GM Publication

GM Publication GM Publication got you the latest news 🗞 to have an eye on World Affair.

Subscribe Youtube Channel | WorldNews | journalist | Writter | Doctor | Democracy is the best revenge |Youtube Channel link For News Update Subscribe Channel | https://youtube.com/channel/UCzLWfEcrxyBf23iPRAcLS0A |

26/08/2022
23/04/2022

سونا پڙ ۽ ڪارا جھڙ
ڇوريءَ ۾ اونھين گھور سان نھاري ٿو ۽ تکين تيز اکين سان ڇوري جي ماءُ نوران ٻائي ۾ نھاريندي، وسڪيءَ جو وڏو ڍڪ ڀريندي، نئون سگريٽ دکائي ٿو. سندس چپن تي ڄڻ ڪوڙاڻ جا سوين تھھ چڙھيو ٿا وڃن.
”پيش سون! ڪڏھن ڏٺو بھ اٿئي پيش سون؟....... ھتي تھ لوڻ ۾ ملاوٽ آھي، مون کي ڪيئن يقين اچي؟ ٻڌاءِ، ڪنھن جي ڌيءَ آھي؟ ڪھڙي لٺ سردار، پير، شھزادي يا نواب جي؟.....“
”تو واري سردار جي، وڏو پارکو آھين، مھانڊا نٿو سڃاڻينس.“ نوران ٻائي اھا ڳالھھ خوف کان ڄڻ ڌيءَ کي بھ لڪائيندي، ڀڻڪن سان ڊڄندي ٿي ڪري ۽ پوءِ ھٿ جي سٽ سان ڇوري جي اڌ اگھاڙين ڇاتين کي ويتر اگھاڙو ڪريو ڇڏي. اڌ اگھاڙا ارھ، چوٿ جي چنڊ جيان تجلا ٿا ڏين، تيج ٿا ھڻن.
”ھا، اکيون کولي ڏس، ھيءَ تھ راڄن جي راڻي، ڪيئن نھ پڙن مٿان سونا پڙ چڙھيا پيا اٿس. اڃان تھ ٻارھن سالن جي مس آھي. اھي پڙ ايئن ڪونھ چڙھيا اٿس. بڻيائتي ۽ پيڙھيائتي آھي. رڳو ارھ تي ھٿ رکي ڏسينس تھ ڪيئن نھ رڳ رڳ رباب بڻجي وڄي ٿي پويس.“
”ھٿ رکي؟......“ فنڪار، نوران ٻائيءَ جي ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽي ٿو ڇڏي:
”ٻائي، چيم تھ منھنجي ھٿ ۾ ڪامڻ آھي، جادو آھي، ڪشش ثقل آھي، چقمق. اھو ھٿ جي آئون تو کڙپيل پوڙھيءَ جي ڪنھن بھ سنڌ تي رکان تھ نھنجي نھائينءَ جو ئي ڇا، نانھن جو تار تار تنبير جيان وڄي پوندو. نيٺ تو مون کي سمجھيو ڇا آھي؟ ڪو وڏيرو يا نواب، جو نوٽن کان سواءِ ڪنھن جي اندر ۾ پاڻ لاءِ ھلڪو موھ بھ پئدا نھ ڪري سگھان.“
فنڪار جي تکي ٿي وڃڻ تي نوران ٻائي ڪي دھلجي، سندس ھيٺاھيون ٿي وٺي:
”تڏھن ئي تھ تنھنجي پيرن ۾ پيا آھيون. ڪيو ٿس ڪو ميڪ اپ، تون سمجھين نھ پيو. منھنجي چوڻ جو مطلب اھو ھو تھ قرآن جو قسم تھ ڇوري سڄي ساري سون کاڻ آھي. توکان ڪيھي لک، الله جو سنھن تھ اڃان ڪنوارپڻي جو ڪو ڌاڳو بھ نھ ڇڳو اٿس. اعتبار نھ اچئي تھ سڄي رات پيو تنبير جيان وڄايو ٺڪيو ٺوڪيو جانچي ڏسجانس. مون ھن کي وڏيرن ۽ سؤ روپين وارن گراھڪن لاءِ تاتيو ناھي. آواز ٻڌئي، ناچ ڏٺئي. ٻڌاءِ، آھيس ڪا ڪاڻ؟ ڪيئن بھ ڪري مون کي ڇوري چوٽ چاڙھي ڏي.“
”ڪاڻ ڪانھيس تھ پوءِ منھنجو مٿو ڇو پئي کائين؟“
”نھ، تون رڳو سڃينس تھ سون ٿي پوي؟“
”تھ پوءِ اھا سودي بازي ڇو پئي ڪرين؟ چيم نھ تھ ڇوريءَ کي فنڪار بڻائڻو اٿئي تھ پوءِ ڇوڪريءَ تان ھٿ کڻي ڇڏ، آھو پلي ڇڏ. ھاڻ ھيءَ چڪلي ۾ نھ رھندي.“
”ڇا مطلب؟!.....“ نوران ٻائي جي ڄن ديھ ڌبي ٿي پوي. ھوءَ اکيون ڇنڀڻ کان سواءِ فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي.
”ايئن سمجھھ تھ جيڪو نواب يا سردار، چڪلي ۾ عياشيءَ لاءِ قوم جو رت ست چوسي، ڌيءَ کي سون جي کاڻ سمجھي، سدا لاءِ پان سان گڏ ويڙھين ۽ ولھارن ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ آيو آھيان. ٻڌاءِ، منظور اٿئي؟....“
”نھ نھ!.....“ ٻائي وڏي ٻوڏار ۾ اچي حيرت مان بي پرواھ فنڪار ۾ نھاريندي ٿي رھي.
۽ آسانت، اسڌ، اسرت، اٻاڻڪي ڇوريءَ ڪڏھن ماءُ ۽ ڪڏھن ان اڄاتل ماڻھو ڏانھن اوس ٿيو نھاريندي ٿي رھي. کيس ننڊ کان اوٻاسيون پيون اچن، پر مجال آ جو کن پل ننڊ جھوٽو ھڻي. ننڊ بھ پرائي وس. کيس تھ اھا بھ ڪل ڪانھين تھ سون کاڻ ڇا ٿيندي آھي؟ ڪير ڪنھن کي چڪلي ۾ گروي رکي ويو، مامرو ڪھڙي ڳالھھ تان متو آھي؟ ماڻس تھ ڪنھن ۾ اک ڪانھ ٻوڙي، پر ھن اڄاتل ماڻھوءَ آڏو ايڏو جھيڻو ڇو پئي ٻولي؟ ھن ماڻھوءَ وٽ آھي ڇا!....... کن لاءِ ھوءَ ان ماڻھوءَ م نھاريندي ٿي رھي. ننڊاکڙن نيڻن ۾ ٻالاپڻ جي ٻوڪ سان ۽ پوءِ جيئن ھوءَ سدائين گراھڪن آڏو نچي نچي، ننڊ کان چور ٿي سمھي پوندي آھي، تيئن ھوءَ سراڻو کڻي، وچ ۾ پيل غاليچي تي سيراندي رکي، ليٽي ٿي پوي ۽ ننڊاکڙن نيڻن سان ڪڏھن ڪڏھن ان ماڻھوءَ ۾ چور نيڻ سان نھاري ٿي وٺي.
”ٻائي، گڍڙين ۾ ڇو پئجي وئي آھين، جواب ڇو نٿي ڏين؟“
”ڇا سدا لاءِ؟“
کن لاءِ فنڪار اسڌ، اسرت ڇوريءَ جي ڍڪيل ليٽيل ديھھ ۽ ننڊاکڙن نينن تان نيڻ ھٽائي ڏاڍي ارڏائي ۽ گھرائي مان نورا ٻائيءَ ڏانھن نھاري ٿو ۽ ڪروڌ مان نئون سگريٽ دکائي تيلي وسائي ٿو:
”ھا – سدا لاءِ.“
”نھ..... اھا تھ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ آھي.“
”ٻيو تون ڇا ٿي سمجھين؟ فنڪار ٿيڻ سولي ڳالھھ آھي. ٻڌاءِ ٻائي، تون ڇا ٿي سمجھين تھ ڪالو خان تبلو وڄائيندو، راڻي نچندي، اھو فن يا آرٽ ٿي ويندو؟ جي اھو فن آھي تھ پوءِ وڏن وڏن ميڙن ۾، سرگسن جي اسٽيج مٿان زنانا ڪپڙا پائي سڀ ناچو ڇورا فنڪار ٿيا يا نھ؟ ٻڌاءِ، ان ناچو ڇوري ۽ پاڪستاني ايڪٽريسن جي ناچ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟..... ٻائي، جيئن اھي ڇوڪرا ڇوريون ناھن، تيئن اھو فن بھ فن نھ آھي. سمجھيئي؟ ٻڌاءِ ڪھڙو تبلائي آھي، ڪھڙي راڻي ٻائي آھي، جنھن جو آواز ڪنور ڀڳت يا جيوڻي ٻائيءَ جي آوازن جيان لکين پابندين کان پوءِ بھ ڄڻ آواگون جي پولارن پاتارن مان ايندا ھڪن. اڄ تائين ڪير روڪي سگھيو آھي انھن ازلي آوازن کي؟ موت تھ ڪا شيءِ ڪانھين. فنڪار...... فنڪار ٿيڻ ڪا ٻارن جي راند ڪانھين.“
”تھ پوءِ ٻڌءِ تھ ڇا ڪريان؟“
”چيم نھ، ڇوري تان آھلو پلي ڇڏ. آئون ھن کي پاڻ سان گڏ کيرٿر، ھارھو، مڻي، ھنگلاج، ڀڳو ٺوڙھو، پٻ، چوھڙ، ھالار، ڪانڀو ۽ ڪارونجھر جا پنڌ ڪرائيندس. آئون ھن جي ھٿن م چمٽو ڏئي، ھن کي بيراڳڻ بڻائي، وستي وستي، واھڻ واھڻ، ٿر بر گھمائيندس. ھيءَ نگري نگري، واھڻ واھڻ ڳائيندي، نچندي، ناٽڪ ڪندي، منڊليون رچائيندي ويندي. ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلمن جون مشينون پانمرادو ھن جي ڪشش ۾ ڊوڙنديون اينديون. آئون ھن کي انھن پھارن مٿان، ايترو مٿي اڇلائيندس جو ھي ڪئميرائن ڏانھن مڙي نھاريندي بھ ڪانھ. سمجھيئي؟....“
ٻائي جي اکين ۾ چمڪو اچي ويو:
”پر جھنگلن جا ايڏا رولاپڙا ۽ ڪشالا ڇو؟ اھا سکيا تھ تون ھن کي حيدرآباد يا ڪراچيءَ جي ڪنھن وڏي بنگلي ۾ بھ ڏئي سگھين ٿو.“
”ٻائي، ڳالھائين ڪنھن سان پئي، ڇا سمجھيو ٿئي مون کي؟ ڇا ڀڙوو؟؟.....“
فنڪار جي اوچتيءَ رڙ سان ٻائي جي لئون لئون ڪنبي ٿي وڃي. ڪچي ننڊ ۾ وھاٽيل ڇوري بھ جاڳيو پوي. ڪروڌ ۾ آيل فنڪار کن لاءِ وسڪيءَ جا وڏا ڍڪ ڀريندو، ھوريان ھوريان ماٺو ٿيندو ٿو وڃي: ”سھونھن بنگلو، ٻڌاءِ نھ، پوءِ ھيءَ ڏڪاريل ڍاٽڻ عورت جو ڪردار ڪيئن نڀاھي سگھندي؟ ٻڌاءِ، سڪارئي ڪارونجھر ۾ مورن جا ازلي ناچ ڏسڻ کان سواءِ، ھيءَ نرت ڪلا کي ڪيئن پرکي سگھندي؟ ڏڪارين ڀٽن ۾ ڀٽڪڻ کان سواءِ ھن جي نڙي ۾ اڃايل مورن واري رڙ جي پيڙا ڪيئن گھلي سگھندي؟ ڪيئن نڪرندي سندس نڙي مان ڪوئل جي ڪوڪ؟ ٻائي، فن ڌرتي جي امانت ھوندو آھي. ان لاءِ تھ فن کي ڌرتي جا ڏک ۽ ڏولا ئي جنم ڏيندا آھن، نھ تبلا ۽ گھنگھرو. فنڪار ٿيڻ لاءِ تھ وڏا چلا ڪڍڻا پوندا آھن. ٻڌاءِ ڌيڻھين ميران ديويءَ کان ڪا وڌيڪ پاڪ پوتر، حسين، ڪومل ۽ نازڪ آھي ڇا؟.....“
ٻائيءَ جا واڄٽ وڄي ٿا وڃن. ھن جي ٻڌڻ جي شڪستي ڀسم ٿيو وڃي:
”پر اھو تھ ڏاڍو جان جوکم جو ڪم آھي، اسين چڪلي جا ماڻھو ڇا ڄاڻون انھن ڪمن مان!“
”تھ پوءِ سڪڻ جون سڌون ڇو ٿي ڪرين؟ چڪلي جي آھين تھ چڪلي ۾ رھ، حدون اورھانگڻ جي ڪوشش نھ ڪر.“
کن لاءِ بنھي جي وچ ۾ موت جي ماٺار پئدا ٿيو وڃي، پر ان کان پھرين جو فنڪار گلاس خالي ڪري، اٿي ھليو وڃي، ٻائي ڏاڍي چالاڪيءَ سان سندس ڪلاس ۾ وسڪيءَ جا ٻيڻا ٻاڻ ڀري ٿي ڇڏي ۽ فنڪار جي چپن ۾ آيل نئين سگريٽ کي لائيٽر سان دکايو ڇڏي ٿي ۽ پاڻ بھ مقابلي لاءِ وسڪيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون چسڪيون ڀريندي ٿي رھي. فنڪار وڏي ڪڙيءَ ڳيت سان ڍڪ ڏوگھي ٿو وڃي ۽ جادوھاڻين اکين سان ٻائيءَ ۾ نھاريندو اونھو ٿڌو ساھ ڀري ٿو.
”ٻائي، ڏاڍي اٻوجھھ آھين جو چڪلي ۾ رھي بھ نيري ستارن ڀريل سرڳڌام ۾ جايون جوڙڻ ٿي گھرين ۽ آئون بھ وڏو گڏھ آھيان..... چڪلي ۾ فن ڳولھڻ آيو آھيان.... چڪلي ۾!........ چڪلي ۾ سرگسي پنڊالن تي نچندڙن ڇورن جي ناچ واري دلبي جيان، ڪوڙي سونھن کان سواءِ ٻيو آھي ڇا؟.......“
ٻائي واساما کائيندي فنڪار ۾ نھاريندي ٿي وڃي تھ ڪھڙي ماڻھو سان پلئھ اڙيو اٿس. فنڪار جي اکين جي جوھر جو تيج جيئن پوءِ تيئن تکو ٿيندو ٿو وڃي. چڪلي ۾ ڄائي ھئي ٻائي، تنھن کان ڇوري ڇڏائي وڃي، اھو تھ ڪنھن ڪتاب ۾ لکيل ڪونھي. ٻائي پنھنجي اکين جا ڪامڻ تکا ڪندي ٿي وڃي.
وڏي ڳيت سان فنڪار وري ڀڻڪي ٿو:
”ٻائي، تون بھ تھ وڏي کڙپيل آھين، ساري ڄمار چڪلي کي ڏني اٿئي، ٻڌائي سگھين ٿين تھ سونھن آھي ڇا؟....“
ٻائي رڳو فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي. ھوءَ ان سوال جي جواب کان ڪوري ۽ ڪوجھي آھي. فنڪار وري ڀڻڪي ٿو:
”ڇا ٻھڪندڙ ڳورا ڳورا لڱ؟ سون سمان تجلا ڏيندڙ گول گول ارھن جا قبا؟ ڀنؤر اکيون؟ ڳاڙھا ڳل، اڀريل پولھھ، لسڙا ٿڙھا يا ڪين ڊگھيون ڊھيون ملين ڊالر ڄنگھون؟ آخر سونھن آھي ڇا؟ جيڪا ماڻھن کي ايئن پاڳل بڻايو، منجھايو، ماريو ڇڏي!....“
ٻائي لاجواب ٿيو فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي. ھوءَ محسوس ڪري ٿي تھ ھوءَ بنھھ کوکلي آھي، ڪوري مٽ جيان ٺٺ خالي:
”ڇو، منھن ڇو لاٿو اٿئي؟ اڃان تھ تون جوپ لڳي پئي آھين. اٿي، آئون توکي ٻڌايان تھ سونھن ڇا آھي، ڪٿي آھي؟......“
ٻائي سچي بھ ڄڻ سندس ڪشش ۾ اچيو وڃي. فنڪار جي شاھد آنڱر سندس پيٽ تان، گول دائرا بڻائيندي، سندس امدر مان ٿڌڙا ڪڍندي، اوچتو برف جيان سندس دن ۾ پيھي سندر اندر ۾ باھيون پئدا ڪري ٿي ڇڏي.
”ٻائي، ھانو تي ھٿ رکي سچ سچ ٻڌاءِ تھ تون سونھن وڃائي آھي؟“
”نھ....... نھ......“ ٻائي کان دانھن نڪريو وڃي.
”ٻڌاءِ، پوءِ ڇو مانھو توکي ڇڏي، تنھنجي اڻ سمايل ڌيءَ پٺيان ڇتن ڪتن جيان پيا ڊوڙون پائن؟“
مون کي خبر ڪانھين!......“ ٻائي وگھرجي روئڻھارڪي ٿيو وڃي.
”ٻائي، آئون توکي ٻڌايان سونھن ڇا آھي. مٺو آواز ڇا ۾ آھي، حسين عورت جي ڊگھي ڊگھي ڳچيءَ ۾، نڙي ۾ يا ڪاني جي نڙانڍيءَ ۾، نڙي، نڙ، نڙانڍي، ھٿ، ڪرايون، آنڱريون، سڀ جدا جدا شيون آھن. تو ڪڏھن پرھ ويلا ۾ چنڊ جو آواز ٻڌو آھي؟ فن جي دنيا ۾ ھي ويلا ڪنھن حسين رنڊيءَ جي نھ، مائي ڀاڳيءَ جي آھي، جنھن جا آواز پرڏيھي پکين جيان ڍٽن ۽ ڀٽن مان ايندا آھن. ھي ويلا تو نوران ٻائي جي نھ، مائي نور بانو جي آھي، جيڪا واھڻن جي ڄائي ۽ ٿوھرن جي نپائي آھي. ڪڏھن اھا سٽ ٻڌي اٿئي: ”منھنجي مٺڙن مارن تان، ڪڪر ڇانءُ ڪجان، جھڙ جي جھول ڪجان“ ٻائي تنھنجي يا تنھنجي ڌيءَ جي آواز ۾ اھا جڳن جي اسات لوڇ، ٻلڪار ۽ پيڙا ڪٿي، جا ڪڪرن جا ڪنڌ ڌوڻي، آسمانن کي روئاري ڇڏي. ان امرتا آڏو سونھن ڪا شيءِ ناھي. سونھن تھ ٻرندڙ گھرندڙ ميڻ آھي، جا ڀسم ٿي ويندي آھي. ٻائي، يقين ڄاڻ تھ تون جسماني طرھ ھينئر بھ اوتري ئي حسين آھين، جيتري ڏھ سال اڳي. تو ويچاري کي ڪھڙي خبر تھ آئون جي ھينئر توکي ننگو ڪري تنھنجو پورٽريٽ ٺاھيان تھ اھو موناليزا جي تصوير جيان سدا لاءِ امر ٿي وڃي، پر تون...... تون ڏھن روپين جي نوٽ ۾ ڏھ ڀيرا ننگو ٿي سگھين ٿي، پر پورٽريٽ لاءِ ڪنھن ملھھ ڪنھن قيمت تي بھ نھ. ان لاءِ تھ تون تھ ويچاري سڌڙي سادڙي سٻاجھڙي رنڊي آھين، توکي ڪھڙي خبر تھ پورٽريٽ ڪھڙي بلا جو نالو آھي؟.....“ کن لاءِ فنڪار ڏاڍو دکي ٿي وڃي ٿو ۽ ٻائي جو سڄو اندر ڄڻ فنڪار جي آنڱر جي ڇھاو سان سراپجندو، ٿوٿرجندو، انگھندو ٿو وڃي. ھوءَ فنڪار جي اکين جو تاءُ نھ جھلي، سندس ٻانھن ۾ ڍرڪندي، انھلندي ٿي وڃي.
”مھڻا ڇو پيو ڏين؟ ڪنھن جھليو آ توکي تھ مون کي ننگو نھ ڪر؟....“
”ننگو!....“ فنڪار ڇرڪي ويتر دکي ٿي، ٻائيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. لڳاتار نھاريندو.
”نھ..... نھ...... اڳي گھٽ ماڻھو توکي ننگو ڪندا رھيا آھن جو ھاڻ ائون بھ توکي ننگو ڪريان؟.... مون ۾ ڪنھن عورت جي ديھھ تي ٻولي لڳائڻ جي شڪتي ڪانھي، ان لاءِ تھ مون کي خبر آھي تھ عورت جي ديھھ جي نيلام جي قيمت چڪائڻ لاءِ ڌي چڪلي ۾ ڳھي رکڻي پوندي آھي. ٻائي ٻڌاءِ، ايئن آھي يا نھ؟ ٻڌاءِ ھيءَ ڇوري انھيءَ ڏي وٺ، خريد فروخت جو ڦل آھي يا نھ؟.....“
ڀائي ڍڪرن ۾ اچي پھرين فنڪار ۽ پوءِ ننڊ ۾ الوٽ ڌيءَ ڏانھن نھاري ٿي ۽ لڳاتار نھاريندي ٿي وڃي:
”ھا ائين آھي.....“ ٻائي روئڻھارڪي ٿيو وڃي ۽ فنڪار ھڪ ئي ڳيت سان گلاس خالي ڪريو ڇڏي.
”ٻائي، شايد...... مون تنھنجو الاھي وقت برباد ۽ پنھنجو سجايو ڪيو. شايد منھنجو وڙاؤ توکي اڳرو لڳيو ھجي. ڀل لڳو ھجي، آئون ان جي پرواھ نھ ڪندو آھيان. ان لاءِ تھ آئون ماڻھن جي اندر جي پولارن پاتارن جا ڳجھھ ڳوھھ ڳوليندو ۽ کوليندو آھيان. تون ڇا، تنھنجي ڌيءَ ڇا، تنھنجي ايندڙ زمانن واريون پڙ پوٽيون، ڏھٽيون بھ پيار ڪنديون. پوءِ ڀل اھي چڪلن ۾ نپجن ڪين محلن ۾، نيٺ ھي چڪلائي، ڪڏھن تھ چڪلا ختم ڪندا.... چڱو، موڪلاڻي.“
فنڪار اونھي گھري ڏکويل ساھ سان اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ کن لاءِ غاليچي مٿان اسڌ، اسرت، ٻالاپڻ جي ٻوڪ ۾ ستل ڇوري ڏانھن نھاري ٿو. کن لاءِ کيس سچي بھ ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ سندس سامھون ننڍڙي لاڪي وارن ديون پرين وارين ڪھاڻين واري، سون ولات جي شھزادي ستي پئي آھي. پڙن مٿان، سونا پڙ چڙھيل. کن لاءِ ھو ڏانوڻجيو وڃي. پوءِ ھو تڪڙو نڪري وڃڻ لاءِ ھيٺ ڏاڪڻ ڏانھن وڌي ٿو.
”رات رھي پوين ھا......“ نوران ٻائيءَ جي آواز ۾ ڪنھن بھ قسم جو فريب يا دولاپ ڪينھي.
”نھ، مھرباني.....“
”ڀلا ڪڏھن اچڻ جو وڙ ڪندين ڪين؟.....“
”الائي، مون کي ڪابھ خبر ڪانھي تھ ھاڻ آئون ڪيڏانھن پيو وڃان؟“
”ٻڌ، دليان پئي چوانءِ، منھنجو تن من تو لاءِ آھي. آئون تھ تنھنجي پرپٺ جي عاشق آھيان. جڏھن دل چوئي، ھليو اچجانءِ، اصل بي ڌڙڪ......“
فنڪار ھڪ ٻھ ڏاڪا لھي ويندي، مڙي ڏاڍي ڏکويل مرڪ سان نوران ٻائي ۾ نھاري ٿو ۽ ڏاڪڻ ھيٺ لھي، چڪلي جي گھٽين ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
سونا پڙ ۽ ڪارا جھڙ
علي بابا

20/04/2022

‏“The supreme art of war is to subdue the enemy without fighting.”
”دشمن مٿان بغير ويڙهه جي فتح حاصل ڪرڻ ويڙهه جو عظيم فن آهي.“

(سن زو، ويڙهه جو فن،
Sun Tzu, The Art of War)

07/04/2022

‏امام جعفر صادق علیہ السلام :
"اپنی خواہشات سے اُسی طرح ڈرو، جس طرح تم اپنے دشمنوں سے ڈرتے ھو کیونکہ لوگوں کیلئے اُن کی خواہشات سے بڑا کوئی دشمن نہیں ھے"
(بحار الانوار، ج: 70، ص: 82)

20/03/2022

Sheikh Ayaz ❤

20/03/2022

‏تُنهنجي ڪچڙي وهيءَ جو قسم آ پرين !
تُنهنجي ٽهڪن تي بادل به برسيو پَون.

او ڀٽائيءَ جي بيتن جيئان ڇوڪري !
جي تون ٻولين ته ڪُونجيون به ڪُرڪيو پَون.

تون ته معصوم گلڙن کي موهيو وجهين،
ٿي جتان پڻ لنگهين، هو ٿا نوِڙيو پَون.

چمن آر ٿري

31/01/2022

‏”جيڪڏهن توهان پنهنجي درد جي باري ۾ خاموش آهيو، تہ هو توهان کي ماري ڇڏيندا ۽ چوندا توهان تہ وڏو لُطف ورتو.“
(زورا نيل هرسٽن)

31/01/2022

‏نهرو لکيو آهي ته .........
نينيتال جيل ۾ جيڪا مونکي سَڀِ کان وڌيڪ تڪليف آئي سا اِھا ھئي ته مان ڪنهن به ٻار جي روئڻ جي جلترنگ جو آواز ٻڌي ڪون سگهندو هُيس ، مصوم ٻار جو روئڻ جيڪو ڪائنات جي تسلسل ۽ انسانيت جي شاندار مستقبل جي علامت آهي

30/01/2022

ھو خدا جي تخليق جو ھڪ مھڪندر گلاب آھي
ھو جيڪا "گيتا" جي ورقن جيان پويتر آھي❤
آفاق باگراڻي

30/01/2022

‏آريسر جا لفظ اڄ به منھنجي ذھن تي ڪارونجھر جي چوٽي تي ڪنھن ٿري رقصان جي پيرن ۾ پاتل پايل جي جھنڪ وانگي رقصان نظر ايندا آھن.
آفاق باگراڻي

30/01/2022

"تون اوھو شخص آھن, جنھن جي ساقي ٿيڻ تي بوتل رقص ڪندي آھي"

‏تون اوھو شخص آھن, جنھن جي ساقي ٿيڻ تي بوتل رقص ڪندي آھي.
جڏھن جام جي مٿان جام پئيندو ٽھڪندو آھن, مونکي ڪنواري ڇوڪري جي, مرڪ جيان لڳندو آھن.
تنھنجي ھٿن ۾ گلاس اھين جھمندو آھي,
جئين ڪا پڊمڻي محبوب جي ھٿن کي چمندي آھي.
جڏھن شراب ۾ مست ٿي باغي کي پرھندو آھن,
ته تنھنجو لھجو مونکي بلاول جي گھاڻي ۾ ڪٽجڻ جي آواز ياد ڏياريندو آھي
تون اوھو شخص آھن, جنھن جي ساقي ٿيڻ تي بوتل رقص ڪندي آھي.
آفاق باگراڻي

30/01/2022

ھو جيڪا "گيتا" جيان مقدس آھي,
جنھن جي آيتن ۾ خدا حسين آھي.❤
آفاق باگراڻي

18/12/2021

‏مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ!
رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ؛
وِماسِيا جِن ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تِنِ هِنئون.
‎ #شاھ

17/12/2021

جڏهن منهنجي لفظن جي مس سڪي ويندي، مان وري خالي صفحو ٿي ويندس.

15/12/2021

‏ڪوئي مسجد ڪوئي مندر
ڪوئي مڙهي مڪان ڏي
مذهب وارو ڇڏ مونجهارو
موٽي اچ انسان ڏي

اختر درگاهي

10/12/2021

ڪاميابي جو مطلب آهي انهن ماڻهن کي ختم ڪرڻ جيڪي توهان جي ترقي کي روڪيندا.

10/12/2021

هر وقت جڏهن توهان ڪنهن تي مسڪرايو، اهو پيار جو عمل آهي، ان شخص لاء هڪ تحفو، هڪ خوبصورت شيء آهي. ▪︎ مدر ٽريسا

09/12/2021

هر ڪو سمنڊ جي وسعت چاهي ٿو، پر ان جي لهرن کان ڊڄي ٿو.

27/11/2021

ڪڏهن ڪڏهن توهان کي ڪنهن لمحي جي قيمت جي خبر نه پوندي جيستائين اها هڪ يادگيري بڻجي وڃي♥️

27/11/2021

ڪجھ خيال آھن جن کان توھان پاسو نٿا ڪري سگھو ۽ ڪجھ جذبات آھن جن کان توھان انڪار نٿا ڪري سگھو ♥️ مٺي رات جا خواب ڏسندڙ🌙🌟

27/11/2021

اهڙيءَ طرح مسڪرايو جو سڀ پريشانيون ڇڏي وڃڻ جو فيصلو ڪن..... 💓

27/11/2021

اسان جي ذهن کي ترقي ڪرڻ لاء، اسان کي تمام گهڻي سطح تي ڏسڻ گهرجي. خوشيون، خوشيون هر ڪو ڳولي ٿو، پر ٻاهران، پئسو، طاقت، وڏي ڪار، وڏي گهر کان. گهڻا ماڻهو ڪڏهن به خوشيءَ واري زندگيءَ جي آخري ماخذ تي گهڻو ڌيان نه ڏيندا آهن، جيڪو اندر آهي، ٻاهر نه.

27/11/2021

ڪاوڙ ۽ جارحيت ڪڏهن ڪڏهن حفاظتي نظر اچن ٿا ڇو ته اهي هڪ خاص صورتحال کي برداشت ڪرڻ لاء توانائي آڻيندا آهن، پر اهو تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اها توانائي انڌي آهي. مختلف زاوين ۽ نقطي نظر کان شين تي غور ڪرڻ جي قابل ٿيڻ لاء هڪ پرسکون ذهن وٺندو آهي.
آب

27/11/2021

جيڪڏهن اسان مسلسل ڪوششون ڪيون، مناسب تعليم جي بنياد تي، اسان دنيا کي تبديل ڪري سگهون ٿا. اسان خود غرض آھيون، اھو قدرتي آھي، پر اسان کي عقلمنديءَ سان خودغرض ٿيڻو پوندو، بيوقوفيءَ سان خود غرض نه. اسان کي پاڻ کي ٻين جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، اهو ئي طريقو آهي عقلمنديءَ سان خودغرض ٿيڻ جو.

25/11/2021

اهو سڀ ڪجهه آهي جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رستي کان ٻاهر نڪري وڃي صرف انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته توهان مسڪرايو

25/11/2021

انهن شين سان وفادار ٿيڻ بند ڪريو جيڪي توهان جي ذهن جي سڪون کي برباد ڪن.

24/11/2021

مصيبت ختم ٿيندي آهي جڏهن توهان محسوس ڪندا آهيو ته هر تجربو توهان کي سيکارڻ لاءِ ٿي رهيو آهي، توهان جي صلاحيتن کي تيز ڪرڻ ۽ توهان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ته ڇا شفا جي ضرورت آهي.

24/11/2021

اسان اڪثر ڪري چونڊيندا آهيون پاڻ کي ڄاڻي واڻي حقيقت کان انڌو ڪرڻ. اسان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ٿا، ۽ ائين ڪم ڪريون ٿا جيئن شيون نه ٿيون ٿين، تنهنڪري اسان جي حقيقت جي جوڙجڪ سان سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ڪوڙ هميشه اسان کي نقصان پهچائي ٿو، جيتوڻيڪ جڏهن اسان انهن کي پاڻ کي ٻڌايون ٿا.

24/11/2021

اندروني سڪون ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن توهان چونڊيو ٿا ته ٻاهرين ادارن کي توهان جي جذبات تي ضابطو آڻڻ جي اجازت نه ڏيو.

24/11/2021

جڏهن توهان ڪائنات کان ڪنهن شيءِ لاءِ پڇو، توهان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته توهان وٽ اڳ ۾ ئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان کي ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ شڪرگذار محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي.

20/11/2021

مستقل مزاجي، نظم و ضبط ۽ توجهه زندگيءَ جي سڀني سٺين شين جي ڪنجي آهي.

20/11/2021

جيڪڏهن توهان معاف ڪري سگهو ٿا ته توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا، جيڪي نٿا ڪري سگهن، پاڻ کي ماضي جي دردن کي ٻيهر ڏيڻ جي مذمت ڪن ٿا.

20/11/2021

ٻارن کي غور ڪرڻ سيکارڻ، انهن جي وجدان تي ڀروسو ڪرڻ ۽ انهن جي احساسن کي محسوس ڪرڻ هڪ انقلابي عمل آهي.

16/11/2021

وقت هڪ درياهه وانگر آهي جيڪو واقعن مان ٺهيل آهي، ۽ هڪ تشدد وارو وهڪرو؛ ڇالاءِ⁠جو جيئن ئي ڪا شيءِ ڏٺي ويندي آھي، تڏھن اھا کڻي ويندي آھي، ۽ ان جي جاءِ تي ڪا ٻي ايندي آھي، ۽ اھا بہ کڻي ويندي آھي.
آب

16/11/2021

توهان جي زندگي جو معيار برابر آهي انهن سوالن جي معيار جي برابر آهي جيڪي توهان پاڻ کان پڇندا آهيو.
آب

16/11/2021

اهي توهان کي پار نٿا ڪري سگهن جيڪڏهن اهي توهان جي رستي کي نٿا ڄاڻن.

16/11/2021

توهان کي پهريون تاثر ڏيڻ جو ٻيو موقعو ڪڏهن به نه ملندو.

15/11/2021

پنهنجي ذهن ۾ اهڙيون مشڪلاتون پيدا نه ڪريو جن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هجي ۽ قيمتي وقت ضايع ڪريو.

Address

Matli
72010

Telephone

+923033035753

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GM Publication posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to GM Publication:

Videos

Share


Other News & Media Websites in Matli

Show All