Tando Masti Khan Prees Club

Tando Masti Khan Prees Club ٽنڊومستي خان سميت سموري سنڌ جا اھم اشوز اعلي ايوانن تائين.

واٽيسپ نمبرز
03007158602
0307-3624985

21/12/2023

هنن ذاتن ۾ توهان جي ذات ڪهڙي نمبر تي آهي

1 سيد 2.شر، 3. بجير، 4. آريسر، 5. راهمون، 6. ٽالپر، 7. لوهاڻا، 8. ڪاٺيا، 9. جُوڻيجا، 10. سيلرا، 11. منگي، 12. راڄپر، 13. سوٽهڙ، 14. بروھي، 15. سومرا ، 16. جاڙيجا، 17. اڄڻ، 18. مهاڻا، 19. مهر، 20. مسڻ، 21. ابڙا، 22. آريجا، 23. باريجا، 24. مهيسر، 25. سميجا، 26. ساهڙ، 27. شيخ، 28. لنجار، 29. لاکا، 30. هنڱورا، 31. درس، 32. ڏيپر، 33. گهانگهرا، 34. سهتا، 35. مڱريا، 36. آراءين، 37. مگسي، 38. چانڊيا، 39. کوسا، 40. سهاڳ، 41. ماکيجا، 42. ڏوڏيجا، 43. وساڻ، 44. ڏيٿا، 45. ڏنگراج، 46. ڏهراج، 47. ماهوٽا، 48. چانڊيا، 49. چارڻ، 50. انڍڙ، 51. چنا، 52. چاچڙ، 53. پنهوار، 54. دل، 55. راهو، 56. ٻگهيا، 57. دونگهه، 58. دراوڙ، 59. ڀاگڙي، 60. ڀيل، 61. مينگهواڙ، 62. آڱاريا، 63. بڪڪ، 64. برفت، 65. بوزدار، 66. گهانچي، 67. پالاري، 68. پلهه، 69. ٻرڙا، 70. موريا، 71. سنگهار، 72. جت، 73. سميجا، 74. اُڍيجا، 75. بالاچ ، 76. بُڪيرا، 77. ٻارچ، 78. ٻارڻ، 79. ٻئيتال، 80. ٻاگهل، 81. ٻاٻڙا، 82. ٻانهيپوٽا، 83. ٻوڙاڻا، 84. ٻٻر، 85. ٻيلائي، 86. ڀُرڳڙي، 87. ڀنڀرا، 88. تيتري، 89. تماچي، 90. ٿيٻا، 91. ٿهيم، 92. ٽانڪ، 93. ٽانڊائي، 94. ٽڳڙ، 95. کاراڻي، 96. بجاراڻي، 97. ککراڻي، 98. ڏاھاڻي، 99. بليدي، 100. بڙدي، 101. بلادي، 102. جکراڻي، 103. ٽيمڙا، 104. ٺاراڻي ، 105. پاربي، 106. پالاري، 107. پاريهڙي، 108. پرهياڙ، 109. پخالي، 110. پترا، 111. پُسيا، 112. پنهور، 113. پلاه، 114. پونجاڻي، 115. پليجا، پيڃارا، 116. جاداڻي، 117. جانوري، 118. باجڪاڻي، 119. جاڳا، 120. جت، 121. جماري، 122. پير، 123. جوکيا، 124. جکيه، 125. چانهيا، 126. چنڊ، 127. پيرزادا، 128. مرزا، 129. نائچ، 130. ميراڻي، 131. کونھارا، 132. چوهاڻ، 133. راٺوڙ، 134. خاصخيلي، 135. دوراڻي، 136. سنڌي پٺاڻ، 137. دل، 138. دُوها، 139. جويسر، 140. ڌماچ، 141. ڏچر، 142. ڍومڪي، 143. رها، 144. رانٽا، 145. قاضي، 146. مخدوم، 147. رند، 148. رُوپائي، 149. اوڳاھي، 150. مير، 151. رپڙ، 152. رهبر، 153. ڪنراڻي، 154. زنئُور، 155. زنگيجا، 156. سانداڻي، 157. ساند، 158. سامي، 159. ساٽي، 160. سُرهيه، 161. سوڍا، 162. سيد، 163. سمان، 164. سميجا، 165. سورا، 166. سُوها، 167. بھلڪاڻي، 168. سگريه، 169. سُورجا، 170. سسر، 171. سرواڻ، 172. شينا، 173. شور

ٽنڊو مستي لڳ ڳوٺ رسول بخش مگريو جي ڳوٺاڻن  بشير احمد مگريو، نظير احمد مگريو،.زبير احمد مگريو عبدالحميد، نذير احمد مگريو،...
16/12/2023

ٽنڊو مستي لڳ ڳوٺ رسول بخش مگريو جي ڳوٺاڻن بشير احمد مگريو، نظير احمد مگريو،.زبير احمد مگريو عبدالحميد، نذير احمد مگريو، صفر علي مگريو، حق نواز مگريو ۽ ٻين پاران ڊرٻ ميھرشاھ موساڻي لنڪ روڊ بند ڪري سندن برادري جي ڏوهارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي مظاهرو ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ته ڀر واري ڳوٺ محمد مراد مگريو جي ڏوهاري قسم جي غلام حيدر مگريو ۽ غلام قادر مگريو اسان جي گهرن ۾ چار ڏينهن اڳ ٻه ڳئون چوري ڪري ويا هئا جن جا پيرا پيراڊو ڪتن جي مدد سان کنيا ويا جيڪي جوابدارن جي گهرن ۾ پهتا جنهن بعد ٽنڊو مستي پوليس گهر مالڪن مان هڪ ڄڻي غلام قادر مگريو کي گرفتار ڪري ورتو هيو. جنهن تان جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ٽنڊو مستي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳوٺ پهتي آهي ته جوابدارن ۽ سندن عورتن پوليس سان جهيڙو ڪري پوليس مٿان لٺيون، سروٽا وسايا آهي جنهن بعد ٽنڊو مستي پوليس وڌيڪ نفري گهرائي ورتي آهي پر هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه سگهيا آهن نه ئي اسان جون چوري ٿيل ڳئون واپس ٿي سگهيون آهن ان موقعي تي چوري متاثر ڳوٺاڻن پاران ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل ڳئون واپس ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..

ٽنڊومستي خان لڳ ڪولاب جئيل ۾ هر سال جيان هن سال به ڪولاب جيئل پرئميرليگ سيزن 5 مرحوم امتياز علي ابڙو جي ياد ۾ ڪولاب جي...
16/12/2023

ٽنڊومستي خان لڳ ڪولاب جئيل ۾ هر سال جيان هن سال به ڪولاب جيئل پرئميرليگ سيزن 5 مرحوم امتياز علي ابڙو جي ياد ۾ ڪولاب جيئل پرئمير ليگ جو افتتاح سماجي اڳواڻ زوار محرم علي ابڙو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مظھر حسين مڱڻھار يوسي ڪولاب جئيل جي چئيرمين اظھر علي ابڙو اعجاز علي ابڙو گڏيل طورافتتاح ڪيو.

ٽنڊو مستي قومي شاھراھ تي دعا چونڪ کان پريس ڪلب تائين آبادگارن پاران ڀاڻ جي کوٽ هٿرادو اگهه مقرر ٿيڻ سميت خيرپور شگر مل ن...
16/12/2023

ٽنڊو مستي قومي شاھراھ تي دعا چونڪ کان پريس ڪلب تائين آبادگارن پاران ڀاڻ جي کوٽ هٿرادو اگهه مقرر ٿيڻ سميت خيرپور شگر مل ناروڍورو جي انتظاميه جي ناانصافين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي

15/12/2023

ايس پي جو لاڏلو ايس ايڇ او هنڱورجا
مشتاق جتوئي صحافين جو دشمن بڻجي ويو صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جون ڌمڪيون قلم ڌڻين ۾ تاء پکڙيل

تعلقه ڪنگري ، احمد پور لڳ ڳوٺ محمد ٻڍل سومرو مان ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺاڻي علي بخش سومرو جي گھر کي نامعلوم چورن  کاٽ ھڻي ڀلوڙ ن...
14/12/2023

تعلقه ڪنگري ، احمد پور لڳ ڳوٺ محمد ٻڍل سومرو مان ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺاڻي علي بخش سومرو جي گھر کي نامعلوم چورن کاٽ ھڻي ڀلوڙ نسل جي مينھن چوري ڪري اڳتي وڃي ڊاٽسن ۾ مينھن چاڙھي رھيا ھئا ته پويان پورھيت ضمير احمد سومرو موٽر سائيڪل تي پھتو ، جنھن کي چورن ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس کان موٽر سائيڪل ۽ سندس جي لائيسنس واري بندوق به ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، جڏھن ته اھڙو اطلاع ڀاڳين پاران ايس ايڇ او احمد پور طاھر دايو کي ڏنو ويو ، متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي مينھن چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي ، چوري ٿيل مينھن ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ بندوق واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

ٽنڊومستي خان ڀرسان يو ايس ايڊ جي تعاون سان هلندڙ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوڙو ڳوٺ ۾ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ايڪتا جو...
13/12/2023

ٽنڊومستي خان ڀرسان يو ايس ايڊ جي تعاون سان هلندڙ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوڙو ڳوٺ ۾ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ايڪتا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.

سنڌي ڊرامن جي بھترين آرٽس  رمشا شھزادي کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون هجن شال سدائين خوشيون ماڻيو آمين ثم آمين.    ...
12/12/2023

سنڌي ڊرامن جي بھترين آرٽس رمشا شھزادي کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون هجن شال سدائين خوشيون ماڻيو آمين ثم آمين.

Shahzad

نارا م عرب شھزادن جا ڪَلُورَ، اڇڙو ٿر م عرب شھزادن جي تيز رفتار گاڏي موٽر سائیڪل مٿان چڙھي وئي، غلام سرور مڱريو فوت ء بھ...
12/12/2023

نارا م عرب شھزادن جا ڪَلُورَ، اڇڙو ٿر م عرب شھزادن جي تيز رفتار گاڏي موٽر سائیڪل مٿان چڙھي وئي، غلام سرور مڱريو فوت ء بھرام مڱريو شديد زخمي، ذريعا

12/12/2023

افسوس ناڪ خبر
قمبر ٻوڏ متاثرن جي تمبو کي ميڻ بتي مان باھ 3 معصوم ٻار سڙي فوت
منهنجي سنڌ جو حال جي ڏسندي روئي پوندي 😭

08/12/2023

ميرواھ ڪئنال مان نامعلوم نوجوان جو ڪنڌ ڪپيل لاش ھٿ، جڏھن ته ڪئنال مان مليل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، مليل لاش کي ميرواھ پوليس ۽ ٽائون انتظاميه کڻائي سڃاڻپ لاءِ ٺري ميرواھ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

08/12/2023

گھوٽڪي :
افسوسناڪ حادثو محمد پور ريلوي ڦاٽڪ تي تيز رفتار ٽرين جو مزدا کي زوردار ٽڪر ڊرائيور سميت 3 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن

08/12/2023

ٽنڊو مستي لڳ اسڪارپ کاتي جي نااهلي سبب جيلاني پمپنگ اسٽيشن بند ڪيترن ئي ڳوٺن جا رستا ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا
پمپنگ اسٽيشن بند عملي پاران تيل وڪرو ڪرڻ جا انڪشاف ظاهر

ڪوٽڏيجي ٿاڻي جو ايس ايڇ او وانگارو بڻجي ويو تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ بالا خان بروهي واسي ڏيڍ مهينو اڳ پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان ...
08/12/2023

ڪوٽڏيجي ٿاڻي جو ايس ايڇ او وانگارو بڻجي ويو تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ بالا خان بروهي واسي ڏيڍ مهينو اڳ پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان ظفر جتوئي واري معاملي جي ڪورٽ سڳوري اندر هلندڙ ڪيس جي باوجود ڳوٺ مٿان رات جي اونداهيءَ ۾ ڪوٽڏيجي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس سميت سول ماڻهو ساڻ ڪري بنا جواز گهرن مٿان ڪاھ ڪري پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي ڳوٺاڻن جي گهرن اندر گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ، گهرن مان ڦر لٽ ڪري چوپايو مال ڪاهي فرار، ڳوٺاڻن پاران ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو رپورٽ موجب، ناروڍورو لڳ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جو ايس ايڇ او وانگارو بڻجي ويو تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ بالا خان بروهي واسي ڏيڍ مهينو اڳ پيار پرڻي واري معاملي جي خيرپور جي عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس جي آڙ ۾ ايس ايڇ او پاران پنهنجي عدالت قائم ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ ڪوٽڏيجي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او مصور قريشي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس سميت سول ماڻهو ساڻ ڪري بنا جواز ڳوٺاڻن ظفر علي، حسن علي، اعجاز علي جتوئي علي رضا غلام رضا، امام علي، شفقت، ۽ ٻين گهرن مٿان بنا جواز ڪاھ ڪري ڳوٺاڻن جي گهرن اندر گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ، گهرن مان روڪ رقم، سونا زيور، سولر پليٽون، گهرن جو قيمتي سامان ڦر لٽ ڪري چوپايو مال ڪاهي عدالت کان مٿانهون پنهنجو قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان ظفر جتوئي پاران ڏيڍ مهينو اڳ پيار پرڻو ڪيو هو جنهن معاملي جو ڪيس خيرپور جي ڪورٽ سڳوري اندر هلندڙ آهي ۽ ڪيس ۾ نامزد ٿيل سمورن ماڻهن جي عدالت مان ضمانت منظور ٿيل آهي تنهن باوجود ايس ايڇ او ڪوٽ ڏجي مخالفن جي وانگارو بڻجي اسان جي ڳوٺ مٿان پوليس اٽالا ۽ اسان جي مخالفن کي ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري گهرن اندر گهري عدالت کان مٿانهون پنهنجو قانون لاڳو ڪيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته نوٽيس وٺي وانگارو بڻيل ايس ايڇ او مصور قريشي سميت بنا جواز چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

07/12/2023

خير جي ھن ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏيو ٻانهن ٺوٺ کان ھيٺ ڪٽيل ھجي يا ٽنگ گوڏي کان ھيٺ ڪٽيل ھجي معذور شخص پنهنجي ارد گرد ڏسو تہ ان کي اسان جي ادارن خادمين سنڌ فائونڊيشن پاڪستان تائين پھچ ڪرايو ان جي ٻانهن يا ٽنگ جو ڪم فري ۾ روٽرري ڪلب جي تعاون سان ٿي ويندو آهي
ھي ادارو ڪراچي ۾ واقع آهي
سندس ھن نمبر
03312640355
03003420227 تي بہ رابطو ڪري سگهجي ٿو.
خير سمجھي شيئر لازمي ڪريو من ڪنھن جي ڀلائي ٿي پوي.۔ ۔
ارشد عباسي
چيئرمين
خادمين سنڌ فائونڊيشن (پاڪستان)

ٽنڊومستي خان لڳ برائيٽ فيوچر ايجوڪيٽو اڪيڊمي ڪئمپس صادق علي شاه ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو.    ...
07/12/2023

ٽنڊومستي خان لڳ برائيٽ فيوچر ايجوڪيٽو اڪيڊمي ڪئمپس صادق علي شاه ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو.

07/12/2023

زال هاڻ مڙس جي ٻي شاديءَ جو پتو پاڻ لڳائي سگهندي، پر ڪئين؟
پهريون ڪمينٽ ڏسو

05/12/2023

3 ڊسمبر فقيرآباد جئي سنڌ ريلي
پاڪستان خلاف نعريبازي ڪرڻ، ملڪ دشمن قلمن تحت گمبٽ ٿاڻي تي ڪامريڊ فريد خاصخيلي، ڪامريڊ زاهد شنباڻي، سميت 4 سڃاتل ۽ 26 اڻسڃاتل مٿان ڪيس داخل

04/12/2023

گمبٽ ڀرسان اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ تعليم دشمن ھٿياربندن فائرنگ ڪري پرائمري استاد وسيم کوکر کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊومستي ڀرسان گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ملنگ خان منڱريو ۾ ايڪتا جي پروقار تقريب. شاگردياڻين پاران سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش...
04/12/2023

ٽنڊومستي ڀرسان گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ملنگ خان منڱريو ۾ ايڪتا جي پروقار تقريب. شاگردياڻين پاران سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش، وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو.

جڏهن پاڻ ئي پنهنجي تهذيب جو خيال نٿا ڪيون ته غيرن تي ڏوھ ڪھڙو ايئن اگر ڪو غير ڪري ها ته وٺ وٺان هجي ها ته ايليڙي سنڌ جي ...
03/12/2023

جڏهن پاڻ ئي پنهنجي تهذيب جو خيال نٿا ڪيون ته غيرن تي ڏوھ ڪھڙو ايئن اگر ڪو غير ڪري ها ته وٺ وٺان هجي ها ته ايليڙي سنڌ جي تهذيب پيرن جي هيٺان💔😡
لعنت ھجي اھڙن عورتن تي ھي سنڌ جي ثقافت ناھي

*ٽنڊومستي خان ۽ ڀرپاسي ۾ قومي عيد جا رنگ نکري پيا، سنڌ بيسٽ ميڊيا گروپ جي سڏ تي نائيس اسڪول ڪئميس 3 ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهاي...
03/12/2023

*ٽنڊومستي خان ۽ ڀرپاسي ۾ قومي عيد جا رنگ نکري پيا، سنڌ بيسٽ ميڊيا گروپ جي سڏ تي نائيس اسڪول ڪئميس 3 ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، شاگردن۽ شاگردنياڻي تقريرون ثفاقتي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌي لوڪ گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو*


01/12/2023

سنــڌ جــو تاريخي ضــلــعـــو خـــيـــرپــــور جــي تاريخ ڪھڙي آهي ـــ

*ھنگامي پڌرائي* *شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي ٿيندڙ تقريب دوران شاگردن جي ٿيل جھيڙي ۾ مل...
30/11/2023

*ھنگامي پڌرائي*
*شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي ٿيندڙ تقريب دوران شاگردن جي ٿيل جھيڙي ۾ ملوث 10 ھٿيار بند شاگردن خلاف تعلقه ٿاڻي نواب شاھ تي ايف آ۽ آر داخل ڪرائي وئي*

نواب شاھ ( پريس رليز) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي ٿيندڙ تقريب دوران شاگردن جي ٿيل جھيڙي ۾ ملوث 10 ھٿيار بند شاگردن خلاف تعلقه ٿاڻي نواب شاھ تي ايف آ۽ آر داخل ڪرائي وئي آھي. اسٽوڊنٽ ويلفيئر آفيسر جي مدعيت ۾ داخل ٿيل ايف ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ ھڪ ڌر جي جوابدار ھر ھڪ شيراز رند، ماجد ملوڪاڻي، شوڪت علي، مشتاق رند، جبار رند، عمران رند، شاھنواز چانڊيو، خان محمد چانڊيو، احسان ملاح، سرفراز رند پاران يونيورسٽي ٻي ڌر جي شاگردن شعيب زرداري ۽ نصرالله رند تي پسٽل جي بٽ سان زخمي ڪيو ۽ ڪلاشنڪوف ۽ پسٽل سان ھوائي فائر ڪيا جنھن سان يونيورسٽيءَ ۾ موجود سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ حراس پکڙجي ويو. فائرنگ ڪندي ھٿيارن جي زور گيٽ تي موجود سڪيورٽي عملي کي حراس ڪندي زوري گيٽ کولرائي ھليا ويا.
ٻئي پاسي يونيورسٽي انتظاميه جو چوڻ آھي ته ڪنھن کي بہ يونيورسٽي جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ ڪون ڏنو ويندو. جڏھن ته واقعي ۾ ملوث يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي داخلائن کي ڪينسل ڪيو ويو آھي

30/11/2023

30/11/2023

ٽنڊومستي :

خيرپور شگرمل لنڪ روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ خيرپور شگرمل ناروڍور روڊ جو ڪم ڪرپشن جي ور چڙهي ويو ، ٺيڪيدار پاران روڊ جي ڪم ۾ سست رفتاري سبب روڊ تي روڙو وڇائي مٿان پونڊر هاري گم ٿي ويو آهي ، جنهن سبب مسافر سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا ان کان علاوه روڊ تي وڇايل پٿر مٿان هاريل پونڊر جي دز ۽ لٽ اڏامڻ ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي ڳوٺاڻا ساه ، دم ۽ سهڪي جي بيمارين ۾ وڪوڙجن لڳا علائقي واسين نگران سرڪار نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي عملدارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري روڊ جي ڪم ۾ معياري مٽيريل استعمال ڪري ٺيڪيدار کي روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو پابند بڻائي بيچيني ختم ڪئي وڃي تيز زفتار گاڏين جي اچڻ سان دڪانن اندر مٽي دز سبب کائڻ جون شيون به مٽي جو ڍير ۾ تبديل علائقي واسي سخت پريشان روڊ جو ھڪ چڪر لڳائڻ بعد پوڊر لڳائڻ جي ضرورت نه ٿي پوي

سنڌ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين سياري جي موڪلن جي ڪري بند رھندا، اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ...
30/11/2023

سنڌ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين سياري جي موڪلن جي ڪري بند رھندا، اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن جاري

ٽنڊومستي :ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ نارو ڍورو خيرپور شگرمل روڊ جو ڪم ڪرپشن جي ور چڙهي ويو ، ٺيڪيدار پاران روڊ جي ڪم ...
30/11/2023

ٽنڊومستي :
ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ نارو ڍورو خيرپور شگرمل روڊ جو ڪم ڪرپشن جي ور چڙهي ويو ، ٺيڪيدار پاران روڊ جي ڪم ۾ سست رفتاري سبب روڊ تي روڙو وڇائي مٿان پونڊر هاري گم ٿي ويو آهي جنهن سبب مسافر سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا ان کان علاوه روڊ تي وڇايل پٿر مٿان هاريل پونڊر جي دز ۽ لٽ اڏامڻ ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي ڳوٺاڻا ساه، دم ۽ سهڪي جي بيمارين ۾ وڪوڙجن لڳا علائقي واسين نگران سرڪار نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي عملدارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري روڊ جي ڪم ۾ معياري مٽيريل استعمال ڪري ٺيڪيدار کي روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو پابند بڻائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Address

Khairpur Mirs
66020

Telephone

+923007158602

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Tando Masti Khan Prees Club posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share