NandLal Menghwar

NandLal Menghwar ([,,Take time yourself,,]) ✍️🔥
{[,, Time Will change your time,,]}💯🎯🔥

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان سنڌ جي خاص ڪري بيروزگار نوجوانن جي لاء هي بهترين موقعو آهي ڊجيٽل اسڪلز جي نالي پروگر...
13/01/2024

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان سنڌ جي خاص ڪري بيروزگار نوجوانن جي لاء هي بهترين موقعو آهي
ڊجيٽل اسڪلز جي نالي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ، ڪنهن به پروگرام تي مهارت حاصل ڪري توهان گهر ويٺي آنلائن پئسو ڪمائي سگهو ٿا ...
رجسٽر ڪرڻ جي لاء لنڪ هيٺ ڏنل آهي هي پروگرام بلڪل مفت آهي ...
Sindh Education Foundation Opens the skills door free of cost Grab the opportunity avail it Highly recommended
Here's your chance to become a successful freelancer by acquiring digital skills in seven emerging fields!
With the support from Sindh Education Foundation, Government of Sindh, UNDP and CyberVision are providing digital skills training to young individuals from Sindh
If you are willing to equip yourself with these essential skills, apply now and embark on the journey to becoming a successful freelancer!
Eligibility Criteria:
- Applicant’s age must be 18–35 years.
- Applicant’s domicile must be from Sindh.
- Applicants must hold a valid CNIC.
Women are encouraged to apply. Last date of application is 16th January, 2024
Registration link:
https://bit.ly/SINDH2K24

امر رائيسنگهه راجپوتاَمان آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس...!نئون ڏينهن ٿيا آھن، مُون کي نِنڊ نٿي اچي، ڇو ته چوويهن ڪلاڪن مان ستر...
09/12/2023

امر رائيسنگهه راجپوت

اَمان آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس...!

نئون ڏينهن ٿيا آھن، مُون کي نِنڊ نٿي اچي، ڇو ته چوويهن ڪلاڪن مان سترانهه ڪلاڪ مُسلسل اسٽيڊي ڪندي به آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، پهرين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائين هر امتحان ۾ پهريون نمبر حاصل ڪرڻ باوجود آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، ڳوٺ ۾ اسڪول نه هُئڻ سبب پَنجين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائين پراين درن تي ڌڪا کائي کائي پڙھڻ باوجود ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، لائين تي هلندڙ گاڏين جي ٻڪر ٻُوس ۾ ٻُوساٽجي پڙھڻ ويندو هئس، پوءِ به ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، سؤ مان اَسي فيصد نمبر کڻندي به آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس ڇو ته آئون غريب هُئس. اَمير خريدارن سؤ مان سؤ پرسنٽ نمبر وٺي غريبن جي محنت تي دانگي ملي ڇڏي آھي.

ڪيڏي نه بدقسمتي آھي. هي بدقسمتي رُڳو مُنهنجي کاتي ۾ ناهي آئي، پر اهو اَڀاڳ سموري سنڌ ڀوڳي ٿي. اُھا سنڌ جيڪا مُون وانگي غريب ۽ هٿين خالي آھي. جنهن سنڌ وٽ نه زر آھي نه زمين آھي فقط ذھن آھي. اُن ذھين سنڌ جي کُليل اکين ۾ وڏا خواب آھن. خواب جن کان ساڀيائون رُٺل آھن. اُنهن خوابن کي ساڀيائن جا ويس پارائڻ لاءِ امير سنڌ جا غريب ٻار پنهنجن مائٽن کان پري رهي پڙھن ۽ ڪڙھن ٿا. اڄ اُن سنڌ جا سپنا چڪنا چُور ٿيا آھن جيڪا سنڌ پيٽ تي پٿر ٻَڌي اُڀراڻين پيرين، ڦاٽل ڪپڙن ۾، ڏينهن رات محنت ڪندي، ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي، پر ڊاڪٽريءَ جو پيپر پئسن تي وٺي نٿي سگهي. اها سنڌ جيڪا بُخار ۾ ڪال پول جي گوري وٺڻ جي سگهه نٿي ساري اها ڊاڪٽريءَ جو پيپر لکن ۾ ڪئين وٺي سگهندي؟

ان ڪري منهنجي ماءُ! آئون توکان معافي وٺان ٿو. ڇاڪاڻ ته آئون پيپر ته ڏئي آيس، پر پيپر وٺي نه سگهيس. مُون ٻارنهن سالن ۾ ڪڏھن ڪپڙن جو نئون وڳو ڪونه ورتو، سو پيپر ڪٿي ٿو وٺي سگهان. امان! هتي هر شيءِ وڪامي ٿي. ايم پي اي جي سيٽ کان وٺي پَٽيواليءَ جي پوسٽ تائين، روڊ جي پرمنٽ کان وٺي ميڊيڪل اسٽور جي لائسنس تائين، ميونسيپل آفيسر جي نوڪريءَ کان وٺي ليڪچرار جي پوسٽ تائين هر شيءِ جو واڪ لڳي ٿو. ايستائين جو مُلڪ جو مُستقبل به وڪجي وڃي ٿو. پٿر دل خريدارن اسان ميڻ دل مسڪينن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي. ان ڪري آئون معافي وٺان ٿو، مُنهنجي اُن ٻاگهل ڀيڻ کان جنهن جي نڪ ۾ رول گول جو ڪوڪو به ناهي، جيڪا ان آس تي وڏي ٿي رهي هُئي ته مُنهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر ٿي مُون کي سوا تولو سوني جي نٿ وٺي ڏيندو. آئون معافي وٺان ٿو اُن ڀُورل ڀاءُ کان جيڪو پيادل پنڌ ڪري مُون کي فيس پهچائي ڏيندو هو، جنهن سان مُون واعدو ڪيو هو ته آئون ڊاڪٽر ٿيندس ۽ توکي موٽرسائيڪل وٺي ڏيندس، آئون معافي وٺان ٿو مُنهنجي ان لائق بابل کان جيڪو منهنجي فيس لاءِ پنهنجا رحل جھڙا هٿ اُنهن ماڻهن اڳيان ٽنگندو هو جن جي سيني ۾ دل جي جڳهه پئسو هوندو هو، ڪڏھن ڪڏھن بابا خالي هٿين ايندو هو تڏھن مون سان اکيون ملائي نه سگهندو هو تڏھن آئون بابا جي لهجي مان سمجهي ويندو هئس ته اڄ بابا جي دل ڀريل آھي، ۽ هٿ خالي آھن، تڏھن آئون چوندو هئس بابا آئون ڊاڪٽر ٿيندس توهان جا لُڙ لاهيندس. اڄ اهي سمورا سپنا ڪرڪ واريءَ جيان منهنجن هٿن مان وهي ويا آھن ۽ آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس..!

منهنجي ٻارنهن سالن جي محنت، اَمان ۽ اَبا جا سپنا، منهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي اُميد سڀ ڪُجهه اميرن هڪڙي ڌڪ ۾ خريدي ورتي، اَمان امتحان کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو وري پيپر لِيڪ ٿي ويو آھي. هتي ميڊيڪل جو پيپر جيترا ڀيرا لِيڪ ٿيو آھي ايترا ڀيرا جُڳاڙي گاڏين جو ريڊيٽر به لِيڪ ناهي ٿيندو. مُلڪ جي مُستقبل سان ڪيڏي نه وڏي مشڪري آھي. پئسا ڏيئي پاس ٿيندڙ ڊاڪٽر سڀاڻي ڪهڙا علاج ڪندا. پئسن سان اُھي به پاس ٿي ويا آھن جيڪي بائلاجي کي بائلاگي چوندا هُئا. هتي غريبن لاءِ فقط يونيورسٽين جي داخلائن ۾ ميرٽ هلندي هُئي اُن جي به هاڻي خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن بازار لڳائي ڇڏي آھي. هاڻي غريبن لاءِ هن مُلڪ ۾ ڪٿي به گُنجائش ناهي. هاڻي غريب ڀلي وڃي ”ڇولا کپائين“.

اَمان! مُنهنجي ملول من ماضي ڏي موٽ کاڌي آھي، ۽ مُون کي اسڪول جا ڏينهن ياد اچي ويا آھن. اُھي ڏينهن جڏھن تُون مون کي صبح سوير ڪوري پاڻيءَ ۾ وهنجاريندي هُئينءَ، ڇوته پاڻ وٽ ڪوبه شمپو يا صابڻ نه هوندو هو. تُنهنجن هٿڙن جي سُرهاڻ مُنهنجن حواسن تي حاوي ٿي ويئي آھي ۽ اکيون ڀرجي آيون آھن. مُون کي ياد آھي تُون چوندي هُئين منهنجو پُٽ وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندو ۽ سڄي گهر لاءِ سُرها صابڻ ۽ تيل وٺي ايندو. اَمان! رات ڏينهن پڙھي پڙھي منهنجي مٿي جا وار ڇڻي ويا، پر آئون ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس، سُرهي صابڻ ۽ تيل واري آس نراس ٿي ويئي آھي. منهنجن اڻڀن وارن کي جيئن تُون سنواريندي هُئينءَ ائين آئون پنهنجو مستقبل سنواري نه سگهيس. ڇو ته بدقسمتيءَ سان پاڻ اُن سسٽم ۾ رهون ٿا، جتي پاڻيءَ جُون ٽانڪيون ته لِيڪ نٿيون ٿين پر ميڊيڪل جا پيپر لِيڪ ٿيو وڃن ٿا. اَمان! مُنهنجا وار اڄ به اَڻڀا آھن، اکيون ڀِنل آھن. دل ٻُڏل آھي. هي ڪنهن ٽِڪ ٽاڪر گرل جي وڊيو لِيڪ وارو مسئلو ناهي، جنهن کي نئون نسل نئون ڏينهن انجواءِ ڪري ڏهين ڏينهن وري نئين اِشوءَ جو انتظار ڪري، پر هي مُنهنجي زندگيءَ جو مسئلو آھي. منهنجي ڪيريئر تي لڳل ڪاري داغ جو اشوءَ آھي جنهن جو درد منهنجي دل ئي سمجهي سگهي ٿي. ماڻهوءَ جي سجائي محنت جڏھن اجائي ويندي آھي تڏھن دل ٽُٽي ويندي آھي. من ڪنهن به شيءِ ۾ ناهي لڳندو..!

مُنهنجي ماءُ! تُنهنجن پويتر پَيرن جو قسم مُون رات ڏينهن محنت ڪئي، پر ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس. آئون تُنهنجن سپنن کي ساڀيا جو ويس پارائڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي چُڪو آھيان. ان ناڪاميءَ ۾ نه تُنهنجو ڏوھ آھي نه مُنهنجو، نه ئي پاڻ پنهنجي مقدر کي ڏوھ ڏيون ٿا، اهو ڏوھ انهن نااهل ۽ نڪمن حُڪمرانن جو آھي جيڪي اسان جي مُستقبل کي محفوظ نه ڪري سگهيا. لالچ جي لُڙ ۾ لت پت انهن بي ضمير حُڪمرانن جا پيٽ حرام مان ڀرجن ئي نٿا. سموري سنڌ کائي ويا، هاڻي سنڌ جي ٻچڙن جو مستقبل به کائڻ شروع ٿي ويا آھن، ڇا ڪجي؟ پاڻ اڀرا ماڻهو سواءِ احتجاج جي ٻيو ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهون؟ پنهنجي احتجاج جو آواز به ڪير ٻُڌي نٿو. پنهنجن جائز حقن جي حاصلات لاءِ رات ڏينهن دانهُون ڪُوڪون ڪري ڪري هاڻي ٿڪي پيا آھيون..!

هي ڪهاڻي سنڌ جي هر اُن گهر جي آھي، جيڪو غريب آھي، جنهن وٽ سواءِ تعليم جي ٻيو ڪُجهه به ناهي، جيڪو تعليم وسيلي پنهنجن پيرن تي بيهڻ چاهي ٿو. هي ڪهاڻي سنڌ جي لکين نوجوانن جي اندر جي پيڙا بيان ڪري ٿي جيڪي پڙھي لکي وڏا ٿيڻ چاهين ٿا، جن جي هٿ ۾ قلم کان سواءِ ڪُجهه به ناهي، پر بي رحم سسٽم اُنهن جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجي ٿو. اُنهن جو مستقبل تباھ ڪري ٿو. ان ڪري حُڪمرانن کي وقت سر اک پٽڻ گهرجي ۽ سسٽم کي صحيح ڪرڻ کپجي، ته جيئن سنڌ جي لکين نوجوانن سان ناانصافي نه ٿئي. ٻه ٻه ڀيرا ميڊيڪل جو پيپر آئوٽ ٿيڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي، هي تمام وڏو سنجيده مسئلو آھي جنهن تي حُڪومت کي فوري طور سوچڻ کپجي نه رڳو ايترو پر پيپر آئوٽ ڪندڙ عناصرن خلاف جلد کان جلد سخت ڪارروائي ڪري انهن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر سنڌ جي مستقبل سان ڪير اهڙي بيهوده مشڪري نه ڪري سگهي..

پيارا دوستو! هن ڪالم کي نه فقط پڙھجو پر اڳتي شيئر به ڪجو ڇو ته هي ڪنهن ٽِڪ ٽاڪر گرل جي وڊيو لِيڪ وارو مسئلو ناهي، پر هي اسان جي سنڌ جي معصوم ٻچڙن جي مُستقبل جو مسئلو آھي..!!

پروفيسر ڊاڪٽر پرتاب ميگھواڙ  ميڊيڪل ٽيسٽ 2023 ڏيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءۡ ضروري ھدايت.  🙏سڀاڻيMDCAT ٽيسٽ ڏيڻ وارن اميد...
10/09/2023

پروفيسر ڊاڪٽر پرتاب ميگھواڙ

ميڊيڪل ٽيسٽ 2023
ڏيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءۡ ضروري ھدايت. 🙏

سڀاڻيMDCAT ٽيسٽ ڏيڻ وارن اميدوارن لاءۡ نيڪ تمنائون.سيٽون مخصوص آھن ۽ يقينن سڀ سليڪٽ ڪون ٿيندا. جيڪي سليڪٽ نہ ٿي سگھندا ان لا مالڪ اڃان شايد بھتر سوچيو ھوندو. آئون پاڻ لمس ٽيسٽ مان فيل ٿيندڙ اھو خوش نصيب آھيان جو مالڪ منھنجي لاءۡ ان کان بہ بھتر سوچيو ھو.
ايم بي بي ايس ڊاڪٽر منھنجي ضلع ۾ کوڙ سارا ملندا، شايد ماڻھن کي نالا بہ نہ ايندا ھجن پر جيڪڏھن ڳالھ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر جي نڪرندي تہ شايد ضلعي ۾ 5 ڊاڪٽر مس ڳولھي ملندا ان ۾ ھڪ نالو منھنجو ضرور ھوندو.

مالڪ جا ڪروڙين ڪرم جو مونکي ھڪ استاد ٺاھيو، جيڪو ڊاڪٽر کان وٺي جج تائين ڪيترن ئي سماج جي عھدن جو ڪارگر ھوندو آ.

اھڙي ريت اوھان ڪنھن بہ شعبي مان ڊگري حاصل ڪري سماج ۾ خدمت ڪندا تہ نہ صرف اھو اوھانجي روزي روٽي جو ذريعو ھوندو پر عبادت پڻ ھوندي.
اوھين ٿوري دير پنھنجي دل تي ھٿ رکي رڳو اھو سوچيو اھين پاڻ کان سوال ڪيو تہ ڇا اوھان يا اوھانجي دوستن جا ڪيترا ڊاڪٽر آئيڊيل شخص آھن ، يا جي آھن تہ ڇا صرف ڊاڪٽر ئي آئيڊيل آھن ؟ يقين ڪريو اوھانکي جواب ملي ويندو تہ آئيڊيل جي لسٽ ۾ سڀ کان پھرين اوھانجو آئيڊيل گلوڪار، شاعر يا اداڪارہ/اداڪار ھوندو ان کان پوءۡ استاد/پيءۡ ھوندو پوءۡ سوشل ايڪٽيوسٽ يا انقلابي شخصيت ھوندي، انکانپوءۡ ٻيا ڪيئي جنھن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي يا ميڊم رٿ فائو جھڙيون عظيم شخصيتون پڻ ھونديون.
منھنجو ھي سڀ لکڻ جو مطب اھو آھي تہ ڪيترائي ٻار ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ تي سائڪو ٿي ويندا آھن ۽ ماضي ۾ خودڪشي جا واقعا پڻ ٿيندي نظر آيا آھن. جن جا مکيہ سبب ھيٺيان آھن.
1- سماج جي طنز سبب عزت جو مسئلو/ سماجي پريشر
2- مائٽن پاران ھمٿائڻ بجاءۡ پريشر ڏيئي ڪامياب اميدوارن جا حوالا ڏيڻ
3- پاڻ کي ھميشہ لاءۡ ناڪام سمجھڻ
4- مائٽن کان رنجش ظاھر ڪرڻ تہ بورڊ ۾ پئسا ڏيئي مارڪون ڇو ڪون وڌايون يا سٺي سينٽر تي داخلا نہ وٺي ڏيڻ
5- پنھنجي اولاد کي ڪنھن جي ڀيٽ ۾ ريس تي لڳائي ڇڏڻ جنھن سبب ھو ناڪامي برداشت نٿو ڪري.
6-پنھنجو پاڻ سان اھو واعدو ڪرڻ تہ ٽيسٽ پاس نہ ڪئي تہ بابا کي منھن ڪون ڏيکاريندس جيڪو ايتريون اميدون رکي ويٺو آ.

اھڙا اڃان بہ ڪيئي سبب آھن.
آئون انھن شاگردن کي ٻڌائيندو ھلان تہ اوھانجي والدين لاءۡ اوھانجو پڙھڻ، اخلاقي ھجڻ ۽ گھر ۾ خوش رھڻ ئي وڏي ڪاميابي آھي.
(اسان سڀني کي معاشري جي ھر ٻار کي ھمٿاڻ گھرجي نہ ڪي انکي طنز جو نشانو بڻائي انجي ٻين صلاحيتن کي دٻائجي) .
پيارو شاگردو زندگي ۾ پاڻ کي بيٽسمين نہ سمجھو جنھن کي جلد زيرو تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءۡ ميچ ۾ موقعو ناھي ملندو، اوھين زندگي جا اھي بالر آھيو جنھن کي ڀلي ھڪ اوور ۾ 5 ڇڪا ڇو نہ لڳن پر ھڪ بال تي وڪيٽ پڻ وٺي سگھو ٿا. اميدن تي دنيا قائم آھي. زندگي ۾ ڪيئي امتحان ايندا.
اوھين پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري اڳتي وڌو. اھو ياد رکجو جي عابدہ پروين، لتا منگيشڪر، اميتابچن، عبدالستار ڊاڪٽر يا انجنئير ھجن ھا تہ شايد ايترو مشھور يا آئيڊيل نہ ھجن ھا.
"سڀ کان وڏي ڪاميابي سيٽسفڪيشن جي آھي". ھر حال ۾ مطمئن رھو تہ جئين خوش زندگي گذاري سگھو.

ڊاڪٽر پرتاب مينگھواڙ

عمرڪوٽ.

Dr, Partab Menghwar

"زندگی کے رنگ ہزار، ہر رنگ ایک کہانی"💯🎯🔥❤️
07/08/2023

"زندگی کے رنگ ہزار، ہر رنگ ایک کہانی"💯🎯🔥❤️

Address

Umarkot
460090

Telephone

+923483603088

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when NandLal Menghwar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to NandLal Menghwar:

Share

Nearby media companies