تارڪو وڏو ۾ پوليس چونڪي انچارج جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن جو ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ايس ايس پي خيرپور کان انصاف لاءِ گھر
تارڪو وڏو ۾ پوليس چونڪي انچارج جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن جو ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ايس ايس پي خيرپور کان انصاف لاءِ گھر
تعلقي ٺري ميرواھ ۾ منشيات جي ڪڌي عمل کي روڪٿام لاءِ اسڪولي شاگردن جو احتجاج
اسڪولن جا شاگردن ٻار منشيات جي روڪٿام جي لاءِ روڊن نڪري آيا
هنڊياري ويجهو گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول شاهنواز شر ۾ منشيات جي روڪٿام لاء شاگردن پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ اسڪول جي ھيڊ ماستر علي محمد شر ۽ ٻين استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ھر باشعور باضمير کي اپيل ٿا ڪريون ته پنھنجي ڳوٺن پاڙن شھرن جي منشيات فروشن خلاف آواز بلند ڪيو ياد رکو منشيات فروش ڪنھنجا به سڄڻ ناھن ھي قوم ۽ نسلن جا دشمن آھن اڄ سنڌ جي ھر ڳوٺ جي ھر گھر ۾ ڪينسر جا مريض موجود آھن جيڪي پاڻ سان گڏ پوري خاندان لاء تباھيء جو سبب بڻجي رھيا آھن هنن ٻڌايو ته سازش تحت اسان جي قوم کي منشيات جو زھر ڏيئي اسان کي ذھني جسماني مفلوج بنائي اسان کي صفه ھستيء تان مٽائڻ جي ھڪ منظم سازش رٿي وئي آھي جنھن کي ڪامياب ڪرڻ لاء گروھ ٺاھي منشيات کي عام ڪيو ويو آھي ھي جيڪي به منشيات فروش آھن ان گروھ جا ميمبر آھن جن کي سرڪاري پٺڀرائي حاصل آھي. انھن قومي غدارن انسانيت جي دشمنن خلاف اعلان جنگ ڪري ٿي هنن وڌيڪ چيو ته اسان انتظاميه کي به اپيل ٿا ڪيون ته اسان جو ساٿ ڏئي منشيات جو مڪمل خاتمو ڪرايو وڃي.
بوزدار وڏا جي حد تلي دٻي ۾ بااثر ماڻهن پاران زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ تي پورھيت مدد علي جسڪاڻي ۽ ٻارن جو احتجاج انصاف لاءِ گھر ....
بوزدار وڏا جي حد تلي دٻي ۾ بااثر ماڻهن پاران زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ تي پورھيت مدد علي جسڪاڻي ۽ ٻارن جو احتجاج انصاف لاءِ گھر ....
ٺري ميرواھ لڳ ڳوٺ محمد آچر ملاح ۾ معمولي ڳالھ تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٻن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا اٺ ڄڻا زخمي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ملاح برادري جي مردن ۽ عورتن جو ٿاڻي آڏو احتجاج
احتجاج ڪندي اسد ملاح .مشتاق ملاح .فيروز ملاح ۽ ٻين چيو ته بااثر شخص بخت ملاح .لعل بخش ملاح .مشاھد ملاح ۽ٻين اسان جي رستي ويندڙ نوجوانن سان بنا جواز وڙھيا آھن ۽ گهرن ۾ اچي اسان جي عورتن سان وڙھيا آھن ھنن ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو وڃي ۽ سندس انصاف ڪيو وڃي
بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اھلڪار ٻن ڀائرن پاران پورھيت لياقت علي مٿان قاتلاڻو حملو
بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ۾ فريادي لياقت علي ٿيٻو دانھيندي چيو آھي رٽائر استاد رجب علي جي بڇ تي پوليس اھلڪار ٻن ڀائرن مھتاب علي ۽ وسيم علي ٿيٻو سرڪاري وردي سرڪار ھٿيارن سان مون قاتلاڻون حملو ڪيو آھي
ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس انصاف جو مطالبو ٿو ڪيان مونسان انصاف ڪري ھنن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي،
مامي ۽ سندس پٽن جو پنهنجي ڀاڻيجي تي سخت تشدد
متاثر نوجوان جو ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل...
ٺري ميرواھ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب ۾احتجاج
ٺري ميرواھ :ٺري ميرواھ پريس ڪلب آڏو آئي بي پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف نجيب الرحمان شر جاويد لاشاري عبدالقدير طارق مانڊڻ اسرار هدايت منير احمد چنا محمد عمر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين احتجاج ڪندي چيو ته تعليم کاتي پاران ٺري ميرواھ جي آئي بي اي ٽيسٽ اميدوارن کي هن وقت تائين آفر آرڊر نه پيا ڏنا وڃن تعلقي ۾ ڪيتريون ئي سيٽون خالي هجڻ باوجود پاس اميدوارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
قمبر باء پاس تي واقع ڳوٺ ۾ ھي شرمناڪ واقعو پيش آيو آهي پيرسن جي پٽ سان دشمني تحت سندس جي پوڙھي پيء کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو
قمبر باء پاس تي واقع ڳوٺ ۾ ھي شرمناڪ واقعو پيش آيو آهي پيرسن جي پٽ سان دشمني تحت سندس جي پوڙھي پيء کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو
ٺري ميرواھ جي ڳوٺ سرائي يار محمد خاصخيلي ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو فائرنگ ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا زچمي
ٺري ميرواھ ڪبوترن جي معمولي ڳالھ تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾10 ڄڻا زخمي
ٺري ميرواھ جي ڳوٺ سرائي يار محمد خاصخيلي ۾ ڪبوترن جي ڳالھ تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو ،
ھڪ ڌر جا 9 ڄڻا زخمي ٻئي ڌر جو ھڪ ڄڻو زخمي .
زخمين کي علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواھ آندو ويو
واقعي جو ڪيس ھن مھل تائين ميرواھ ٿاڻي تي داخل نہ ڪيو آھي
ڳوٺ سرائي يار محمد خاصخيلي م ڪبوترن جي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو ٿي پيو جھيڙي ۾ ھٿيارن ، ڪھاڙين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو آھي ڌر ھڪ جا زخمي
امير علي ، غلام نبي، صابر علي، نياز علي، جواد علي، سھانا، مسمات ست ڀرائي
ڪاشف، مسمات حميدان خاصخيلي ۽ ٻئي ڌر جو غلام شبير خاصخيلي زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي فوري طور علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواھ آندو ويو زخمين جو چوڻ آهي غلام شبير ، شڪيل ، انيل ، امام بخش ، انصاف ، حسين علي خاصخيلي ڪبوترن جي ڳالھ تان اسان مٿان ھٿيارن جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته ميرواھ پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي ميرواھ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ جي باوجود به پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي اسان ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي
ٺري ميرواھ جي ڳوٺ لياقت چنو جي رھائشي مسمات ڪزبانو ۽ پٽ ڪرم علي چنو انصاف لاءِ پريس ڪلب پھچي ويا
ٺري ميرواھ جي ڳوٺ لياقت علي چنو جي رھائشي مسمات ڪزبانو زال واحد بخش ۽ پٽ ڪرم علي چنو انصاف لاءِ پريس ڪلب پھچي بااثر خلاف احتجاج ڪندي چيو ته تہ سھري پاران حصي م 3 ايڪڙ زمين ورھاست ۾ ملي ھئي جنھن تي بااثر علي اڪبر چنو جي پٺ ڀرائي تي منور علي ، ڀليڏنو ، يوسف ، امان الله ، سعيد احمد ۽ اعجاز چنو اسان جي زمين تي زبردستي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري رھيا آھن ڳوٺ جي چڱن مڙسن ڏانھن دانھن کڻي ويا آھيون مگر ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھن بااثر اڪبر علي چنو ھيسائڻ لاءِ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري رھيو آھي اسان وس وارن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان جي زمين تي قبضي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي پنھنجو حق ڏنو وڃي
خيرپور. پنجاب ضلع جھنگ جي رھائشي نوجوان ڇوڪري ڪنب جي نوجوان سان خيرپور جي عدالت ۾پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو
وڌيڪ تفصيل موجب. پنجاب جي ضلع جهنگ جي رهائشي نوجوان 19 سالا فوزيا بيبي ولد محمد رياض حسين ڪاليه تعلقه ڪوٽ ڏجي ڪنب شهر جي رهائشي 19 سالا محمد عارف ولد بنو خان گوپانگ سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڌيو آهي ان موقعي تي پريمي جوڙي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته شريعتي محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي سندس وارث جان جا ويري بڻجي ويا آهن ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن چاچو محمد نواز ڪاليه، ڊاڪٽر سجاد حسين ڪاليه منهنجي شادي پئسن عيوض وڏي عمر جي شخص سان ڪرائي رهيا هئا وجهه ڪڍي ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪري آئي آهيان مونکي ۽ منهنجي مڙس کي چاچو محمد نواز ڪاليه، ڊاڪٽر سجاد حسين ڪاليه کان جان جو خطرو آهي ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿي ڪريان ته مونکي ۽ منهنجي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
ٺري ميرواھ واسي رٽائرڊ پوليس جمعدار محمد امين شر پريس ڪلب ٺري ميرواھ پهچي احتجاجي مظاهرو
ٺري ميرواھ : ٺري ميرواھ واسي رٽائرڊ پوليس جمعدار محمد امين شر پريس ڪلب ٺري ميرواھ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته ديھ مروڙو ۾ سندس 2 ايڪڙ 14 ويسا زمين آھي جنهن تي رٽائرڊ فوجي اصغر شر قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آھن هرروز ٻنا سوري رهيو آھي اهڙي شڪايت ميرواھ ٿاڻي تي ڪيترائي ڀيرا ڪرڻ باوجود ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو هن اعليٰ اختيارين ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .
ٺري ميرواھ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس ۾ غريب عوام دربدري جو شڪار رشوت عيوض جلد سروي ڪئي وڃي ٿي
ٺري ميرواھ سوشل ورڪر غريب عوام ٽيم جي طرفان ٺري ميرواھ جي ڳوٺ محمد خان اسلامي ۾ برسات متاثر 30 خاندان ۾ مڇردانيون تقسيم ڪيون ويون
ٽي مھينا پھريان شديد برساتن سبب ٿيندڙ تباھ ڪارين ۾ متاثر ٿيندڙ خاندان ۾ ضرورت جو سامان ورھائڻ واري پروگرام ۾ سوشل ورڪر غريب عوام جي ٽيم جي چيئرمين ثمرين عباس دستي ٻڌائيندي چيو ته اسان سامان بنا ڪنهن فرق جي متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن ۾ ورھائي رھيا آھيون ۽ انشاء الله جلد مستحق خاندانن لاء رمضان پيڪيج بہ ڏنو ويندو
ان موقعي تي متاثرن جو چوڻ ھيو ته سوشل ورڪر غريب عوام جي ٽيم جا اسان نھايت شڪرگذار آھيون جن ھن ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي
سوشل ورڪر غريب عوام چيئرمين ثمرين عباس دشتي فردوس جوڳي وزيران اسلامي امتياز حسين دستي عمران دستي نادر علي سعيد احمد دستي اختيار دستي شمن علي راڄپر شامل ھئا
ٽائون ڪاميٽي ٺري ميرواھ جي ملازم محمد صديق جوڳي جو ھر مھيني پگھار ڪٽوتي ڪرڻ تي ڪرپٽ ٽائون آفيسر ميرواھ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج
تعلقہ ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ آئس جي نشي ۾ نوجوان نسل تباھ وڌيڪ وڊيو م ھن شخص کي بيان ڪندي
ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿي ڪجي تہ ھن شخص خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائي سگھجي ...
Khairpur News
#SSPKhairpur
آئي بي اي پاران ماستري ٽيسٽ ۾ اميدوارن پريس ڪلب ٺري ميرواھ پھچي احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ھر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪري ۽ پاس ٿيل اميدوارن کي 50 مارڪن تي ڊيوٽي ڏئي ڇانيل مايوسي ختم ڪئي وڃي