Thatta News

Thatta News واٽس ايپ تي ٺٽه نيوز کي فالوو ڪريو
https://whatsapp.com/channel/0029VaCX5gZ9sBI1U7u7e81W
(2)

07/12/2024

ڪراچي: نيٽي جيٽي پل تي آئل ٽينڪر ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، هزارين ليٽر تيل روڊ تي وهي ويو، سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي ، ڪراچي ۾ ڪيماري نيٽي جيٽي پل وٽ تيز رفتار ٽرالر آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي ويو، ٽڪر جي نتيجي ۾ هزارين ليٽر تيل روڊ تي هارجي ويو. آئل ٽينڪر کي حادثي بعد شهري ڊرمن ۾ تيل گڏ ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. تيل ۾ سلپ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ماڙي پور ويندڙ ٽريڪ مڪمل طور بند ٿي ويو، ٽريفڪ پوليس جي منع ڪرڻ باوجود شهرين تيل گڏ ڪندا رهيا. پوليس ٽرالر ۽ آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ جو دٻاءُ آهي، روڊ جي بندش سبب ٽريفڪ پوليس جي نفري موجود آهي، نيٽي جيٽي پل تي حادثو ٿيڻ کان پوءِ بندرگاهه کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي سخت دٻاءُ آهي روڊ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جام ٿي ويو ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون

اڄ جي ڊان اخبار ۾ ڪوٽڙيءَ وٽان سنڌو درياءَ جي ورتل ھي تصوير شايع ٿي آھي. اندازو ھڻو ته جڏھن سنڌوءَ تان اھي ڇھ ڪينال پاڻي...
06/12/2024

اڄ جي ڊان اخبار ۾ ڪوٽڙيءَ وٽان سنڌو درياءَ جي ورتل ھي تصوير شايع ٿي آھي. اندازو ھڻو ته جڏھن سنڌوءَ تان اھي ڇھ ڪينال پاڻي کڻندا ته پوءِ پنھنجي درياء جي حالت ڪھڙي ھوندي ؟

ٺَٽو: ٺٽي شهر ۾ ڪينسر سان جنگ جوٽيندڙ ٺَٽي واسي ڪامران ميمڻ کي ارجنٽ ۾ 10 رت جي ڀوتلن جي ضرورت آھي، جيڪو ھن وقت ڪراچي ڊا...
06/12/2024

ٺَٽو: ٺٽي شهر ۾ ڪينسر سان جنگ جوٽيندڙ ٺَٽي واسي ڪامران ميمڻ کي ارجنٽ ۾ 10 رت جي ڀوتلن جي ضرورت آھي، جيڪو ھن وقت ڪراچي ڊاؤ اوجا اسپتال ۾ داخل آھي، جيڪي دوست انسانيت جو رد رکن ٿا ۽ رت جو عطيو ڏيڻ چاھين ٿا اُھي سندس ڀاءُ سارنگ ميمڻ سان رابطو ڪن ۽ ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪن..
Sarang Naqeeb Memon
Contact No. 03112279795

06/12/2024

ٺٽو: ٺٽي باء پاس لڳ ڪرناڻي چوڪ وٺ وين ٽرالر ۾ زوردار ٽڪر ، وين ڪلٽي جنھن کي مقامي ماڻھون سڌو ڪري ماڻھون ڪڍيا ۽ 1122 کي بار بار ڪالو ڪيو پر 40 منٽ کان بعد پھتا 15 پوليس کي ڪال ڪئي ۽ پوليس موبائيل ۾ زخمي کي چاڙھي مڪلي سول اسپتال ريفر ڪيا ،زخمين ۾ 3 عورتون 4 مرد شامل

ٺٽو : جهرڪ ويجهو جهمپير موڙ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ارباب ولي محمد جو رهواسي هڪ فوت هڪ سخت زخمي جنهن ...
05/12/2024

ٺٽو : جهرڪ ويجهو جهمپير موڙ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ارباب ولي محمد جو رهواسي هڪ فوت هڪ سخت زخمي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر روانو ڪيو ويو

سن ڪوٽا کانپوء سنڌ ڪابينا پاران سرڪاري ملازمن جي  فوتي ڪوٽا به ختم ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي آهي
05/12/2024

سن ڪوٽا کانپوء سنڌ ڪابينا پاران سرڪاري ملازمن جي فوتي ڪوٽا به ختم ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي آهي

سنڌ پوليس ڪانسٽيبل انٽرويو پروسيس جي لاء نئون شيڊول جاري 18 ڊسمبر کان 9 فيبروري تائين سڀني اميدوارن جو انٽرويو ورتو ويند...
04/12/2024

سنڌ پوليس ڪانسٽيبل انٽرويو پروسيس جي لاء نئون شيڊول جاري 18 ڊسمبر کان 9 فيبروري تائين سڀني اميدوارن جو انٽرويو ورتو ويندو

سجاول: گورنمنٽ هاء اسڪول سجاول ۾ آر ايس يو جي ٽريننگ دوران سائين مراد ٻجورو جي نامعلوم چور موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ...
04/12/2024

سجاول: گورنمنٽ هاء اسڪول سجاول ۾ آر ايس يو جي ٽريننگ دوران سائين مراد ٻجورو جي نامعلوم چور موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا

وفاق سنڌ سرڪار کي 11 ارب 30 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن
04/12/2024

وفاق سنڌ سرڪار کي 11 ارب 30 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وڻن جي غير قانوني ڪٽڻ جو سخت نوٽيس فوري طور تي وڻن جي غيرقانوني ڪٽڻ ...
04/12/2024

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وڻن جي غير قانوني ڪٽڻ جو سخت نوٽيس فوري طور تي وڻن جي غيرقانوني ڪٽڻ کي روڪڻ جي هدايت وڻن جي غير قانوني ڪٽڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

03/12/2024

آء بي اي طرفان ورتل 5 کان 15 گريڊ واري ٽيسٽ ڪينسل ناھي ڪئي وئي IBA کي ذميواري ڏني وئي آھي پورٽل زريعي اشتھار موبائيل تي ايندو پاس ٿيل اميدوار ان تي اپلاءِ ڪندا : وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ

ٽنڊو ڄام ۾ شادي ڪاڄ دوران فائرنگ ڊانس ڪندڙ ناري مهندي راجپوت گولي لڳڻ سبب قتل، گهوٽ ۽ ٻين تي ڪيس داخل.
02/12/2024

ٽنڊو ڄام ۾ شادي ڪاڄ دوران فائرنگ ڊانس ڪندڙ ناري مهندي راجپوت گولي لڳڻ سبب قتل، گهوٽ ۽ ٻين تي ڪيس داخل.

02/12/2024

گولارچي ۾ رائيس مل مان توھ ڀري نڪرندڙ ٽرڪ پڙي ۾ ڪلٽي ، ذريعن موجب ٽي کا چار ماڻھو ٽرڪ جي ھيٺان ھجڻ جا اطلاع امدادي سرگرميون تيزي سان جاري

01/12/2024

پنھنجن ٻارن کي بازاري چپس کارائيندڙ ھڪ دفعو ھي وڊيو ضرور ڏسندا

وفاقي حڪومت پاران پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 72 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 252 رپيا 10 پئس...
01/12/2024

وفاقي حڪومت پاران پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 72 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 252 رپيا 10 پئسا مقرر ٿي وئي آهي، ناڻي وزارت موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمت ۾ 3 رپيا 29 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 258 رپيا مقرر ٿي وئي آهي.
گاسليٽ في لٽر 62 پئسا سستو ڪيو ويو، لائيٽ ڊيزل 48 پئسا سستو ڪري151 رپيا 73 پئسا ليٽر قيمت مقرر ڪئي وئي.
پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي پهرين ڊسمبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هونديون.

ٺٽو: 10 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڪي بي فيڊر اپر برانچ جي لائنينگ خاطر پاڻي بند رهندو ،آبپاشي انتظاميه جي اسٽيڪ هولڊرز سا...
30/11/2024

ٺٽو: 10 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڪي بي فيڊر اپر برانچ جي لائنينگ خاطر پاڻي بند رهندو ،آبپاشي انتظاميه جي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي ۾ آگاهي

ماتلي لڳ درگاه بھادر شاھ وٽ آئل ٽينڪر ۽ سوزوڪي جي وچ ۾ ٽڪر،  سوزوڪي ۾ سوار ٽي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ،فوتين...
30/11/2024

ماتلي لڳ درگاه بھادر شاھ وٽ آئل ٽينڪر ۽ سوزوڪي جي وچ ۾ ٽڪر، سوزوڪي ۾ سوار ٽي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ،فوتين جي سڃاڻپ لاشاري ۽ بروهي برادريءَ سان ٻڌائي پئي وڃي

30/11/2024

ٺٽو: المدينـ بيڪري مڪلي تي نامعلوم نينگر ڀرسان بيٺل همراه جي کيسي مان موبائل ڪڍي ويو ،سي سي ٽي وي وڊيو جاري

Address

Thatta

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thatta News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share


Other News & Media Websites in Thatta

Show All