Fatima Hyder

Fatima Hyder Something I Find Interesting 💭🌎
And They said I couldn’t, so I did.

Acupressure Pointsپيرن جي ترين تي مالش ڪرڻ سان جسم جي مجموعي صحت بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ روزمره جي زندگي ۾ سڪون ۽ آرام ملي سگه...
28/06/2024

Acupressure Points

پيرن جي ترين تي مالش ڪرڻ سان جسم جي مجموعي صحت بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ روزمره جي زندگي ۾ سڪون ۽ آرام ملي سگهي ٿو, تنھن ڪري رات جو روز پيرن جي ترين تي مالش ڪريو ۽ صحت مند زندگيءَ جا مالڪ بڻجو.

پيرن جي ترين تي مالش جا ڪجھ فائده ھيٺ بيان ڪجن ٿا.

1- پيرن جي ترين تي مالش ڪرڻ سان رت جي گردش بھتر ٿئي ٿي ۽ جسم جي ھر حصي تائين آڪسيجن پھچڻ ۾ مدد ملي ٿي.
2- جوڙن ۽ ھڏن جي درد ۾ آرام ملي ٿو.
3- ذھني ۽ جسماني ٿڪاوٽ يا ذھني دٻاء لاء فائديمند آھي.
4- جسم آرام ۾ اچي ٿو جنھن سان ننڊ بھتر ٿئي ٿي.
5- ھاضمو بھتر ٿئي ٿو ۽ ڪيترا ۽ ھاضمي جا مسئله حل ٿين ٿا.


Fri 28 June 2024

26/06/2024

سموري زندگي ھن قوم ھيڏو ٽيڪس ڀريو، اڃا به ٽيڪس جي ضرورت آھي
ياللعجب 🙄🤐

»ڇانگا مانگا ٻيلو«وڏي پيماني تي پنجاب صوبي جو دنيا جو پراڻو ھٿرادو ٻيلو ڇانگا مانگا جي نالي سان مشھور آھي، ھي ٻيلو ڪيترن...
23/06/2024

»ڇانگا مانگا ٻيلو«

وڏي پيماني تي پنجاب صوبي جو دنيا جو پراڻو ھٿرادو ٻيلو ڇانگا مانگا جي نالي سان مشھور آھي، ھي ٻيلو ڪيترن ئي نباتات ۽ جانورن جي ميزباني ڪري ٿو، جنھن ۾ 14 قسمن جا ميملز (Mammals) (اھڙا جانور جيڪي پنھنجي ٻارن کي کير پياريندا آھن)
50 قسمن جا پکي،
6 قسمن جا ريپٽائل (زمين تي رڙھندڙ جانور جيڪي پنھنجي جسم يا ھٿن سان رڙھن ٿا، نانگ ء مانگر مڇ وغيره)
2 قسمن جا امفيبين جانور
۽ 27 قسمن جا حشرات شامل آھن.


Sun 23 June 2024

»سال جو ڊگھو ڏينھن«Summer Solstice, اونھاري جو بيٺل سج لاطيني ٻوليءَ جي لفظن sol معني سج ۽ sistere معني بيٺل سان ملي sol...
22/06/2024

»سال جو ڊگھو ڏينھن«

Summer Solstice, اونھاري جو بيٺل سج

لاطيني ٻوليءَ جي لفظن sol معني سج ۽ sistere معني بيٺل سان ملي solstice ٺھيو آھي، ھي اھو نقطو آھي جتي سج سال لاءِ آسمان ۾ پنھنجي بلند ترين يا ھيٺئين نقطي تي پھچندو نظر اچي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح قديم فلڪياتدانن کي معلوم ٿيو ته اونھاري دوران سال جو ھڪ ڏينھن ڊگھو ڏينھن ٿئي ٿو. تنھن ڪري گذريل رات سال جي سڀ کان ننڍي رات ۽ اڄوڪو اونھاري جو ڏينھن سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينھن آھي.


Sat 22 June 2024

15/06/2024

ھتي بي گناھ انسانن جي خون جو انصاف ٿيو آھي جو بي زبان اٺڻي جو ٿيندو 😔
العجب ثم العجب

Pro Level Thiefs 😆
14/06/2024

Pro Level Thiefs 😆

07/06/2024

نواب شاهه ۾ خطرناڪ طوفان، یاالله ڪُل جھان جو خير.

Plastic bottles facts
04/06/2024

Plastic bottles facts

Amazing Butterfly Facts 🦋
04/06/2024

Amazing Butterfly Facts 🦋

اھڙو جانور جيڪو پاڻي کان لنوائي ٿو... ☺️🫠
31/05/2024

اھڙو جانور جيڪو پاڻي کان لنوائي ٿو... ☺️🫠

ڪريوپريزروئيشن (Cryopreservation) هڪ سائنسي عمل آهي جنهن ۾ حياتياتي نمونن، جهڙوڪ خُليا، ٽشوز، عضوا، يا مڪمل جسم کي انتها...
29/05/2024

ڪريوپريزروئيشن (Cryopreservation) هڪ سائنسي عمل آهي جنهن ۾ حياتياتي نمونن، جهڙوڪ خُليا، ٽشوز، عضوا، يا مڪمل جسم کي انتهائي گهٽ درجه حرارت تي منجمند ڪيو وڃي ٿو ته جيئن انهن کي ڊگهي عرصي تائين محفوظ رکيو وڃي ۽ بغير ڪنهن نقصان جي ٻيهر حياتي ۾ آڻي سگهجي.

هن عمل ۾ عام طور تي مائع نائٽروجن استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو -196°C (-321°F) جي گهٽ درجه حرارت تي ٿئي ٿو. منجمند ڪرڻ کان پهرين، حياتياتي نمونن ۾ ڪجهه خاص رطوبتون شامل ڪيون وينديون آهن جيڪي خلين کي نقصان کان بچائينديون آهن، اهڙيون رطوبتون ڪرائيوپروٽيڪٽنٽس (cryoprotectants) سڏجن ٿيون.

انھيءَ طريقي تي عمل ڪندي آمريڪا ۾ 300 ماڻھن جا لاش liquid نائٽروجن ۾ Freeze ڪري رکيا ويا آھن، سائنسدانن جو
مڃڻ آھي ته ايندڙ وقت ۾ سائنس انھن کي يا سندن خيليات کي ٻيھر زندگي ڏئي سگھن ٿا.

فاطمه حیدر 🍂
Thus 30 May 2024

انساني ڏندن جا چار مکيه قسم آھن:1️⃣ڪٽرڻ وارا ڏند (Incisors)ھي سامهون وارا اٺ ڏند آھن، جيڪي کاڌي کي ڪٽرڻ ۽ چيرڻ ۾ مددگار ...
28/05/2024

انساني ڏندن جا چار مکيه قسم آھن:

1️⃣ڪٽرڻ وارا ڏند (Incisors)
ھي سامهون وارا اٺ ڏند آھن، جيڪي کاڌي کي ڪٽرڻ ۽ چيرڻ ۾ مددگار آھن.

2️⃣ڪينائن ڏند (Canines)
ھي ڏند، جيڪي ڪٽرڻ وارن ڏندن جي ٻنهي پاسن تي چار آھن، کاڌي کي ڳرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

3️⃣پري مولر ڏند (Premolars)
هي ڏند، جيڪي ڪينائن ۽ مولر ڏندن جي وچ ۾ آھن، کاڌي کي چٻائڻ ۽ پيھڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا.

4️⃣مولر ڏند (Molars)
ھي وڏا ۽ پٺيان وارا ڏند آھن، جيڪي کاڌي کي چٻائڻ ۽ پيسڻ لاءِ اهم آھن.

ھن ترتيب سان ڏند کاڌو کائڻ لاء مخصوص آھن ۽ گڏجي کاڌي کي چٻائڻ ۽ هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

**موبائل گيمز جو انساني نفسيات تي اثر**ڇا توھان ڪڏھن سوچيو آھي ته اوھانجي چؤگرد گھڻا ئي ماڻھون مخلف موبائل گيمز کي ترجيح...
27/05/2024

**موبائل گيمز جو انساني نفسيات تي اثر**

ڇا توھان ڪڏھن سوچيو آھي ته اوھانجي چؤگرد گھڻا ئي ماڻھون مخلف موبائل گيمز کي ترجيح ڇو ٿا ڏين؟؟
يا اڪثر اسين سوال ڪريون ٿا ته آخر ماڻھون موبائل گيم ڇو ٿا کيڏن؟؟

سڀ کان پھرين، انسانن جي گيم کيڏڻ جي پسنديدگي جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي نفسياتي، سماجي، ۽ بايولوجيڪل عوامل سان جڙيل آهن، ھتي فقط 6 سبب اوھان آڏو پيش ڪري رھي آھيان.

1️⃣ تفريح ۽ آرام:
آنلائن گيم کيڏڻ ماڻهن کي روزمره جي زندگي جي دٻاءُ ۽ پريشاني کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اهو هڪ تفريحي سرگرمي آهي جيڪا انهن کي خوشي ۽ راحت محسوس ڪرائي ٿي.

2️⃣چيلينج ۽ مقابلو:
آنلائن گيمز ماڻهن کي مختلف چيلينجن سان منهن ڏيڻ جو موقعو ڏين ٿيون، جيڪو انهن کي ذهني طور تي متحرڪ رکي ٿو. مقابلي بازي جي جذبي سبب، ماڻهو پاڻ کي بهتر ڪرڻ ۽ نيون صلاحيتون سکڻ لاءِ گيمز کيڏڻ ۾ دلچسپي وٺن ٿا.

3️⃣سماجي رابطي:
ڪيترائي موبائل گيمز گهڻن ماڻهن سان گڏ کيڏيا وڃن ٿا، جئين اڄڪلهه پب جي گيم PUBG نوجوانن ۾ گھڻي مشھور آھي، اھڙا گيمز سماجي رابطن ۽ دوستين جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿا. آن لائن گيمز خاص طور تي دنيا جي مختلف ماڻهن سان رابطي جو ذريعو بڻجن ٿيون، اھڙا گيمز ماڻھن کي گھڻو پسند آھن، جن جو اڳتي ھلي نقصان پڻ ڀوڳڻو پوي ٿو.

4️⃣ڪاميابي ۽ انعام:
گيمز ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابي ۽ انعام ماڻهن کي تسڪين ۽ اطمينان فراهم ڪن ٿا. انعامن ۽ ٽرافين جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ تسليم ٿيڻ ۽ تعريف ڪرڻ جي خواهش انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ اھي انعام وغيره اصليت ۾ کين نه به ملندا ھجن پر پوء به ماڻھون ان کي ترجيح ڏين ٿا.

5️⃣ذهني مشغوليت:
ڪجهه گيمز جهڙوڪ پزلز ۽ حڪمت عملي وارا گيمز ذهني مشغوليت فراهم ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ جو موقعو ڏين ٿا.

6️⃣اختراع ۽ تخليقيت:
ڪيتريون گيمز ماڻهن کي نئين دنيا ۾ داخل ٿيڻ ۽ پنهنجا قائدا ٺهڪائڻ جي آزادي ڏين ٿيون، جنهن سان انهن جي تخليقيت ۽ اختراع جي صلاحيت وڌندي آهي.

هي سبب گڏيل طور تي انسانن کي گيم کيڏڻ ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ ان کي پنهنجي روزمره جي زندگي جو حصو بڻائڻ جو سبب بڻجن ٿا, پر انھن جا ڪي ئي نقصان پڻ آھن، انھن کي نظر ۾ رکي پنھنجي زندگي پرسڪون بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو.

جيڪڏهن اوھان به اھڙن ماڻھن مان آھيو جيڪي آنلائن دنيا ۾ مشغول رھن ٿا ته ھڪ دفعو ان دنيا مان نڪري اصليت ۾ داخل ٿيو، فرضي ۽ عارضي تعلقات مان نڪري پنھنجي کٽنب/ٻارن سان اصلي زندگي ۾ رھي ڪجھ مناسب گيمز ۾ حصو وٺو، ان کان پوء اوھان پاڻ ۾ مثبت سماجي ۽ نفسياتي تبديلي محسوس ڪري سگھندا.

فاطمه حيدر 🍂
Mon 27 may 2024

ھن جي خون سموري سنڌ کي ٻڌائي ڇڏيو ته ھو ڪيڏو عظيم ۽ بھادر ھيو. نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ شرڪت جي تعداد، حدِ نظر ماڻھون ئي...
24/05/2024

ھن جي خون سموري سنڌ کي ٻڌائي ڇڏيو ته ھو ڪيڏو عظيم ۽ بھادر ھيو.
نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ شرڪت جي تعداد، حدِ نظر ماڻھون ئي ماڻھون...
رب سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس قاتلن کي نابود ڪري.
آمين.

ڄَميا ھُئا جَھان، اَرڏا ڪي اِنسان 💔

Fri 24 may 2024

نِم جو وڻ 55 سيڪڙو گرمي ۽ 10 سيڪڙو سردي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، معني ھي ٻوٽو گرمي توڙي سردي کان بچاء جو بادشاهه آھي،هڪ...
22/05/2024

نِم جو وڻ 55 سيڪڙو گرمي ۽ 10 سيڪڙو سردي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، معني ھي ٻوٽو گرمي توڙي سردي کان بچاء جو بادشاهه آھي،
هڪ ٻارهن فوٽن جو نم جو وڻ ٽن ايئر ڪنڊيشنرز جي برابر ٿڌ پيدا ڪري ٿو.
پنھنجي گھرن ۾ ھڪ نم جو وڻ ضرور پوکيو.

22/05/2024

سائنس مطابق اسانجو دماغ وقت کان پھرين خطري کي ڄاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏھن اوھان کي ڪڏھن ائين محسوس ٿئي ته ڪجھ غلط ٿيڻ ...
22/05/2024

سائنس مطابق اسانجو دماغ وقت کان پھرين خطري کي ڄاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏھن اوھان کي ڪڏھن ائين محسوس ٿئي ته ڪجھ غلط ٿيڻ وارو آھي ته ان کي ڪڏھن نظرانداز نه ڪجو.

جڏھن قرآن پاڪ جي توحين وارو معاملو ٿيو ان وقت 78 ھين يو اين جنرل اسيمبلي نيو يارڪ ۾ جتي نالي وارا اسلامي ملڪن جا حڪمران ...
20/05/2024

جڏھن قرآن پاڪ جي توحين وارو معاملو ٿيو ان وقت 78 ھين يو اين جنرل اسيمبلي نيو يارڪ ۾ جتي نالي وارا اسلامي ملڪن جا حڪمران گورن آڏو جُھڪي رھيا ھئا اُتي قرآن پاڪ جي توھين خلاف يو اين جنرل اسيمبلي ۾ قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي اچڻ وارو واحد شخص علامه محمد ابراھيم رئيسي (ايراني صدر) ھيو.
جنھن جي اڄ ھيلي ڪاپٽر ڪريش حادثي ۾ ٻين ساٿين ساڻ گڏ شھادت ٿي.
انا لله وانا اليه راجعون.

19/05/2024

زونگ نيٽورڪ 😐😬

چنڊ جون مختلف حالتون 🌑🌒🌓🌔🌕🌖🌗🌘
18/05/2024

چنڊ جون مختلف حالتون 🌑🌒🌓🌔🌕🌖🌗🌘

چين مان بيٽريون پھچي چُڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ بيٽرين جا ريٽ زمين تي اچي ويندا. بيٽريون تمام گھڻيون سستيون ھونديون.
14/05/2024

چين مان بيٽريون پھچي چُڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ بيٽرين جا ريٽ زمين تي اچي ويندا. بيٽريون تمام گھڻيون سستيون ھونديون.

14/05/2024

14/05/2024

13/05/2024

سولر کانپوء 15 مئي کان بیٽرين جي قیمتن ۾ زبردست گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي، ڇو ته تمام وڏي مقدار ۾ چائنا مان بيٽريون اچڻ واريون آهن.

12/05/2024

ماءُ جي عالمي ڏهاڙي تي منھنجي امڙ کي مبارڪون،
الله سائين کان دعا آھي تہ منھنجي امڙ جي صحت سان گڏ حياتي سلامت ھجي، آمين.

فلڪيات جي چاھيندڙن کي مبارڪباد.پاڪستان چنڊ ​​تائين پھچڻ وارو دنيا جو ڏھون ملڪ بڻجي ويو، آئي ڪيوب قمر سيٽلائيٽ جي طرفان چ...
10/05/2024

فلڪيات جي چاھيندڙن کي مبارڪباد.
پاڪستان چنڊ ​​تائين پھچڻ وارو دنيا جو ڏھون ملڪ بڻجي ويو، آئي ڪيوب قمر سيٽلائيٽ جي طرفان چنڊ جون موڪليل پهريون تصويرون.
آئي ڪيوب قمر طرفان ٻه سو ڪلوميٽر مفاصلي تان ھي تصويرون موڪليون ويون آهن.


#سپارکو #چاند

موسمي زڪام ڇا آھي؟ ۽ ڇو ٿئي ٿو؟ ۽ ان جو عام علاج ڪھڙو آھي؟؟ويڊيو لنڪ ڪمنٽ ۾ 👇👇
06/05/2024

موسمي زڪام ڇا آھي؟ ۽ ڇو ٿئي ٿو؟ ۽ ان جو عام علاج ڪھڙو آھي؟؟
ويڊيو لنڪ ڪمنٽ ۾ 👇👇

ھٿن ۽ پيرن ۾ گھڻو پگھر ٿيڻ جي وجه ڇا آھي؟؟Hyperhidrosis (hi-pur-hi-DROE-sis)(ھائپر ھائڊروسس) معني غير معمولي طور تي تمام...
04/05/2024

ھٿن ۽ پيرن ۾ گھڻو پگھر ٿيڻ جي وجه ڇا آھي؟؟
Hyperhidrosis (hi-pur-hi-DROE-sis)
(ھائپر ھائڊروسس) معني غير معمولي طور تي تمام گهڻو پگھر آهي جيڪو ضروري طور تي گرمي يا ورزش سان لاڳاپيل ناهي.
ھن ڪنڊيشن ۾ توهان کي ايترو ته پگهر اچي سگهي ٿو جو اهو توهان جي ڪپڙن يا ھٿن پيرن مان ظاھر ٿي وڃي.
هن قسم جو پگھر (sweat) سماجي پريشاني ۽ شرمندگي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
وڌيڪ معلومات لاء ويڊيو ڏسو، لنڪ ڪمنٽ ۾ آھي.
مھرباني.

ھاڻي انگريزي ڳالھائڻ انتھائي آسان 👇
03/05/2024

ھاڻي انگريزي ڳالھائڻ انتھائي آسان 👇

02/05/2024

3 مئي 2024 پاڪستان جو پھريون خلائي مشن چنڊ تي ويندو.

Address

Sukkur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Fatima Hyder posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Digital creator in Sukkur

Show All