Sudh

Sudh SUDH - THE KNOWLEDGE YOU NEED
(1)

اڄوڪي ڏينهن (سترھن آڪٽوبر 1984ع) تي ضياءَ جي آمريت جي دؤر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن تي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي ميدان ۾ سِڌيون گو...
17/10/2024

اڄوڪي ڏينهن (سترھن آڪٽوبر 1984ع) تي ضياءَ جي آمريت جي دؤر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن تي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي ميدان ۾ سِڌيون گوليون ھلائي کين ناحق شهيد ڪيو ويو.!

۽ وري اڄ اسان جيڪو ھن رياست جو سنڌي شاگردن سان رَوئِيو ڏسئون ٿا تہ اسان کي اِھو رَوئيو بہ اُن ظالم جابر جرنيل جي دؤر جي عڪاسي ڪندي نظر پيو اچي! مطلب ڄَڻُ ايئن پيو لڳي تہ ان ظالم جابر جو روح اڃا بہ ڪو ھن رياست ۾ سمائيل آھي.! جو اڃا بہ پيا اسان کي پنهنجي سنڌي نوجوان جوڌن شاگردن جا لاش ملن… افسوس.!

شهيد انور علي عباسي ٽوڙي ڦاٽڪ جو ھڪ شهيد
شهيد انور علي عباسي ولد علي محمد عباسيءَ جو جنم 12 آگسٽ 1962ع تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ پَکَيۡ ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قمبر - شھدادڪوٽ) ۾ ٿيو. شهيد انور عباسيءَ ابتدائي تعليم نئين ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان حاصل ڪيائين. هن مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، جنھن دوران هن باقاعدي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو. انور عباسي 1977ع ڌاري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. ان دوران هيءُ يونيورسٽيءَ جي تنظيمي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. انور علي عباسي بي ڪام آنرس ٽئين سال جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي رٿيل هڪ سيمينار '۾ شرڪت لاءِ يونيورسٽيءَ جي دوستن سان گڏ وڃي رهيو هو ته مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ واري سانحي ۾ شھيد ٿيو. انور عباسيءَ جي لاش کي رات پيٽ ۾ واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ دفن ڪيو ويو. وارثن کي اها خبر ڏھ ڏينھن بعد پئي.

ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سرخ سلام 🚩

انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

ڄامشورو ٽول پلازا: سنڌ ۾ اليڪشن ڌانڌالين ۽ نتيجن کي تبديل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي سميت مختلف سياسي پاراٽين جو ڌرڻو جاري. لکين ...
16/02/2024

ڄامشورو ٽول پلازا: سنڌ ۾ اليڪشن ڌانڌالين ۽ نتيجن کي تبديل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي سميت مختلف سياسي پاراٽين جو ڌرڻو جاري. لکين ماڻهو ڌرڻي ۾ موجود

06/02/2024

سڪرنڊ سائين زين شاھ جي جلسي جا منظر. سنڌي ماڻهن جون محبتون ڏسي سائينءَ جون اکيون ڀرجي آيون 😍❣️✌️

15 نومبر تي موهن جي دڙي تي ٿيندڙ مرمتي ڪم دؤران ٽامي جي سڪن جو ذخيرو دريافت ڪيو ويو، ڪنزرويشن ٽيم پاران اسٽوپا ۽ خانقاه ...
17/11/2023

15 نومبر تي موهن جي دڙي تي ٿيندڙ مرمتي ڪم دؤران ٽامي جي سڪن جو ذخيرو دريافت ڪيو ويو، ڪنزرويشن ٽيم پاران اسٽوپا ۽ خانقاه جي اولھ ۾ اِهي سِڪا پيالي ۾ ڊونٽي گهٽيءَ مان ھٿ ٿيا.

سنڌ - سَمہ سلطنت - ڄام فروز شاھ ( ڄام فيروز پُٽ ڄام نظام الدين ٻيو) جي دؤرِ حڪومت (1508-1525) جا سِڪا، جنهن کان پوءِ سنڌ...
13/11/2023

سنڌ - سَمہ سلطنت - ڄام فروز شاھ ( ڄام فيروز پُٽ ڄام نظام الدين ٻيو) جي دؤرِ حڪومت (1508-1525) جا سِڪا، جنهن کان پوءِ سنڌ وطن تي ڌارين جي لوڌ منگولن (مغلن - ارغونن - ترخانن) قبضو ڪيو تنهن کان پوءِ سنڌ سُک جو ساھ نہ کڻي سگهي آ.!

پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جا امڪان.
13/11/2023

پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جا امڪان.

سنڌ حڪومت 13 نومبر ڏياريءَ (ديوالي) جي موقعي تي ھندو برادريءَ لاءِ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
09/11/2023

سنڌ حڪومت 13 نومبر ڏياريءَ (ديوالي) جي موقعي تي ھندو برادريءَ لاءِ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

06/11/2023

سنڌ جي تاريخي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي، تاريخي آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪوبہ عملي ڪردار ادا نہ ڪي...
20/08/2022

سنڌ جي تاريخي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي، تاريخي آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪوبہ عملي ڪردار ادا نہ ڪيو ويو آهي، آلاڻ سبب ڪچون ڀتيون ڀرڻ لڳيون، تفريحي مقام اونداهي ٿيڻ تائين کليل آھن، وڏي انگ ۾ ماڻھو اچڻ ڪري نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي، پر ذميوار عملدار ڪمائي جو دڪان کولي ويٺل آهن. ثقافت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيون ٿا تہ ڪرپٽ آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ان معاملي جو نوٽيس وٺي تاريخي آثارن کي بچائڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو وڃي.

سنڌ حڪومت برسات متاثرين جي بحالي لاءِ اڄ وڌيڪ 20 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا، 20ھن ضلعن جي ڊي سيز کي ھڪ ھڪ ڪروڙ رپيا جاري.اميد آھ...
20/08/2022

سنڌ حڪومت برسات متاثرين جي بحالي لاءِ اڄ وڌيڪ 20 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا، 20ھن ضلعن جي ڊي سيز کي ھڪ ھڪ ڪروڙ رپيا جاري.

اميد آھي تہ مال ڊي سيز تائين ئي محدود ھوندو.! عوام اھا ئي دربدر ھوندي.

17/08/2022

سنڌ ۾ برساتن سبب سڀاڻي 18 آگسٽ تي سنڌ حڪومت طرفان عام موڪل جو اعلان، تمام سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رھندا.

Historical Images.1930 Karachi Munciple Corporation (KMC)Jamshed Mehta President KMC & GM Syed Voice President KMC. Phot...
17/08/2022

Historical Images.
1930 Karachi Munciple Corporation (KMC)
Jamshed Mehta President KMC & GM Syed Voice President KMC. Photo KMC Assembly Hall during Meting (1930).
تاريخي تصويري 1930 ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو اجلاس جنهن جي صدارت صدر ڪي ايم سي جمشيد مهتا ڪري رهيو آهي گڏ جي ايم سيد وائس پريزيڊنٽ ڪي ايم سي آهي.

#

ڪجھ ڏینھن اڳ ڪراچي یونيورسٽي ۾ لطیف جي بیتن کي مٽایو ویو ۽ ھاڻ شاھ لطیف یونيورسٽي خیرپور ۾ سائین جي ایم سید نالي ھاسٽل ڪ...
17/08/2022

ڪجھ ڏینھن اڳ ڪراچي یونيورسٽي ۾ لطیف جي بیتن کي مٽایو ویو ۽ ھاڻ شاھ لطیف یونيورسٽي خیرپور ۾ سائین جي ایم سید نالي ھاسٽل ڪیتري وقت کان قائم ھئي موڪلن دوران سائین جي ایم سید جو نالو مٽائي ان ھاسٽل جو نالو 200 بوائز ھاسٽل رکیو ویو آھي، جیڪو عمل برداش جوڳو ناھي، شاھ لطیف، سچل، سورھیہ بادشاھ، راجا ڏاھر، سائین جي ایم سید، ھشو ڪیولراماڻي، ڪامریڊ حیدر بخش جتوئي، آریسر صاحب، شهيد بشیر خان ھي سڀ سنڌ ۽ سنڌي قوم جا سورما آھن ھنن جي نالن سان سنڌ جي تعلیمي ادارن، یونيورسٽي، ڪالیجن، اسڪولن کي منسوب ٿیڻ گھرجي سنڌ جي تعلیمي ادارن اندر سنڌي قوم جي سورمن شاھ صاحب ۽ سائین جي ایم سید جي نالن سان قائم ادارن سان ھٿ چراند سنڌي قوم جي اثاثن سان ھٿ آھي.

سنڌ جي مشھور آرٽسٽ ماروی چنا ھن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. اچانڪ وڇوڙي تي سندس گھرڀاتين ۽ پرستارن ۾ ڏک جي لھر ڇانيل.ا...
17/08/2022

سنڌ جي مشھور آرٽسٽ ماروی چنا ھن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. اچانڪ وڇوڙي تي سندس گھرڀاتين ۽ پرستارن ۾ ڏک جي لھر ڇانيل.

اللّٰہ سائين مغفرت فرمائي. آمين

لاڙڪاڻو13 آگسٽ 2022ديدڙ سنڌ اپڊيٽسلاڙڪاڻو ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ ٽائيم اسڪيل جي باني پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر سائين لياقت علي ديدڙ...
13/08/2022

لاڙڪاڻو
13 آگسٽ 2022
ديدڙ سنڌ اپڊيٽس

لاڙڪاڻو ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ ٽائيم اسڪيل جي باني پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر سائين لياقت علي ديدڙ جي ورسيءَ جي موقعي تي وڏي پٽ نعيم لياقت ديدڙ، ڀاءُ سائين محمد اسلم ديدڙ، وسيم لياقت ديدڙ، جاويد علي عباسي، سائين رياض حسين ڀٽو، مقصود احمد ديدڙ، ساجد علي ديدڙ، سرائي جواد اميد علي ديدڙ، عبدالغفار راڌڻ، عامل عبداللّٰہ ديدڙ ۽ ٻين ديدڙ برادريءَ جي معذزن سميت پ ٽ الف لاڙڪاڻي جي اڳواڻن گڏجي گلن جي چادر چاڙھائي کيس مغفرت جي لاءِ دعا گهري.

پ پ پ سرڪار جو نئون ڪارنامو!!اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ SSU سنڌ پوليس اندر سنڌي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو!! ايس ايس يو جي تازي ڀر...
19/07/2022

پ پ پ سرڪار جو نئون ڪارنامو!!
اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ SSU سنڌ پوليس اندر سنڌي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو!!
ايس ايس يو جي تازي ڀرتي ۾ غير سنڌين کي کنيو ويو آھي!!
پنجاب ڪي پي ڪي جا ڪارڊ رکندڙن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرٿي ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي.

اسين اعليٰ اختيارن سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته غير قانوني ڀرٿين جي جاچ ڪري سندن برطرف ڪري سنڌين سان انصاف ڪيو ونڃي.
پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪندا.

02/07/2022

لاڙڪاڻي جا حڪمرانو..!
فتح جي جشن مان واندا ٿيو هجو تہ،
شهر جي نياڻين جي هن واحد لائبريري طرف ڌيان ڏيو.
جتي قهر جي گرمي ۾ نياڻيون پڙهڻ تہ اچن ٿيون پر کين ڪا سهولت نہ ملي سگهي آهي.!

مزي جهڙي ڳالهه ته اها لائبريري توهان جي مادر ملت يعني بيگم نصرت ڀٽو صاحبہ جي نالي منسوب آهي. شايد ادي جي نالي منسوب هجي ها ته چوويهہ ڪلاڪ پکا اي سيون هلن ها.!

نثار کوکر

واسطي ﷲ سائين جي مونکي ٻچڙو بازياب ڪرائي ڏيو هڪ مجبور ۽ بيوس پيءُ طرفان سنڌي قوم اڳيان دانهن، راڻيپور ۾ بيوس بڻيل هيرو م...
29/06/2022

واسطي ﷲ سائين جي مونکي ٻچڙو بازياب ڪرائي ڏيو هڪ مجبور ۽ بيوس پيءُ طرفان سنڌي قوم اڳيان دانهن، راڻيپور ۾ بيوس بڻيل هيرو مل روئي ڪري سوال ڪري ٿو؟
مونکي ٻڌايو مان ڪنھن وٽ دانھي ٿيان ايم اين اي وٽ يا ايم پي اي وٽ يا ايس ايس پي يا سنڌ جي ساڃاھ وند شعور وٽ پيش ٿيان جيڪو پنھنجي زباني ٻڌائي ٿو.

ڪلھ منھنجو لکت جگر 8 سالا پٽ آديش ڪمار گھر کان اڪيڊمي ويندي اغوا ٿي ويو.

هي هيرو مل نٿو روئي هي سنڌ جو هرهڪ ٻچڙوال روئي رهيو آهي.

اسين سنڌ جي شعور وٽ دانھي ٿي پڪار ڪريون ٿا راڻي پور رياست مان اغوا ٿيل ننڍڙي آديش ڪمار جي بازيابي تائين آواز اٿاريو وڃي ۽ ڏوھارين کي سزا ڏني وڃي!

 غلاميءَ ۽ خوف واري زندگيءَ مان ٻاھر نڪرو، يقينن توھان کان وڌيڪ طاقتور ڪوئي ڪونهي.سنڌي جنيد ديدڙ جو ويچار
16/06/2022



غلاميءَ ۽ خوف واري زندگيءَ مان ٻاھر نڪرو، يقينن توھان کان وڌيڪ طاقتور ڪوئي ڪونهي.

سنڌي جنيد ديدڙ جو ويچار

  سرڪاري اسڪولن ۽ سيف جي اسڪولن ۾ پنجون درجو پڙھندڙ غريب ۽ باصلاحيت شاگردن لاء 400 اسڪالرشپس جو اعلان.اعليٰ تعليمي ادارن...
29/05/2022


سرڪاري اسڪولن ۽ سيف جي اسڪولن ۾ پنجون درجو پڙھندڙ غريب ۽ باصلاحيت شاگردن لاء 400 اسڪالرشپس جو اعلان.
اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙھڻ واري خواب کي حقيقي روپ ڏيڻ لاء مسڪين شاڱردن کي ھن سونھري ۽ بھترين موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي.

26/05/2022


ديدڙ واسي ماضيءَ ۾ چونڊيل نمائيندن/حڪمرانن جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندا.؟

گذريل پنجن سالن کان تہ ڇا پر اسان سمجئون ٿا تہ پ پ پ جي سڄو دؤرِ حڪومت ۾ ديدڙ شهر سميت سموري علائقي (تڪ) کي ڪو بہ فائدو يا ترقياتي ڪم نہ مليو آھي. ايم پي اي، ايم اين اي کان پوءِ بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل نمائيندا بہ پنهنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ڪا بہ ڪارڪردگي ناھن ڏيکاري سگهيا.! وري بہ ديدڙ شهر ۽ علائقي جو باشعور عوام انهن جونڊيل نمائيندن ۽ ڀوتارن پُٺيان بغليون ھڻندي پئي وتي.! افسوس

ديدڙ شهر جا کوڙ سارا اھڙا بنيادي مسئلا آھن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ گئس آھي. اُھو بہ اللّٰہ سائين حياتي ۽ صيحت ڏي ديدڙواسي سائين محمد شريف ديدڙ صاحب جن کي جن ديدڙ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن لاءِ واٽرسپلائي جو پلانٽ لڳرائي ڏنو نہ تہ حڪمرانن ۾ تہ ھڪ ناليءَ ۽ روڊ ٺاھرائڻ جي بہ اميد ناھي تہ ھو واٽرسپلائي ڪاڏانهن لڳرائي ڏين ھا.! پر افسوس جو وقت جي حڪمرانن ۽ واٽرسپلاءِ علمي جي لاپرواھيءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب اھو بہ تقريبن ٻن ڏھاڪن کان ناڪارا بڻيل آھي ۽ ڪير بہ مالڪي ڪرڻ ۽ پڇڻ لاءَ تيار ناھي.
ديدڙ واسيو چونڊيل نمائيندن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگي توھان جي سامهون آھي، جي اوھان ھن ماڊرن ۽ ڊجيٽل دؤر ۾ بہ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ روڊ رستن، ھڪ سٺي ڊرينيج سسٽم، گئس، بجلي ۽ ٻين بنيادي صحولتن کان اڃان بہ محروم آھيو تہ پوءِ سائين اوھان کي اوھان جا اعمال ئي ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهن ٿا. ۽ اُھا صرف ۽ صرف پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ سان ئي ممڪن آھي.
پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو پنهنجي قوم ۽ علائقي جي ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ نڪي ھڪ ذاتي مفاد لاءِ.

اسان ڌرتي ٽي ويءَ ۽ ان جي اسان جي علائقي جي ٽيم جا ٿورائتا آھيون جن ڪوريج ڪئي.

06/07/2021

Address

27
Karachi
75460

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sudh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sudh:

Videos

Share


Other Karachi media companies

Show All