Irshad Dandan page & Youtouper

Irshad Dandan page & Youtouper Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Irshad Dandan page & Youtouper, News & Media Website, Sukkur.

16/04/2024

Punjabi Song, Ve Changa Nhi O Kita Mahi, Jaweed Sardar ki Awaz Mein,

ٻه  سال اڳ پيل برساتن ۾ ڊهي ويل غريبن جا گهر حڪومتي اعلانن باوجود ٺهي نه سگهيا۔ برسات متاثر اڄ تائين دربدري واري زندگي گ...
13/04/2024

ٻه سال اڳ پيل برساتن ۾ ڊهي ويل غريبن جا گهر حڪومتي اعلانن باوجود ٺهي نه سگهيا۔ برسات متاثر اڄ تائين دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ان سلسلي ۾ روهڙي لڳ ڳوٺ ننڍي پٽڻي ۾ غلام شبير شيخ جي گهر کي باھ لڳي۔ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ان ڏس ۾ پيرسن غلام شبير شيخ ۽ سندس گهر واري غلام سڪينا شيخ ميڊيا آڏو داهيندي ٻڌايو آھي ته گهر ٺاهي ڏيڻ جو چئي برسات ۾ ڪجھ بچي ويل ڪمري کي هينڊس اين جي او پاران مڪمل ڊاهڻ لاء چيو ويو هو جنهن بعد پنج مهينا اڳ ڪمري جو بنياد ٺاهي غائب ٿي ويا آهن۔ اين جي او پاران گهر نه ٺاهي ڏيڻ سبب منهي ٺاهي زندگي جا ڏينهن گذاري رهيا هئا سي پر گذريل رات اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب کٽون۔ هنڌ بسترا۔ رلهيون سبي پيٽ گذر ڪندا آهيون هزارين روپين جون ٺاهيل رلهيون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي۔ متاثر عورت سڪينا شيخ تڪ جي منتخب نمائندن سميت ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪندي چيو ته سندس مڙس غلام شبير شيخ پوڙهائپ ۽ بيماري سبب مزدوري ڪرڻ جي سگھ نٿو رکي جنهن ڪري گهر ٺاهي ڏيڻ سميت ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي۔

09/04/2024

سکھر تھانہ سی سیکشن کی حد سے عبدالواحد مغل کی ہنڈا CD70 موٹر سائیکل چوری، شالیمار کمپلکس کے سامنے مصطفائی ہاسپیٹل روڈ گھر کے باہر کھڑی موٹر سائیکل نامعلوم چور آسانی سے لے کر فرار واقع کی رپورٹ تھانے میں درج کر دی گئی ہے۔

24/03/2024

Sukkur Barrage. دنیا کا سب بڑا نہری نظام سکھر بیراج پل کرپشن کی وجہ سے؟

سکر ۾ رمضان آرڊيننس جي احترام ۾ کليل نموني ڀڃڪڙي جاري۔ احترام رمضان تي عمل ڪرائيندڙ روينيو آفيسر رشوت جي ڏوڪڙن عيوض فرضن...
20/03/2024

سکر ۾ رمضان آرڊيننس جي احترام ۾ کليل نموني ڀڃڪڙي جاري۔ احترام رمضان تي عمل ڪرائيندڙ روينيو آفيسر رشوت جي ڏوڪڙن عيوض فرضن کان غافل ٿي ويا آهن۔ انتظاميا ۽ پوليس جي رشوتخوري سبب سرعام ھوٽل کليل آهن ۽ سبزيون فروٽ سميت ٻيون واهپي جون شيون ٻيڻ اگهن تي وڪامن ٿيون جنهن ڪري غريب ماڻهو ۽ روزيدار سحري ۽ افطاري لاء پريشان آهن ۔ مختيار ڪار آفيس روهڙي جي گيٽ ٻاهران ٻيڙي چوڪ روڊ تي ريڙهن وارا روينيون عملدارن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي روهڙي جي سيڪريٽري کي سبزيون فروٽ ۽ ڏوڪڙ ڏيڻ بعد غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف آهن۔ مارڪيٽ ڪاميٽي پرائيز لسٽ ۾ ٽماٽر 50 ۽ 75 روپيا ڪلو لکيل آهن جڏهن ته روهڙي جي ٻين چوڪن تي 60 کان 80 روپين تائين ڪلو وڪامي رهيا آهن پر مختيار ڪار روهڙي جي آفيس ٻاهران روڊ تي ٽماٽر هڪ سو ۽ ڏيڍ سو روپين ۾ في ڪلو وڪڻي روهڙي جي مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار کي منهن تي چماٽ سان گڏ ڀونڊو به هڻي رهيا آهن۔ جڏهن ته مختيار ڪار سعيد کونهارو رشوت جي پئسن اوڳاڙي ڪرڻ ۾ رڌل آهي۔ سنڌ حڪومت پاران اسڪول ۾ ڪينٽين۔ بس اڏو۔ اسپتال ۽ ريلوي اسٽيشن ٻاهران مسافرن جي سهولت لاء هوٽل کولڻ جي اجازت ڏني آهي پر مختيارڪار روهڙي سعيد کونهارو پاران شاهي بازار روهڙي۔ ڪسٽم ناڪو۔ ٻيڙي چوڪ۔ ڪنڌرا ناڪو چوڪ۔ اڇيون قبيون سميت روهڙي جي مختلف علائقن ۾ پنجاھ هزار روپيا مهيني جا رشوت وٺي هوٽل هلائڻ جي کلي عام موڪل ڏئي ڇڏي آهي۔ ٻئي طرف ٽنڊو ٺٽي۔ علي واهڻ۔ پيارو واھ ۽ ڪنڌرا شهر ۾ به مختيار ڪار روهڙي ۽ اسسٽنٽ مختيار ڪار روهڙي جي رشوتخوري سبب هوٽل هلندڙ آهن جڏهن ته پوليس به رشوت جا ڏوڪڙ وٺي چپ ٿي وئي آهي جنهن ڪري توهين رمضان ٿي رهي آهي ۽ انتظاميه خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي،

https://youtu.be/g6VqPVcxIPA?si=g5QzoTj8eQn3qiq6
20/03/2024

https://youtu.be/g6VqPVcxIPA?si=g5QzoTj8eQn3qiq6

اس لاٸین میں وزیراعظم میاں محمد شھباز شریف کی ناتو کوٸی بہن ہے نا بیٹی اور وزیر اعلا سندھ محترم جناب سید مراد علی شاھ کے گھرانے سے بھی کوٸی عورت نہیں ہے۔یہ ...

16/03/2024

Senior Journalist Irshad Ahmed Dandhan Great Analysis On Ramdan Mahngai.

09/03/2024

It's My Style 🤓

01/03/2024

روهڙي ريلوي اسٽيشن ملڪ جي سڀ کان وڏي ريلوي جنڪشن۔

25/02/2024

Sukkur Main Syed Sadaruddin Shah ka Urs Mubarak.

23/02/2024

مشهور راڳي اعجاز علي ٻرڙو

ڪروڙين روپيا بجيٽ هوندي به سول اسپتال سکر غريب ۽ بي پهچ مريضن لاء بي لاڀ ۽ ڪوس گهر بڻيل آهي۔ سرڪاري دوائون ۽ ڪروڙين روپي...
21/02/2024

ڪروڙين روپيا بجيٽ هوندي به سول اسپتال سکر غريب ۽ بي پهچ مريضن لاء بي لاڀ ۽ ڪوس گهر بڻيل آهي۔ سرڪاري دوائون ۽ ڪروڙين روپيا بجيٽ ڪرپشن حوالي۔ سرڪاري دوائون سياسي ڀوتارن جي فون ڪال تي سفارشي ماڻهن کي ڏيڻ لڳا۔

20/02/2024

SUKKUR TRADE EXHIBITION 2024.

15/02/2024

Sukkur Glob Chowk.

07/02/2024

Election 2024 Jamaat e islami Sukkur k Umeed Waro ki Press Conference,

18/01/2024
سکر ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي پولٽري پراڊڪٽس ونگ غير فعال، ورهين کان پولٽري سينٽر نه کوليا ويا، پولٽري آفيس جي سرڪاري ايراضي...
16/01/2024

سکر ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي پولٽري پراڊڪٽس ونگ غير فعال، ورهين کان پولٽري سينٽر نه کوليا ويا، پولٽري آفيس جي سرڪاري ايراضي خانگي ماڻهن کي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، پولٽري جا مختلف پراجيڪٽ ڪاغذن ۾ هلندڙ، فيلڊ عملو ڊيوٽين تان غائب، رپورٽ موجب سکر ضلعي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي پولٽري پراڊڪشن ونگ ورهين کان مڪمل طور غير فعال آهي، ان ڏس ۾ ڪيل سروي ۽ جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته سکر بس ٽرمينل ڀرسان قائم پولٽري پراڊڪشن ونگ جي آفيس جي سرڪاري ايراضي ڪاروباري مقصدن لاءِ خانگي ماڻهن کي وڪرو ڪئي وئي آهي، جڏھن ته ورهين کان پولٽري پراڊڪشن جا مختلف پراجيڪٽ صرف ڪاغذن ۾ هلندڙ آهن، پر ضلعي ۾ ڪوبه سينٽر ناهي کوليو ويو، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ پولٽري جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيل آهي، جنهن جي ماتحت پولٽري پراڊڪٽس جا فيلڊ ملازم توڙي وهنوار هلائڻ لاءِ آفيس ۾ 37 ڄڻن جو اسٽاف مقرر ڪيل آهي، پر سکر ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ پولٽري پراڊڪشن جي واڌ ويجهه لاءِ ورهين کان عملي طور ڪابه پرئڪٽس ناهي ڪئي وئي، ڪروڙين رپين جون دوائون ۽ وئڪسين، ماڻهن جي جعلي سڃاڻپ ڪارڊن جي نمبرن ذريعي ايجنٽن معرفت دڪانن تي وڪروڪرڻ جو ڌنڌو هلي رهيو آهي، سکر ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر پولٽري، ڊپٽي ڊائريڪٽر پولٽري، ٽن کان وڌيڪ وٽرنري آفيسر ۽ ڪيترائي پولٽري اسسٽنٽ مقرر ٿيل آهن، پر گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ ڪٿي به پولٽري پراڊڪٽس جو ڪم ناهي ٿيو ۽ نه ئي عام ماڻهن کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته سخت ٿڌ ۽ سيءَ جي موسم ۾ بيمار ڪڪڙين جي دوا ۽ ويڪسين لاءِ ڪٿي سينٽر کليل آهن، ٻي طرف پولٽري مشينري جنهن ۾ آنا ڦوڙڻ ۽ انهن مان چوزا تيار ڪري مستحق غريب عورتن ۾ ورهائڻ جو لکين رپين جو پراجيڪٽ ڪاغذن ۾ هلي رهيو آهي، آنا ڦورڙي چوزا ڪڍڻ جي پراجيڪٽ تحت 56 لک رپين جون ٻه مشينون سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر حوالي ڪيون ويون، جن مان هڪ مشين وڪرو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻي مشين ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ ڍڪي رکي وئي آهي، ايتري تائين جيڪي چوزا ڦوڙي غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ورهائڻا آهن اهي ايجنٽ ذريعي ڪڪڙين جا فارم هلائيندڙ سرندي وارن کي وڪروڪيا وڃن ٿا، غريب ۽ مستحق ماڻهن کي بينيفشري پراجيڪٽ تحت معاشي طور سگهارو بڻائڻ لاءِ هر يونين ڪائونسل جي هر هڪ ڳوٺ ۾ پالڻ لاءِ غريب عورتن کي ڪڪڙيون ۽ چوزا ڏيڻا آهن، پر ضلعي سکر سميت گهوٽڪي جي ڪنهن به ڳوٺ جي غريب ۽ مستحق عورتن کي معاشي طور سگهارو ٿيڻ واسطي ڪڪڙيون ناهن ڏنيون ويون، انهي پراجيڪٽ ۾ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪاغذن جي خانا پوري ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن ڪاغذن ۾ سينٽر هلندڙ آهن ۽ انهن جي مرمت ۽ فرنيچر جي مد ۾ توڙي فيلڊ ۾ استعمال لاءِ فراهم ڪيل سوزوڪيون ۽ جيپ جي مينٽيننس ۽ رپيئر پڻ ڪاغذن ۾ ڪئي وڃي ٿي، سکر واسين کي لائيو اسٽاڪ جي پولٽري ونگ بابت نه ته ڪا ڄاڻ آهي ۽ نه ئي هلندڙ پراجيڪٽن بابت ڪا معلومات حاصل آهي، ان ڏس ۾ پٽيوالي طور ڀرتي ٿيل ملازم حبيب الله ڪوري آلي نال بڻيل آهي، جيڪو ڊپٽي ڊائريڪٽر عنايت اوٺو جي آفيس جو سمورو وهنوار هلائي ٿو ۽ ڪرپشن وارا معاملا ديده دليري سان هينڊل ڪري ٿو، حبيب الله ڪوري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون بيمار ڪڪڙين جو علاج ڪندو آهيان، فيلڊ ۾ سروس ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل ملازم اڌ پگهار تي ويزا تي هوندا آهن، پر اهي ساليانو ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ حڪومت طرفان ملندڙ بجيٽ مان سموريون مراعتون کڻندا آهن.

روهڙي ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف آبادگارن جي ڪيل احتجاجن ۽ ميڊيا تي نيوز شايع ٿيڻ بعد به مختيارڪار روهڙي...
13/01/2024

روهڙي ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف آبادگارن جي ڪيل احتجاجن ۽ ميڊيا تي نيوز شايع ٿيڻ بعد به مختيارڪار روهڙي سعيد کونهارو ۽ ايگريڪلچرل آفيسر رسول بخش ۽ ٻين جو منعافي خور ڀاڻ ڊيلرن تي آشيرواد وارو هٿ قائم آهي باخبر ذريعن موجب ته مختيارڪار روهڙي سعيد کونهارو پاران هڪ هفتو اڳ ساوند زرعي مارڪيٽ پيارو واھ ۽ علي واهڻ ۾ روي ڪمار جي گودامن تي ڊرامائي انداز ۾ الڳ الڳ ڇاپا هڻي روي ڪمار جي بليڪ مارڪيٽنگ واري ڪاروبار ۾ روينيو ۽ ايگريڪلچر آفيسر ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويا آهن، ۽ هاڻي وري ڪمار به باقاعدي سان راشي آفيسرن کي لکين روپيا رشوت پهچائڻ بعد ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ جو سرٽيفڪيٽ وصول ڪري ورتو، جنهن ڪري روهڙي تعلقي ۾ هريش ڪمار ۽ روي ڪمار سميت هندو ۽ مسلمان يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن جي هڪ هٽي قائم ٿي وئي آهي، جنهن ڪري بغير ڪنهن خوف جي 32 سون واري ڀاڻ جي ٻوري ڇهن هزارن ۾ وڪرو ڪري آبادگارن ۽ هارين کي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لٽي رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته بليڪ مارڪيٽنگ جي ڪري ڪڻڪ جو فصل هن سان گڏ لهڻ ۽ اٽي جي بهران جو پڻ انديشو آهي، ان سلسلي ۾ هتان جي هاري ڪاميٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ٻين شهرن کان روينيو آفيسر سکر ۾ ٽرانسفر ٿي ايندا آهن ته اهي آفيسر ڪنهن جو به خيال ناهن رکندا، هو صرف مال ميڙڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، هنن چيو ته مختيارڪار روهڙي کونهارو صاحب ٻه ڪجھ مهينن ۾ ڪروڙين روپيا رشوت ڪمائي اسان غريب آبادگارن کي سيٺين جو قرضي ڪري هليو ويندو، هنن نگران حڪومت ۽ روينيو سميت ايگريڪلچر کاتي جي اعلي آفيسرن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث راشي آفيسرن کي ڪڙي سزا ڏيڻ سان گڏ يوريا ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگهن ۾ ڀاڻ ڏنو وڃي،

31/12/2023

SHO Deedar Abro, Happy New year,

31/12/2023

Aga Shahnawaz Khan Incharj 15, Happy new year,

31/12/2023

SHO Jawed Memon, Happy new year

اڳوڻي صوبائي وزير اويس قادر شاھ جو نياز نوڙت ۽ فقرائي انداز تمام بهترين عمل پر اهڙي انداز سان ڪم هلائڻ هاڻي ڏکيو آهي، پ ...
30/12/2023

اڳوڻي صوبائي وزير اويس قادر شاھ جو نياز نوڙت ۽ فقرائي انداز تمام بهترين عمل پر اهڙي انداز سان ڪم هلائڻ هاڻي ڏکيو آهي، پ پ پ مرڪزي قيادت کي PS.23 لاءِ عوامي مقبوليت رکندڙ اميدوار کي ٽڪيٽ ڏيڻ گهرجي،

ملڪ ۾ گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان موجوده سياسي قيادت عوام کي جمهوري ميوو نه ڏئي سگهي آهي، موروثي سياست ۽ پنهنجا نواز وارين پاليسين سبب ملڪ ۾ رهندڙ عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آهي، سياسي جماعتون ڪجھ خاندانن جي اثر هيٺ ۽ قبضي ۾ آهن، جنهن ڪري سدائين ساڳيائي سياستدان اليڪشن ۾ حصو وٺي عوام جي ووٽ جي طاقت سان ايوانن ۾ پهچن ٿا، ۽ پوءِ اهي خانداني سياستدان ڪرپشن جا نوان نوان طريقا استعمال ڪري ملڪ کي ڪنگال ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، سنڌ سميت ملڪ جي هر شهر ۾ مخصوص سياسي گهراڻن جا قبضا ٿيل آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نون سياستدانن کي اڳتي اچڻ ڏين ئي ڪونه ٿا، ن ليگ، ق ليگ، جمعيت علماء اسلام، پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين ۾ هزارين لکيل پڙهيل ۽ ٽيلينٽڊ نوجوان موجود آهن پر انهن کي سياسي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، بيروزگاري، بدامني ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب عوام موجوده سياستدانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به عوام جي خواهشن موجب فيصلا ناهن ڪيا ويا، ساڳي طرح سکر ۾ به موروثي سياست عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، سکر جي سياست ۾ سيد خورشيد احمد شاھ ۽ اسلام الدين شيخ اهي ٻئي سياستدان پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي جي جهنڊي هيٺ سکر جي سياست تي ڏھاڪن کان اثر انداز آهن،

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته جنهن جي گهر ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا،
اها حقيقت آهي ته سيد خورشيد احمد شاھ سدائين عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي جنهن ڪري عوام ۾ سندس مقبوليت حاصل آهي هر اليڪشن ۾ سيد خورشيد احمد شاھ پاڻ ته ڪامياب ٿيندو آهي پر سکر ضلعي جي ٻين تڪن تي به پ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڪرائي ڪامياب ڪرائيندو آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته خورشيد شاھ جي گهراڻي ۾ سڀني فردن کي پ پ پ جي حمايت ۽ ٽڪيٽون ڏئي عوام مٿان مسلط ڪيو وڃي، اهڙن سياسي فيصلن مان لڳي ائين ٿو ته خورشيد احمد شاھ ۽ اسلام الدين شيخ جن جا اولاد، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، ۽ رشتيدار ئي هن ملڪ ۾ سياست ڪرڻ ۽ ايوانن ۾ ويهي فيصلا ڪرڻ جون صلاحيتون رکن ٿا، پر حيرت ان ڳالھ جي آھي جو سکر ۾ سيد خورشيد شاھ صاحب ۽ اسلام الدين شيخ صاحب جن جي موجودگي ۾ سيد ناصر حسين شاھ الائي ڪهڙي نمبر دروازي کان وڃي پ پ پ ۾ شموليت ڪئي، جيڪو هر اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجي تڪ ۾ عوام جي خدمت ڪندڙ آهي، جنهن به موروثي سياست کي برقرار رکندي پنهنجي پٽ سيد ڪميل حيدر شاھ کي پ پ پ حمايت سان سکر ۾ ڊسٽرڪٽ چيئرمين منتخب ڪرايو آهي، ھن وقت سکر جي عوام کي بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري عوام موجوده سياستدانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري سکر جو عوام چاهي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي تبديلي ۽ سياست ۾ نوان چهرا اڳتي اچن پر نون ماڻهن کي سياسي ميدان ۾ اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، انهن جا رستا روڪڻ لاءِ طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي مرڪزي قيادت آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر صاحبه جو ويجهو ساٿي ۽ پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ محمد علي شيخ 2018ع واري اليڪشن ۾ فارم ڀريو هو، پر محمد علي شيخ صاحب کي سکر جي بزرگ سياستدانن طاقت جي زور تي اڳتي اچڻ ئي نه ڏنو جنهن ڪري پ پ پ مرڪزي قيادت محمد علي شيخ کي ٽڪيٽ نه ڏني ھئي، جڏهن ته هڪ دفعو ٻيهر 2024ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن لاءِ محمد علي شيخ پاران نامينيش فارم جمع ڪرايا آهن جنهن بعد سکر جي ٻنهي بزرگ سياستدانن جون ننڊون ڦٽي ويو آهن، اسان سمجهون ٿا ته سکر پ پ پ جو ڳڙ رهيو آهي پر هن وقت ملڪ ۾ وڌايل مهانگائي، بيروزگاري بک ۽ بدحاليءَ سبب عوام سخت پريشان ۽ سياستدانن تي به ڪاوڙيل آهي، واضع رهي ته PS 23 واري تڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سيد جاويد شاھ 2 ڀيرا ايم پي اي ٿيو هو، سيد جاويد شاھ لاءِ مشهور آهي ته هن ڪڏهن به سنڌ اسيمبليءَ ۾ اجلاس دوران پنهنجي تڪ ۾ عوام کي درپيش مسئلن لاءِ نه ڳالهايو هو پر شاھ صاحب سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڪڏهن ڪنهن کان پيئڻ لاءِ پاڻي به نه گهريو هو، جنهن بعد PS 23 تي سيد خورشيد احمد شاھ جي ڀائٽي سيد اويس قادر شاھ صاحب کي به پ پ ٽڪيٽ تي 2 ڀيرا ڪاميابي حاصل ٿي، جنهن به صوبائي وزير ٿيڻ باوجود ڪنهن هڪ به غريب نوجوان کي نوڪري نه ڏني، صرف عزرخواهين تي ڪم هلائيندو رهيو، پاڪستان ۾ خانداني سياست پنهنجون پاڙون ان حد تائين مضبوط ڪري ڇڏيو آهن، جو اهي ئي آزمايل ۽ آزمايل چهرا پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري هر نئين حڪومت جو حصو بڻجي حڪومت ۾ رهي پنهنجي مفادن ۽ اقتدار جي تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا، باقي عوام جو ٻيڙو ٻڏي ته ڀلي ٻڏي، انهن کي ڪو به احساس ناهي ٿيندو، هن اليڪشن ۾ پ پ مخالف جماعتن به هڪ مضبوط اتحاد جوڙي ورتو آهي، ماضي ۾ ٿيل اليڪشنون تي نذر وجهنداسون ته فنڪشنل مسلم ليگ جي فقير عنايت الله ٻرڙو ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مبين خان جتوئي، سيد طاهر حسين شاھ جن پ پ اميدوارن کان ٿورڙن ووٽن تي هارائيندا آيا آهن، جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ سيد طاهر حسين شاھ، مبين جتوئي، ف ليگ جي فقير عنايت الله ٻرڙو ۽ ٻيا سياستدان ڪورٽن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جون دانهون به ڪندا رهيا آهن، پر هن اليڪشن ۾ پ پ پ مخالف پارٽين جا اڳواڻ به ميدان مارڻ لاءِ پهريان کان وڌيڪ بهتر حڪمت عملي جوڙي اچڻ جون دوائون ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سيد خورشيد احمد شاھ ۽ اسلام الدين شيخ صاحب جن کي کپي ته وڏپڻ جو ڪردار ادا ڪري شهيدن جي پارٽي سان عملي طور وفاداري ڪن، انهن جي ٿورڙي قرباني ڏيڻ سان سکر ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جو قلعو مضبوط ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب ۽ مرڪزي قيادت کي گهرجي ته سکر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به آزمائلن کي نه آزمائن، پاڪستان پيپلزپارٽي قيادت کي منهنجو مشورو آهي ته هن ڀيري شهيدن جي نالي تي عوام کان نه پر موروثي سياستدانن کان قرباني ورتي وڃي، پوءِ جيڪي سچا هوندا شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پارٽي سان گڏ هوندا باقي ڪوڙا ۽ مفاد پرست لوٽا سياستدان پاڻ ئي اڏامي ڪنهن ٻئي وڻ وڃي ويهندا، ملڪ ۾ ڪورونا وبا ۽ پيل خطرناڪ برساتن ۾ به موروثي سياستدان پنهنجي ساک وڃائي ويٺا آهن، انهن مشڪل وقتن ۾ ڪنهن صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ميمبر غريب ووٽرن جي مالي سهائتا لاءِ ڪٿي به ڪيمپ قائم نه ڪئي هئي، جنهن ڪري سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته پ پ پ قيادت پاران هن دفعي عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ سياستدانن کي ٽڪيٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي، جيڪي ايوانن ۾ ويهي هن ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو خوشحال ٿين، PS 23 واري تڪ تان 2 ڀيرا ڪامياب ٿيل سيد اويس قادر شاھ جو نياز نوڙت ۽ فقرائي انداز تمام بهترين عمل آهي پر اهڙي انداز سان هاڻي ڪم هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پي ايس 23 واري تڪ ۾ رهندڙ عوام جي بغير ڪنهن لالچ جي هر وقت سهائتا ڪندڙ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محمد علي شيخ کي ٽڪيٽ ڏئي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن سکر ۾ پيپلزپارٽي جي وڃايل ساک بحال ٿئي ۽ مخالف سياسي جماعتن جي اتحاد باوجود پ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي يقينن ٿيندي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ عوام جون اميدون ان موروثي سياست تي قربان ٿينديون رهنديون،

ليکڪ، ارشاد ڊنڊڻ

13/12/2023

پی ٹی آئی کارکنان کے غیر قانونی نظر بندی آرڈرز دینے پر کمشنر لاہور گرفتار,
عدالت میں پیش نہ ہونے کی وجہ سے ڈپٹی کمشنر لاہور کو عدالتی بیلف نے ڈپٹی کمشنر آفس لاہور سے گرفتار کر لیا یاد رھے کہ پی ٹی آئی کارکنان کے غیر قانونی نظر بندی آرڈرز دینے پر لاہور ہائی کورٹ کے چیف جسٹس صاحب نے پیش ھونے کا آرڈر دیا تھا کمشنر لاہور کو ۔ جو عدالت کے مقررہ وقت پر عدالت نہ پہنچنے پر گرفتار کیا گیا۔

Address

Sukkur
65200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Irshad Dandan page & Youtouper posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other News & Media Websites in Sukkur

Show All