Quami Safeer News

Quami Safeer News Garibon ko razi karne me Allah pak razi hota he

خيرپور ناٿڻ شاھ باء پاس تي پان ۽ گٽڪي سان ڀريل ڪرولا ڪار ڪلٽي. ڪلٽي ٿيل ڪار ۾ ويٺل ايس ايڇ او زخمي ٿي پيوعوام کي پوليس ج...
08/09/2021

خيرپور ناٿڻ شاھ باء پاس تي پان ۽ گٽڪي سان ڀريل ڪرولا ڪار ڪلٽي. ڪلٽي ٿيل ڪار ۾ ويٺل ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو
عوام کي پوليس جا ٿورا مڃڻ گهرجن ڇو ته ويچار پابندي باوجود گهٽڪو عوام تائين پهچائين ٿا اهو تہ قسمت خراب هئي جو گاڏي ڪلٽي ٿي پئي ھاڻي ڏسجي ڪورٽ سڳوري ھن کي وڏوف ۽ پنير ثابت ڪري ٿي يا ٻيو ڪجهه
ڪاري وردي ۾ الائي ڪيتريون ڪاريون رڍون
جن گاڏين ۾ اھڙي موت جو سامان ۽ موت جا سوداگر سوار ھجن شال اھڙيون ڪرولائون روز ڪلٽي ٿين..

خيرپورجيل انتظاميا کي شرم به نه آيو.......!!!هي آهن اهي وڏا ڌاڙيل جن خيرپور جيل کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي....هي آهن اهي ڌاڙيل ...
25/08/2021

خيرپورجيل انتظاميا کي شرم به نه آيو.......!!!
هي آهن اهي وڏا ڌاڙيل جن خيرپور جيل کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي....
هي آهن اهي ڌاڙيل جن کي سڄي سنڌ سلام ڪري ٿي جيڪي پنهنجي جائز حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن.....
هي اگر ايڏا وڏا ڌاڙيل هيا ۽ خيرپور جيل کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن شاگردن وٽان ڪهڙا اوزار مليا جن سان جيل ٽوڙي رهيا هيا.......؟؟
شاگرد اڳواڻ مسلسل ڊپٽي جيلر رئوف ڪانهر، ڊپٽي جيلر ذوالفقار ميتلي ۽ انور پنهور جي شڪايت ڪندا هئا ته اهي اسان کي ناجائز پريشان ڪري رهيا آهن ۽ اسان کان پئسا گهرن ٿا پر پوءِ به اسان سوچيو بکيا هوندا ڇڏي ڏيو انهن کي
پر انهن جيل سپريڊنٽ سان ملي ڪري اهو ثابت ڪيو ته هنن به يونيورسٽي انتظاميا اڳيان پنهنجو ضمير وڪڻي ڇڏيو ۽ انهن جي ونگار وهندي شاگرد اڳواڻن سان خونن جي قيدين کان وڌيڪ برو حشر ڪري وري انهن کي رات جي ئي پيٽ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جيل منتقل ڪري ڇڏيو جيئن اسان مالڪ هنن جي اصل پوزيشن ڏسي ئي نه سگهون... پر هنن انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ شاگرد اڳواڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جيلن جي اسپتالن ۾ داخل آهن اگر اسان جي شاگرد اڳواڻ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار لطيف يونيورسٽي انتظاميا ۽ جيل انتظاميا هوندي
هي ڪهڙو ملڪ آهي......؟؟
هي ڪهڙو قانون آهي......؟؟
جتي شاگردن کي دهشتگرد ڪري پيش پيو ڪيو وڃي اڃان شاگرد هڪ ڪوڙي ڪيس مان جان ئي نٿا ڇڏائين ته وري انهن مٿان ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ٿي ٿو وڃي اڃان انهن ٻن ڪيسن مان جان ئي نٿي ڇٽي ته وري ڊرامو ڪري ٽيون جيل ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ٿو وڃي ڇا هنن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ته هو ڇو ۽ ڪنهن لاءِ ٿا ڪن......؟؟

خيرپور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آھي ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جھنڊو مشائخ ۾ بااثر وڏيرن چوري جي الزام هيٺ 10 سالن ...
06/08/2021

خيرپور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آھي ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جھنڊو مشائخ ۾ بااثر وڏيرن چوري جي الزام هيٺ 10 سالن جي ٻن ٻارڙن کي ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي ويهڻ واري جاءِ تي مرچ وجهي مٿو ڪوڙي مٿي کي جيهر ڏئي ان ۾ به مرچ وجهي معصوم ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو انساني حقن جي تنظيمن کي هن بااثرن وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي مقامي پوليس وڏيري جي وانگارو بڻجڻ بجاء ھن مامري تي سخت کان سخت ايڪشن وٺي
پوسٽ وڌ کان وڌ شيئر ڪريو دوستو جيئن ھن ٻار سان انصاف ٿئي

سوڀوديرو ڳوٺ يار محمد مرکنڊ جي ناري نسيمہ مرکنڊ پنھنجي ئي برادري جي نوجوان راجا مرکنڊ سان گمبٽ ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇ...
31/07/2021

سوڀوديرو ڳوٺ يار محمد مرکنڊ جي ناري نسيمہ مرکنڊ پنھنجي ئي برادري جي نوجوان راجا مرکنڊ سان گمبٽ ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو.
مون راز خوشي سان راجا مرکنڊ سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي. نسيمہ مرکنڊ
منھنجا مائٽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آھن انھن مان جان جو خطرو آھي. نسيمہ مرکنڊ
منھنجي مائٽن هڪ ڪوڙو نڪاح نامون ظاهر ڪيو آھي جيڪو سراسر ڪوڙو آھي منھنجو اڳ ڪنھن سان بہ ڪو نڪاح ٿيل نہ آھي. نسيمہ مرکنڊ
اسان کي ڪجهہ بہ ٿيو تہ ان جا زميوار بخت علي محبوب علي حميد اعجاز اسحاق هوندا. نسيمہ مرکنڊ

30/07/2021

بريڪنگ نيوز
رينجرس پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو مختلف جاين تي ڇاپا .
وڌيڪ اپڊيٽس لاء هن پيج کي لائق فالو ۽ شيئر ڪريو

درازا ڀرسان ٽرالر جو پراڊو گاڏي کي ٽڪر پراڊو گاڏي ڪلٽيون کائي وڃي روڊ جي ٻئي طرف وڃي ڪريو، پراڊو گاڏي ۾ موجود سوار معمول...
25/07/2021

درازا ڀرسان ٽرالر جو پراڊو گاڏي کي ٽڪر پراڊو گاڏي ڪلٽيون کائي وڃي روڊ جي ٻئي طرف وڃي ڪريو، پراڊو گاڏي ۾ موجود سوار معمولي زخمي
زخمين کي طبي امداد لاء گمبٽ جي گمس اسپتال پهچايو ويو

مورو منشيات جوڳڙ بڻجي ويو شھر جي ڳلين ۾ نوجوان نشي جي حالت ۾  همراھ رستي تي پيل  پوليس جا واٺا رڳو رقم وصول ڪري سويل پهت...
25/07/2021

مورو منشيات جوڳڙ بڻجي ويو شھر جي ڳلين ۾ نوجوان نشي جي حالت ۾ همراھ رستي تي پيل پوليس جا واٺا رڳو رقم وصول ڪري سويل پهتل صاحب وٽ

1932 ۾ جڏھن درياء پنھنجي موجن ۾ وھي پيو تڏھن لوھ جو پل انگريز سرڪار طرفان تيار ڪيو ويو پر ريلوي جو ڪو به ڊرائيور ان پل ...
25/07/2021

1932 ۾ جڏھن درياء پنھنجي موجن ۾ وھي پيو تڏھن لوھ جو پل انگريز سرڪار طرفان تيار ڪيو ويو پر ريلوي جو ڪو به ڊرائيور ان پل تان ريل گاڏي ھلائڻ لاء تيار نہ ھو ڇو جو اھا پل بنا ڪنھن ٿنڀي جي ھئي پوء انگريز سرڪار اھو حل ڪڍيو ته جيل ۾ قيد جمالو شيدي جنھن کي سزا موت جو حڪم آيل ھو ان سان اھو معاھدو ڪيو ويو تہ جيڪڏھن تون ريل ھن پل تان گذاري سکر روھڙي تائين پڄائي ويندي ته توکي سزا موت معاف ڪري آزاد ڪيو ويندو پوءِ جمالو کي ريل ھلائڻ جي ٽريننگ به ڏني وئي آخر اھو ڏينھن به آيو جنھن پل جي ٽرائل جي تقريب ٿي جمالو پل تان سکر کان روھڙي تائين ڪاميابي سان ريل کي پھچايو ۽ پوء وڏو ميلو ۽ جشن لڳايو ان جشن ۾ جمالو جي زال گيت ڳايو
او منھنجو کٽي آيو خير سان ھو جمالو
او جيڪو روھڙي واري پل تان ھو جمالو
او جيڪو سکر واري پل تان ھو جمالو
او جنھن جا وار گھندي دار لاء ھو جمالو

انسانيت جي ناتي شئر لازمي ڪيو  بيگناھ نياڻي  کي انصاف ڏياروحيدرآباد جي  ڀٽائي ٽائون واري علائقي م رهندڙ ۔۔بيواه عدت م وي...
23/07/2021

انسانيت جي ناتي شئر لازمي ڪيو بيگناھ نياڻي کي انصاف ڏيارو

حيدرآباد جي ڀٽائي ٽائون واري علائقي م رهندڙ ۔۔بيواه عدت م ويٺل عورت کي سندن ڏيرن ڪهاڙين جا وار ڪري لاش درياء ۾ لوڙهي ڇڏيو ۔وڌيڪ حيدرآباد م رهندڙ ڀائر ۔هن مظلوم نياڻي جي ڪيس جي جاچ ڪن

21/07/2021

راڻيپور ۾ وياجين تباهي ڪري ڇڏي آھي ڊي سي خيرپور ڇو خاموش آھي خداراه راڻيپور کي وياج کان پاڪ ڪرايو

10/07/2021

ظھور احمد لغاري کي راڻيپور مقرر ڪيو وڃي ظھور احمد لغاري هڪ بهترين آفيسر آھي
پاران
راڻيپور جو عوام

سکر بورڊ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي 2021 جي امتحان جي ٽائيم ٽيبل
08/07/2021

سکر بورڊ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي 2021 جي امتحان جي ٽائيم ٽيبل

شئر لازمي ڪيوڀلا ھتي اسان جي ملڪ جون عدالتون ڪٿي آهن ايڏي انڌھير نگري افغانستان جو شھري اسانجي سنڌ ۾ ايس پي مقرر ٿي ويو ...
08/07/2021

شئر لازمي ڪيو
ڀلا ھتي اسان جي ملڪ جون عدالتون ڪٿي آهن ايڏي انڌھير نگري افغانستان جو شھري اسانجي سنڌ ۾ ايس پي مقرر ٿي ويو ھو ۽ ڪنھن کي خبر نه پئي خدا مھڪارو ڪو ڪري نادرا وارن جو پيء جو ملڪ سمجھي ويٺا آھن جيئن وڻين ٿو پيا ڪندا وتن آھي ڪو انهن کي لغام ڏيڻ وارو۔

Post ko ziyada se ziyada shear karen👏👏👏👏👏👏👏👏👏یہ لاوارث لاش کسی کی بیٹی بہن ماں کی ہے جو اب لاوارث شمار کی جا رہی ہے. ایک...
30/06/2021

Post ko ziyada se ziyada shear karen👏👏👏👏👏👏👏👏👏

یہ لاوارث لاش کسی کی بیٹی بہن ماں کی ہے جو اب لاوارث شمار کی جا رہی ہے. ایک دو دن انتظار کے بعد مردہ خانہ پھینک دی جائے گی.اس مقصد سے گروپ میں بھیجی ہے کہ کیا خبر کوئی جانتا ہو اور اسے کفن دفن کے لیے اس کو اپنوں کے ہاتھ نصیب ہو سکے. اس کو گروپ کے اصولوں کی خلاف ورزی نہ سمجھا جائے, مہربانی

29/06/2021

اچو ته ٽرينڊ ھلايون ڪميڪل وارو کير بند ڪيو انساني جانيون بچايو
ڪير ڪير اسان جو ساٿ ڏيندو
☕☕☕☕

👏👏👏راڻيپور👏👏👏ڀرسان  ڳوٺ وڏا ڀيلار جو رهواسي 7 سالن کان ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا 30 سالن جو نوجوان غلام مهدي ملاح وس وارن ...
25/06/2021

👏👏👏راڻيپور👏👏👏
ڀرسان ڳوٺ وڏا ڀيلار جو رهواسي 7 سالن کان ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا 30 سالن جو نوجوان غلام مهدي ملاح وس وارن کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته 7 سالن کان ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا آھيان ، ڪراچي مان علاج ڪرائيندي گھر سميت سڀ ڪجھ وڪڻي ڇڏيو آھي، ھن مھل مون وٽ علاج لاء ته ڇا پر پنھنجي ٻچن کي به کارائڻ لاء ڪجھ نه بچيو آھي ، مون کي ھر مھيني ھڪ سئي لڳندي آھي جنھن قيمت لک کان مٿي آھي ،3 مھينا گذري ويا آھن مون کي انجيڪشن نه لڳي آھي مان راڻيپور جي MNA ۽ Mpa صاحب کي اپيل ٿو ڪيان ته منھنجو علاج ڪرائن ،منھنجا معصوم ٻچا به انھن کي دعائون ڪندا ،،رابطہ نمبر 03078342258
جاز اڪائونٽ نمبر 03245960633

خبردارضروري اطلاع ھي فارم ڪير بہ نه ڀرائي فراڊ آھي صرف عورتن سان فراڊ ڪيو وڃي ٿو في عورت کان 500سؤ روپيہ وصولي ڪئي پئي و...
25/06/2021

خبردار
ضروري اطلاع ھي فارم ڪير بہ نه ڀرائي فراڊ آھي صرف عورتن سان فراڊ ڪيو وڃي ٿو في عورت کان 500سؤ روپيہ وصولي ڪئي پئي وڃي فارم 2019وارا سچا ھيا ھاڻي وارا فارم ڪوڙ آھي ھي فارم اسڪين ٿيل آھن علائقي ۾ ھر ھڪ ڊيوائز واري سان ھڪڙو اجنٽ گڏ آھي رڳو ٺڳي تي گذارو اھا ٽيم ڪھڙي بہ ھند نظر اچي ان جو ويڊيو لازمي رکارڊ ڪندا جنھن جا پراڻا فارم ڀريل آھن 2019جا صرف انھن کي 6000ھزار ملندا باقي ڇڙي ٺڳي آھي زياده لالچ نه ڪيو وڌ کان وڌ شئير ڪيو مھرباني جيئن ماڻھون ٺڳن جي ٽولي کان بچي سگھن

25/06/2021

هر خبر هر وقت اوهان جو آواز بڻجنداسين صرف هڪ ڪال تي رابطه
0324-8221962

ڪراچي ملير ڀرسان جوکين جي ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙھائي سڌي فائرنگ ڪيترائي ماڻھو زخمي ڱهرن کي باهيون ڪٿي آهي سنڌ حڪومت ۔
23/06/2021

ڪراچي ملير ڀرسان جوکين جي ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙھائي سڌي فائرنگ ڪيترائي ماڻھو زخمي ڱهرن کي باهيون ڪٿي آهي سنڌ حڪومت ۔

بريڪنگ  نيوز ۔۔سوڀوديرو لڳ انب شاخ جو رهواسي نوشاد علي ولد حاڪم  منڱڻيجو ( رٽائرفوجي جو پٽ ) ڪراچي ۾ مارجي ويو ۔۔لاش ڇيپ...
23/06/2021

بريڪنگ نيوز ۔۔
سوڀوديرو لڳ انب شاخ جو رهواسي نوشاد علي ولد حاڪم منڱڻيجو ( رٽائرفوجي جو پٽ ) ڪراچي ۾ مارجي ويو ۔۔لاش ڇيپا جي سرد خاني ۾ موجود ۔۔سندس مالڪ لاش وصول ڪرڻ لاء ڪراچي پهتل ۔۔

خيرپور...افسوس جن ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ھوندا آھن اڄ جي ڪرپٽ انتظاميا وي سي خيرپور ۽ رجسٽرار بيگناھ شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري ...
12/06/2021

خيرپور...
افسوس جن ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ھوندا آھن اڄ جي ڪرپٽ انتظاميا وي سي خيرپور ۽ رجسٽرار بيگناھ شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري ايف آء آر ڪٽرائي انهن ئي هٿن ۾ ھٿڪڙيون ھڻائي ڇڏيون اسان ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ گرفتار شاگردن جي آزاديء جو مطالبو ڪيون ٿا

دفاعي بجيٽ 1330 ارب رپيا، نوجوان سورٺ ميگهواڙ ڪتابن جا پئسا نه ھجڻ جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ھي ھڪ قتل آهي جنهن جي زميندارن...
12/06/2021

دفاعي بجيٽ 1330 ارب رپيا، نوجوان سورٺ ميگهواڙ ڪتابن جا پئسا نه ھجڻ جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ھي ھڪ قتل آهي جنهن جي زميندارن رياست آهي

واپڊا خراب ٽرانسفرمر جي مرمت لاء پئيسا عوام کان نه وٺندي ڊپارٽمنٽ خود مرمت ڪرائي عوام کي بجلي فراھم  ڪندو....نوٽيفڪيشن...
09/06/2021

واپڊا خراب ٽرانسفرمر جي مرمت لاء پئيسا عوام کان نه وٺندي ڊپارٽمنٽ خود مرمت ڪرائي عوام کي بجلي فراھم ڪندو....
نوٽيفڪيشن جاري"
ڪوبه ٽرانسفارمر سڙي وڃي ، خراب ٿي وڃي، واپڊا وارن کي ھڪ روپيه به ٺھرائي يا تبديلي جو نه ڏيو۔
وڌ کان وڌ شيئر ڪري عوام تائين پهچايو

سنڌ واسين کي مبارڪون جسقم چيرمين صنعان خان قريشي جي ملير ڪينٽ ٿاڻي ۾ گرفتاري ظاهر اڄ کيسATCڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو وڪيل محم...
09/06/2021

سنڌ واسين کي مبارڪون جسقم چيرمين صنعان خان قريشي جي ملير ڪينٽ ٿاڻي ۾ گرفتاري ظاهر اڄ کيسATCڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو
وڪيل محمد خان شيخ

راڻيپور لڳ ڳوٺ وزير جوڻيجو مان رات نعملوم چور ٽن گھرن کي کاٽ ھڻي سون سميت  قيمتي سامان ۽لکين روپيه چوري ڪري  فرار ٿي ويا...
08/06/2021

راڻيپور لڳ ڳوٺ وزير جوڻيجو مان رات نعملوم چور ٽن گھرن کي کاٽ ھڻي سون سميت قيمتي سامان ۽لکين روپيه چوري ڪري فرار ٿي ويا
لطف خاصخيلي جو گھر
ارباب لاشاري جو گھر
محتاب شيخ جو گھر

راڻيپور لڳ جھنڊا شاخ لڳ ڳوٺ نظر محمد ڳاھو پھچي اڳوڻو وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي صلاح ڪار نظر محمد ڳاھو  سان ملاقات...
06/06/2021

راڻيپور لڳ
جھنڊا شاخ لڳ ڳوٺ نظر محمد ڳاھو پھچي اڳوڻو وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي صلاح ڪار نظر محمد ڳاھو سان ملاقات ڪئي ۽ ڪجھ اھم مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ ڪچھري دوران ڪجھ معزز دوست صحافي بشير احمد لغاري سداگل سرکي آصف علي ھنڱورو ۽فيس بوڪ جو شھزادو ضمير علي سرڪي پڻ گڏ ھئا

05/06/2021

جنسي زيادتي جي ڏوهاري کي خصي ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو.

افسوس ناڪ واقعوخيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي وٽ قومي شاھراه تي ڪار ۽ ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر 5 ماڻھو فوت ، 18 زخمي، 10 جي حالت نازڪ ٻڌ...
04/06/2021

افسوس ناڪ واقعو
خيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي وٽ قومي شاھراه تي ڪار ۽ ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر 5 ماڻھو فوت ، 18 زخمي، 10 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي خيرپور اسپتال منتقل

افسوس ناڪ واقعو 😢راڻيپور ڀرسان درازا ۾ قومي شاھراه تي موٽر سائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر ، راڻيپور جو رھواسي غلام تقي ملاح فوت،
03/06/2021

افسوس ناڪ واقعو 😢
راڻيپور ڀرسان درازا ۾ قومي شاھراه تي موٽر سائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر ، راڻيپور جو رھواسي غلام تقي ملاح فوت،

گلستان جوهر لينڊ مافيا جي داداگيري عروج تي آهي. ۽ پوليس غير قانوني عمل ڪندي مافيا سان گڏجي باگڙي برادري جي مردن ۽ عورتن ...
03/06/2021

گلستان جوهر لينڊ مافيا جي داداگيري عروج تي آهي. ۽ پوليس غير قانوني عمل ڪندي مافيا سان گڏجي باگڙي برادري جي مردن ۽ عورتن سان وحشياڻو تشدد ڪندي متاثر باگڙين تي ايف آء آر ڪٽي آهي. جنهن ۾ باگڙي برادري تي ڪيس داخل ڪيا آهن. باگڙي برادري جي ماڻهن کي هيسائڻ جي عمل ۾ رڌل پوليس آهي. جيڪو جبر ڏاڍ آهي. اسان مافيا ۽ پوليس جي هن غير واجب عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا. ۽ آء جي سنڌ ۽ وزيراعلي مراد علي شاه ۽ اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو ٿا. ته باگڙين مٿان لڳل غلط سيشن خارج ڪندي. انهن مافيا ۽ ڪرپٽ پوليس وارن خلاق قانوني ڪاروائي ڪري!!!
سيتارام باگڙي!

.راڻيپور  پڪا چانگ لڳ ڪرونڊي جي ناري راڻيپور جي نوجوان سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ناري حنا ڌيءُ امير سول...
31/05/2021

.راڻيپور
پڪا چانگ لڳ ڪرونڊي جي ناري راڻيپور جي نوجوان سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ناري حنا ڌيءُ امير سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان گهران نڪري پنهنجي ئي رشتيدار عرفان علي ولد قمرالدين سولنگي سان پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ مٽ مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن اسان کي مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن خوف سبب اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون اسان ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

اسان سلام ٿا پيش ڪيون ٽنڊو ميرعلي چونڪي انچارج صبحان خاصخيلي کي جنهن دبنگ اعلان ڪيو آ تـ مونکي ايس ايس پي خيرپور حڪم ڪري...
25/05/2021

اسان سلام ٿا پيش ڪيون ٽنڊو ميرعلي چونڪي انچارج صبحان خاصخيلي کي جنهن دبنگ اعلان ڪيو آ تـ مونکي ايس ايس پي خيرپور حڪم ڪري تـ مان شڪارپور ۾ سڀئي ڌاڙيل زنده يا مردا ايس ايس پي شڪارپور جي حوالي ڪندم .جیو سبحان خاصکیلی

ڪرپشن جو ثبوت ,,سنڌ حڪومت طرفان خريد ڪيل هن اي پي سي جي رقم ساڍا چار ڪروڙ آھي ,, هن جي انڪوائري ٿيئڻ کپي ,,جنهن کي عام ا...
23/05/2021

ڪرپشن جو ثبوت ,,
سنڌ حڪومت طرفان خريد ڪيل هن اي پي سي جي رقم ساڍا چار ڪروڙ آھي ,, هن جي انڪوائري ٿيئڻ کپي ,,
جنهن کي عام اينٽي ايئر ڪرافٽ گن سان هٽ ڪيو ويو گوليون سڌيون پار ٿي ويون ,,
ياد رهي ته سردارن ۽ وڏيرن وٽ جيڪي بلڊ پروف گاڏيون آھن هن کي ان اينٽي ايئر ڪرافٽ گن جون گوليون ڪراس نه ٿيون ڪري سگهن ,
اهم سوال اهو آھي ته اهڙين ناڪاره ڪاغزي گاڏين جا ٽينڊر ڪنهن پاس ڪيا ۽ سيفٽي سرٽيفڪيٽ ڪنهن جاري ڪيو ,,

پوليس جي جوانن کي دوکو ڏنو ويو آهي اگر اها گاڏي واقعي مضبوط هجي ها ته اڄ پوليس جي جوانن بجاء ڌاڙيل مرن ها ,,,😡cp

صحافين کي ھر ھنڌ مڪمل آزادئ سان رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ھوندي ڪير بہ کين روڪيندو يا حملو ڪندو تہ ان تي ڪيس داخل ڪيو ويندو س...
22/05/2021

صحافين کي ھر ھنڌ مڪمل آزادئ سان رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ھوندي ڪير بہ کين روڪيندو يا حملو ڪندو تہ ان تي ڪيس داخل ڪيو ويندو
سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ٿي ويو۔

22/05/2021

راڻيپور
پولیس جي ڏهاڙي تي مزوري ڪندڙ ملاح برادري ۽ انصاري برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪيترائي مزور بلاجواز گرفتار پولیس چڙهائي خلاف رهواسين جو احتجاج رپورٽ موجب راڻيپور جي بودله محله ۾ راڻيپور پوليس جي ملاح برادري ۽ انصاري برادري جي ماڻهن جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري ڪيترن ئي مزورن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي متاثر احتجاج ڪندي چيو ته اڄ سوير راڻيپور پوليس جي اڳواڻي ۾ چئن کان وڌيڪ پوليس موبائيل ۾ سوار پوليس اهلڪارن بلاجواز اسان جي گهرن مٿان ڌاڙيلن جيان چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي اسان جي ماڻهن کي بلاجواز گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي وئي آهي هنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آھيون پوليس بغير ڪنهن ڏوهه جي اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي گهرن مٿان بلاجواز چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته پوليس چڙهائي جا سي سي ٽي وي فوٽيج صحافي بشير احمد لغاري هٿ ڪري ورتا فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار سرعام ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن
رپورٽر بشير احمد لغاري

21/05/2021

سنڌ کي 2 لاش ٻيا مليا آهن ٿوري دير پهريان فتع چوڪ حيدرآباد ۾ افغانين هٿان 2 سنڌي نوجوان فائرنگ ۾ قتل علائقو ميدان جنگ بڻيل 😭

راڻيپور ٽول پلازا وارن جي بدمعاشي لوڪل ماڻهن کان به زبردستي ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي، ٽول ٽيڪس نه ڏيڻ تان ڌاريا ڌرتي ڌڻين ني...
21/05/2021

راڻيپور ٽول پلازا وارن جي بدمعاشي لوڪل ماڻهن کان به زبردستي ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي، ٽول ٽيڪس نه ڏيڻ تان ڌاريا ڌرتي ڌڻين نياڻين سان بداخلاقي ۽ ڳٿا لفظ ڳالهي ڌرتي ڌڻين جي توهين ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ڳهڻ گهرن کي ڌارين جي اهڙي رويئي خلاف وڌ کان وڌ آواز اٿارڻ گهرجي.

District Reporter
Basheer Ahmed Laghari

هنن غريبن جي مدد آخر  ڪير ڪندو آهي ڪوئي مسيحا  جيڪو تعلقي ناري جي هنن غريبن ماروئڙن جي مدد ڪري هنن معزورن ۽ بيمارن جي مد...
19/05/2021

هنن غريبن جي مدد آخر ڪير ڪندو

آهي ڪوئي مسيحا جيڪو تعلقي ناري جي هنن غريبن ماروئڙن جي مدد ڪري هنن معزورن ۽ بيمارن جي مدد ڪري ڪافي موزي مرزن ۾ مبتلا هي ماروئڙا آخر اعلاج ڪرائين ته ڪنهن کان ڪرائين ۽ ڪهڙي طريقي ڪرائين هنن وٽ ٻہ ويلا ماني کائڻ جي سگھ نہ آهي اوهي پنهنجو اعلاج ڪئي ڪرائي سگهن ٿا هي پنهنجي معزوري جي لا ويل چيئر ڪهڙي طريقي وٺي سگهن ٿا اکئين جهڙي نور کان ڪئي خاندان جا خاندان مهروم جيڪي خانداني طور تي پنهنجي وڏڙن کان وٺي نسل در نسل اکئين جهڙي نور جي نعمت کان مهروم رهن ٿا سرندي وارن کي مدد جي اپيل خدارا 🙏 اسان جي علائقي جي غريبن جي مدد ڪيو اسان جي غريب ماروئڙن جو ساٿ ڏئيو

محب وطن، باصلاحیت اور خود پر بھروسہ رکھنے والے پاکستانیوں کی ضرورت ہےٹیم Pakistan Dimond TVکا حصہ بنیں اور اپنے علاقائی ...
18/05/2021

محب وطن، باصلاحیت اور خود پر بھروسہ رکھنے والے پاکستانیوں کی ضرورت ہے
ٹیم Pakistan Dimond TVکا حصہ بنیں اور اپنے علاقائی مسائل اور رہ جانے والی خبروں کو ہمارے پلیٹ فارم کے ذریعے دنیا بھر کو دکھائیں
معمولی سی فیس کے بدلے 2006 سے کام کرنے والے پاکستان کے پہلے ویب چینل کا حصہ بنیں

واٹس ایپ: 0324-8221962

ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪري ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائيندن تائين پھچايو ڏک جي ڳالھ آھي تـ سنڌ جي گود ۾ اڄ وري ارشاد ...
18/05/2021

ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪري ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائيندن تائين پھچايو ڏک جي ڳالھ آھي تـ سنڌ جي گود ۾ اڄ وري ارشاد رانجھاڻي جيان ھڪ ٻيو سنڌي نوجوان اعجاز علي ھڪ پٺاڻ جيڪو گلشن حديد ڪراچي مسلم ڪوچ جي اڏي جو چوڪيدار ھو ان ھٿان قتل ٿي ويو وڏو افسوس اھو آھي جو ھن سنڌ ڌرتي جي ڌڻين کي ڪراچي ۾ وڏي بي دردي سان چاڪو جا وار ڪري قتل ڪيو ويو ھي سنڌي نوجوان جيڪو پيپري بن قاسم ٽائون ڪراچي جو رھائشي ھو جنهن جو نالو اعجاز آھي ۽ پوليس ھن جي بي درد قاتل کي چريو ڄاڻائي بچائڻ جي ڪوشيش ڪري رھي آھي ڇا توھان سڀ ھن معصوم جي قاتل کي اجو ڇڏي ڏيندا يقينن اھو توھان جو ضمير گوارا نـ ڪندو تـ پوء اچو سڀ گڏجي ھن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء تحريڪ ھليون ۽ ھن معصوم اعجاز جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پنهنجو فرض ادا ڪيو
Copy

Address

Thari

Telephone

+923022898431

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Quami Safeer News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Quami Safeer News:

Videos

Share


Other Media/News Companies in Thari

Show All