ATN نئين سوچ نئون انداز هر خبر تحقيق ۽ تصديق کانپوءِ

31/12/2020

نوشھروفيرز:
سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ کي پوليس طرفان اوٻاوڙو وٽ روڪڻ خلاف نوشھرو فيروز پريس ڪلب اڳيان سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن ياسر وسطڙو۔ عزيز ڀنگوار۔ وسيم راڄپر ۽ فلڪ سنڌي ڪري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو باء پاس تي سنڌ سڀا جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاء نڪتل پيادل لانگ مارچ جي پانڌيئڙن کي مختلف بهانا بڻائي پريشرائيز ڪرڻ سان گڏ ٿريٽ ڏنا پيا وڃن قافلي کي اوٻاوڙو وٽ پوليس ۽ سول ڪپڙا پھريل ماڻهن جو گھيراء اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ هنن چيو ته هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر ٻئي طرف پنهنجن پيارن جي آزادي لاء نڪتل قافلي کي روڪڻ ڪاٿان جو انصاف آھي۔ ھي قافلو مارچ ۾ شامل ماڻھن جي نه پر سموري سنڌ جو آواز آھي جنھن کي دٻائي نٿو سگھجي قافلي جي ھر ھڪ پانڌيئڙي جي سنڌي قوم محافظ آھي جيڪڏهن اهڙن بھادر ساٿين کي ڪو به نقصان پھتو ته سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي۔

30/12/2020

رپورٽ سجاد ميمڻ
نوشھرو فيروز
دالي شهر جي رهواسين ڪلهوڙا برادري طرفان ايس ايس پي آفيس نوشھرو فيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جو چوڻ هيو تہ ڏه ڏينهن گذرڻ باوجود ٿيل ٽن خون سان انصاف نہ ٿي سگهيو آهي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ڪجه ڏينهن پهريان روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس خاطري ڏني هئي تہ قاتل گرفتار ڪنداسين ايس ايس پي پڻ هلي آيو پر افسوس ڪجه بہ نه ٿيو رهندو ڀريا سٽي جي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ ٻئي ڌر کي ٻڌي وري رشوت وٺي قاتلن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اسانجي گهر تي حملو ڪري گهر ڊاهڻ لڳي مقتولن جي وارثن جووڌيڪ چيو تہ اسين مجبور ٿي چڪاآھيو پر ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف لغاري ۽ پوليس جو پورو عملو ننڊ ستل آھي اسانجي نہ ٿو ٻڌي جنھن جي اڳوڻي پ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ شھناز رانجھاڻي ڪئي اسان حڪومت کان وري بہ اهو مطالبو ڪنداسين تہ اسان کي انصاف ڏنو وڃي ڏنو وڃي

26/12/2020
26/12/2020
21/12/2020

ڪنڊيارو شھر سان تعلق رکندڙ سيد برادري جا سيد ٻڍل شاھ سيد رمضان شاھ سيد ڪامل شاھ سيد نجيب شاھ سيد موسن شاھ ۽ ٻين ماڻهن عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسانجي ديھ خيرو ديرو تعلقي ڪنڊيارو ۾ 596ايڪڙ جو رڪاڊ موجود آهي جيڪو اسانجي وڏن جي نالي تي رڪاڊ ۾ موجود آهي جنهن تي اتان جي بااثرن ماڻهون اڳوڻو ايم اين اي سيد اصغر شاھ ڀاء ابراھيم شاھ ۽ نديم بھاول ميھر ميرجت ۽ ٻيا ماڻهو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا جنهن 2018۾ اسان جو ھڪ نوجوان پڻ قتل ٿي چڪو آھي ھنن وڌيڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

21/12/2020

عمير بلڊرز نوشھرو فيروز پاران ماھنور ماڊرن سٽي جي افتتاحي تقريب ٿي گذري, تقريب جو خاص مھمان اڳوڻو ضلعي وائيس چيئرمين پير قربان سھروردي ماھنور ماڊرن سٽي جو افتتاح ڪيو, جڏهن ته مھمانن ۾ پي پي ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري, قاري امير علي رند , مولوي عبدالرحمان نوشھرو فيروز جي مشهور بلڊر رياض ميمڻ ۽ شھر جي مختلف سياسي سماجي ۽ نالي واري صحافين سان گڏ سوين شھرين پڻ شرڪت ڪئي, تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي پروقار تقريب ۾ آيل مھمانن کي عمير ماڊل سٽي جي ڊائريڪٽر سڪندر علي چانڊيو بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان نوشھرو فيروز واسين کي ماھنور ماڊل سٽي جھڙو جديد رھائشي پروجيڪٽ ڏنو آهي جنهن ۾ زندگي جون سموريون سھولتون فراھم ڪري رھيا آھيون, ھي رھائشي اسڪيم ويھ ايڪڙن تي مشتمل آھي اميد آھي ته شھري ھن اسڪيم مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندا جڏھن ته تقريب کي ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري , عاشق علي چاچڙ, علي جان چانڊيو, علي حسن شابراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو پروگرام جي پڄاڻي تي ماڻھن کي ماجھاندو پڻ ڪرايو ويو

19/12/2020

پي ايم سي ڄامشورو پاران سنڌ جي شاگردن سان ناانصافيءَ جو سلسلو جاري.
ڄامشوري واسي شاگرد 84 مارڪون کڻڻ باوجود بہ پنجاب جي گھٽ مارڪون رکندڙ شاگردياڻيءَ کي ٽاپ لسٽ ڪرڻ خلاف سڄاڻ ڌرين پاران اهڙي عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ جي شاگردن جي مسقبل جي تباهيءَ جو ذميوار پي ايم سي انتظاميہ کي قرار ڏيندي سوچيل سمجھيل سازش قرار ڏنو آهي.
اهڙي عمل خلاف ڪنڊيارو جي وڪيل برادري ايڊوڪيٽ نثار احمد پيرزادو ايڊوڪيٽ ياسر احمدجروار آيڊوڪيٽ اعجاز احمد جتوئي ايڊوڪيٽ يوسف احمد سيال ۽ ٻين شديد مذمت سان ڳڏ اهڙن سنڌ شعور دشمنن خلاف ڪاروائيءَ جي گھر ڪئي آهي.

19/12/2020

نوشهروفيروز ۾ قبضا مافيا قبرستانن کي بہ نہ بخشيو. قبرستانن جي پلاٽن تي قبضي سان گڏ قبرستانن ۾ پوکيل وڻ بہ غير محفوظ ٿي ويا.
نوشھرو فيروز ويجھو ڳوٺ کاھي راھو ۾ سيد بچل شاھ قبرستان جي صفائي جي نالي تي وڻن جي ڪٽائي جو سلسلو جاري آهي.
جنهن قبرستان مان هيل تائين ٽي ٽراليون ڪاٺ جون وڪرو ٿي چڪيون آھن. پر انتظاميہ اڃا تائين ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو آهي.
سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي ظاهر ڪندي قبرستانن جي قديمي وڻن کي ڪٽائي ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪاروائيءَ جي گھر ڪئي آهي.

19/12/2020

( رپورٽ ) نوشهرو فيروز پاڪستان پيپلز پارٽي يوٿ ڊويزن نوابشاه جي صدر اختر حسين رند جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ نوابشاه کان مختلف شهرن کان ٿيندي نوشهروفيروز پهتي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع صدر فيروز احمد جمالي ۔ نواب خان مري ۔ يوٿ صدر غضنفر راڄپر ۔ نادر علي چانڊيو ۔احسان ميمڻ شھزيب گل سهتو ۔ معراج نبي لاشاري ۔۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پيال مارچ جو رکھ شهيد محترمه بينظير ڀهٽو جي مزار تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء وڃي رهيا آهيو جيڪا پيادل مارچ 14 ڏينهن ۾ پنهنجي پڄاڻي تي لاڙڪاڻي پهچندي جيڪا27 ڊسمبر تي انشاءالله ڳڙهي خدابخش پهچندي

18/12/2020

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس نوشهرو فيروز جي چوديواري ڪرڻ بعد ڪنهن بہ هن طرف توجہ نہ ڏني. هيلٿ آفيس بلڊنگ جي حالت پڻ ڏينهون ڏينهن زبون ٿيڻ لڳي جنهن سبب سرڪاري مٽيريل غيرمحفوظ بنيل سرڪاري ڪوارٽرن رهندڙ ملازم پڻ چوديواري نہ هئڻ سبب غير محفوظ بنجي ويا.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي پس گردائي ۾ رهائشي علائقا نہ هئڻ سبب آفيس جي پٺيان پاسا جھنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن. آفيس جي ملازمن پنهجو نالو ءاهر نہ ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو تہ اسان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي ڪافي ڀيرا چئي چڪا آهيون تہ غير محفوظ احاطي جي چوديواري ٺهرائي ڏني وڃي پر ان تي هيل تائين ڪوبہ عملي ڪم نہ ٿي سگھيو آهي

18/12/2020

جي ڊي اي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي سربراه غلام مرتضي خان جتوئي جي فرزند راضي خان جتوئي ۽ بلاول خان جتوئي جو سجاول ۾ گجر برادري پاران شاندار استقبال سياسي ساٿ ڏيڻ جي يقين دهاني.
گجر برادريءِ سان اهم ملاقات دوران سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آئندہ سياسي ميدان ۾ هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جي پڻ يقين دهاني ڪرائي وئي. ملاقات ۾ اين پي پي اڳواڻ غلام رسول پيرزادو، عثمان گجر، اظهر علي جتوئي، وقاص گبول پڻ موجود هئا

18/12/2020

سب رجسٽرار آفيس نوشهروفيروز ۾ گذريل هڪ مهيني کان سب رجسٽرار مقرر نہ ٿيڻ سبب رجسٽري ڪرائيندڙ پريشان آفيس جا ڪلارڪ آفيسر مقرر نہ ٿيڻ تي رجسٽري ڪرائيندڙن کي آسرا ڏئي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا
ان سڄي صورتحال تي رپورٽ ڪري رهيو آهي نوشهروفيروز مان اسانجو نمائندو سجاد ميمڻ

16/12/2020

نوشهروفيروز جا روڊ ۽ رستا مڇي مارڪيٽ بنجي ويا. هروقت ٽريفڪ جام هئڻ سبب شهرين سان ڳڏ مسافر پريشان انتظاميہ غائب.
نوشهروفيروز جو مين بس اسٽينڊ الله والا چوڪ کان پڊعيدن روڊ مڪمل سبزي فروٽ مارڪيٽ بنجي چڪو آهي. جنهن ۾ گوشت ۽ مڇي جا اسٽال پڻ قائم ٿي چڪا آهن.
جڏهن تہ گوشت ۽ مڇي جا اسٽال مارڪيٽ ڪاميٽي نوشهروفيروز پاران مخصوص علائقي پراڻي مارڪيٽ ۾ منظور هئڻ باوجود شهر جي هر چوراهي تي گوشت مڇي فروش نظر اچي رهيا آهن.
ڄاڻو ذريعن مان معلوم ٿيو آهي تہ ٽائون جا ڪجهہ ملازم انهن ريڙهي وارن کان ماهانا ڀتو پڻ وٺندا آهن، جنهن ڪري شهر جي اها صورتحال بدستور برقرار آهي.
سڄاڻ شهرين پاران انتظاميہ کان گھر ڪئي آهي تہ شهر مان ناجائز قبضہ ختم ڪرائي شهرين ۽ مسافرن جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن

15/12/2020

ٺٽي مان پنهنجي نمائندي جي خبر شامل ڪيون تہ نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهہ غلام مرتضي خان جتوئي جي فرزند راضي خان جتوئي اعجاز شاهہ شيرازيءَ جي جي وفات تي سندس ڀاءُ شفقت علي شاهہ شيرازي ۽ فرزند ايم اين اي اياز شاهہ ايم پي اي رياض شاهہ سان تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائي فاتحہ ڪئي آهي

15/12/2020

ٺاروشاھ اسٽاپ تي مسڪين پڪوڙن واري کي نوشھروفيروز ٿاڻي تي مقرر اي ايس آئي حنيف خانزادو طرفان پڪوڙن جو ٿال اڇلائڻ ۽ چماٽون ھڻڻ خلاف عوامي پريس ڪلب آڏو دانھون ـ
پڪوڙا وڪڻندڙ محنت ڪش مولانا اسماعيل ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ت گزريل رات معمول مطابق پنھنجي دڪان تي پڪوڙا وڪرو ڪري رھيو ھيس تہ اوچتو پوليس اھلڪار حنيف خانزادو آيو ۽ ايندي ئي منھنجي پڪوڙن جي ٿالھ کي اڇليو ۽ مونکي چماٽ وھائي ڪڍڻ سان چوڻ لڳو بند ڪر دڪان ۽ ٻيھر دڪان کوليو تہ سٺو ڪونہ ٿيندو ان دوران منھنجو آخري مرحلو ھيو ۽ دڪان بند جي تياري ۾ ھيس ۽ آسپاس دڪان سڀ کليل ھئا اي ايس آئي نشي ۾ لڳي رھيو ھيو
محنت ڪش ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي اپيل ڪئي تہ مون غريب مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي

14/12/2020

دريا خان مري ۽ ڪوٽ لالو کي ملائيندڙ مين ريلوي ڦاٽڪ ايندڙ ويندڙ مسافرن لاء عذاب بڻجي ويو نوشھروفيروز کان درياخان مري تائين باء پاس روڊ ٺھڻ کان پوء ٽريفڪ وڌي وڃڻ ڪري ريلوي ڦاٽڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿي درياخان مري کان نوابشاھ خيرپور سکر ۽ ضلعي نوشھرو فيروز جي شھرن ڦل مورو ڀرياسٽي سميت ٻين شھرن ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ريلوي ڦاٽڪ بند ھجڻ سبڀ رڪجي وڃي ٿي ايمرجنسي جي حالت ۾ اسپتالن ڏانھن زخمي دل جا مريض ساھ توڙي ٻين بيمارين جا اسپتالن ڏانھن ويندڙ مريض ريلوي ڦاٽڪ بند ھجڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا درياخان مري ڪوٽ لالو جي رھواسين ۽ مختلف شھرن ڏانھن سفر ڪندڙ مسافرن اعلي اختيارين سميت ريلوي واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽ لالو دريا خان مري ريلوي ڦاٽڪ وٽان انڊر گرائونڊ روڊ اوور فلاء پؙل يا عارضي طور تي ريلوي ڦاٽڪ کي ويڪرو ڪري مريضن ۽ سفر ڪندڙ مسافرن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

14/12/2020

ساھتي پرڳڻي جو ضلع ھيڊ ڪواٽر نوشھروفيروز شھر گٽرن جي پاڻيء جي ور چڙھي ويو ٽائون عملو غائب,
تفصيل مطابق نوشھروفيروز جا اڪثر علائقا ڊرينيج جي گندي پاڻيء سان ڀريل رھن ٿا عوام توڙي ٽرئفڪ کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو, شھرين ميٽرو اسپيشل سان ويچار ونڊيندي چيو ته ضلع جو درجو رکندڙ شھر نوشھروفيروز انتظاميا جي بي حسي ۽ بي ڌياني سبب گندي پاڻي جي ور چڙھيل آھي پر ٽائون انتظاميا يا ضلع ڪائونسل جي عملي جو ڪٿي به ڪو نشان نه ملي رھيو آھي, شھر جا مک حصا ٺاروشاھ اسٽاپ, سنڌ ڪالوني ھيٺائين چوڪ, شاھي بازار , ڪڪا شاھ محلا ۾ اڪثر گٽر لائينون بند ٿيڻ سبب نالين جو گندو پاڻي اوور فلو ٿي روڊن ۽ گھٽين ۾ وھي اچي ٿو جنھن سبب عوام توڙي گاڏين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن نوشھرو جي عوام اعلي اختيارين کان گھر ڪئي آھي ته نوشھرو فيروز جي علائقن مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جا جوڳا انتظام ڪرايا وڃن ۽ شھرين اعلي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ٽائون انتظاميا جي ملازمن پاران ڊيوٽي چوري جو سخت نوٽس وٺي انھن ڊيوٽي چورن کي ڊيوٽين تي ھر روز اچڻ جو پابند ڪيو وڃي ته جيئن شھر جي روڊن تي گندي پاڻي جي وھي اچڻ کي روڪي سگھجي

14/12/2020

مورو پوليس طرفان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو تعلقہ مورو پاران سخت احتجاج ڪندي مورو ڪورٽ کان احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو جيڪو مختلف چوڪن تان ٿيندو مورو پريس ڪلب اڳيان پھتو جتي ڪارڪن ٽائر ساڙي مورو ٿاڻي جي عملي خلاف ۽ وڏي منڇي قربان ڪلھوڙو خلاف سخت نعري بازي ڪئي، احتجاجي مظاهري کي اڳواڻن رحيم بخش کوسو، راشد ڪلھوڙو، نظير احمد سولنگي، خالد حسين کوسو، محمد صالح چانڊيو،خالد حسين چانڊيو، غلام رسول عالماڻي، مير وسيم عالماڻي، صدام جوڻيجو، ماجد علي سھتو، شاھنواز ڀٽي، ابرار مورائي، مظھر عالماڻي ٻين خطاب ڪندي چيو تہ مورو ٿاڻي تي هڪ ڪرپٽ ٽولو مسلط ڪيو ويو آھي جيڪو سياسي بنيادن تي شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي ۽ حڪمران جماعت جي پٺڀرائي سان اسان جي ڪارڪنن راشد ڪلھوڙ، وسيم عالماڻي، خالد چانڊيو ۽ ماجد سھتو ۽ ٻين ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آھي مورو ٿاڻي تي مقرر ڊي ايس پي 5 سالن کان سياسي آشيرواد سان پوسٽنگ تي ويٺو آھي جڏھن تہ ايس ايڇ او منعم لاڙڪ ۽ ٿاڻي جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل وڏو منڇي قربان ڪلھوڙو جيڪو ٿاڻي جي مٿئين عملدارن جو کاٽو پٽ بڻيل آھي حالانڪ قانون آئين مطابق پوليس جو ڪم عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ آھي پر ان باوجود مورو پوليس پنھنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي جڏھن تہ نوشھروفيروز جو ايس ايس پي الطاف لغاري جنھن مان شھرين کا ڪافي اميد هئي تہ هو بنيادي فرض پورو ڪندو پر اهو بہ ڪرپٽ مورو ٿاڻي تي سالن کان پوسٽنگ تي ويٺل عملدارن جي سياسي پٺڀرائي سبب بي اثر بڻيل آھي جڏھن تہ مورو پوليس مڪمل حڪمران ڌر جي وڏيرن بااثرن جي ڪمنداري ۾ پوري آھي جن جي راضپي کان سواءِ مورو ٿاڻي تي ڪک بہ نٿو چري سگھي ۽ ان سياسي پٺڀرائي سبب جيڪي بہ مختلف پارٽين جا سياسي ڪارڪن يا شھري پنھنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج ڪن ٿا انھن تي بہ ڪوڙيو ايف آءِ آرز داخل ڪيو وڃن ٿيون جنھن جو مثال ڪجھ ڏينھن شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ شھرين ۽ دوڪاندارن تي بہ جڙتو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي مٿيئن اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي بينظيرآباد ۽ چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪئي تي مٿئين آفيسرن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪري مٿئين داخل ڪوڙن ڪيسن جي انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي

23/11/2020
23/11/2020

محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف سنڌ صحافي اتحاد ۽ سياسي سماجي ڌرين قومپرست پارٽي جي اڳواڻن پاران مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو جنھن م سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي چيئرمين ايم ظفر تڳر، اختر علي چانڊيو، محمد بچل ھنڱورو، سنڌو نواز گھانگھرو، اخلاق جوکيو، مشتاق سولنگي، شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ صحافي منير احمد ميمڻ، امان قاضي، فھميده ڀٽي، ايڊوڪيٽ امر امتياز ميمڻ، ظفر الحق پنھور، امجد ميمڻ، اسلم ڪوريجو، محمد ھاشم نول،سجاد ميمڻ جماڻي بخشل احمد، اصغر بليدي، عبدالحفيظ پلھ، محمد اسحاق ڪورائي، جگديش ڪمار، غلام شبير اڄڻ، عبدالستار راجپوت، اقبال گاڏھي، علي شير ڏيپر، آفتاب سومرو، جاني جماڻي، ضمير لنڊ، اياز قاضي، رفيق پيرزادو، امين ڪلھوڙو، رجب سولنگي، لالا عبدالرزاق ڪورائي، شاھنواز ڀٽي، محمد جڙيل منگي، عبدالمجيد ڪيريو، ساجد علي چنہ، غلام سرور راجپوت، مختيار سھتو، منظور لغاري، اختر لغاري سميت سوين صحافين سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ۽ قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 9 مھينا اڳ قتل ٿيل صحافي شھيد عزيز ميمڻ جي قتل م ملوث مُک ماسٽر مائينڊ جوابدار مشتاق سھتو ۽ قتل جي سھولتڪار گرفتار ناھن ٿي سگھيا آخر انھي جوابدارن کي زمين ڳھي وئي يا آسمان کڻي ويو جو شھيد صحافي عزيز ميمڻ جو مک جوابدار گرفتار ناھي ٿي سگھيو، ھنن چيو تہ صحافي عزيز ميمڻ ھڪ نڊر دلير صحافي ھيو ۽ حق سچ لکڻ وارو صحافت کي پنھنجو فرض سمھجيو ۽ شھيد صحافي عزيز ميمڻ کي ريلوي ٽرين مارچ جي ڪوريج دوران موتمار ڌمڪيون ملڻ بعد اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن جا نالا پڻ ميڊيا آڏو پيش ڪيا پر ھن مھل تائين سنڌ پوليس مک جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي جيڪا سنڌ پوليس جي نااھلي آھي، شھيد عزيز ميمڻ شروع کان وٺي قلم ذريعي حق ۽ سچ لکيو جنھن جي قتل م جيڪي گجھا ھٿ آھن اھي ضرور ظاھر ٿيندا، ھنن چيو تہ سنڌ پوليس پاران جوڙيل جي آء ٽي پاران شھيد عزيز ميمڻ جو ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو جنھن م کيس قتل ڄاڻايو ويو پر اسان ھاڻي واري جي آءِ ٽي کي رد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ تہ اھا مڪمل طور تي غير فعال آھي ء جي آء ٽي کي فوري طور فعال ڪري قتل م ملوث مُک قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو تہ محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ محرابپور ڪنڊيارو ڀرياسٽي م احتجاج ڪيا ويا پر قتل م ملوث مک جوابدار کي پوليس ھن مھل تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي ء اسان جو احتجاج مسلسل جاري آھي ۽ اڄ مورو م احتجاج ڪيو ويو آھي اسان شھيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ خميس ڏينھن 12 وڳي ايس ايس پي نوشھروفيروز آفيس نوشھروفيرو اڳيان ڌرڻو ويندو. جڏھن تہ احتجاج جي شروعات م شھيد عزيز ميمڻ ء مورو جي سينئر صحافي محمد صالح کوسو کي ايثال ثواب پھچائڻ لاءِ قل پڙھي دعا گھري وئي.

19/11/2020

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پيپلز پارٽي ءَ جي مرڪزي چيئرمين غلام مرتضي خان جتوئي جي فرزندن مير بلاول خان جتوئي مير زين خان جتوئي ڄام نواز پهچي ايم پي اي ڄام مدد علي جي وفات تي سندن پوئيرن سان تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي اين پي پي اڳواڻ غلام رسول پيرزادو، شاه بيگ بهراڻي، ۽ اظهر جتوئي پڻ موجود هئا

19/11/2020

واپڊا انجنيئر ۽ ايس ڊي او واپڊا سيپڪو نوشهرو فيروز پاران شهرين ڏانهن ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهري انصاف لاءِ عوامي پريس نوشهرو فيروز پهچي ويا. شهرين ٻڌايو تہ واپدا سيپڪو انجنيئر ايس ڊي او جڙيل ڏيٿو لائين مين اشفاق مشوري ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر واحد چنو ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن شريف شھرين ڏي ڳرا بل موڪلڻ جو سلسلومعمول بڻيل آهي. الڪوثر ھوٽل مالڪ فدا حسين مري ٻڌايوتہ موکان جڙيل ڏيٿو پنج ھزار گھريا ۽ چيو ت توکي ڊائريڪٽ ڪنڊي لڳائي ٿا ڏيون جنھن تي فدا حسين چيو ت مان شريف ماڻھون آھيان ۽ مان ميٽر تي لائيٽ ھلائيندس جنھن تي ٻئي مھيني منھنجو بل واپڊا وارن 23000ھزار موڪليو جنھن تي آئون وفاق حڪومت کي اپيل ٿو ڪيان ت ھنن ڪرپٽ واپڊا وارن تي ڪاروائي ڪئي وڃي اگر ڪاروائي ن ڪئي وئي ت الله واري چونڪ تي اسان احتجاج ڪنداسين

19/11/2020

نوشهرو فيروز ۾ ايس ٽي پي طرفان مرڪزي سڏ تي بک هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چئيرمين شهيد الطاف حسين جسڪاڻي کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو تہ سنڌه جي ٻيٽن خلاف تحريڪ هلائڻ واري جوڌن کي قاتلاڻن حملن ۾ شھيد ڪيو پيو وڃي ايس ٽي پي اڳواڻ حبيب الله مشوري تعلقه صدر ڪامريڊ محمد عادل عباسي ۔ خليل الرحمان ۔اقبال راڄپر اسد چانڊيو ايس يو پي اڳواڻ سڪندر ڪلھوڙو باغي عزيز ڦل جو چوڻ هو ته جيسيتائين شهيد جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويندا تيسيتائين احتجاج جاري ڪيو رهندو

19/11/2020

عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيررز تي رستم شر الطاف انصاري ۽ سھيل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن معصوم ريحان شر جنهن جو ھٿ ڪتر واري مشن ۾ ڪٽجي پيو ان کي پڊعيدن کان نوشھرو فيروز سول اسپتال کڻي آياسين جٿي سرجن نه ھجڻ سبب فھد ميڊيڪل سينٽر تي کڻي وياسين جتي ڊاڪٽر شھزاد وڳڻ 2ڪلاڪ انتظار ڪرائي مڪمل پيسا جمع نه ڪرائڻ سبب آپريشن کان جواب ڏئي ڇڏيو جڏهن ته معصوم ريحان جيڪا 2سال جي آھي ان جي ڪٽيل ھٿ مان رت وھندو رھيو پر ڪابه فرسٽ ايڊ نه ڏني وئي جڏهن ته ننڊڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مائدا سينٽر تي کڻي وياسين جنهن جو ڊاڪٽر پريل ڪامياب آپريشن ڪيو ھنن اعلا اختيارن سيڪريٽري ھيلٿ ڊي ايڇ او نوشھرو کان گھر ڪئي ته اھڙي لاپرواھ ڊاڪٽر خلاف انڪواري ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

18/11/2020

سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ سهولتون نہ هجڻ ڪري پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽرن تي انسانيت جي لتاڙ ٿي رهي آهي.
گذريل ڏينهن غريب ٽريڪٽر ڊرائيور جي معصوم ڌيءُ ريحانہ شر جو راند ڪندي ڪتر واري مشين ۾ هٿ اچڻ سبب آڱريون ڪپجي پيون جنهن کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو تہ اتي ايمرجنسي ڊاڪٽر موجود نہ هئڻ سبب شهر جي هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر تي آندوويو جنهن ۾ شهر جي مشهور سول سرجن ڊاڪٽر بي حسيءِ جي حد پار ڪندي معصوم جي ڪيهن تي ڪهل بجاءِ پهريان پيسا پوءِ علاج جو چئي جواب ڏئي ڇڏيو معصوم نياڻيءَ جي ڀاءُ راشد شر ۽ ساجد شر ڊاڪٽرن جي اهڙي ظالمانہ روين جي مذمت ڪندي اهڙن ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائيءَ جي گھر ڪئي آهي

18/11/2020

نوشهروفيروز ۾ بجلي ۽ گئس جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل ڪافي ڏينهن کان شهر اندر بجليءِ سان گڏ گئس پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب ٿيو وڃي جڏهن تہ گئس پريشر پڻ انتهائي گھٽ هئڻ سبب گھريلو رڌ پچاءَ متاثر ٿي رهيو آهي.
نوشهرو فيروز شهر جي بجلي ۽ گئس جي صارفين وفاقي سرڪار کي شهرين جي پريشاني حل ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

18/11/2020

موٽروي پوليس ڪنڊيارو طرفان مسافرن ۽ ڊرائيورن۾ روڊ سيفٽي متعلق اگاھي مھم جو سلسلو جاري آهي
موٽروي پوليس بيٽ اوڻٽيھ جي ڊي ايس پي راشد علي شاھ جي زير نگراني گائيڊنس سينٽر ڪنڊيارو تي انسپيڪٽر عبدالرشيد سھتو ڊرائيورن۽ مسافرن کي روڊ سيفٽي متعلق اگاھي ڏني ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اسان کي گاڏي احتياط سان ھلائن گھرجي اوور سپيڊ کا پاسو ڪيون سيٽ بيلٽ ۽ ھيلمٽ جو لازمي استعمال ڪريون بغير لائسنس جي گاڏي نه ھلايون ۽ نه ئي ٻارن کي گاڏي ھلائن لاء ڏيون، گاڏين جي ڇتين تي سواري نه کڻون غلط اوور ٽيڪ کان پاسو ڪيون ۽ قانون مطابق صحيح گاڏي ھلايون. اسان جو فرض آ ته قانون تي عمل ڪريون. وڌيڪ موٽروي پوليس افسرن جو چوڻ ھيو ته ڪنھن به ايمرجنسي يا مدد جي صورت م موٽروي پوليس جي ھيلپ لائن ھڪ سؤ ٽيھ تي ڪال ڪري بروقت اطلاع ڏيون ته جيئن موٽروي پوليس جلدي مدد لاء پھچي ۽ مدد ڪري

18/11/2020

ناظرين پڊعيدن ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو آهي. رپورٽ ڪري رهيو آهي پڊعيدن مان اسانجو نمائندو منصور حيدر سولنگي.
20 ڏينهن قتل ٿي ويل ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نہ ڪرڻ خلاف راڄپر برادري پاران ن نوشهروفيرز پڊعيدن لنڪ روڊ نصرت ڪئنال پل وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڳاڏين جي آمدرفت روڪي ڇڏي.ڌرڻي جي قيادت شفيق ميان راڄپر، شبير راڄپر، پير رڪن الدين قريشي، اختر راڄپر، سچل راڄپر ۽ مقلولين جا وارث ڪري رهيا هئا.
سندن چوڻ هو تہ اسانجي ٻن نوجوانن کي بيگناهہ قتل ڪري لاش شاخ ۾ لوڙهيا ويا هئا.
جن جي بيرحمانہ قتل جي ايف آءِ آر پڊعيدن ٿاڻي تي داخل هئڻ باوجود مرڪزي قاتل کي گرفتار نہ پيو ڪيو وڃي. پڊعيدن پوليس قاتلن کي فوري گرفتار نہ ڪيو تہ راڄپر برادري سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪندي

11/11/2020

سنڌ بار ڪائونسل نوشهروفيروز ۾ پروگريسو لايرس پينل پاران ضلعي بار ۾ ڪارنر گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار ضلعي نوشھرو فيروز جي اميدوار عبداستار لھراڻي ضلعي خيرپور جي اميدوار ياسر عرفات شر ۽ سکر سنڌ بار ڪائونسل جي اميدوار قربان ملاڻو سميت ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي عھديدارن ۽ ضلعي بار جي ميمبر وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ضلعي بار ايسوسشين نوشھرو فيروز جي صدر عبدالرحيم عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري محمد اياز مري پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا تقريب جي آخر ۾ اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير ضياالحسن لنجار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پروگريسو پينل جي سڀني اميدوارن کي اميد آهي ته اسان جو پينل اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو ڪاميابي کان پوء وڪيل برادري جي لاء گڏيل جدوجهد ۽ سندس مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪنداسين

11/11/2020

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران مطالبن جي مڃتا لاء اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ نوشھروفيروز يونين آف جرنلسٽس پاران مهراڻ پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ضلعي صدر زاهد قائمخاني جي اڳواڻي نڪتل ريلي ۾ صحافين غير اعلانيا سنسر شپ , صحافين کي حراسان ڪرڻ ۽ اغوا ڪرڻ , پگهارن ۾ڪٽوتي ڪرڻ , وقت تي پگهارون نه ڏيڻ , پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان مان جبري برطرفين ۽ ويج بورڊ ايوارڊ تي عمل نه ڪرڻ خلاف نعرا هڻي رهيا هڻدي چتاءُ ڏنو ته صحافين جو معاشي قتل عام بند نہ ڪيو ويو تہ احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيوويندو

11/11/2020

آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي سڏ تي ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن پاران ٽريزريءَ مان پگهارون نہ ملڻ. ۽ رٽائرڊ يا فوتي ملازمن کي پينشن گريجوئيٽي جا پئسا نہ ملڻ خلاف احتجاي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ ملازم عورتون پڻ شامل هيون. ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز مان نڪرندڙ ريلي پريس ڪلب نوشهروفيروز پهتي جتي ملازمن پنهنجا حق نہ ملڻ خلاف خديد نعريبازي ڪندي ميڊيا اي ٽي اين کي ٻڌايو تہ

11/11/2020

فيض گنج ۾ 3 سال پراڻو اٽو وڪامڻ لڳو پراڻو اٽو وڪامجڻ سبب پيٽ جي بيمارين ۾ اضافي ٿيڻ سان گڏ شهرين کي مالي نقصان پڻ ٿي رهيو آهي.
اهڙيون شڪايتون حد جي آفيسرن کي پڻ ڪيون ويون جنهن بعد مختيارڪار فيض گنج ڪيترا ئي ڀيرا دوڪانن ۽ فلور ملن تي ڇاپا هڻي ڏنڊ پڻ وصول ڪيا ان باوجود بہ شهرين سان ساڳيو ڪلور جاري آهي.
گھريب پورهيت سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي گهر لاءِ خريد ڪيل اٽو جڏهن گهر کڻي اچن ٿا تہ ان مان جيت نڪري اڇن ٿا.
فيض گنج مان اسانجي نمائندي ذوالفقار چانگ موجب اهڙو اٽو کپائيندڙ دڪاندار شڪايت ڪرڻ تي غريب گراهڪن سان بدڪلامي پڻ ڪن ٿا. وس وارن کي گھرجي تہ هن مسئلي تي سخت قدم کڻي اهڙن دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

11/11/2020

نئين سوچ نئون انداز هر خبر تحقيق ۽ تصديق کانپوءِ عوامي نيوز نيٽ ورڪ تي

11/11/2020

عوامي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو پنجاهه کان مٿي ٺيڪيدارن جو احتجاجي مظاهرو. ٺيڪيدارن صحافين کي ٻڌايوتہ سال 2012 کان سنڌ سرڪارپاران اي ڊي پي اسڪيم جا فنڊ جاري نه ڪيا ويا آهن. جنهن خلاف اڄ احتجاجن جي شروعات ڪري رهيا آهيون.
مظاهرين جي اڳواڻي محمد ياسين چانڊيو۔نصرالله پنهور۔بخشل مشوري ۔ صابن جوڻيجو ۽ شمن زرداري ڪري رهيا هئا.
جن عوامي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت پاران اي ڊي پي جي رهيل اسڪيمن جا فنڊ جاري نه ڪيا ويا آهن۔ جڏهن ته اهي اسڪيمون سمورن ٺيڪيدارن وقت تي مڪمل ڪري ورتيون آهن ان باوجود ٺيڪيدارن سان ويساه گهاتي ڪندي کين بجيٽ جاري نه پئي ڪئي وڃي انهي ڪري ٺيڪيدار سخت مالي مشڪلات جو شڪار آهن۔ هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت پاران روڪيل اسڪيمن جا فنڊ جاري نه ڪيا ويا ته پوري ضلعي جا ٺيڪدار سراپا احتجاج بڻجي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جي آفيس سامهون ڀرپور احتجاج ڪري ڌرڻو هنيون ويندو

11/11/2020

پڊعيدن مان اسانجي نمائندي منصور حيدر سولنگيءَ جي خبر شامل ڪيون تہ چيهو مائنر ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪندي پڊعيدن نصرت ڪينال وٽ ڌرڻو هنيو آهي. مظاهري ٽائرن کي باهيون ڏنيون جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ڊگھيون قطارو لڳي ويون.
مظاهرين جو چوڻ آهي تہ هٿرادو وارا بندي ڪرائي علائقي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين غير آباد ٿي رهي آهي.
آبپاشي عملو پڻ ڪابہ ڪاروائي نہ پيو ڪري. چيهو مائنر ۾ پاڻيءَ جي جائز فراهميءَ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو
مظاهري جي اڳواڻي عبدالرحمن راڄپر، احمد خان راڄپر سچل راڄپر ۽ علائقي جا آبادگار ڪري رهيا هئا

11/11/2020

سي اين جي سلينڊر لڳل مسافر بردار ﮔاڏین خلاف موٽروي پوليس بيٽ اوڻٽيھ جي ڪاروئي
ڪيترين ئي گاڏين تي موقعي تي ڏند وڌو ويو گاڏيون واپس ڪرڻ سان گڏ ڊرائيورن جا لائسنس پڻ رد ڪيا ويا.
ڪاروائي ۾ موٽروي پوليس سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو، آر ٽي اي سيڪريٽري ۽ ضلع نوشهروفيروز جي ٽريفڪ پوليس به شامل هئي

ڪارواين دوران ميڊيا کي ٻڌايو ويو تہ اسان جي ننڍي غلطي جي ڪري حادثا ٿين ٿا اسان کي گھرجي ته گاڏيون احتياط سان ۽ قانون مطابق ھلايون ان سان حادثن کان بچي سگھجي ٿو جنھن ۾ ڪيترو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو وڌيڪ انھن چيو ته موٽروي پوليس چوويھ ڪلاڪ روڊ تي موجود آھي ڪنھن به مدد يا حادثي جي صورت ۾ ھيلپ لائن ھڪ سؤ ٽيھ تي ڪال ڪيون، موٽروي پوليس جو مقصد روڊ تي ايندڙ ماڻھن جي سفر کي محفوظ ۽ آسان بڻائڻ آھي

Address

Awami Press Club Naushahro Feroze
Naushahro

Telephone

+923003125112

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ATN posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to ATN:

Videos

Share