25/04/2022
پاڻي ناهي ڇو ڀلا پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا
آئون لاوارث سنڌ جو بدقسمت ھاري آھيان
منھنجو ھاري ھجڻ ئي جرم آھي مگر مجبور آھيان اھو جرم منھنجي ابن ڏاڏن به ڪيو ھو اسين خانداني مجرم آھيون ڇاڪاڻ جو ھاري آھيون
مونکي مختلف قسمن جا زميندار ملندا رھندا آھن جيڪي پاڻ جيان ھڪ ئي کٽ تي ويھاري ماني گڏ کارائن ٿا ته ڪي 5 فٽ پري پٽ تي ويھارين ٿا ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
آئون مسلمان به آھيان ھندو به آھيان مگر انسان نه آھيان ڇاڪاڻ ته ھاري آھيان
زميندر ڏمرجي ته منھنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون
حڪومت بگڙي ته پوکيل فصل ڪٽجي وڃي
ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
منھنجي عزت مجيري جي وس م
وڻي ته پوتي پارائي ڀيڻ بنائي
وڻي ته بگھڙ جيان تار تار ڪري
مگر آئون بيوس آھيان ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
چماٽو بصر مرچ ڪڻڪ ڦٽئ پوکيان
ڏينھن رات سردي گرمي م ڊوڙون پايان
الله مونکي سبب ڪيو خلقت جي کائڻ جو
مگر ٽن ڏينھن کان پاڻ بکيو آھيان
ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
ڪراچي کان ڪشمور تائين
ڪندو سمورو وقت محنت آھيان
زميندار جا ٻار پڙھن مھانگن اسڪولن م
فيس تن جي فصل مان آئون ڀريان
منھنجو اولاد مون سان گڏ ٻني م
ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
گھر منھنجو ڪچو ڪکاوان جو
بنگلو سامھون مجيري جو
مگر آئون پڌري پٽ آرامي آھيان
ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
اگھ ڪونھي نياڻي پرڻايان
زال بيمار دوا ناھي
ٿيو ڏاڍو بيوس لاچار آھيان
ڇاڪاڻ ته آئون ھاري آھيان
اصل ته سنڌ جو شان آھيان مگر وري به آئون ھاري آھيان