نصيرآباد : رپورٽ اظھار واھوچو
نصيرآباد : شھيد ڀٽو مرڪزي سڏ تي سنڌو ڌرياھ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف نوناري محلي کان آرٿر شاخ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
نصيرآباد
سجاد ڪيفي لڳ والي بال تنگ جي ٽورنامينٽ تي راند تي آيل لاڙڪاڻي واسي جي چاٻي چور گاڏي ڪاھي ڦفرار ٿي ويا وارثن طرفان انڊس ھاء وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو لڳايو ويو آھي
نصيرآباد رپورٽ اظھار واھوچو
شھري اتحاد جي سڏ تي وڌندڙ بدامني، چوريون ڦرون ڌاڙان خلاف اڄ ٻئي ڏينھن به MCB بئنڪ اڳيان صدر معشوق علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي
نصيرآباد
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ شھيد ڀٽو مرڪزي سڏ تي سنڌو ڌرياھ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ خلاف رئيس رسول بخش کوسو ، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو ، ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
نصيرآباد شھري اتحاد طرفان شھر جي امنُ امان لاء احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي
شھدادڪوٽ
سنڌو درياھ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ڊاڪٽر قادر مگسي طرفان ڪوڙو موٽو شھدادڪوٽ ۾ جلسه عام ڪيو پيو وڃي.
سنڌ تي ڌاڙو نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور
آمريڪڻ عاشقڻ مائي جو به پنهنجي محبوب لاء احتجاج سنڌ جي ٻين احتجاجن جيان ڊگهو ٿيندو پيو وڃي ڪراچي جي محبوب جي گهر اڳيان ديرو ڄمائي ويهي رهي آهي😳
موهن جو دڙو،
ڳوٺ ڍنڍ وٽان ڪالھ شام ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کاهي ۾ ڪري پئي، 4 ڄڻا اجل جو شڪار ننڍڙا ٻار عورتون سميت ڪيترائي ماڻھو زخمي۔
ان حادثي ۾ نصيرآباد لڳ ڳوٺ ڏيرا جو رھواسي 12 سالن جو ماجد علي پٽ خادم حسين ٽڳڙ به فوت ٿي ويو
نصيرآباد شهر سنواريو ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالرحمان واھوچو جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال نصيرآباد جي وزٽ ڪئي وئي.
ان موقعي تي شهر سنواريو ڪميٽي جي اڳواڻن سائين اشفاق مسڻ، آصف ڪاٺيو،زاهد حسين تونيو عبدالقادر ٽڳڙ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال جنهن جو افتتاح 2021 ۾ ڪيو ويو پر هينئر تائين ان جو ڪم مڪمل ن ٿيو آهي
حيران ڪندڙ عمل اهو آهي ت اها اسپتال ٺهڻ کان اڳ ڊهڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ويراني جو ڏيک ڏيندي ائين معلوم ٿو ٿئي ته ھي اسپتال نه بلڪه آئيس جي موالين ۽ ٻين ڏوھارين لاء پناھ گاھ ٺاھي وئي آهي .
ھي عوام جو پيسو ضايع ڪرڻ جي مترادف بلڪه عوام کي نقصان رسائڻ آھي. ۽ ان موقعي تي رورل ھيلٿ سينٽر جو پڻ دورو ڪيو ويو ڊاڪٽرن کان تفصيل ورتا ويا.
نصيرآباد ۾
گاجي روڊ سان ٽرڪن جو گذر ڪالھ واري حادثو ۽
انڪروچمينٽ جي آزار بابت ٽائون چيئرمين يوسف عزيز ڇٽو بي ٽي وي نيوز تي پنھنجو موقف ڏيندي