترن نادار غريب ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي خرچ تي پڙهايو هو، سندس وفات وقت اهڙا ڪيترا نوجوان ۽ نياڻيون روئندا سندس تڏي تي آيا ۽ ماڻهن کي خبر پئي ته هو غريب ۽ بي پهچ ٻارن جي ڳجهي نموني مالي مدد ڪندو هو.

لائق سنڌي ٿيٻو: نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائقڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر ...
23/05/2023

لائق سنڌي ٿيٻو: نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائقڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر 1943ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ موري منگر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول موري منگر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1961ع ڌاري حيدرآباد مان ڪئي. عالم، اديب فاضل جو امتحان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1961ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول توڪل ميرجت ۾ ٿي. ان کانپوءِ جهنڊو کوسو پرائمري اسڪول ڀينڊو شريف، پرائمري اسڪول موري منگر ۽ پوءِ ڊيپوٽيشن تي هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهايائين. ادب ۽ صحافت سان چاهه هئڻ ڪري روزاني ‘آفتاب’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ ‘آفتاب’ اخبار ۾ نڪرندڙ نوجوانن جي صفحي ‘سرجڻهار’ جو انچارج مقرر ٿيو. ان کانپوءِ روزاني ‘عبرت’، ‘مهراڻ’، ‘سنڌ نيوز’، ‘سنڌ’، ‘خادم وطن’، ‘شام’، ‘ڪاوش’ ۽ ‘ڪوشش’ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ‘اخبار تعليم’ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو ۽ ‘هاڪڙو پبليڪيشن’ ٽنڊي ڄام مان نڪرندڙ رسالي جو مرتب رهيو. لائق سنڌيءَ جون سماجي حوالي سان به ڪيتريون ئي خدمتون آهن، جن تنظيمن ۾ هن ڪم ڪيو، انهن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جو سينيئر ميمبر هجڻ سان گڏ عهديدار به رهيو. پاڻ جڏهن استاد جي حيثيت سان 1986ع ۾ رٽائر ٿيو ته رٽائرمينٽ جي اڌ پيسن جا ڪتاب خريد ڪري ڳوٺ واري لائبرريءَ ۾ رکيائين. کيس روزاني ‘سنڌ’ اخبار طرفان صحافت ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان بهترين صحافيءَ جو گولڊ ميڊل مليو، جيڪو کيس مهتاب اڪبر راشديءَ ڏنو. پاڻ پرائمري استاد طور 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. لائق سنڌيءَ 16 جنوري 2014ع تي وفات ڪئي.

امين ٿيٻو: مشهور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر، محمد امين ولد موليڏنو ٿيٻو، 6 مارچ 1952ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد...
23/05/2023

امين ٿيٻو: مشهور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر، محمد امين ولد موليڏنو ٿيٻو، 6 مارچ 1952ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مڊل تائين تعليم مشهور مدرسي ڀينڊي شريف ۾ پڙهيو ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماتليءَ مان ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪري لکڻ شروع ڪيائين. مئٽرڪ بعد سنڌ زرعي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پنج سال ڪورس پاس ڪري گرئجوئيشن ڪيائين. شروعات ۾ زرعي تحقيقاتي اداري ميرپورخاص ۾ سال ريسرچر طور ملازمت ڪيائين. ايم. ايس. سي (زرعي اقتصاديات) ڪرڻ کانپوءِ ’انٽگريٽيڊ رورل ڊولپمينٽ‘ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هي ادارو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دؤر ۾ قائم ٿيو هو ۽ پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ ختم ڪيو ويو. امين ٿيٻو بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري زراعت کاتي ۾ اسسٽنٽ اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري ’ڪراپ رپورٽنگ سروس‘ جو ڊائريڪٽر ٿيو. امين ٿيٻي شروعات ۾ ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي صفحي ۾ لکيو. شيخ اياز جي شاعريءَ کان متاثر ٿي انقلابي شاعري ڪيائين. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيا. هن سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي جي ’سائنس‘ مخزن ۾ ڪيترا سائنسي تحقيقي مضمون پڻ لکيا.
هن اشرف سيال سان گڏ جي هڪ ڪتاب ’وينگس‘ ڇپايو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي ڄام جي قيام لاءِ مشهور اديب ۽ صحافي سيف ٻنويءَ سان گڏجي ڪوششون ورتائين. موري منگر سنڌي ادبي سنگت شاخ جي باني ميمبرن مان آهي ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. سندس دؤر جي گڏجاڻين ۾ محمد خان مجيدي، مومن مليرائي ۽ مسڪين ملاڪاتياريءَ جهڙا وڏا شاعر اڪثر شريڪ ٿيندا هئا. امين ٿيٻو، سنڌي ادبي سنگت جو 1983ع ڌاري مرڪزي آڊيٽر به رهيو آهي، ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٽيم ميمبر طور مواد مهيا ڪندو رهي ٿو..

اسان اڄوڪي ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد جي ٿيل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوستن جن ۾ وڏيرو عاشق حسين ٿيٻو آف مولون اسحاق ٿيٻو...
20/05/2023

اسان اڄوڪي ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد جي ٿيل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوستن جن ۾ وڏيرو عاشق حسين ٿيٻو آف مولون اسحاق ٿيٻو محمد رحيم عرف پوڙهو ٿيٻو شمشاد علي ٿيٻو آف هندال ٿيٻو
وڏيرو حاجي الهه ڏنو ٿيٻو تپيدار
عبدلهادي ٿيٻو تپيدار وڏيرو شفيع محمد ٿيٻو ڪريم ڏنو ٿيٻو آف موري شاخ
منعم عالم ٿيٻو ۽ محمد عباس ٿيٻو آف حاجي نندو ٿيٻو

ان کان علاوه اسان جي پرين پياري سردار عنايت ﷲ ٿيٻو صاحب آف وليج جراڙ ٿيٻو خصوصي طور شرڪت ڪئي
ڳوٺ موري منگر مان وڏيرو مسرور احمد ٿيٻو وڏيرو معيز مسعود ٿيٻو وڏيرو عبدالرحمان ٿيٻو فاروق احمد ٿيٻو محمد انور ٿيٻو محمد قاسم منگرائي وڏيرو شير محمد ٿيٻو جنيد اسلم ٿيٻو ڏاڏو الياس ٿيٻو مبين احمد ٿيٻو پڻ شرڪت ڪئي.
ان کان علاوه اسان جي نوجوان اڳواڻ پروگرام جي ميزباني ڪندڙ شهروز اشرف ٿيٻو جي به شرڪت
اڄوڪي ميٽنگ گهرائڻ جو اصل مقصد
1.رابطن جي کوٽ ختم ڪري پاڻ ۾ اعتماد جي بحالي
2.هڪ ٻئي جي ڏک سک کي ونڊڻ وس آهر مدد ڪرڻ
3.هڪ ٻئي کان لاتعلق رهڻ واري روايت جو خاتمو
4.نج غير سياسي گڏجاڻي
5.هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ هڪ دفعو گڏجاڻي ڪرڻ

بتاريخ 20 مئي 2023 تي ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد جي ميٽنگ ڳوٺ موري منگر ۾ ٿي گذري جنهن ۾  مختلف ڳوٺن موري شاخ هندا...
20/05/2023

بتاريخ 20 مئي 2023 تي ٿيٻا لورس الائينس تعلقه حيدرآباد جي ميٽنگ ڳوٺ موري منگر ۾ ٿي گذري جنهن ۾ مختلف ڳوٺن موري شاخ هندال ٿيٻو حاجي نندو ٿيٻو جي معززين جي شرڪت
آئينده اجلاس 4 جون 2023 شام 6 بجه ڳوٺ هندال ٿيٻو ۾ ٿيندي جنهن ۾ الائينس جي باڊي جي چونڊ ڪئي ويندي

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Theba lovers Alliance Talkua Hyderabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share