Awami News Matiari

Awami News Matiari Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Awami News Matiari, Media/News Company, Matiari.

06/11/2023

مٽياري رپورٽ اشرف شاھ
مٽياري لڳ ڳوٺ پليو خان جسڪاڻي ۾ والده محترم ۔عباس علي چانڊيو جي ايصال ثواب جي مجلس منعقد ڪئي وئي

30/10/2023

مٽياري رپورٽ اشرف شاھ
درگاه سيد لطف عـــلي شاه المعروف (درگاه شھيد )
تي عظيم شان يارھين شريف جو پروگرام فقيـــر نيـــازعلي سوھو ڪرمي جي اڳواڻي ۾ ٿيو مھمان خاص پيريطريقت رھــــبر شريعت قبلا علي شير سرھندي صاحب درگاه آغا عبدالررحيم سرھندي وڏيرو ديدار علي سوھو حضرت علام و مولانا خليفا اعجاز احمد ڪنڀار ڪرمي فقيــــر شاھد حسين ڪرمي فقيــــر عاشق حسين حسين سيال ڪرمي علام محمـــد عمــر بروھي مولوي حيببب الله سھتو مولوي محمـــد فصيل خاصخيلي جان عالم خاصخيلي محمود خاصخيلي وسيم اڪرم خاصخيلي عبدالرشــــــيد خاصخيلي
حاجي محمد عرس خاصخيلي محمــــد عامــــر ٽڳڙ سليمان خاصخيلي رئيس پيارو خان کوسو۔خصوصي شرڪت ڪئي۔آخر دعا پڙهي وئي۔عام لنگر تقسيم ڪيو ويو۔

27/10/2023

يارھين شريف جي سلسلي ۾ درگاھ پيرسرھندي کان ممتاز سماجي مذھبي اڳواڻ پير علي شير سرھندي اڳواڻيء ۾ شاندار ريليء جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ فقيــر نيازعلي سوھو فقيــر عاشق حسين سيال ڪرمي ٽي ايم او اسرار حيدر ميمڻ وسيم اڪرم خاصخيلي عبدالرشيد خاصخيلي محمد جواد سوھو حاجي محمد عرس خاصخيلي سميت وڏي انگ ۾ جماعت اھلسنت شرڪت ڪئي جيڪا شھر جي مختلف رستن چوڪن تان ٿيندي زين سي اين جي تي پھتي ـ جتي چيئرمين ٽائون ڪميٽي سيد حسن مرتظيٰ شاھ ڄاموٽ استقبال ڪيو ـ شھرين پاران مختلف جڳھن تي ريليء مٿان گل نڇاور ڪيا ويا

25/10/2023

مٽياري رپورٽ اشرف شاھ

محمد علي ميمڻ ۽ حبيب الله ميمڻ جي سس ۔حاجي عنايت الله ميمڻ جي ماسي ۽ عبدامجيد ميمڻ جي ناني 90 سالن جي عمر ۾ پليجاڻي م ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي ۔جنھن جي جنازي نماز ڳوٺ محمد علي ميمڻ ۾ ادا ڪئي وئي مرحومہ کي سيد شهمير شاھ قبرستان مٽياري ۾ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو ۔
ٻئي پاسي تڏو پليجاني لڳ محمد علي ميمڻ وڇايو ويو آھي ۔هن جنازي علائقي جي سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔،تعزيت جو سلسلو جاري آھي۔

24/10/2023

مٽياري رپورٽ اشرف شاھ بھترين ڪاروائي شاهپوردرپور پوليس جي ڪله رات شاه پور مان چوري ٿيل سولر پليٽون جي رڪوري ۔رات سليمان کٽياڻ مان چوري ٿيل مينهن واپس ۔
ايس ايڇ او اشفاق منگي۔ پيري مينجــــر لغاري ۔محمـــد بچل انڙ نيــــازعلي سوھو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن جون سرگرميون تيز ٿي ويو آهن۔امن امان کي قائم رکڻ لاء محنت ڪري رهيا آهن۔
رات سلمان کٽياڻ مان چوري ٿيل ميھن ٽنڊوالھيار جي حد مان برآمد مسلسل پوليس چورن جا پيرا کڻي۔ جيئن پوليس ويجھو پھتي ۔چور ميھن چڏي ڀڃي ويا۔ عوام جو چوڻ آهي ته ۔پوليس جون اهڙيون ڪوششون رهيون ت اسان سڪون ۽ آرام سان شهرن ۽ ڳوٺن رهي سگهنداسين۔

23/10/2023

مٽياري رپورٽ اشرف شاھ مٽياري لڳ پليجاڻي ۾ فسلطين جي عوام سان يڪجھتي لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔ ۔جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ موسو لڙڪو ۔ متحده مجلس عمل جي اڳواڻ سيد ارشاد شاھ ۔پي پي اڳواڻ عبدالجبار زرداري جي سڏ تي فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي ظلمن خلاف احتجاجي ريلي سيد حسن شاه پيٽرول پمپ تان نڪتي مرتظا چوڪ ۔مين بازار ۔اسٽيشن روڊ کان ٿيندي پريس ڪلب تي پهتي ۔
جتي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪيو ڳالهائيندي چيو ته اقوام متحده هجي يا عالمي انساني حقن جون تنظيمون هجن سڀني جو ڪردار فلسطين جي مظلوم عوام لاء تماشائي وارو رھيو آھي‚ اهي ڪڏهن به مسلمانن جون همدرد نه ٿيون ٿي سگهن۔ اسان مسلمانن کي متحد ٿيڻ جي اپيل ٿا ڪيون ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي اپيل ٿا ڪيون ته فلسطين جي حمايت ۾ اقوام متحده ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔هن مظاهري ۾ Stp جو اڳواڻ آصف لڙڪو۔علي محمد منگسي۔Mwm اڳواڻ سومار شاه۔دلمير چانڊيو۔زوار صادق سوهو ۔اداس سولنگي ۽ علائقي جي وڏي تعداد ۾ عوام شامل هئي

Address

Matiari

Telephone

+923009305670

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awami News Matiari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share