Ali Nawaz

Ali Nawaz HI.DOSTO MEN AAP.KA.APNA ALI.NAWAZ MAHAR JOURNALIST @ SOCIALWORKAR... FOR ANY PROBLOM CONTECT ME

17/11/2023

ڇا واقعي ھي وڻ ذرخيز زمين فصلن توڙي مقامي وڻن لاء نقصان ڪار آھي تحقيق مطابق بيدمشق جو وڻ پاڻي زياده ڇڪيندڙآھي وڌيڪ تفصيل رپورٽ ۾ ڏسندا ڪمنٽس ۾ پنھنجي راء کان آگاھ ڪندا

16/11/2023

ٺڪراٺو لڳ پرائمري اسڪول مڙني بنيادي سھولتن کان محروم اسڪولي شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن پاران سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاج 👇

15/11/2023

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ يعقوب راڄڙ واسي راڄڙ برادري جي ماڻھن محمد يعقوب شھزاد رحمت الله بخشل راڄڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيندي الزام لڳايو آھي ته ھڪ ھفتو اڳ سنڱرار ٿاڻي جي حد جانب واھ وٽان رحمت الله راڄڙ ۽ عبدالرزاق ڌاريجو کان نامعلوم چور سي ڊي موٽرسائيڪل ھڪ لک روڪ رقم سميت موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا
ايس ايڇ او سنگرار موقعي تي پھچي خاطري ڪرائي ته ٻن ڏينھن اندر ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيوسامان واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا ويندا پر ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود سنڱرار پوليس ڪابه مثبت موٽ ڏيڻ لاء تيار ناھين احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏياريو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ھوڏانھن ايس ايڇ او سنگرار پرويزعلي شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بلڪل ڦر واقعيو ٿيل آھي جلد جوابدار گرفتار ڪري ڦرٿيل موٽرسائيڪل سميت سامان واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس

12/11/2023

ٺڪراٺو ويجھو قديمي ۽ تاريخي ڍنڍ مساڙ ھي تاريخي ڍنڍ اميرن جي دور کان انگريزن جي دور کان آھي تقريبن 30 سالن کان ھن تاريخي ڍنڍ ۾ پنجاب صوبي جي مختلف علائقن کان گندو فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب ڍنڍ جو پاڻي کارو زھريلو ٿيڻ ڪري سمورو علائقو تباھ حالي جو شڪار آھي وڌيڪ تفصيلي رپورٽ ڏسندا شيئر ڪندا ڪمنٽس ڪندا👇

08/11/2023
05/11/2023

مظلوم عوام جو ترجمان سڏائيندڙ ڌاڙيل فقير ثناءالله شر عرف ڇڻ ڇڻ ٽپاڪ ٽپاڪ پوليس مقابلي بعد گرفتار چوي ٿو چنڊ ٽيھون اوڻٽيھون ٿيندو بس پڪڙجي پيس👇

03/11/2023

ٺڪراٺو/ يوسي روپھر جي سوين ڳوٺن جا لنڪ روڊ تباھ حالي جو شڪار روڊن ۾ وک وک تي کڏا پئجي ويا ڪيترائي سال گذرڻ باوجود سموري يوسي روپھر جي روڊن جو مرمتي ڪم نه ٿي سگھيو جنھن سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻ لڳا ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن علائقي واسين جو مطالبو

30/10/2023

يوسي مبارڪپور ۾ افتتاحي تقريب بعد ڄام اڪرام الله ڌريجو کان جڏھن يوسي روپھر بنيادي سھولتن ۽ ترقياتي ڪمن کي نظراندز ڪرڻ بابت ڪيل منھنجا سوال ۽ ڄام جا جواب 👇

28/10/2023

ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ۾ بيواھ عورت مائي سوڍي مھتم گھرڀاتين سان گڏجي مبارڪپور پوليس خلاف پنھنجي حصي ۾ آيل ھڪ ايڪڙ زمين ۾ تنبو ھڻي قرآن پاڪ لوڏي احتجاج ڪيو آھي...

27/10/2023

نگران حڪومت پاران پئٽرول مصنوعات جي اگھن ۾ لاٿ باوجود ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي شھرن ۾ عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ گھتتائي نه اچي سگھي واپارين دوڪاندارن پنھنجا ھٿرادو ريٽ ٻيڻا ڪري عوام کي ٻنھين ھٿن سان ڦرڻ لڳا لاڳاپيل انتظاميه شڪايتن باوجود نوٽيس نه ورتو غريب عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجڻ لڳي

23/10/2023

ٺڪراٺي ۾ آل سنڌ منگي اتحاد جي سرپرست روشن علي منگي جو دورو منگي برادري جي ماڻھن سان ملاقاتون اسان پوري سنڌ جي منگي برادري جي ماڻھن جي مسئلن لاء ڏينهن رات جاکوڙ ڪري رهيا آھيو مظلوم ماڻھن جي مدد ڪرڻ سان دلي سڪون ملي ٿو جتي منگي برادري جو پگهر وهندو اتي اسان پنهنجو رت ڏينداسين برادري جي نوجوانن کي گهرجي ته تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي قبيلي سميت پنھنجي علائقي جو نالو روشن ڪن منگي برادري جي غريب نياڻين کي ڏاج فراهم ڪنداسين روشن منگي جون صحافين سان ڳالهيون

ٺڪراٺي واسي  22 ورھين جو نوجوان 2 مھينن کان گم گھڻي ڳولا بعد ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آھي...
23/10/2023

ٺڪراٺي واسي 22 ورھين جو نوجوان 2 مھينن کان گم گھڻي ڳولا بعد ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آھي👇

ٺڪراٺو يجھو پيرسن عورت پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج👇 وڌيڪ تفصيل اخبارن 👇
21/10/2023

ٺڪراٺو يجھو پيرسن عورت پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج👇 وڌيڪ تفصيل اخبارن 👇

20/10/2023

ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور واسڻ پيرسن عورت مبينا زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ عورت مائي سوڍي مھتم دانھيندي الزام لڳايو آھي ته منھنجن ڏيرن وٽ چار ايڪڙ زمين آھي جنھن ۾ ھڪ ايڪڙ منھنجي مرحوم مڙس ڌڻي بخش مھتم جو حق آھي جيڪا زمين منھنجي مرحوم مڙس جي ڀائيٽن خدا بخش پنھل مھتم ۽ ٻين کوکر برادري جي ماڻھن جمال الدين ۽ شاھنواز کوکر کي وڪرو ڪري کين کاتو ڏئي ڇڏيو آھي پيرسن عورتن وڌيڪ مبينا الزام لڳايو ته 2018 ۾ قرآن پاڪ کڻي انصاف جو مطالبو ڪيو خدابخش عرف خدن وارن مارڪٽ ڪري مرڻينگ ڪيو ميڊيڪل ليٽر بعد ھنن مٿان ڪيس داخل ڪيو ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺندي ڌرين کي پابند ڪيو ته ڪوبه اڳرائي نه ڪندو جيسيتائين معاملو حل نه ٿئي 5 سال زمين غير آباد پيل ھئي اڄ ٻيھر کوکر برادي زمين ۾ ھر ھلائي ڀڃڪڙي ڪئي آھي احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت ٻڌايو آھي ته آءُ انتھائي مسڪين آھيان ڀائيٽيا ۽ کوکر ڌر جا ماڻھو حق کسي ناحق ڪري رھيا آھن جنھن بابت ايس ايس پي سکر کي دانھن به ڏني آھي پر انصاف نٿو ملي احتجاج ڪندڙ عورت وس وارن کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آھي ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي جمال الدين کوکر رابطي تي ٻڌايو آھي ته مھتمن کان پئسن ۾ زمين خريد ڪئي آھي جنھن جو کاتو به مليل آھي جيڪڏھن پيرسن عورت جو مسئلو ڀائيٽين سان آھي ته پاڻ ۾ ويھي حل ڪن.باقي منھنجي کاتي واري زمين آھي ڀلين انڪوائري ڪرائي وڃي

ٺڪراٺو جي سومرا پاڙي واسين وڏي ڀاءُ جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ محمد اسماعيل سومرو  غلام سر...
16/10/2023

ٺڪراٺو جي سومرا پاڙي واسين وڏي ڀاءُ جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ محمد اسماعيل سومرو غلام سرور ۽ مائي وزيران خاتون دانھيندي چيو آھي ته اسانجو ڀاءُ محمد موسا سومرو جيڪو ابن ڏاڏن جي 10 ايڪڙ 30 ويسا زمين تي قبضو ڪري ڪوڙا کاتا ٺھرائي بااثر ماڻھن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي وڏن جي ملڪيت جنھن مان ھو نه اسان ڀائرن ۽ ڀينرن کي حصو ڏئي رھيو آھي نه ئي وري سئوٽن کي حصو ڏئي ٿو جنھن سبب سخت پريشان آھيون بااثرن جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي موت مار ڌمڪيون ئي حراسا ڪري رھيو آھي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو آھي ته ڀاءُ اسانکان بيان وٺڻ بدران زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرايا آھن اسانکي وارثن ۾ نه ڄاڻايو اٿس ان بابت مختياڪار پنوعاقل سميت چڱن مڙسن کي دانھيو آھي احتجاج ڪندڙن ڊي سي سکر ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي زمين خريد ڪندڙ بااثرن ۽ حق کائيندڙ ڀاءُ خلاف ڪارروائي ڪري زمين مان حق وٺي ڏياريو وڃي.

I've received 85,000 reactions to my posts in the past 30 days. Thanks for your support. 🙏🤗🎉
09/10/2023

I've received 85,000 reactions to my posts in the past 30 days. Thanks for your support. 🙏🤗🎉

ٺڪراٺو ۾ غوثيه جماعت پاران پنھنجي روحاني  پيشوا حضرت شاھ محمودحسين قريشي جي آزدي لاء  پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي 👇
09/10/2023

ٺڪراٺو ۾ غوثيه جماعت پاران پنھنجي روحاني پيشوا حضرت شاھ محمودحسين قريشي جي آزدي لاء پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي 👇

08/10/2023

ٺڪراٺو ۾ غوثيا جماعت جي مريدن پاران پنھنجي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود حسين قريشي جي آزادي لاء مين چوڪ وٽ پرامن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙن لالا ممتاز مھر علي اڪبر مھر گھنورمھر غلام حسين چاچڙ ۽ ٻين چيو ته اسان غوثيا جماعت جي روحاني پيشوا حضرت مخدوم شاھ محمود حسين قريشي کي ناحق گرفتار ڪري جيل اندر رکيو ويو آھي جنھن عمل سان غوثيا جماعت جي مريدن جي دل آزاري ٿي آھي احتجاج ڪندڙن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي روحاني پيشوا کي آزاد ڪري غوثيا جماعت مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

08/10/2023

ٺڪراٺي , مبارڪپور , ڍنڍي , ٻاتي چوڪ روپھر ۽ ڀرپاسي جعلي نقلي سيمنٽ وڪرو ٿيڻ لڳو لڪي اسٽار سمنٽ ايجنسي ھولڊر امان الله مھتم پاران عوام آگاھي ته نقل ۽ اصل جي ڄاڻ , ايجنسي ڊيلر جو چوڻ آھي ڪمپني ۾ شڪايت ڪئي سيمپل موڪليو جيڪو جعلي ثابت آھي ھن لاڳاپيل انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي جي سيمنٽ جي دوڪانن تي چيڪ ڪري غيرمعياري نقلي سيمنٽ وڪري ڪري اٻوجھ عوام کي دوکي سان لٽيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري عوام کي دوکيبازن کان بچايو وڃي وڌيڪ تفصيل لاء مڪمل ويڊيو ڏسندا , ۽ ھا اڃان وڌيڪ دوڪاندارن جا ويڊيوز جلد منظر عام تي آڻبا

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ گھنور مھر ۾ غوثيه جماعت پاران جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ھڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو ويو محبوب ج...
04/10/2023

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ گھنور مھر ۾ غوثيه جماعت پاران جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ھڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو ويو محبوب جي محفل ۾ سوين عاشقانه رسول صه شرڪت ڪئي 👇

ٺڪراٺو ۾ منڱيندي جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي صدمي ۾ نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو👇
01/10/2023

ٺڪراٺو ۾ منڱيندي جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي صدمي ۾ نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو👇

28/09/2023

ٺڪراٺو ۾ JUI ڪارڪن ۽ شھرين پاران حيدرآباد شھر ۾ حضرت عمرفاروق رضي الله تعالئ عنه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ شرپسندن خلاف مسجد علي المرتضئ کان مين چوڪ تائين پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

26/09/2023

ٺڪراٺو ويجھو سڱ نه ڏيڻ تان چاچي جو ڀائيٽين جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو زمين تي قبضو ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺ گھٽي جو رھواسي غلام علي ملڪ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي الزام لڳايو ته منھنجن ڀائيٽين عطا حسين ذاڪر حسين ۽ سردار بخش وارن کي ڪجھ وقت اڳ سڱ ڏنو ھو جنھن تي ھنن ڪارنھن تھمت ھڻي گھر مان بيدخل ڪري ڇڏيو ھو جنھن نياڻي جي ٻي ھنڌ شادي ڪرائي ڇڏي آھي ھن وڌيڪ مبنا الزام ھڻندي ڇيو ته ھاڻ ساڳيا ئي ڀائيٽيا ٻيو سڱ گھرڻ لڳا آھن جيڪو نه ڏيڻ تان ھُنن منھنجي زمين ۾ بيٺل وڻ وڍرائي گھر کڻائي ويا آھن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن مونکي ۽ منھنجي گھرڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏئي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڀائيٽين جي ناجائزين کانپو۽ ايس ايس پي سکر کي شڪايت ڪئي جنھن ايس ايڇ او مبارڪپور ڏانھن ليٽر ڏنو پر پوليس مدد ڪرڻ لا۽ تيار ناھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زندگي زھر بڻائيندڙ ڀائيٽين خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

24/09/2023

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ احمدو فقير راڄڙ جي رھواسي پيرسن امام بخش راڄڙ مبينا پاڙيسرين ۽ بااثر ماڻھن جي بي واجبين خلاف احتجاج ڪيواحتجاج ڪندڙ پيرسن امام بخش راڄڙ دانھيندي الزام لڳايو آھي ته منھنجي ڳوٺ ۾ 16 ايڪڙ زمين آھي جنھن جي وچ ۾ مينگھواڙ برادري جي ماڻھن واشو مل گوبند رام ۽ ڀڳوان داس جي 1 ايڪڙ 18 ويصا زمين آھي جيڪا ھنن ناجائزي ڪري بااثر محمد مراد راڄڙ کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي ھن وڌيڪ چيو ته مينگھواڙ منھنجا ٻني شريڪ آھن جيڪڏھن زمين وڪرو ڪرڻي ھئي ته پھرين مونکان پڇن ھا اسان کي ڏين ھا پر ميگھواڙن بااثر محمد مراد راڄڙ کي زمين وڪرو ڪري جھيڙو ڪرائڻ چاھين ٿا جڏھن ته ان معاملي جي چڱن مڙسن کي به ڄاڻ ڏني آھي ڪو به مسئلو حل نٿو ڪرائي احتجاج ڪندڙن وس وارن سميت حر جماعت جي معززين کان مطالبو ڪيو آھي ته زمين منھنجي زمين جي وچ۾ آھي پھرين منھنجوحق آھي مونکي ڏياري ناجائزي ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ھوڏانھن الزم ھيٺ آيل ڌر جي محمد مراد راڄڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميگھواڙن سان زمين ۾ منھنجي ڀائيواري ھئي مون ورتي آھي جڏھن ته ڀائيوار ڄاڻايل سنيئو لال پٽ نوتن جي ٻڌايو ته ان زمين۾ راڄڙن سان ڪا ڀائيواري ڪونھي ٻئي پاسي زمين وڪرو ڪندڙ واشومل ۽ ڀڳوانو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته امام بخش راڄڙ واقعي ٻني شريڪ آھي پر محمد مراد وارا اسان جي وڏن کان ھارپو ڪندڙ آُھن ان لاء زمين انھن کي وڪرو ڪئي آھي , اعلئ اختيارين سميت حرجماعت جي معززين کي گھرجي ته فورن نوٽيس وٺي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي حقدار کي حق ڏياريو وڃي

اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل عبدالباسط هڪڙو صاحب  ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر به تعلقو پنوعاقل ۾ آھن  ڪڏھن ھيڏانھن به چڪر لڳايو پمپن و...
23/09/2023

اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل عبدالباسط هڪڙو صاحب ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر به تعلقو پنوعاقل ۾ آھن ڪڏھن ھيڏانھن به چڪر لڳايو پمپن وارا انتظاميه اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آھن عوام تي ترس کائي ڪڏھن ته قرب جا قدم ڀري فرض نڀايو

22/09/2023

ھي ھمراھ چوي ٿو مھانگائي ۾ ڪو فائدو ڪونھي ?

17/09/2023

وڻ پوکي ماحول کي بھتر بڻايو ويندو آھي پر ڪي خوبصورت مھڪندڙ وڻ وسوسن ۽ وھمن جي علامت سمجھيا ويندا آھن انھن وڻ مان ھڪ وڻ بابت ڪجھ معلومات بيان ڪئي آھي , دوست پنھنجي راء ضرور ڏيندا جيئن رھنمائي سان گڏ وڌيڪ ڄاڻ ملي سگھي 👇پوسٽ کي شيئر ڪندا ۽ ڪمنٽس ڪري وڌيڪ ھن وڻ بابت معلومات ڏيندا👇

15/09/2023

الله اڪبر افسوس ناڪ حادثو
اوٻاوڙو ڀرسان سي پيڪ تي تيز رفتار ڪار جو ٽريلر سان زوردار ٽڪر ٽڪرجي نتيجي۾ ڪار سوار 5ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن اهڙو اطلاع ملڻ تي موٽر وي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي

15/09/2023

ٺڪراٺو ويجھو اڪڙي پٽ روڊ تي ڳوٺ اوچيھر واسي قادربخش مھر جو ڦٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي روڊ خراب ھجڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو ڊرائيور عبدالمجيدکوکر معجزاڻي طور بچي ويو آھي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته روڊن جي حالت خراب ھجڻ ڪري وک وک تي روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آھن جنھن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن اڄ جئين ٽريڪٽر ٽرالي ڦٽي سان ڀري اچي رھيا ھئا سون ته روڊ خراب ھجڻ ڪري بئيرنگ ٽٽي پيا ۽ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو 3 مزدور پري وڃي ڪريا ۽ ڊرائيور کي يڪدم بچائي ورتو آھي علائقي واسين ھتان جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو ته ٺڪراٺي ۽ڀرپاسي جا روڊن جي مرمت ڪرائي حادثن کان بچايو وڃي

15/09/2023

ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور عيدگاھ وٽان نامعلوم ڦورو ڳوٺاڻي عبدالجبارسومرو کان هٿيارن جي زور تي CD موٽر سائيڪل2016 ماڊل ڦر ڪري فرار ٿي ويا
ڳوٺاڻن موٽر سائيڪل چورن جو پيڇو ڪندي ڳوٺ ستار ملڪ جي هڪ ڳوٺاڻي سائين بخش ملڪ جي گهر ۾ پيرو وڌو جنهن بعد ڳوٺاڻن مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس ڳوٺ ستار ملڪ پھچڻ بعد ان گهر مالڪن مان هڪ ڄڻي برڪت علي پٽ سائين بخش ملڪ کي هٿ ڪري ٿاڻو مبارڪپور کڻي آيا

14/09/2023

اپيل اپيل انسانيت ناتي پينگھي ۾ قرآن پاڪ ۾ لوڏيندڙ ھن امڙ جو ٻچڙو ڏيڍ مھيني کان گم آھي ڳولا ۾ مدد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھي امڙ کي ڪير آٿٿ ڏيندو
مدرسي جي انتظاميه مدد نه پئي ڪري پوليس به چپ آھي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آھي وارث ڇا پيا چون وڌيڪ تفصيل ويڊيو ۾ ٻڌندا ۽ شيئر ڪندا جيئن وارثن کي پنھنجو ٻچڙو ملي سگھي

13/09/2023

ٺڪراٺي ويجھو ڳوٺ ايوب اعواڻ واسي 12 ورھين جو نينگر صابر علي پٽ گاجي خان بليدي غوثيه مدرسه ڍنڍي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ 40 ڏينھن کان گم آھي گھڻي ڳولا باوجود نينگر جو ڏس پتو نه ملي سگھيو وارثن پاران اغواه جو شڪ ظاھر ڪندي نينگر جي گولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي👇(ڏسندا رھو ڌرتي ٽي وي ڌرتي ڌڻين جو آواز )👇

09/09/2023

بلدياتي اليڪشن ۾ سکر ضلعي جي چونڊيل چيئرمينن کي تقريبن ڏيڍ سال گذرڻ باوجود چارج نه ملي، عدالت ۾ پٽيشن داخل
سينيئر وڪيل يوسي سلطانپور جي چيئرمين عجيب جوڻيجو پاران هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي پٽيشن ۾ ڊائريڪٽر سکر لوڪل گورنمينٽ، ٽرانزيشن آفيسر پنوعاقل عبدالله جهلڻ، سيڪريٽري سنڌ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ون ۽ ٽو، مينيجر سنڌ بينڪ ۽ ٻين کي ڌر ڪيو ويو عدالت پٽيشن ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
ٽرانزيشن آفيسر عبدالله جهلڻ ڪنهن به يوسي ۾ هڪ ٽڪي جو ڪم نه ڪرايو آهي، وڪيل عجيب جوڻيجو عدالت 17 آڪٽوبر تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو

08/09/2023

سبحان الله جمعته المبارڪ

ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو علائقي واسين جو ٿاڻي آڏو احتجاج👇
21/06/2023

ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو علائقي واسين جو ٿاڻي آڏو احتجاج👇

20/06/2023

ٺڪراٺو/ مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وڃڻ ۽ پوليس جي ناھلي خلاف علائقي واسين جو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر ڳاڙھو دڙو ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آھي چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن وڌيڪ تفصيل👇

Address

THIKRATHO
Pano Aqil

Telephone

+923003268194

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ali Nawaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ali Nawaz:

Videos

Share


Other News & Media Websites in Pano Aqil

Show All