ڪنڌڪوٽ نئون آيل ڊي سي به ميونسپل ڪميٽي وارن اڳيان بي وس بڻيل گندي گٽرن جو پاڻي روڊن تي نڪري آيو
ڪنڌڪوٽ ڪچي ۾ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻان فوت
ڪَنڌ ڪوٽ جي ڪَچي واري عَلائقي ميوَل شاهَه ويجهو ڳوٺَ شاهه عَلي سبزوئي ۾ راڪيٽَ لانچَر جو گولو ڦاٽڻ سببَ هليٿَ انتظاميه ڪَنڌ ڪوٽ جي ٽيمُن سَميت ٻيو ٽيڪنيڪَل عَملو ٿِيل واقعي واري هَنڌ پُهچي ويو۔ٻئي پاسي ايسِ-ايسِ-پي ڪَشمور روحِل کوسو ٻُڌايو آھي ته وَڌيڪ جاچَ جاري آھي اِنهيءَ نتيجي کي بِه ضَرور پَڌرو ڪَيو ويندو۔ واضِع رهي تَه هن واقِعي ۾ 04 جانيُون موقِعي تي اَجل جو شِڪار پِڻ بَڻجي ويون۔وَڌيڪ 04 جانيُون ڳڻتي جوڳي حالتَ هُئڻ سببَ ڳڙڪائِجي ويون۔مَجموعي طور تي فوتَ ٿي ويلن جو اَنگ 08 ٿي ويو۔
افسوس ناڪ خبر ....
ڪنڌڪوٽ ـ ميول شاھ ڪچي واري علائقي ۾ شاھ علي سبزوئي جي گھر ۾ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 7 ڄڻن جي مارجڻ ۽ ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ھڪ عورت سميت چئن اياز سبزوئي ـ نياز ـ راشد سبزوئي ۽ ھڪ عورت جا لاش سول اسپتال منتقل ـ
ڪنڌڪوٽ پوليس پاران احتجاج ڪندڙن تي لاٺي چارج ، ڪيترائي ماڻهو زخمي..
ڪشمور ڌرڻي ۾ سيد زين شاھ جو خطاب
ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي ظلم کان بچايو وڃي
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري اعلائقن ۾ فوجي آپريشن ڪيو وڃي
ڪنڌڪوٽ اڳوڻي ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو صاحب جي پٽ رپينيو انڪروچمينٽ انسپيڪٽر عبدالستار کوسو ۽ سردار سليم جان مزاري جي PA خير بخش مزاري سينيئر صحافي سلطان رند کي کي جلسي مان اغوا ڪري کڻي وڃڻ جا لائيو مناظر..!!!
ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪشمور ڊيره موڙ سنڌ پنجاب جي
بارڊر تي گذريل 24گهنٽن کان ڌرڻو جاري آهي ڪشمور ضلعي جو مظلوم طبقو جاڳي چڪو آهي جيستائين سڀ مغوي ڌاڙيلن جي چمنبي مان آزاد نه ڪرايا ويندا تيستائين انڊس هاءِ وي بلاڪ رهندو. مظاهرين
ڪنڌڪوٽ گهنٽا گهر لڳ ،گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون ۽ ڪھاڙين جو آزاداڻـ استعمال برجو گولو ڪيترائي زخمي ـ
زورڳڙھ جا رھواسي آھن زمين جي مسئلو ھلندڙ هيو چوٻول،
زخمين کي علاج لا۽ ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو
ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني پوري ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي قتل وغارت چاٻي چورين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ڪشمور پاران بڊاڻي شهر کان ايس يو پي جي سوين ڪارڪن سميت ھزارين ماڻھن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وڌيڪ ڏسو ٿا ھن رپورٽ ۾
ڪنڌڪوٽ دراني مھر ٿاڻي جي حد پوليس ۽ ڌاڙيلن جي فائرنگ
ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي ملازم ثناء اللہ ميراڻي جي پگهارون نه ملڻ خلاف، پروموشن نه ٿيڻ خلاف ۽ ٻين ملازمن جون 35 پرسنٽ واڌو پگهار نه ملڻ خلاف بک هڙتال صبح کان وٺي جاري آهي. وڌيڪ ٻڌندا ثناء اللہ ميراڻي جي زباني
ڪنڌڪوٽ: مغوي ڪاشف پھوڙ جي ڏوھارين تشدد ڪندي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏيو.
مونکي ڇڏايو: مغوي جون دانھون
سردار تيغو خان تيغاڻي مٿان ايس ايچ او سميت ٽن مغوين جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد سردار تيغو خان تيغاڻي جو موقف سامھون اچي ويو
ڪنڌڪوٽ ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سبزوئي برادري جي ماڻهوَ پاران احتجاج ڪيو ويو آهي..
ڪنڌڪوٽ۔سول اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ دوايون نه هجڻ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي خلاف ايس يو پي ضلع صدر دلمراد ڏاهاڻي۔فضل عباس کوسو۔فضل سنڌي۔ڇوٽو جکراڻي۔الطاف سنڌي۔۽ ٻين جي اڳواڻي سول اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي اڳواڻن پاران۔ايم ايس ڊي ايڇ او هٽايو جا سخت نعرا هنيا ويا آهن
اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال ۾ سهولتون ڪون آهن سول اسپتال ۾ ايمرجنسي روم اٺن بيڊن تي مشتمل آهي جنهن تي ضلع انتظاميا جي ملي ڀڳت سان چار بيڊن تي لمس ليبارٽي قبضو ڪيو آهي جنهن خلاف ڪير ڪاروائي ڪرڻ وارو ناهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان وزيراعلىٰ سنڌ سميت سڀني اعلىٰ اختيارن کي مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي سول اسپتال ۾ دوايون ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ لمس ليبارٽي انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي سول اسپتال کي ايمرجنسي لاء وڌيڪ چار ٻيان بيڊ ڏنا وڃن