12/17/2024
نئون ديرو جا انڪشاف
امتياز سومرو جيڪو صابو ڪرٽيو جي پرائمري اسڪول ۾ BPS-09 جي پرائمري استاد طور رکيل آھي، ۽ اسڪول ۾ سندس ننڊ ڪندي تصويرون وائرل ٿيڻ جي ڪري ان وقت جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري گلشير علي سومرو کيس سسپينڊ ڪرڻ جي خبر پڻ ھلرائي ھئي. پر ڳريون رشوتون کارائڻ سبب ھن کي سسپينڊ ڪرڻ بجاء غير قانوني طور پنھنجي ئي ڳوٺ جي گورنمينٽ ھاء اسڪول پير جو ڳوٺ ۾ موڪليو ويو. ڪجھ وقت گذرڻ کان پوء ھن BPS-09 واري امتياز سومري کي وري غير قانوني طور ھن ئي ھاء اسڪول ۾ BPS-14 جا استاد موجود ھئڻ باوجود ھيڊ ماستر جي چارج ڏني وئي.
تعليم جي وزير سيد سردار شاھ جي سخت احڪامن جي باوجود ضلعي جي تعليمي انتظاميہ ھن نااھل ۽ پرائمري اسڪول صابو ڪرٽيو مان سزا ڀيڙو ٿيل استاد کي نہ پنھنجي اصل بائيوميٽرڪ واري اسڪول ڏانھن اماڻي سگھي آھي ۽ نہ ئي ھن پرائمري استاد کان ھڪ ھاء اسڪول جي غير قانوني چارج واپس ڪري سگھي آھي، جيڪو انتظاميہ جي مٿان ھڪ وڏو سواليہ نشان بڻيل آھي.
ياد رھي تہ گورنمينٽ ھاء اسڪول پير جو ڳوٺ EMO پراجيڪٽ تحت HANDS(ھينڊس) اين جي او ۽ سرڪاري گڏيل انتظاميہ تحت پيو ھلي. ھن اسڪول ۾ ھيڊ ماستر سان گڏ ھينڊس پاران ھڪ ڪو آرڊينيٽر پڻ مقرر ٿيل آھي. پر ھتي بہ امتياز سومرو پنھنجي مرضي ھلائيندي ھينڊس جي ڪو آرڊينيٽر سان ملي ڀڳت ڪري قانون جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪري ھڪ سرڪاري پرائمري استاد شاھ جنيد اختر ڪلھوڙو کي ھينڊس جي ذريعي اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر جي پوسٽ ڏياري آھي جنھن کي اسڪول ۾ باقاعده سرڪيولر طور واضح پڻ ڪيو ويو آھي (اھو سرڪيولر ھيٺ ڏنل آھي). سوال اھو ٿو اڀري تہ ڇا ھن اسڪول جي عملي مٿان ڪو بہ قانون لاڳو نہ ٿو ٿئي جو ھڪ سرڪاري استاد پنھنجي ئي اسڪول ۾ ھڪ پرائيويٽ اداري طرفان ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن جو يقيناً ھو معاوضو پڻ وٺندو ھوندو، جيڪو سراسر قانون جي خلاف آھي.
ھي تہ سندس قانون جون ڀڃڪڙيون آھن جيڪي امتياز سومرو بي خوف ٿي ڪندو رھي ٿو، پر انھيءَ سان گڏ اسڪول ۾ سڄو عملو سندس بدزباني ۽ بدتميزيء جو پڻ شاڪي (شڪايت ڪندڙ)آھي. عام طور ھو فيميل ٽيچرس کي اڙِي ۽ ڇوري چئي ۽ باقي سڀني استادن کي تون تون ڪري مخاطب ڪندو آھي جيڪو سندس بداخلاقيء جو کليل نمونو آھي.
امتياز سومرو، انتظامي طور پڻ ھڪ نااھل ماڻھو آھي، ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو پير جو ڳوٺ جي ھن ڪو ايجوڪيشن ھاء اسڪول ۾ ڇوڪرين شڪايتون ڪيون تہ ھو جڏھن واش رومن ۾ وڃن ٿيون تہ ان وقت ھڪ پٽيوالو واش روم ڏانھن وڃي ٿو، جنھن جي شڪايت شاگردياڻين استادن سان ڪئي ۽ جڏھن استادن ھيڊماستر سان شڪايت ڪئي تہ ھن ڪو ايڪشن وٺڻ بجاء لنوائڻ ۽ نٽائڻ کان ڪم پئي ورتو ۽ بالآخر ڏيکاء خاطر ٻہ لفظ نصيحت جا ڪري ڳالھ کي لئي مٽي ڪري ڇڏيائين.
ھاڻي ڏسجي تہ:
1. ڇا ضلعي انتظاميه ( ڊائريڪٽر پرائمري ۽ سيڪنڊري، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري ) پنھنجي ذمي داري نڀائيندي ھن سزا يافتہ پرائمري استاد کي ھاء اسڪول کان ڪڍي پنھنجي اصل اسڪول ڏانھن اماڻيندا؟
2. ڇا سرڪاري استاد کان ھڪ نجي اداري ۾ غير قانوني طور ڪم ڪرڻ جو پڇاڻو ڪيو ويندو؟
3. ڇا ھينڊس ڪو جوڳو قدم کڻندي تہ ڪيئن مٿين قيادت جي اجازت کان سواءِ سرڪاري استادن کان پرائيويٽ ڊيوٽي ورتي پئي وڃي؟
يا امتاز سومرو جون رشوتون سڀني اعلي اختيارين وات سوال ڪرڻ کان ۽ ھٿ صحيح فيصلو لکڻ کان روڪي وجھنديون، ۽ ھميشہ جيان ھي رشوتون ڏيندڙ، ڊيوٽي چور نا اھل پرائمري استاد ايئن ئي ھڪ ھاء اسڪول جي تعليم جو ٻيڙو پنھنجي مرضي آڌار ٻوڙيندو رھندو؟
Larkana sindh official Naudero Newz Naudero Larkana Larkano Digital News HD Naudero news Naudero City
Sindhoo Nawaz Ghanghro
Shahnaz Shaikh Tariq Ali Hesbani Hesbani
Naudero, Sindh, Pakistan
Qadir Chandio Larkana TV
Insaf News
Larkano Digital News HD Larkana Larkana Hai Yar Larkana TV Larkana News Updates Larkana Larkana Hai Sain Larkana sindh official Larkana City Group Sindh 360 Sindh is One Qadir Chandio Upload's Material Larkana 360 لاڙڪاڻو نيوز لاڙڪاڻي جي سھڻي Sindh Education Foundation, Government of Sindh Education of Sindh