Awami Power News

Awami Power News حقيقت تي ٻڌل نيوز نيٽ ورڪ
https://youtube.com/?si=7KKkBTuiA8US0Jbn

27/12/2024

دنيا جي عظيم ليڊر جمهوريت لاءِ شهادت ماڻيندڙ
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 17هين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

*پاران:رئيس لھڻو خان بليدي ايڪس ضلع ڪائونسل ميمبر ۽ ايڪس ناظم يوسي لعلورائنڪ ضلع قمبر شهدادڪوٽ*

17/12/2024

لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ علاج لاءِ آيل 12ساله نينگر کي هٿياربندن سندس ماءُ جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار موقعي تان فرار، مقتول جي ماءُ پٽ جو لاش پنھنجي هنج ۾ ڪري اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي زاروقطار روئيندي رهي.
اطلاع باوجود سول لائين ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪلاڪ بعد جاءِ واردات تي پهتي.

16/11/2024

لاڙڪاڻي ۾ مسلسل بدامني جي باهه ڀڙڪيل، چوريون ڦرون ڌاڙا ۽ قتل عام روز جو معمول بڻجي ويو.
اڄ صبح سوير دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي ٽاور وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪرياني جي دوڪاندار نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن موقعي تان فرار ٿي ويا.

05/11/2024

ميهڙ ۾ ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪري پورهيت جي معصوم پٽ جو نفس ناڪاره بڻائي ڇڏيو، متاثر نينگر جي والد جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج، اعليٰ اختيارين کي انصاف جي اپيل

05/11/2024

لاڙڪاڻو: وليد ٿاڻي جي حد ۾ قائم المدينه ايل پي جي شاپ مالڪ کان هڪ مهيني اندر ٽيون ڀيرو ڦر، پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس ،متاثر جو احتجاج ڦر واپس ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو.

05/11/2024

*لاڙڪاڻو: دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٻٽو قتل، ڊي آئي جي پي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، لاڙڪاڻو پوليس طرفان واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*

02/11/2024

لاڙڪاڻو:حيدري ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي حسن مغيري جي اڳواڻي ۾ پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروايون، چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فونز برآمد

31/10/2024

لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو، ڏوهاري عورتن کي به ڦرڻ لڳا، پوليس انتظامیہ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل

گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو، عورت مارجي وئي، 5 زخمينوري آباد: نوري آباد ۾ ڪار جي سلينڊر ۾ گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو، عورت مارجي وئي، 5...
29/09/2024

گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو، عورت مارجي وئي، 5 زخمي

نوري آباد: نوري آباد ۾ ڪار جي سلينڊر ۾ گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو، عورت مارجي وئي، 5 زخمي
نوري آباد ۾ ڪار جي سلينڊر ۾ گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو ٿيو، عورت مارجي وئي، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا
سي اين جي اسٽيشن تي ڪار جي سلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران ڌماڪو ٿيو، عورت جو لاش ۽ زخمين کي نوري آباد ٽراما سينٽر نيو ويو

26/09/2024

*لاڙڪاڻي مان امن جو پکي اڏامي ويو، چوريون ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل، پوليس انتظامیا امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل*

23/09/2024

*خيرپور پل وٽ ڪارسوار نامعلوم جوابدار ڪار جو ٽڪر هڻي لاڙڪاڻي جي صحافي اي حميد شيخ جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ماري ڇڏيو.*
لاڙڪاڻو _خيرپور پل وٽ لانڊي ٿاڻي جي حد ۾ ڪار سوار نامعلوم جوابدارن جو ٽن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، ڪار سوارن پيءُ پٽ چيڀاٽي ٿڏي تي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.جن مان ٻن عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي دوران ڀرسان چوڪي تي بيٺل پوليس ڪار سميت جوابدارن کي پڪڙي بعد ۾ ڪار ۾ ويٺل جوابدارن کي فرار ڪرائي ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڳوٺاڻن احتجاج روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون بيهجي ويون، فوتين جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافي اي حميد شيخ جي ڀاءُ بشير شيخ ۽ ڀائٽي راشد احمد شيخ طور ڪئي وئي جيڪي پيءُ پٽ آهن. جڏهن ته زخمين ۾ الله بخش مغيري ڳوٺ واسي عيدن مغيري عبدالله جتوئي ۽ ٽي عورتون شامل آهن. ڌرڻو لڳاتار 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن بعد ايس ايڇ او طرفان ايف آئي آر داخل ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ۽ لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

22/09/2024

لاڙڪاڻو پوليس جا اھلڪار رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار، وليد ٿاڻي تي ڪيس داخل

ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو طرفان ڏوهن تي ظابطو آڻڻ لاءِ جوڙيل اينٽي آرگنائيز ڪرائيم فورس جا اھلڪار وردي ۾ لڪيل ڌاڙيل نڪري پيا.

19/09/2024
19/09/2024

لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد يوسف آباد محلي مان 2 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿي ويل 16 سالہ نشا خاتون عرف ثمن جي بازيابي لاءِ سندس والد رٽائرڊ فوجي اشتياق مھيسر پنهنجي گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو٠

19/09/2024

کراچی کے کاروباری شخصیات شہری افتخار مسعود نے پریس کانفرنس کرتے ہوئے کہا ہے کہ مجھے سپریم کورٹ سے ملے ہوئے آڈر کے مطابق روٹ پرمنٹ ہے جس پر رکشہ چلائیں جاتے ہیں. کافی عرصہ سے ہمارے روٹ نمبر 11 جو ناگن سے لاسی گھوٹھ تک کا ہے اس پر کچھ بلیک میلر رکاوٹ ڈال رہے ہیں. اور مختلف سازش کر کے بلیک میل کرنے کی کوشش کر رہے ہیں. ایوب گوٹھ میں چند بھتہ خورو نے ایک جعلی ویڈیو بنا کر سوشل میڈیا پر ڈال دیا ہے جس کی وجہ سے میری شخصیات کو نقصان پہنچا ہے. یہ ویڈیو جھوٹ پر مبنی ہے . میرا اعلیٰ حکام سے مطالبہ ہے ایسے فراڈی لوگوں کے خلاف فوری طور پر قانونی کارروائی کی جائے.

مزید ویڈیو بیان

کارسازحادثہ، منشیات کے مقدمہ میں ملزمہ نتاشا کی درخواست ضمانت مسترد کراچی(عوامی پاور نيوز)کارسازحادثہ میں  منشیات کے مقد...
13/09/2024

کارسازحادثہ، منشیات کے مقدمہ میں ملزمہ نتاشا کی درخواست ضمانت مسترد


کراچی(عوامی پاور نيوز)کارسازحادثہ میں منشیات کے مقدمہ میں ملزمہ نتاشا کی درخواست ضمانت مستردکردی گئی۔سٹی کورٹ کراچی میں کارساز حادثہ کی ملزمہ نتاشا کیخلاف منشیات کیس کی سماعت ہوئی،عدالت نے مرکزی ملزمہ نتاشا کی درخواست ضمانت مسترد کردی۔سٹی کورٹ نے کہاکہ ملزمہ کی میرٹ پر ضمانت نہیں بنتی، ملزمہ کے وکلا نے ہائیکورٹ جانے کا فیصلہ کرلیا۔

حيدرآباد: جمالي ڪالوني جي هڪ گهر مان ماءُ ڌيءَ جا لاش هٿحيدرآباد جي نارا جيل ڀرسان جمالي ڪالونيءَ جي هڪ گهر مان ماءُ ڌيء...
13/09/2024

حيدرآباد: جمالي ڪالوني جي هڪ گهر مان ماءُ ڌيءَ جا لاش هٿ

حيدرآباد جي نارا جيل ڀرسان جمالي ڪالونيءَ جي هڪ گهر مان ماءُ ڌيءَ جا لاش هٿ، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا
45 ورهين جي بختاور برهماڻي ۽ سندس ڌيءَ صبا نور جا گهر مان لاش هٿ ڪيا ويا، ٻنهي ماءُ ڌيءَ جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس ٽن گهر ڀاتين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ايس ايڇ او سائيت جو چوڻ آهي ته عورت جو لاش زمين تي ۽ ڌيءَ جو لاش ٽنگيل حالت ۾ مليو، واقعو آپگهات جو ڪارڻ لڳي ٿو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر بند هو، نوجوان به دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا، شڪ جي بنياد تي گرفتاريون ڪيون آهن

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awami Power News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Awami Power News:

Videos

Share

Category