Shikarpur News Web Tv

Shikarpur News Web Tv خبر جيڪا باخبر هجي...روڪ جي روڪي سگهين

15/01/2025

شڪارپور ۾ ميراڻي پارڪ کان پريس ڪلب شڪارپور ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس تائين آئي بي اي پاس PST JEST RECOMMENDED اُميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنھن ۾ اُميدوارن احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت اسان کي آفر آرڊر نہ ڏئي ظلم ڪري رهي آهي اسين 40 پلس آئي بي اي PST JEST جا قابل اُميدوار آھيون ۽ حڪومت سمورن وسيلن هجڻ باوجود ڀرتي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي اڳواڻن سالڪ احمد، سميع الله هڪڙو، خورشيد شيخ، صفي الله شيخ ڳالهائيندي چيو ته ڊائريڪٽر آفيس وارا HR جو جواز ڄاڻائي آفر آرڊر جاري ڪون پيا ڪرن، اسين منسٽر ايجوڪيشن سردار شاه ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن زاھد عباسي ۽ ٻين متعلقه ذميوارن کي عرض ڪيون ٿا ته آفر آرڊر جاري ڪري نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃِي ان موقعي تي عطاالله چنه، وقاص پٺاڻ، عبدالحليم سومرو، عمير مھر، عامر مهر، اويس پٺاڻ، صدام سومرو، شيراز پٺاڻ ۽ ٻيا احتجاجي مظاھري ۾ شامل هئا.

13/01/2025

مديجي ٿاڻي جي حد اڇي مسجد لڳ مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي هٿياربندن رڪاوٽون وجهي ڪري ڪراچي کان سکر ويندڙ مسافر وين کي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي 3لک کان مٿي روڪ رقم موبائيل فونيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، هٿياربندن اڌ ڪلاڪ تائين روڊ تي سرعام ڦرلٽ ڪندا رهيا پر مديجي پوليس کک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ، ان سلسلي ۾ وين جي ڊرائيور راحب شيخ، مسافرن ميهر علي ملاح، سليم حاجاڻو، شمشاد ۽ ٻين ٻڌايو ته پنج کان مٿي هٿياربندن مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي هلندڙ ٽرئفڪ ۾ وين کي روڪي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي، تقريبن گڏيل طور 3 لکن کان مٿي روڪ رقم موبائيل فونيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا آهن پوليس نه پهتي آهي هنن ڊي اء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب کان مطالبو ڪندي چيو ته ڦر واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

شڪارپور ۾ پير طريقت رهبر شريعت پير سيد حافظ ضياء ﷲ شاھ جيلاني نائب امير مرڪزي جماعت اھلسنت صوبہ سنڌ جي آمد شڪارپور جي نج...
11/01/2025

شڪارپور ۾ پير طريقت رهبر شريعت پير سيد
حافظ ضياء ﷲ شاھ جيلاني نائب امير مرڪزي جماعت اھلسنت صوبہ سنڌ جي آمد شڪارپور جي نجي هوٽل تي اولاد مفتي اعظم شڪارپور استاد العلماء حضرت علامہ مولانا ابن المفتی سائين لطف ﷲ قادري رهنما مرڪزي جماعت اھلسنت صوبہ سنڌ مهتمم جامعه مجيديه تعليم القرآن درگاه شريف گلشن مصطفيٰ ڪالوني شڪارپور سان اهم تنظيمي معاملات تي ملاقات ڪئي وئي ان موقعي تي مجاهد اهلسنت محافظ عقيده ختم نبوت شير شڪارپور صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني ناظم اعلیٰ مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور.
حضرت علامہ مولانا صبغت اللہ قادري.
حافظ حضرت علامہ مولانا صاحبزادہ قاري اسد لطف ﷲقادري الشامي دمشڪي ۽ ٻيا موجود هئا.

11/01/2025

رپورٽ: جيرام داس: مدئجي ڀرسان ڳوٺ ڳاهيجا ۾ مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي واقع درگاهه مست علي شاهه بخاري المعروف گهڙيالن واري پير جي سالا نه عرس جي تقريب جاري ميلي جي ٻئي ڏينهن به ڪوڏي ڪوڏي راند جو سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ پهلوانن جاويد بروهي گل حسن بروهي۔سجاد بروهي۔سراج بروهي ۔بلاول ڳاهيجو۔عنايت راجاابڙو ۔عارف بروهي۔۽ ٻين ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي ۽ خوب داد حاصل ڪيو ۔ٻئي پاسي ٻارن جي تفريح لاء جهولا رانديڪن جا اسٽالن پڻ لڳايا ويا ۽ مٺائين جي دڪانن تي به رش ڏسڻ ۾ آئي ان موقع تي درگاهه جي فقيرن خالد حسين ابڙو۔ ذوالفقارابڙو فقير عبداللہ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهه مست علي شاهه جو عرس هرسال ملهائيندا آهيون جنهن ۾ مست سائين جا مريد سنڌ پنجاپ کان شرڪت ڪندا آهن جن جي خدمت ڪري اسان کي دلي سڪون ملي ٿو.

07/01/2025

مدئجي: رپورٽ: جيرام داس: مرزاپور ۾ گھر نه ملڻ خلاف جوڳي نگر محلا جي برسات متاثرين احتجاجي مظاھرو ڪري ارباب علي جوڳي , بشير احمد , عبدالغفار ميراڻي , محمد عالم , منٺار جوڳي , شھزادو ۽ ٻين چيو ته سال 2022ع واري برسات سبب گھر ڊھي پيا پر سروي ڪرڻ باوجود اڃا تائين گھر نٿا ٺھرائي ڏنا وڃن ان سبب گذريل اڍائي ورھين کان ٻچڙن سميت سردي توڙي گرمي ۾ کليل آسمان ھيٺ اذيت واري زندگي گذاري رھيا آھيون ھنن چيو ته ان سلسلي ۾ سرسو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر سرسو عملدار رڳو آسرا ڏئي رھيا آهن مگر اڃا تائين واھر نٿي سگهي آهي ـ ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري , وڏي وزير سيد مراد علي شاھ , چيئرمين ضلع ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار علي ڪماريو , ڊي سي شڪارپور , اي سي ڳڙھي ياسين ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ـ

گھوٽڪي: رپورٽ جميل مھر: گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پير خان محمود ۾ غريب ۽ بي پھچ ٻارن ۾ اسڪولي ڊريسون تقسيم ڪرڻ واري ھ...
07/01/2025

گھوٽڪي: رپورٽ جميل مھر: گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پير خان محمود ۾ غريب ۽ بي پھچ ٻارن ۾ اسڪولي ڊريسون تقسيم ڪرڻ واري ھڪ تقريب ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي جنھن جو مھمان خاص اسڪول جو ھيڊ ماستر نور محمد مھر ھو جڏھن ته استاد حافظ مولا بخش مھر طرفان ڏنل 40 اسڪولي ڊريسون اسڪول جي غريب ۽ بي پھچ ٻارن سليمان مھر۔سوئيم شيخ۔خليل احمد شيخ۔اويس احمد مھر۔دلشير مھر۔معشوق علي ميراڻي۔ڪليم احمد شيخ۔صفر علي شيخ۔غلام حيدر شيخ۔مظفر علي شيخ۔آمنه۔ماھين۔نازيه۔رحانه۔صنم۔عائشه۔فاطفه سميت 40 ٻارن ۾ اسڪولي ڊريسون ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو ۽ اسڪولي استادن نور محمد مھر۔حافظ مولا بخش مھر۔امتياز احمد جھتيال ۽ حسين احمد مھر تقسيم ڪيون ان موقعي عبدالحئي ڀٽو ڳالھائيندي چيو ته تعليم ديس جي ھر ٻار جو بنيادي حق آھي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي مڪمل سھولتيون مھيا ڪيون وڃن جڏھن ته اڄ ھن اسڪول جي غريب ۽ بي پھچ 40 ٻارن ۾ استاد حافظ مولا بخش مھر اسڪولي ڊريسون ورھائي وڏو نيڪي جو ڪم ڪيو آھي ۽ ھاڻي ٻارن ۾ پڙھڻ ۽ لکڻ جو شوق پيدا ٿيندو ھن اسڪول جا ٻارڙا وڏا ذھين ۽ ھوشيار آھن ٻارن جي بنيادي حقن جي تحفظ لاء سڀني کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي

05/01/2025

شڪارپور ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي پريس ڪانفرنس

05/01/2025

خانپور ويجهو چوئي شاخ ڀرسان پوليس جو چورن سان مبينا مقابلو ٽي چور فرار ھڪ چور زخمي حالت ۾ گرفتار اسپتال داخل
گرفتار ڪيل چور جي شناخت برڪت عرف پٽ علي مردان جتوئي طور ٿي آهي فرار ٿيل چور به جلد گرفتار ڪيا ويندا خانپور پوليس

04/01/2025

شڪارپور روڊ حادثي ۾ شھيد سينيئر صحافي عبدالمنان حنفي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي شهرين صحافين وڏي انڱ ۾ شرڪت ڪئي

شڪارپور ۾ گھوٽڪي جي ڳوٺ دوست محمد جي رھواسي پريمي جوڙي شڪارپور پريس ڪلب پھچي پنھنجي وارثن خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ ما...
04/01/2025

شڪارپور ۾ گھوٽڪي جي ڳوٺ دوست محمد جي رھواسي پريمي جوڙي شڪارپور پريس ڪلب پھچي پنھنجي وارثن خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ مائي وسيمان ۽ سندس مڙس عبدالقدوس ڀلو جو چوڻ ھو تہ اسان ٻنھي سال اڳ ۾ گھوٽڪي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھيو ھاڻي مائي وسيمان جا ڀائر سئوٽ چاچا ياسين ـ غلام النبي ـ مصطفا ۽ علائقي جو چڱو مڙس مبين خان اسان ويرھي ٿي اسان جا گھر ڊاھي چوپايو مال کڻي ويا آھن ۽ اسان کي ڪارنھن الزام ڏئي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا ھنن چيو ته مائي وسيمان جي اڳ ۾ امجد ڀلو سان شادي ٿيل ھئي سندس اڳوڻو مڙس ڪارنھن الزام ھيٺ مارڻ چاھي پيو جنھن بعد عورت وسيمان گھران نڪري دارالعلوم ۾ ترسيل ھئي جتان ھو نڪري مونسان گھوٽڪي جي عدالت ۾ نڪاح ڪيو آھي

01/01/2025

شڪارپور نيوز ويب ٽي وي مديجي جي رپورٽر سينيئر صحافي جیرام داس ۽ صحافي صلاح الدین عرف صدام سومرو کان ٿيل ڦر کي ٻارنھن ڏينھن گذري ويا مگر سامان واپس نه ٿي سگھيو،مدئجي پوليس ڦورن جي اڳيان بيوس بڻيل، جڏھن تہ ايس-ايڇ-او وحيد منگي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڦرجي ويل صحافين ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي تہ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو




01/01/2025

شڪارپور پريس ڪلب جون ساليانون چونڊون، صدر جي عھدي تي عبدالسلام انڙ، جنرل سيڪريٽري رحيم بخش جمالي، خزانچي وسيم اختر سنجراڻي ۽ جرنلسٽس پينل جا اميدوار ڪامياب

Election shikarpur press club 2025
30/12/2024

Election shikarpur press club 2025

28/12/2024

شڪارپور ۾ قيدي واحد بخش چاچڙ جي فوتگي وارو معاملو، سپريڊنٽ جيل عبدالقدير پليجو پنھنجو پريس بيان جاري ڪيو

27/12/2024

شڪارپور ۾ رت جي راند جاري وڌيڪ
3
ڄڻا وڌيڪ قتل,

27/12/2024

شڪارپور ۾
48.ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا قتل

ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ شھيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن الطاف بروهي ۽ عبدالقادر ڪلادي جو ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي قتل ڪيس "سردار تيغو ...
27/12/2024

ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ شھيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن الطاف بروهي ۽ عبدالقادر ڪلادي جو ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي قتل ڪيس "سردار تيغو خان تيغاڻي"" مٿان دهشتگردي ايڪٽ جو ڪيس داخل

سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس گناه نمبر 113 ۾ تيغاڻي ڏوهارين کي ملوث قرار ڏنو ويو, ڪيس ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي جو " چرچ / بڇ " ۾ نالو ڏنو ويو, ايف آء آر ۾ پوليس ڄاڻايو ته "سردار تيغو خان تيغاڻي ", ڏوهاري ايوب تيغاڻي ۽ ٻين کي پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جي "بڇ"" ڏني.

27/12/2024

ڪوٽشاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي ۾ جلال بڊاڻي ء نورحسن بڊاڻي جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ،دعوت کائي واپس موٽندڙ جلال بڊاڻي جي ڌر جي ماڻهن مٿان فائرنگ ،نورحسن بڊاڻي ،الهورايو بڊاڻي ء مهمانن کي ڇڏڻ لاء آيل سبحان تيغاڻي قتل ،ڌريون مورچابند .

Address

Shikarpur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shikarpur News Web Tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Shikarpur News Web Tv:

Share

Category