SindhiRocks

SindhiRocks An Islamic Platform to to spread the Real Islamic Hero's stories

دوستن جي آگاهي لاءِ ته ڪورونا وئڪسين جي سلسلي ۾ تمام گهٽ Side Affect سان Sinopharm وئڪسين اڄ کان ڪيترن سينٽرز تي موجود ئ...
10/05/2021

دوستن جي آگاهي لاءِ ته ڪورونا وئڪسين جي سلسلي ۾ تمام گهٽ Side Affect سان Sinopharm وئڪسين اڄ کان ڪيترن سينٽرز تي موجود ئي ناهي ان جي جاءِ تي Astrazeneca وئڪسين لڳائي پئي وڃي 3 مهينن جي وقفي سان جنهن جا گهڻا Side affect آهن ان ڪري اها وئڪسين مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري لڳرائي وڃي. لنڪ هيٺ ڪلڪ ڪندا..

https://www.express.co.uk/life-style/health/1433981/astrazeneca-vaccine-latest-side-effects-symptoms-headaches-rash-chest-pain

https://www.bbc.com/news/uk-northern-ireland-57051225

COVID vaccine side effects: The speed at which the jab has been developed and potential long-term side effects have been among concerns, according to data from the Office for National Statistics (ONS). There are five worrying symptoms after being vaccinated by the AstraZeneca jab that could prompt a...

بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود چوڌري جي بلاول هائوس ۾ مگڻي ٿي گذري. مگڻي جون تصويرون جاري.
27/11/2020

بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود چوڌري جي بلاول هائوس ۾ مگڻي ٿي گذري. مگڻي جون تصويرون جاري.

لاڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ لاء ۾ داخلا وٺڻ جي خواھشمندن لاء خوشخبري هاڻي اوهانجي شهر ڄامشورو  ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ بهترين است...
25/10/2020

لاڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ لاء ۾ داخلا وٺڻ جي خواھشمندن لاء خوشخبري هاڻي اوهانجي شهر ڄامشورو ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ بهترين استادن پاران ڪوچنگ سينٽر کوليو آهي جنهن ۾ اوهان کي ڏيندا قانوني تعليم خصوصي طور تي لاء ايڊميشن ٽيسٽ جي تياري، گريجوئيٽ اسيسمنٽ جي تياري، مخصوص لاء جا شارٽ ڪورسز، قانوني انگريزي، قانوني خط و ڪتابت ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پوء دير نه ڪيو هاڻي ئي هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا ۽ پنهنجو مستقبل سنواريندا
رابطي جي لاء :
ايڊوڪيٽ ابرار علي منگي
موبائيل نمبر 03333989772

Give the title to this pic
22/05/2020

Give the title to this pic

‏اڄ سڄي سنڌ جو باشعور نوجوان سوشل ميڊيا تي پنهنجي سنڌو درياءَ کي بچائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندو هيشٽيگ 👇‎
16/05/2020

‏اڄ سڄي سنڌ جو باشعور نوجوان سوشل ميڊيا تي پنهنجي سنڌو درياءَ کي بچائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندو هيشٽيگ 👇

11/05/2020
02/05/2020

Movie | KGF Chapter 1

پهرين مئي: پورهيتن جو عالمي ڏينهنتاريخي پسمنظر ۽ واقعاپهرين مئي: پهرين مئي کي عالمي سطح تي پورهيتن جي عالمي ڏينهن طور مل...
01/05/2020

پهرين مئي: پورهيتن جو عالمي ڏينهن
تاريخي پسمنظر ۽ واقعا

پهرين مئي: پهرين مئي کي عالمي سطح تي پورهيتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
هونئن ته ظالم سان مظلوم جي ٽڪر جا تاريخ ۾ کوڙ مثال ملن ٿا، پر شڪاگو جي پهرين مئي 1886ع واري مزدورن جي مثالي مظاهري سان سڄي دنيا ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي ويئي. ان ڏينهن سڀني ڪارخانن جي مزدورن ٻڌي ڪري، وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻ ۽ گھٽ اجرت ملڻ خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو. 3 مئي تي پوليس مزدورن تي گوليون هلايون، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مزدور مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. مزدورن پنهنجي مارجي ويل ساٿين جي رت ۾ ڪپڙو رڱي، جھنڊو ٺاهيو، اهو ئي ڳاڙهو جھنڊو سڄي دنيا ۾ مزدورن جي تحريڪ جو نشان بڻجي ويو. عالمي جنگين جي ڪري دنيا ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي. اقتصادي بدحالي اؤج تي پهتي ۽ سرمائيداري نظام جون ظالماڻيون سرگرميون وڌي ويون. انهن ڳالهين پورهيت تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ڏني ۽ منجھن ظلم جو احساس ڏينهون ڏينهن زور ٿيندو ويو. جنهن سان سندن اتحاد مضبوط ٿيو. اڳتي هلي هن تحريڪ کي بين الاقوامي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پٺڀرائي حاصل ٿي، جنهن ڪري ان کي عالمي اهميت ملي.
پورهيت پنهنجي انهيءَ تاريخي جدوجهد جي ابتدا شڪاگو واري واقعي کان ليکيندي، پهرين مئي تي هر سال سڄي دنيا ۾ ان جو يادگار ملهائيندا آهن. پورهيتن جي عالمي تنظيم انساني ڀلائي ۽ بهبوديءَ جي ڪوشش کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اقوامِ متحده جي قائم ڪيل مختلف ادارن مان هن اداري جو تعلق پهرين عالمي جنگ جي رد عمل سان آهي. جنگ جي ڪري سڄي يورپ ۾ پيداوار جا وسيلا متاثر ٿيا، جنهن ڪري ملڪن لاءِ انيڪ اقتصادي مسئلا پيدا ٿي پيا. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان وقت گڏيل قومن طرفان ”پورهيتن جي عالمي تنظيم“ (International Labour Organization) قائم ڪئي وئي. ان جي متن، مقصدن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، هي به ڄاڻايل آهي ته ”هي ادارو سماجي انصاف کي زور وٺائيندو، پورهيتن جي زندگيءَ جي معيار ۽ ڪم ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو“. 1946ع ۾ اهو اقوام متحده جو پهريون معياري ۽ خاص (Specialized) ادارو بڻيو. 1969ع ۾ هن اداري کي پنجاهه سالن تائين نمايان خدمتن ڪرڻ جي اعتراف طور امن جو امتيازي انعام ڏنو ويو. پورهيتن جي ڀلائيءَ سان گڏ دنيا مان بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري جي اٿاهه واڌاري وارن مسئلن کي منهن ڏيڻ، هن اداري جا مکيه ڪم آهن. اداري جو مکيه مرڪز جنيوا ۾ آهي. ”مزدورن لاءِ موڪل“ جي هن تصور 1956ع ۾ آسٽريليا ۾ جنم ورتو. جڏهن رازن جي تنظيم ”اسٽون مسين سوسائٽي“ 18 آگسٽ 1855ع تي واپارين جي نالي سان الٽيميٽم جاري ڪيو ته 6 مهينن کان پوءِ هو، صرف 8 ڪلاڪ ڏهاڙي ڪم ڪندا. ان مطالبي جو جزوي سبب اهو به هو ته يورپي آبادگارن پاران تيزيءَ سان آسٽريليا جو رُخ ڪرڻ ڪري ان وقت تعميراتي ڪم زور شور سان ٿيڻ لڳو ۽ 6 مهينن جو مُدو ختم ٿيڻ کان پوءِ مزدور آمريڪا جي شڪاگو شهر ۾ وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ مظاهرا ڪيائون. سرمائيدار طبقو انهن جا مطالبا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري انهن مزدورن طرفان ڪيل ٻن هفتن واري اها هڙتال اثرائتي ثابت ٿي، ۽ مارچ جي
شروعات ۾ اهو مطالبو قبول ڪيو ويو، جڏهن ته 22 اپريل تي ان حوالي سان عام موڪل جو اعلان به ڪيو ويو. اها خبر دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙجڻ جي ڪيترن سالن کان پوءِ ”مزدورن جي ٻي انٽرنيشنل ڪانگريس“ هي ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ پهرين مئي جي چونڊ ڪئي. ڇو ته 1886ع ۾ انهي ڏينهن مزدورن پنهنجي حقن جي خاطر شڪاگو (آمريڪا) جي سانحي ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد

ڪراچي گلستان جوهر ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڀارتي ايجنسي ”را“ لاءِ ڪم ڪندڙ اي ايس آءِ شهزاد پرويز گرفتاراي ايس آءِ شهزاد پروي...
20/04/2020

ڪراچي گلستان جوهر ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڀارتي ايجنسي ”را“ لاءِ ڪم ڪندڙ اي ايس آءِ شهزاد پرويز گرفتار
اي ايس آءِ شهزاد پرويز جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان پڻ آهي، محمود صديق گروپ پاران کيس ڪروڙين روپيا ڏنا ويندا هيا.

20/03/2020

!!!!!
ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر

هن هائبرڊ لڙائي ۾ جتي نه ائٽم بم ۽ نه ميزائيل هلائڻ جي ضرورت پئي ٿي،بس ويٺي ويٺي مائيڪروبايالاجيڪل وار Micro biological war وڙھي پئي وڃي۔۔۔
سڄي دنيا جي اندر اهو آواز اٿي رهيو آھي ته هي وائرس آمريڪا جو ڇڏيل آھي ۽ ان چائنا جي معيشت کي گوڏن ڀر آڻڻ لاء اهڙي گيم کيڏي۔۔
منهنجي ذاتي راء جي حساب سان اگر ايئن آھي به،ته اها آمريڪا جي تمام وڏي حماقت ثابت ٿي آھي ۽ آمريڪا هينئر چائنا کي گوڏن ڀر آڻيندي آڻيندي معاشي حوالي سان پاڻ گوڏن ڀر اچي چڪو آھي،ڪورونا وائرس آمريڪا کي وڪوڙي ويو آھي ۽ اڃان اتي ڪيسز تمام گهڻا وڌڻ جا امڪان آھن ۽ ان کان علاوه معاشي طور تي هينئر آمريڪي وٽ في ماڻھو چار سئو ڊالر کان مٿي جي رقم ڪونهي،اتان جا شاپنگ مالز ۽ ھوٽلون لٽجي رهيون آھي ۽ سڄو آمريڪا لاڪ ڊائون جي نذر ٿي ويو آھي،ٽرمپ جي ايندڙ اليڪشن کٽاري ۾ پئجي وئي آھي۔۔۔
چوندا آھن ته ٻئي جي لاء کڏ کوٽبي آھي ته ماڻھو پاڻ ان ۾ پوندو آھي ۽ اگر آمريڪا چائنا،ايران ۽ پاڪستان جي لاء کڏ کوٽي به آھي ته هو ۽ سندس اتحادي يوڪي ۽ يورپي يونين جا ملڪ خود ان کڏ ۾ پئجي ويا آھن۔۔۔
هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آھي ته ڪورونا وائرس جو ڦري گهري مرڪز central place برطانيا ئي بنبي ۽ برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٽڪڻ جا امڪان ايندڙ سال 2021 جي اپريل مهيني تائين آھن ۽ برطانيا ۾ اسي هزار کان مٿي ماڻھن جي مرڻ جا امڪان آھن!!!!!
بهرحال چائنا پنهنجي همت سان نڪتو پيو وڃي ۽ ايران تمام شديد قسم جي ڪرب ۾ مبتلا آھي۔۔۔ايران وٽ ڪورونا جي لاء ڪي به precautions ڪونهن ۽ نه وري ڪا Medical facility آھي ۽ نه ايرانين ۾ انهيء ظالم وائرس جي خلاف احتياطي تدبيرن جي اپنائڻ بابت ڪا معلومات پهريان کان موجود هئي جو اهي precautionary meaurements وٺي سگهن ها ۽ ان ڪري ايران جي اندر موتن جي شرح ظاهرٿيندڙ انگن اکرن کان گهڻي مٿي آھي!!!
پاڪستان ۾ احتياطي تدبيرون ورتيون ويون آھن ۽ ماڻھن ۾ ڪورونا وائرس جي خلاف سوشل ميڊيا وڏي سجاڳي جو ذريعو بني آھي ليڪن پاڪستان جي سرحدن ۾ ايران کان ڪورونا اڃان تازو داخل ٿيو آھي ۽ الله سائين پنهنجو رحم ۽ ڪرم فرمائي ڏسئون ته ڪورونا هتي peak level کي ڪيتري حد تائين ڇهي ٿو؟!!!!
ليڪن انڊيا ڪورونا جي حوالي سان ايشيا جي اندر مرڪز بنجڻ طرف وڃي پيو ۽ انڊيا جي اندر الله تعالي هر انسان کي پنهنجي پناه ۾ رکي،باقي منهنجي هيء ڳاله ياد رکجو ته اتي هڪ وڏو انساني الميو پئدا ٿيندو، هيڏانهن چائنا،ايران ۽ پاڪستان جا ڪيسز ۽ هوڏانهن اڪيلي سر انڊيا جا ڪيسز۔۔۔ان لاء پاڪستان کي گهرجي ته اهو هينئر کان ئي انڊيا سان آمد و رفت کي بلڪل بند ڪري ڇڏي ۽ سامان جي ڏيتي ليتي واري سرشتي کي به بلڪل بند ڪري ڇڏڻ گهرجي!!!!
چائنا پنهنجي ستر هزار ڪورونا جي مريضن کي ڪيئن ٺيڪ ڪيو؟!!! اها هڪ وڏي اچرج جي ڳاله آھي ڇوته اسان جيڪا اڳ۾ راء قائم ڪئي هئي ته ڪورونا سان جهيڙيندي اڪثر ڪري زندگي جي جنگ ستر سالن کان مٿي وارا مريض وڙھندي هارائي ويندا آھن يا جن کي شگر،نمونيا،بلڊ پريشر ۽ دل جي بيماري اڳ۾ ئي هوندي آھي۔۔۔۔پر ڪاله پاڪستان جي صوبي ڪي پي ڪي ۾ جن ٻن ڪورونا جي ڪيسن جو موت واقع ٿيو آھي،تن ۾ نه شگر هئي ۽ نه بلڊ پريشر هيو ۽ نه ئي تن جي ستر سالن کان عمر مٿي هئي بلڪه هڪ جي عمر پنجاه سال هئي جيڪو سعودي کان عمرو ڪري موٽيو هيو ۽ ٻئي جي عمر پنجٽيه سال هئي جيڪو دوبئي کان واپس آيو هيو ۽ ٻئي وينٽي ليٽر تي ٻن ڏينهن کان رکيا ويا ۽ آخر ڪار زندگي جي بازي هارائي ويا!!!

چائنا جي ڊاڪٽرن هن بيماري سان وڏو جهاد ڪري هن بيماري کي شڪست فاش ڏني آھي،آمريڪا سمجهيو ته شايد چائنيز هن بيماري سان مقابلي جي سڪت نه حاصل ڪري سگهن ۽ اتي لکن ۾ ماڻھو مري وڃن ۽ تمام وڏو انساني الميو پئدا ٿي پئي ليڪن ايئن نه ٿي سگهيو ڇوته جڏهن آفريڪا جي ڪجه ملڪن۔۾ ھڪ خطرناڪ ترين وائرس Eboli ڦھليو هيو ۽ جنهن ۾ موت جي شرح تمام خطرناڪ حد نوي سيڪڙو تائين هئي،جنهن کي اي بولاء وائرس ٿيو پئي سو وڌ ۾ وڌ ٻن ڏينهن کان هفتي جي اندر اندر موت جي منهن ۾ وڃي رهيو هيو ۽ WHO جي طرفان ڊاڪٽرن جي جيڪا ٽيم آفريڪا ۾ موڪلي وئي هئي ته ان ۾ ڪجه تعداد چائنيز ڊاڪٽرن جو به هيو، انهيء ٽيم وٽ اي بولاء Eboli جهڙي موذي مرض سان مقابلي ڪرڻ لاء ڪابه دوا موجود ڪونه هئي ۽ پوء وڏي غور ۽ ويچار کانپوء ڊاڪٽرن جي ٽيم سوچيو ته ڇونه هڪ Anti.influenza drug جا ٽرائيلس Trials وٺڄن؟!!!! ڇوته اڳ۾ SARS وائرس جي خلاف به انهيء دوا بهترين نتيجا ڏنا هئا،جڏهن ته اها دوا SARS وائرس جي علاج واسطي نه هئي بلڪه Influenza زڪام جي وائرس واسطي هئي!!!!
جيئن ئي انهيء دوا کي سائوٿ آفريڪا جي E boli وائرس جي مريضن جي مٿان استعمال ڪيو ويو ته ان دوا مريضن ۾ نهايت ڊرامائي نتيجا ڏنا هئا ۽ ماڻھو ٺيڪ ٿيڻ جي طرف تيزي سان وڌي رهيا هئا،تانجو ان وبا تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ٿي ويو۔۔۔۔۔۔
ان سبب چائنيز ڊاڪٽرن سوچيو ته ڪورونا وائرس ۾ به ڇونه انهيء دوا کي استعمال ڪيو وڃي ۽ جيئن ئي انهيء دوا جو استعمال ٿيو ته چين جي اندر ڪورونا جا مريض ٺيڪ ٿيڻ لڳا ۽ ايئن ڪجه هفتن جي اندر انهن ستر هزار مريضن کي انهيء دوا سان ٺيڪ ڪري ورتو!!!!
ڇا آھي؟!!!!!
هيء دوا جپان جي هڪ ڪمپني Toyama chemical of japan انفلوئنزا لاء ٺاهي هئي ۽ هن جو نالو Favipiravir آھي ۽ هن کي T_705 ۽ Avigan جي نالي سان به سڏيو ويندو آھي!!
فيبروري 2020 ۾ Favipiravir تي چائنا جي اندر covid19 تي experimental study ڪيو ويو ڇوته ان وائرسن اوچتي اوچتي چائنا جي اندر خطرناڪ حد تائين emerge ڪيو هيو جنهن سبب چائنيز ميڊيڪل فيلڊ جون وايون بتال ٿي ويون هيون ۽ ان وائرس ۾ خود انهن جا ڪيترائي ڊاڪٽر به مري ويا هئا۔۔۔
هن دوا جو فارمولو C5H4FN3O2 آھي ۽ هي دوا هيٺين مختلف نالن سان مارڪيٽ ۾ موجود آھي۔۔۔
Baloxavir marboxil
OseHamivir...
Retonavir...
Amantadine........
ڪاله جي Gaurdian newspaper جيڪا بين الاقوامي ساک رکندڙ اخبار آھي،ان ۾ ھڪ رپورٽ ڇپي آھي ۽ ان رپورٽ سڄي دنيا جي اندر خوشيء جي لهر پئدا ڪئي آھي۔۔
انهيء اخبار جي مطابق ته ´´چائنا جي ميڊيڪل اٿارٽيز ٻڌايو آھي ته´´جيڪا دوا انفلوئنزا ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي،سا ئي ڪورونا وائرس تي تمام سٺو اثر رکي ٿي،جپاني ميڊيا ڪاله اربع 18 مارچ 2020 تي ٻڌايوته Xhang Xinmin جيڪو چائنا جي Science and technology ministry جو official آھي، تنهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته Favipiravir جيڪا جپان جي فيوجي فلم Fuji film ڪمپني جي ٺهيل product آھي،تنهن دوا جا ووهان ۾ clinical trials ورتا ويا ۽ معلوم ٿيو ته ان دوا جا ڪورونا covid19 ۾ تمام بهترين نتيجا آھن۔۔۔۔شروع ۾ ووهان Wuhaan ۽ Shenzan ۾ ڪورونا جي 340 مريضن تي Favipiravir دوا جا تجربا ڪيا ويا!!!!
It has a high degree of safety and is clearly effective in treatment,Zhang told reporters on tuesday....
اهي الفاظ روزانا Gaurdian news paper جا آھن ته مسٽر زينگ ٻڌايو ته favipiravir دوا ڪورونا جي مريضن ۾ تمام safe ۽ اثرائتي آھي۔۔
گارجين اخبار لکي ٿي ته چين جي اندر Shezen ۾ جن ڪورونا جي مريضن کي هيء دوا ڏني وئي ته انهن جي ڪورونا ٽيسٽ جيڪا چار ڏينهن اڳ۾ پازيٽو هئي،سا چئن ڏينهن تائين Favipiravir جي استعمال سان ٽيسٽ Negative ٿي وئي ۽ نه صرف ٽيسٽ نيگيٽو ٿي وئي بلڪه جيڪي بيماري جي دوران ۽ دوا کارائڻ کان اڳ۾ Xray chest ڪرايا ويا ۽ دوا کارائڻ کانپوء چوٿين ڏينهن تي جيڪي ڇاتي جا ايڪسريز ڪرايا ويا،پوين ايڪسريز ۾ اڳين ايڪسريز کان ڦڦڙن جي پوزيشن تمام بهتر ڏٺي وئي!!!!
ان کان علاوه اهو به گارجين اخبار ۾ لکيو ويو آھي ته خود جپان ۾ به هن ئي دوا کي ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ استعمال ڪري فائدو حاصل ڪيو ويو آھي!!!!پر جپان جي health ministry جي sources اهو ٻڌايو آھي ته انهيء دوا کي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ شرط استعمال ڪجي ته بهترين نتيجا ملي سگهن ٿا ليڪن اگر late commers patients جن جي جسم ۾ وائرس Multiply ٿي وڃي ٿو ته پوء انهيء دوا جا ايترا خاطر خواه نتيجا نٿا ملن!!!
گانا Guinea جي اندر 2016 ۾ Eboli وائرس ڦھليو هيو ته جپان انهيء ملڪ کي Favipiravir دوا جي bulk quantity ڊونيٽ ڪئي هئي ۽ انهن E boli کان انهيء دوا جي معرفت نجات حاصل ڪري ورتي هئي!!!!
ان کان علاوه هن دوا جو هڪ ٻيو clinical trial Hong kong جي هڪ ميڊيڪل ڪمپني Sihnan pharmaceticals جي طرفان ورتو ويو ۽ ان تجربي ۾ دوا جي ڪورونا وائرس جي مٿان اثر potential کي جاچيو ويو۔۔۽ ان مان معلوم ٿيو ته هن دوا جا اثر تمام بهترين ثابت ٿياآھن۔۔۔
ان کان علاوه چائنا جي Beijing chaoyang hospital جي طرفان ۽ چائنيز آرمي ڊويزن جي Institute of microbiology and epidemiology جي طرفان سٺ covid 19 جي مريضن تيstudy ڪئي وئي ۽ انهن کي ڏهن ڏينهن تائين Favipiravir oral گوري رکي وئي ۽ ان جي efficacy يعني رزلٽ ۽ safety کي ٺيڪ طرح سان جانچيو ويو ته معلوم ٿيو ته سندس جا رزلٽ بهترين آھن۔۔
ان کان علاوه هڪ ٻئي اسٽڊي به سامهون آئي آھي ۽ جنهن اسٽڊي جو نالو آھي GSK&Jhonsons` Jhonsons` study.....
GSK& jhonsons´ jhonsons` study........
هي اسٽڊي Galaxo smith klinebeecham ۽ Johnsons Jhonsons يعني ٻن ميڊيڪل ڪمپنيز جي گڏيل طور تي ڪيل اسٽڊي آھي ۽ ٻنهي ڪمپنين جا اسان جي پاڪستان ۾ به تمام وڏا pharmaceutical units آھن۔۔۔انهن پنهنجي اسٽڊي ۾ اهو ڄاڻايو آھي ته هڪ مليريا جي دوا Chloroquin phosphate جيڪا اسان وٽ به مليريا ۾ ڏني ويندي آھي ۽ ان سان گڏ اينٽي وائرل دوا Aluvia جنهن گروپ ۾ ٻه دوائون اچي وڃن ٿيون۔۔۔
1۔۔Lopnavir
2..Retonavir...
۽ انهن پنهنجي تفصيلي اسٽڊي ۾ اهو ٻڌايو آھي ته انهن ٻنهي دوائن جي combination سان ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ کٽي سگهجي ٿي!!!!!
بهرحال الله تعالي جي طرفان انهيء ظالم وائرس جي خلاف توڙ نڪري ويو آھي ۽ هڪ اميد جو ڪرڻو نڪتو آھي ته هن ظالم بيماري مان مريض ٺيڪ ٿي پنهنجي نارمل زندگي جي طرف اچي سگهن ٿا۔۔۔
منهنجي ذاتي راء موجب ته GSK and Johnsons johnsons جي combination کان بهتر Favipiravir آھي ۽ ان کي اگر covid19 ۾ Drug of choice سڏيو وڃي ته به ڪنهن به قسم جو واڌاء نه ٿيندو۔۔۔۔۽ favipiravir هڪ
Broad spectrum RNA Polymerase inhibitor
آھي،جنهن جو مقصد آھي ته هي دوا هر RNA polymerase based virus تي خاطر خواه اثرڪري سگهي ٿي۔جنهن اڳ Eboli ۽ SARS تي اسان جا تجربا ٿي چڪا آھن ۽ رزلٽس Results به ملي چڪا آھن۔۔۔۔
ياد رهي ته polymerase inhibitor جو مقصد هوندوآھي ته اها دوا وائرس جي Replication کي inhibit يا block ڪندي آھي يعني وائرس جسم جي اندر multiply نه ٿيندو،مقصد ته هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان چار وارو سلسلونه رهندو ۽ پنهنجي پوزيشن ۾ رهندي ختم ٿي ويندو۔۔۔
اهڙي قسم جي تصديق Sihuan جي Executive director مسٽر شي فينگ شينگ Mr.Che..fang shang به ڪئي آھي ۽ ان اهو چيو آھي ته؛
After all the efforts and preparations our group is fully prepared for favipiravir tablets will be provided for free as a treatment,protection for covid19 patients during epidemic bringing good news to patients...
يعني اسان پنهنجو ذھن جوڙي چڪا آھيون ته انهيء دوا جون گوريون اسان جلدي پاڻ وٽ ٺاهيون ۽ ماڻھن ۾ مفت ۾ ورهايون ته جيئن اهي پنهنجو بچاء ڪري سگهن۔۔۔۔
Conclusion.......
هن سموري بحث جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پاڪستاني حڪومت کي پاڪستان جي اندر ڪنهن به pharmaeutical company کي اجازت ڏني وڃي ته اها هنگامي بنيادن تي Raw material چائنا کان يا جپان کان گهرائي انهيء salt جون گوريون هڪ هفتي جي اندر manufacture ڪري فري ۾ گورنمينٽ هاسپيٽلس ۾ HepatitisB ۽ C جي گورين وانگر Distribute ڪرايون وڃن يا اگر جلدي ۾ manufacturing licence پاڪستان جي ڪنهن ڪمپني کي نٿو ملي ته انهن گورين جو چائنا کان اسٽاڪ گهرايو وڃي۔۔۔
نوٽ؛ اگر اها دوا پاڪستان ۾ available ٿي وڃي ٿي ته اها دوا هر اهو ماڻھو به کائي سگهي ٿو جنهن کي کنگه،زڪام،ڇاتي جي سور ۽ بخار جا ڪي به symptoms موجود هجن ۽ ضروري ناهي ته اهو ماڻھو ٽيسٽ جي طرف وڃي ۽ ان کان علاوه گهڻي Isolation ۽ معاشي طور تي Lockdown سبب ايندڙ نقصان کان به بچي سگهبو،۔۔۔مونکي پڪ آھي ته اسان جي حڪومت انهيء طرف ضرور سوچيندي هوندي ۽ پاڪستان جي صدر جو چائنا جو هنگامي دورو به انهيء سلسلي جي هڪ ڪڙي هوندي ۽ اگر ايئن ناهي ته به هاڻي انهيء طرف ڪوشش ڪرڻ کپي،انهيء کان اڳي جو هن بيماري سبب هزارين ماڻھو موت جي منهن ۾ هليا وڃن!!!!
گذارش////دوستو هي ڪالم مون وڏي تحقيق ۽ ٻن راتين جي اوجاڳي تي مشتمل محنت کانپوء لکيو آھي،اهو اوهان سڀني تي فرض ٿو عائد ٿئي ته ھن ڪالم کي پنهنجي دوستن ۾۔۔واٽس اپ جي گروپن ۾۔۔۔ميسينجر تي۔۔۔IMO تي ۽ ميڊيا جي ٻين ذريعن تي ايترو ايترو شيئر ڪريو ته جيئن هي ميسيج وقت جي حڪومت تائين پهچي سگهي ۽ اهي ملڪ جي هزارين ماڻھن جون زندگيون موت جي منهن مان ڪڍي سگهن!!!
ملتمس؛ ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر
رابطي لاء فون نمبر #03003414224

Address

Karachi
75010

Telephone

+923053835900

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SindhiRocks posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share