Naushahro Express News

Naushahro Express News This Page news Channel

19/09/2023

نوشھرو فيروز:-
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاء ڪورٽ سکر جي حڪم تحت چيف ڪنزرويٽر رياض احمد وڳڻ ڪنزرويٽر شھيد بينظير آباد ذولفقار علي ميمڻ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر نوشھروفيروز عابد علي رند رينج فاريسٽ آفيسر ٺاروشاھ مقبول احمد مھر جن جي طرف کان ٻيلي خاتي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ وارن جي خلاف آخري نوٽيس ضلعو نوشھرو فيروز ۾ ڏنو ويو آهي انھن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏھن قبضو نه ڇڏڻ جي خلاف قانوني صورت ۾ 7 آڪٽومبر تي ٻيلي جو زمينو نه کالي ڪيون ويون ته انھن خلاف ڀرپور آپريشن ڪري قبضي آوارن جي خلاف ايف آء آر داخل ڪيري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو ڪنھن سان به ڪنھن قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي

20/07/2023

نوشھرو فيروز
نوشھرو فيروز ويجھو ڳوٺ عبدالڪريم وسطڙو جا رھواسي غلام رسول وسطڙو قمر دين وسطڙو پپو وسطڙو آصف وسطڙو ۽ ٻيا اڄ 10 ڏينھن به نيشنل پريس ڪلب پھچي بک ھڙتال تي ويٺا ۽ احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته عرض ميڊيڪل سينٽر نوشھرو فيروز منھنجي گھر واري جي ڊاڪٽر شبانا عطا چنا نارمل ڊليوري دوران ڪاسائي ڊاڪٽرياڻي شبانا چنا منھنجي پٽ جو ڌڙسسئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ڏھ ڏيھن ٿي چڪا آھن نوشھرو فيروز جي انتظاميان خاموش تماشائي بڻيل آھي ان قاتل ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪاب ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي اسان قانوني طريقياحتجاج ٿا ڪريون ته اسان کي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي اسان پوليس پئسا ڏئي پلي ڇڏي آ ڪجھ ڪونه ٿندو توھان جي ن ٿا مڙو ته پوء توھان سان گھٽ ڪو نه ٻڌائينداسين انھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر شبانا عطا چنا سرڪاري ملازم ھجڻ جي باوجود ڊيوٽي نه ڪري رھي آھي پنھنجي خانگي عرض ميڊيڪل سينٽر ھلائي رھي آھي جڏھن ته جيڪي سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ مريض اچن ٿا انھن کي اھيو چوي ٿي جيڪو منھنجي خانگي عرض ميڊيڪل سينٽر تي ايندو انھن جو علاج ڪيو ويندو انھن وسوارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فورن خانڪي عرض ميڊيڪل سينٽر سيل ڪري ڪاسائي ڊاڪٽرياڻي شبانا عطا چنا کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نيشنل ھاء وئي بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو جنھن جي ذميوار پوليس ۽ ڊاڪٽر شبانا عطا چنا ھوندي۔

19/07/2023

نوشھرو فيروز:-
محرابپور وارڊ نمبر 15 بلاول ڪالوني جارھواسي محمد يونس آرائين ۔افضل امين آرائين ايڊوو ڪيٽ ھاء ڪورٽ صدر تنظيم آرائيان ضلو نوشھروفيروز ۔خليفو غلام محمد سلطاني ۔۽ ٻيا نيشنل پريس ڪلب پھچي ميڊي سان ڳالھائيندي چيوت اسان جو ۔طالب سھتو ۔عارب سھتو ۔نادر سھتو عرف واڳو ۔امتياز سھتو بگو سھتو ۽ ٻين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ ھنن اڳ ۾ ھڪ صحافي قتل ھو خوني ماڻھو آھن منھنجي اوطاق تان قيمتي سامان چوري ڪري ويا ھنن جي موبائيل ڪري پئي ان تي ان کي سڃاڻي اسان پيڇو ڪري سامان سوڌا گرفتارڪيا مگر پوليس انھن جي ساٿاري بنيل آھي وري ڪالھ مون کي دڪان تي اچي ڌڪ ھڻي مرڻينگ ڪري ويا پوء به پوليس ايف آء آر درج نه ٿي ڪري مان انھن تي اعلي عدالتن ۽ آفيسرن ڏانھن ٽيليگراف پڻ ڪيا آھن ايس ايس پي صاحب سان ملڻ جي ڪوششڪئي مگر ان سان ملاقات نه ٿي ٿئي ھو مون کي کي ڳوليندا ٿا وطن ۽ فون ڪري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين اسان آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آھي ت انھن چورن ت ھڪ چوري ۽ ٻيو مون کي وڙھڻ جي ايف آء آر درج ڪئي وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان کي ڪجھب ٿيو ته ان جا ذميوار سھتا ۽ محرابپور ج پوليس ھوندي ۔

19/07/2023

نوشھرو فيروز
نوشھرو فيروز ويجھو ڳوٺ عبدالڪريم جو رھواسي غلام رسول وسطڙو نيشنل پريس ڪلب پھچي روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 10.7.2023 تي عرض ميڊيڪل سينٽر نوشھرو فيروز منھنجي گھر واري جي ڊاڪٽر شبانا عطا چنا نارمل ڊليوري ڪئي ڊليوري دوران ڪاسائي ڊاڪٽرياڻي شبانا چنا منھنجي پٽ جو ڌر سئي کان ڌار ڪري ڇڏيو جڏھن مان پنھنجي پٽ جو لاش ڏيڻ جو چيو ته ڊاڪٽر شبانا عطا چنا چيو ته پھرئين 15000 ھزار ڏيو پوه توھان کي لاش ملندو جڏھن ته اسان ان کي 9000 ھزار ڏنا پوء اسان کي وڏي منٿن کان پوء لاش ڏنو ويو جڏھن اسان لاش کڻي پريس ڪلب تي ڌرڻو لڳايو ھاڻي مونکي ڪجھ ماڻھن کان ڌمڪيون ڏياري ٿي ته توھان خاموش رھو نه ته توھان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندس منھنجي اپيل آھي DG ھيلٿ منسٽر ھيلٿ سيشن جج نوشھرو فيروز کان ته ظالم ڊاڪٽر شبانا عطا چنا جو سينٽر سيل ڪري گرفتار ڪيو وڃي جيڪڏھن انصاف نه مليو ته مان پاڻ کي ڪورٽ جي اڳيان باھ ڏئي ساڙيندس ۽ ان مان مونکي جان جو خطڙو آھي تحفظ ڏنو وڄي جيڪڏھن مونکي ڪجه به ٿيو ته ان جي زميوار ڊاڪٽر شبانا عطا چنا ھوندي

18/07/2023

نوشھروفيروز :
ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل نوشھرفيروز ۾ صحت ڪارڊ ورھائڻ جي تقريب ٿي ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبداستار لهراڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌبار ڪائونسل پاران پنھنجي وڪيل ڀائرن لاء وڏي جدو جھد ڪندي صحت ڪارڊ منظور ڪرائيا آهن ھن ڪارڊ جو مدو ھڪ سال ھوندو سال تي وري رينيو ٿيندو سال۾ 2لک رپين تائين علاج ڪرائي سگھبو 3سال تائي رينيو ٿيندو رھندو پاڪستا ن ۾ جيتريون به اسپتالون آھن انھن سڀني اسپتالن مان اعلاج ڪرائي سگھبو سنڌ بار ڪائونسل جي ۽ڊسٽرڪٽ بار جي ڪوشش آھي آھي ته وڪيل ڀائرن لاء ڪالونيون ٺهرائجن ان جي ڪشش ھلي پئي ان شاالله جلد ڪم ٿي ويندو صدر بار ڪائونسل اياز مري چيو ته لک لک مبارڪون ھجن سڀني وڪيلن بائرن کي جو اڄ انھن کي صحت ڪارڊ مليو باقي جيڪي رھجي ويا آھن اھي جلد پنھنجي درخواست ڏين يا ڪي بار جا ڊيوز رھيل ھجن جمع ڪرائين انھن کي به ملي ويندا جنرل سيڪريٽري بارڪائونسل شوڪت ٻوھيو چيو ته نيٺ دوستن جي محنتن رنگ لاتو جيء آھي ته جھان آھي ھر وڪيل دوست ساليانو 2لک روپين تائين ڦري علاج ڪرائي سگندو سنڌ بار جس لھڻي ۔ايڊووڪيٽ اشفاق احمد تڳر چيو ته اھا محنت عبداستار لھرا ڻي صاحب جي آ ۽ اميد آھي آھي جلد وڪيلن لاء ڪالوني ب ٺھندي:

12/06/2023

نوشھرو فيروز:-
ڳوٺ نبي بخش انڙجا رھواسي پنھنجي مائٽن ج ظلمن کان تنگ ٿي نيشنل پريس ڪلب جي اڳيان اsحتجاجي مظاھرو ڪيو ميڊيا سان ڳالھائيندي اعجاز انڙ ۔محبوب انڙ ۔محمد صيفل گل منير ۽ ٻين ٻڌايو ته پنھل انڙ اسلم انڙ ۔طارق انڙ جيڪي چورڦورو آھن ھنن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ اڳ ۾ به اسان کان گاڏي ڦر ڪئي ان جو فيصلو اقبال راھوجو وٽ ڪالھ ٿيو ان ۾ ڏوھي ٿيا فيصلو نه مڃيو وري اڄ صبح نيو جتوئي ريلوي ڦاٽڪ وٽان سري عام محبوب انڙ کان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦري ويا جنھن جي اين سي مٺياڻي ٿاڻي تي داخل ڪرائي اسان واپس وڃي رھيا ھياسين ته ساڳين ڦورن اعجاز ۔طارق ۽ ربنواز حملو ڪري اعجازکي زخمي ڪيو ان جي به اين سي اسان ابڙان ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پولس انھن چورن لوفرن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آھي اسان آء جي سنڌ ۔ ڊي آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ٿا ڪريون ته فورن انھن ڦورن کي گرفتار ڪري اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي اسان کير وڪڻي گھر جي چلھ ٻاريندا آھيو جي ترت قدم نه کنيو ته اسان کي نقصان پھچائيندا ان جي ذميوار پوليس ھوندي ۔

12/06/2023

نوشھرو فيروز

ڳوٺ کوڙو شريف جي رھواسڻ مسمات فسانه ڪلھوڙو پنهنجي مڙس پرويز احمد ڪلھوڙو سان گڏ پنهنجي ڀاء سالڪ ڪلھوڙو جي ظلمن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنج سال پھريان مونکي ٻه جاڙا پٽ ڄاوا ھئا ته منهنجي ماء زبيداھ مونکي ۽ منهنجي مڙس کي چيو ته ٻن جاڙن ٻارڙن مان ھڪ ٻار مونکي ڏيو ته ان جي پرورش مان ٿي ڪيان ۽ ھڪ جي پرورش توھان ڪيو جيسي تائين تنهنجي ڀاء سالڪ ڪلھوڙو کي اولاد ٿئي ان وقت اسان سڀ گڏ رھندا ھئا سين ڪجهه عرسو گذرڻ کان پوئي منهنجي ماء ھي فاني دنيا ڇڏي وئي ۽ اسان پنهنجو الڳ رھڻ شروع ڪيو ته منهنجي پٽ ابوطالب کي منھنجو ڀاء برگلائي اسان ڏي اچڻ کان روڪيندو رھيو ۽ چوندو رھيو ته اھي توکي ماريندا انهن ڏي وڃڻ بند ڪر ۽ اسان جي گھر اچي مون تي قافي دفعا تشدد به ڪيو ۽ اسانکي چوندو رھيو ته ابوطالب منهنجو پٽ آھي توهان جو ناھي ان جي اسان ٿاڻي تي رپورٽ به لکرائي ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز فيصلو ڪري حڪم جاري ڪرايو ته ابوطالب اسان سان گڏ رھي وري منهنجو ڀاء اسان جي گھر اچي مون سان زبردستي وڙھيو آھي منهنجو ڀاء زبردستي اسان جي پٽ تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ان موقعي تي وڌيڪ ابوطالب ميڊيا آڏو چيو ته منهنجي امان جو نالو فسانه آھي ۽ منهنجي پيء جو نالو پرويز احمد آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون چيف جسٽس آف پاڪستان, وزير اعليٰ سنڌ,ايس ايس پي نوشھرو فيروز سميت اعليٰ اختيار رکڻ وارن سان ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سالڪ ڪلھوڙو خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪو اسان جي جگر جي ٽڪڙي کي اسان کان زبردستي الڳ ڪري پاڻ قبضو ڪرڻ ٿو چاھي.

09/06/2023

نوشھروفيروز :-
نوان جتوئي لڳ ڳوٺ علي عليان جروار جا سوين ڳوٺاڻا مصدق جتوئي ۽ گلڻ جروار جي ظلمن کان تنگ ٿي نيشنل پريس ڪلب قرآن شريف کڻي عيسي جروار گلذار ۔غازي ۔خادم حسين جروار برادري سان گڏ پھتا قتل ٿيل نوجوان ذاڪر جروار جي پيء عيسا جروار روئندي ٻڌايو ته اسان پاڻ ۾ چوري تان تڪرار ھو ان جو فيصلو سيد منظور شاه ۔چيئرمين اجاز ۽ ٻين 40 قرآنن تي ڪيو گلڻ معافي به ورتي ان کان پوء به اسان نوجوان کي سومر جروار جي جي بڇ تي گلڻ منظور ۽ اصغر منگي قتل ڪيو آھي اسان ايف آءآر به داخل ڪرائي آھي پر ايس ايڇ او مير محمد رد مصدق جتوئي جي چوڻ تي قاتل گرفتار نه ٿو ڪري ۽ اھي قاتل اصغر منگي ۽ ٻيا اسان کي ڌمڪيون ٿا ڏين ته ڪيس تان ھٿ کڻو نه ته توھان کي به مارينداسين جيڪڏھن پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا ه اسان سيشن ڪورٽ اڳين پاڻ ساڙينداسين ان موقعيتيخادم حسين گلذار غازيخان ۽ ٻين قرآن مٿي کڻيوس وارن ايس ايس پي نوشھرو فيروز نيون جتوئي جي وڏيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ھن قرآن جي واسطي قاتلن جي وء واري نهڪيو ذاڪر جي خون سان انصاف ٿئي صحافين کي به قرآن جو وسطو آ ھي خبراسان جي مٿي پھچائين ته جيئن اسان کي انصاف ملي سگھي ۔

07/06/2023

مٺياڻي ۔رپورٽ ۔
مٺياڻي ويجهو مڃٺ ڀرسان ڳوٺ ميوو ڪلو واسي قتل ٿيل پورهيت رحيم بخش ڪلو جا جوابدار اڃان گرفتار نه ٿي سگهيا ٻئي پاسي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته Sho ٺاروشاه جوابدار ڌر کان لکين روپيا وٺي اسانجو خونَ لوڙھي ڇڏيو ۽ هن وقت قتل جا مک جوابدار سريعام آزاد گهمي رهيا آھن ٻئي پاسي مقتول جي ڀاء اقبال ڪلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀاء کي جوابدارن بيدردي سان ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو ليڪن راشي sho اسانجي خونَ سان انصاف نه ڪيو ۽ اسان کان ڳري رشوت طلب ڪري رهيو آھي جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوء جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء اسانکي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ۽ هنن مان اسانکي هر وقت جاني مالي خطرو آھي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ،آئي جي سنڌ ،ڊي آء جي شھيدبينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته مقتول رحيم بخش ڪلو جا بااثر قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ۽ ڪرپٽ Sho ٺاروشاه رحم علي واسواڻو کي معطل ڪري ان جي جاء تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي نت ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۔

07/06/2023

نوشهروفيروز:
ڪروڙین روپیا خرچ ٿيڻ باوجود نوشهروفيروز ۾ گندگي جو آزار نه ٿيڻ، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم ، رينچ مشين ڏيڻ جي گهر ، ملازمن جو ويزا سسٽم ختم ڪري ۽ ڪرپٽ عملي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي گهر، نوشهرو فيروز ۾ ميونسل عملي خلاف سياسي، سماجي تنظيمن پاران احتجاج، ميونسپل آفیس آڏو ڌرٹو سخت نعری بازی کئی
خبر موجب: نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ گندگي، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم ، رينچ مشين نه ڏيڻ ، ويزا سسٽم ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن آل پارٹیز الائینس پاران مختلف تنظيمن پاران درٹو ڪامورن خلاف تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، محمد ابراھیم ڈنگراچ منظور مغل، ایم ظفر تگر صدر نيشنل پريس ڪلب مھر وسطژو، غلام سرور آرائین،عبدالسلام برٹ، طالب حسین مبیجو عادل عباسی،عتیق الرحمان وسطژو آصف حسینی ٻين چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي جنهن سبب نوشهروفيروز جا شهري، معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن پر افسوس انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهروفيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا ڊرينيج جي گندي پاڻي جي لپيٽ هجڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي هنن اعلان ڪيو ته 15 جون تی تائین شھر صاف نہ ثیو تہ ڈی سی نوشهروفيروز آڏو ڌرٹو هنیو ویندو

06/06/2023

نوشھرو فيروز:-ا
ٺاروشاھ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ معصوم نينگر علاج نه ٿيڻ جي ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو وارثن جو ايم ايس ۽ ڊيوٽي انچارج خلاف احتجاج ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ ساجن سيال جو رھواسي معصوم نينگر اسد پٽ حسن سيال ٽيوب ويل مشين ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن فوري رورل ھيلٿ سينٽر ٺاروشاھ نيو ويو اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو موجود نه ھجڻ ڪري نينگر زخمن جا سور نه سھندي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنھن تي وارٽن جو مبارڪ سيال حسن سيال ۽ ٻين اسپتال جي در تي ايم ايس ڊالٽر تميز دين ميمڻ ڊيوٽي انچارج ڊاڪٽر وجي ڪمار خلاف سخت احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي ھنن چيو ته چار ٻن ڪلاڪن کان ڊاڪٽر ناھين طبي امداد نه ملڻ سبب اسان جو نينگر فوت ٿي ويو جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري ڊاڪٽر ۽ ايم ايس خلاف ڪاروائي وڃي

28/04/2023
18/04/2023
17/04/2023

Asslam O Alikum

Address

National Press Club
Naushahro Firoz
67370

Telephone

+923003221194

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Naushahro Express News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Naushahro Express News:

Videos

Share


Other Naushahro Firoz media companies

Show All