13/11/2024
27 ڊسمبر سرمد سنڌي جي ورسي جي مناسبت سان
سنڌ جو سدا بھار فنڪار ۽ سنڌ سان جنون واري حد تائين چاھ رکندڙ سنڌي جي دلين تي راڄ ڪندڙ سرمد سنڌي ( عبدالرحمان مغل ) خيرپور ويجھو پريالو ۾ پيدا ٿيو ' سرمد سنڌي ۾ ننڍي ھوندي الله پاڪ انيڪ خوبيون سمائي ڇڏيون ' سندس آواز ننڍي ھوندي کان ئي من موھيندڙ ھو ' جھونگارڻ سندس نس نس ۾ سمايل ھو'
مذھبي گھراڻي ھجڻ ڪري کيس صرف مولود شريف چوڻ جي اجازت ھوندي ھئي پر سرمد ۾ سنڌ جو عشق پنهنجو گھر ڪري وئي ھئي تنهن ڪري ھو ڳوٺ کان نڪري ٻاھر ان شاخ جي موري تي ويھي جھونگاريندو ھو جيڪو اڄ به سنڌ جي ان عظيم ڪلاڪار کي ساريندو ھوندو'
سرمد سنڌي جي جھونگارڻ تي ڄڻ وڻن جي پنن ۾ پڙلاء اچي ويندو ھو ' ھو جڏهن ڳائيندو ھو ڄڻ ته کيرٿر ۽ ڪارونجھر جبلن جو ڳاٽ اونچو ٿيندو ھو' سرمد جي مست ٿي ڳائڻ سان ڄڻ سنڌو درياء پنهنجي پوري مستي ۾ اچي ويندو ھو ' سرمد سنڌي جڏهن لطيف جي وائي ڳائيندو ھو ته ڄڻ مھراڻ جون ڇوليون چادر اوڍي پوري سنڌ کي پنهنجي آغوش ۾ وٺنديون ھيون' سرمد جي آواز ۾ درد ھو سٔرور ھو' ھن جي دوھيڙي جي ھڪل سان ڄڻ ڏاڍ جا ڏونگر چيرجي پوندا ھئا ۔ ۔
سرمد سنڌي جڏهن مست ٿي ڳائيندو ھو ته ڄڻ محبت ۽ امن جا آلاپ آليندو ھو ' سرمد واقعي محبت جو مرڪز ھو ' سرمد پوري سنڌ ھو سرمد سنڌ جو سپاھي ھو' ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
سرمد جڏهن ڳائيندو ھو " آھي وڏيري جي اھا مرضي بابل تنھنجو زوريء قرضي " ته مظلوم ھارين ۾ احساس ٿيندو ھو ته ڪو اسانجي ڳالهه ڪري ٿو۔ ۔ ۔
سرمد سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي ڳالهه ڪندو ھو سرمد چوندو ھو سنڌ ۽ ان ۾ آباد ماڻهن کان وڌيڪ مونلاء ڪير به مقدس ڪونهي '
سنڌ جو ڪو فنڪار نه ھوندو جيڪو پنهنجي ڪلا جي ڪري جيل ويو ھجي پر سرمد سنڌي 1985 ۾ آمر ضيا جي مارشلا دور ۾ 3 مھينن تائين جيل ويو ھو جڏهن ھن چيو ھو ته " نا اھل اسانجو مالھي آ " ۔ ۔
1986 ۾ جڏهن شھيد محترما جلاوطني ختم ڪري واپس موٽي ھئي ته سرمد کيس ھن گيت سان ڀليڪار ڪيو ھو" ھوء نيٺ ته اچڻي آ رت ڇاڻ جي ھولين ۾۔ ۔ ۔
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت تي ھن پنهنجو مشھور گيت چيو ھو " ڄڻ نظر لڳي ويئي ھن گھر جي بھارن کي " ۔ ۔ ۔
سرمد سنڌي لاء سائين جي ايم چوندو ھو سرمد ۾ پوري سنڌ سمايل آھي ' ھن جي وائين ۽ لولين سان سنڌ جا وڻ جھومندا آھن ' گل نکري پوندا آھن ۽ سنڌو دريا ڄڻ موجن ۾ اچي ويندو آھي ''
ھڪ ڀيري سنڌ جي مھان قوي شيخ اياز چيو ته اسانجا ڪتاب سنڌ لاء ايترو ڪم ڪونه ڪري سگھيا جيترو سرمد جا گيت ڪري ويا ' ۔ ۔
سنڌ جي لاڏلي پروڊيوسر مختار ملڪ لکيو ته ھڪ دفعي سنڌ يونيورسٽي جي فنڪشن ۾ شاگرد قومپرست سياست جي عروج وقت ٻھ سياسي پارٽيون ھلندڙ پروگرام ۾ ھڪٻئي سان اٽڪي پيون ۽ اسٽيج تي منظور سخيراڻي فن جو مظاھرو ڪري رھيو ھو ته سخيراڻي ( جيڪو سرمد جو استاد به ھو ) تنهن سرمد کي مٿي اسٽيج تي اچڻ جو اشارو ڪيو سرمد جيئن ئي دوھيڙو شروع ڪيو ته ڄڻ پوري پنڊال ۾ سڪتي طاري ٿي وئي ۽ سرمد جي جيئي سنڌ گيت تي سڀ جھومڻ لڳا '
سرمد سنڌ جو ھڪ روپ ھو سرمد جي گيتن سان ڪيترن نوجوانن ۾ سنڌ جي عشق جي تڙپ وڌندي رھي' سرمد پنهنجي گيتن ۾ ڪنهن جي آواز جي ڪاپي ناھي ڪئي ھو ھميشا نروار ٿي ڳائيندو ھو ' اڄ به تقريبن ۾ سرمد جي ھلندڙ گيتن تي سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقن جا منهن لھي ويندا آھن ' سرمد جا گيت مظلوم ماڻھن جي ڄڻ دانهن ھجن ' سرمد موھن جي مٽي آھي سرمد ڪارونجھر جو ڳاٽ آھي سرمد ٿر جي واري آھي سرمد مورڙي ميربحر جي سرزمين آھي سرمد سنڌو جو وھڪرو آھي سرمد پوري سنڌ جي خوشبو آھي سرمد سنڌي پوري سنڌ آھي۔ ۔ ۔ ۔
27 ڊسمبر 1996 جي رات ٺٽو ويجھو ھڪ روڊ حادثي ۾ سرمد سنڌي سنڌ کان ھميشا لاء وڇڙي ويوا