Ghulam Fareed Shar

Ghulam Fareed Shar ھي پيج منھنجي چونڊ مضمونن وڊيوز ۽ ريسرچ جي معلومات جو آھي اوھان کي ھتي تفريح ۽ ھر قسم جي ڄاڻ ملندي

16/09/2024

تھا اور کون , جہاں بھر میں آشنا میرا
تجھے بھی یاد نہ کرتے, تو اور کیا کرتے.

10/09/2024

پھرين يوسي سيڪريٽري روينيو ۽ ايم اين اي وارن کي خرچ پکو ڏيندا ھئا ھاڻي يوسي چيئرمين سڄي بجيٽ ھڙپ ڪيو ٿا وڃن

24/08/2024

جيئن اڳ موسم وارا ماڊل غلط ھئا ھاڻي به غلط ثابت ٿيندا برسات معمول مطابق ئي وسندي گھبرانا نہیں ہے

11/02/2024

۽ جڏهن پوليس کير واري جي گاڏي ڪاھي وئي
آئون گھر ويٺو ھئس ته اسان جي پاڙيسري ڳوٺ مان ھڪ ھمراھ فون ڪري چيو ته منھنجي گاڏي پوليس چيڪنگ دوران ٿاڻي تي ڪاھي وئي آهي ان وقت ته گاڏي جا ڪاغذ نه ھئا پر ھاڻ ڪاغذ ايس ايڇ او کي ڏيکاريا آهن ته به گاڏي نٿو ڏي، صحافي دوست فيس بڪ تي ان جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته ايس ايڇ او مسٽر دبنگ خان آھي. آئون ان ھمراھ جيڪو اصل ۾ کير کپائي گذر سفر ڪندو ھو ان کي چيم ته آئون شھر اچان ٿو پاڻ ڳالھايون ٿا بھرحال مونکي خبر ھئي ته ايس ايڇ او چند ھزار جي رشوت لاءِ کيس گاڏي نٿو ڏي اھي پئسا ھن وٽ ھيا نه توهان پاڻ سوچيو جيڪو ڳوٺن مان پئسن تي کير وٺي چند رپين جي بچت تي شھر وڪرو ڪري گذارو ڪندو ھجي اھو رشوت ڪٿان ٿو ڏئي سگهي آئون ان ايس ايڇ او سان مليس مونکي چيائين اسان ٽوٽل 14 گاڏيون سنيڪ چيڪنگ دوران پڪڙيون آھن اھي ھيڊڪواٽر مان ڊي ايس پي صاحب خود پڪڙيون آھن ۽ اسان چالان ڪري ڇڏيون آهن ڪورٽ مان ڇڏايو يا ان ڊي ايس پي سان ڳالھايو آئون ڪجھه نٿو ڪري سگھان ھڪ دوست انسپيڪٽر کي چيم توهان ڊي ايس پي کي چئي غريب جي موٽرسائيڪل واپس ڪرايو ان ڊي ايس پي کي چيو پر ڊي ايس پي کيس چيو ته اسان گاڏي چالان ڪري ڇڏي آهي اھو ٻڌي کير واري جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ڇو ته چالان کان پوءِ اٺ ڏھ ھزار خرچ کانسواءِ ضمانت ڪير ڏي ھا؟ آئون ان کي وٺي ايس پي ڏي ويس پر ايس پي شام جو نڪري ويو ھو اسان موٽي گھر آياسين ان ايس پي جو ذاتي موبائل نمبر مون وٽ ھيو آئون رات جو 9 وڳي ان کي واٽس ايپ تي کير واري جي گاڏي جو لکيو ايس پي ان ٽائيم ئي مونکي ڪال ڪري چيو ته توھان تفصيل منھنجي پي اي کي ٻڌايو ته اسان گاڏي واپس ڪيون ٿا ايس پي جي ڪال کان پوءِ ان جي پرسنل اسسٽنٽ مونسان رابطو ڪري معلومات وٺي چيو ته صبح جو سوير مطلقه ٿاڻي تان گاڏي ڪاھي وڃون آئون ٿاڻي تي کير واري سان گڏ ويس ايس ايڇ او کي چيم ھاڻي توھان چالان ٿيل گاڏي ڪيئن ٿا ڏيو ان معزرت ڪئي گاڏي ڪاھي ڏني کير واري مونکي زوري ڪجھه پئسا ڏيڻ ٿي چاهيا پر آئون نه ورتا پوءِ ان جي زور ڀرڻ تي صرف چانھ پيتي دوستو منھنجو صرف ڪجھه وقت ڪنھن جي ڀلائيءَ لاءِ لڳو پر ان جي مشڪل وقت ۾ ڪم اچي جيڪا مونکي روحاني خوشي ٿي اھا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.

31/01/2024

اسان انگريزن جي غلامي مان نڪري ڀوتارن ۽ ڪامورن جي غلامي ۾ ڦاٿل آھيون جڏهن اسان عوام پاڻ کي سڃاڻي ورتو تڏهن اھي غلامي جا ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسين

13/01/2024

ناڪارا ۽ جاھل ڀوتار به ھر دفعي اسان جي اکين ۾ مرچون وجھي ووٽ وٺي عياشيون ڪن ٿا

فيس بُڪ يا ميٽا ڪمپني جون ڪجھه اھڙيون ڳالهيون جن جي شايد اوھان کي خبر ناهيواٽس اپ جيڪو 2014 ۾ 19 بلين ڊالر ۾ جان ڪوم کان...
10/12/2023

فيس بُڪ يا ميٽا ڪمپني جون ڪجھه اھڙيون ڳالهيون جن جي شايد اوھان کي خبر ناهي

واٽس اپ جيڪو 2014 ۾ 19 بلين ڊالر ۾ جان ڪوم کان خريد ٿيو ھو

ميٽا ڪمپني کي واٽس اپ مان 19 بلين ڊالر ڀرڻ تي ايترو رٽرن بہ نہ مليو؟؟؟

ڇوتہ واٽس اپ ۾ ايڊ ناھي تہ پوء واٽس اپ جي 19 بلين ڊالرن جو فائدو جيڪي ميٽا ڪمپني جي مالڪ واٽس اپ خريد ۾ لڳايا؟؟؟؟

تازو سائبر تحقيق جي مختلف ادارن جو چوڻ تہ واٽس اپ استعمال ڪندڙن جي ڊيٽا کي ٻين ڪمپنين سان کپايو...

ڪيئن کپايو اھو ڇا چڪر ھوندو آ
اسان کي ڪھي خبر ڀلا سمجھائي؟

واٽس اپ ۾ توھان جي ڊيٽا؟
فون نمبر
گيلري جون تصويرون
توھان جي لوڪيشن
توھان جا اسٽيٽس
۽ توھان جي اسٽيٽس مان توھان جا نمونا

اھي سڄا ڊيٽا ۾ ٻي ڪمپني کي کپايا ويندا آھن

سعودي جو تيل پئسو آ
تہ ٽيڪنالوجي ڪمپنين جو تيل ڊيٽا ھوندي آ.

ڀلا اسانجي ڊيٽا کپائڻ سان ڇا ٿيو ھوندو؟

توھان جي ڊيٽا واٽس اپ جي ميٽا ڪمپني کپائي

بلين ڊالر ورتا

۽ ڪمپنين کي توھان جي معلومات ملي وئي

ڪمپنين انھي بيس تي الگورڌم انٽيلجنس جو يوز اشتھارن لاءِ انڪري ٿي ڪري جو توھان کي توھان جي پسند وارا ايڊ ڏيکاري خريداريون ڪرائي پئسا ڪمايا آهن

ڇا اسان جي خريداري سان پوءِ مطلب ڪمپني امير ٿي وئي؟؟

ڇڏ يار ھوائي پوزٽ

نہ بلڪل ھوائي پوزٽ ناھي

ڊيٽا پوري دنيا جي واٽس اپ يوزرن جي آ.

جڏھن ڪمپنين کي ڊيٽا ملي وئي

پوء اھو بزنس ڪروڙين صارفين جي خواھشات شوق کي ڏسي ھر ڪنھن کي اھي ايڊ موبائل تي ڏيکاريا جيڪي ماڻھن جي پنھنجي پنھنجي گھرج پڻ ھئا

ميٽا کي اھي رَسا آمريڪي عدالتن ۾ پارايا ويا.

ميٽا بي بنياد ڳالھيون چئي پاڻ کي بچائي وئي

پوء واٽس اپ ھاڻي ان ڪيسن کان بچڻ لاءِ شايد

جلد واٽس اپ تي ليگلي طريقي وارا ايڊ ڏيکارڻ جو بہ سوچي پيو

آخر انھن ڪمپنين کي ڪمائڻو تہ آھي.
جڏھن تون پئسا نہ ڏيندي تہ تون ئي ٽيڪنالوجي ڪمپنين جي پراڊڪٽ ھوندين...

10/12/2023

اڄ انساني حقوق وارا ڪٿي گم آھن اڳ ته ھر سال عطائين کي شيلڊون ڏئي پروگرام رکندا ھئا

07/12/2023

بينظير انڪم سپورٽ مان ڊيوائس وارا اڳ پنج سئو ڪٽيندا ھئا ھاڻي ھڪ ھزار کان 15 سئو ڪٽوتي ڪن ٿا ڪو پڇڻ وارو ناھي

27/10/2023

سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي صرف ھڪ صوبي کي فائدو ڏيڻ سراسر ظلم آهي جنھن جو نتيجو خراب نڪرندو

06/10/2023
05/10/2023

اي سي سانگھڙ پاران ڀاڻ جي گدامن تي ڇاپن کان پوءِ ڊيلرن يوريا ڀاڻ ئي غائب ڪري ڇڏيو

02/10/2023

اسان جيستائين متحد نه ٿيندا سين ايستائين لاواثن جيان ماريا وينداسين

02/10/2023

جلباڻين سان ظلم ٿيو پر پي پي وارا ڀوتار ستا پيا آهن جيڪڏهن رئيس وڏي جا چيلا مرن ها ته وڏو ھل ڪن ھا

01/10/2023

حڪومت جو احسان ڪير لاھيندو 60 رپيا تيل چاڙھي وري 8 رپيا سستو به ڪيو اٿن شڪريه

30/09/2023

ماڙي جلباڻي جي شھيدن جو ڪيس پي پي جي ڀوتارن تي داخل ڪيو وڃي جيڪي سڄي سنڌ لانگ بوٽن وارن کي مفت ۾ ڏيو ويٺا آهن

27/09/2023

اڄوڪو ڏينهن ۽ اڄوڪي رات ٻئي 12 ڪلاڪ جا آھن

ھن وقت ساريون تياري جي مرحلي ۾ آھن جيت ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ صبح شام سارين کي چڪاس ڪندا رھوتصوير عجيب الرحمن پنهور مورو...
26/09/2023

ھن وقت ساريون تياري جي مرحلي ۾ آھن جيت ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ صبح شام سارين کي چڪاس ڪندا رھو
تصوير عجيب الرحمن پنهور مورو جي جنس سپر ڪرنل جي آھي

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ghulam Fareed Shar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share