Riaz khoso

Riaz khoso Teacher ,Socialist,Humanist

19/01/2024

آدمشماري جي رهيل بقايا پئمينٽ جي حوالي سان اهم پيش رفت.
ناڻي کاتي فنڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي ليول تي فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ PBS طرفان DCs کان انهن جا اڪائونٽ نمبر ورتا پيا وڃن.
بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بقايا پئمينٽ اوهان جي اڪائونٽ ۾ هوندي..🙏

18/01/2024
17/01/2024

آء٠بي٠اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي/ جي اي ايس ٽي اميدوارن سان انصاف ڪريو پراسيس انفريز ڪريو٠

15/01/2024

سپريم ڪورٽ مان پٽيشن خارج
ھائي ڪورٽ جو فيصلو برقرار، پرائمري استادن لاءِ پروموشن جا سڀ دروازا بند.
پرائمري استاد پنهنجي سموري سروس ۾ PST ئي رهندو
پٽيشن پيروي نه ٿيڻ سبب سپريم ڪورٽ (اپيليٽ ٽربيونل) مان خارج ڪئي وئي.افسوس صد افسوس

جيڪڏهن توهان جي ڳوٺ ۾ 8 کـان 16 سال جا اھڙا ٻار موجود آهن جيڪي يا ته ڪڏهن اسڪول ويا ئي ناھن يا پنج ڪلاس پڙھڻ کان پھرين...
15/01/2024

جيڪڏهن توهان جي ڳوٺ ۾ 8 کـان 16 سال جا اھڙا ٻار موجود آهن جيڪي يا ته ڪڏهن اسڪول ويا ئي ناھن يا پنج ڪلاس پڙھڻ کان پھرين ڇڏي ويا آهن ۽ توهان انهن کي تعليم ڏيڻ چاهيو ٿا ته اڄ ئي اپلائي ڪيو سجاڳ پروگرام طرفان توهان کي انهن ٻارن جي تعليم لاء ٽريننگ ۽ معاوضو جڏهن ته ٻارن لاء ڪتاب ۽ مڪمل اسٽيشنري سان گڏ ماھوار وظيفو پڻ ڏنو ويندو.
وڌيڪ تفصيل لاءِ هن نمبر 03000602240 تي ميسيج ڪريو.

08/01/2024

*سنڌ تعليم کاتي سياري جي خراب موسم سبب اسڪولن جو ٽائيم صبح 08:30 کان وڌائي 09:00 ڪري ڇڏيو، موڪل جو ٽائيم ساڳيو 02:00PM بجي رھندو*

*(ڪراچي کان علاوه)*

اڄ ٽيچنگ لائسنس پاليسي تي STEDA جي طرفان سگا جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي جي NIC هال ۾ اوپن ڊائلاگ (Pen...
04/01/2024

اڄ ٽيچنگ لائسنس پاليسي تي STEDA جي طرفان سگا جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي جي NIC هال ۾ اوپن ڊائلاگ (Pennal Discussion ) منعقد ڪيو ويو.
پينل ڊسڪشن ۾ اسپيڪر طور، پ. ٽ. الف جو اڳوڻي صدر محترم انتظار ڇلگري کي تعلیم ماهر طور مدعو ڪيو ويو هو. جڏهن ته ٻين پئنلسٽ ۾ گسٽا جو مرڪزي صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي، سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي جو ڊين محترم عبدالستار عالماڻي، آغا خان يونيورسٽي جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ساجد علي صاحب،(آنلائن) IBA سکر جي ٽيچنگ لائسنس جي فوڪل پرسن سيد ڌڻيءَ بخش شاھ،( آنلائن) اسٽيڊا جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد رسول بخش شاه، ٽيچنگ لائسنس لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائيندڙ حيدرآباد جو پرائمري استاد عمران موتيوالا ۽ بي. ايڊ انڊر گريجوئيٽ مرڪ ابڙو شامل هئا.
مذاڪري جا ميزبان اسٽيڊا جا ڊائريڪٽر محترم زين العابدين لغاري ۽ ماڊريٽر جناب پروفیسر خالد حسین چنا هئا. مذاڪري ۾ ٽيچنگ لائسنس پاليسي استادن جي تحفظات ۽ Queries تي محترم انتظار ڇلگري ۽ حاجي محمد اشرف خاصخيلي مضبوط دليلن سان ڀرپور ڳالھايو خاص طور تي محترم انتظار ڇلگري جي مدلل ۽ وزندار موقف کي ٻڌندڙن طرفان ساراهيو ويو. سندس مڪمل موقف کي مون فيس بڪ تي لائيو شيئر ڪيو. جيڪو ٻڌڻ وٽان آهي.
آخر ۾ سيد رسول بخش شاه طرفان سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ٽيچنگ لائسنس پاليسي جي اعلانيل ٽيسٽ جي رجسٽريشن اختياري آهي نه ڪي لازمي. جيڪو چاهي آنلائن رجسٽريشن ڪرائي ۽ جي نه ڪرائي ته ڪو زور ڪونهي. هن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ بي. ايڊ 2.5 وارن کي موقعو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ بي. ايڊ 1.5 ۽ ADE وارن کي موقعو ڏنو ويندو. هن اها به وضاحت ڪئي ته پروموشن ٽيچنگ لائسنس پاليسي سان هرگز مشروط نه آهن. لائسنس جي incentives لاءِ پ. ٽ. الف، گسٽا ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرس سان ويهي طئي ڪيو ويندو ته لائسنس حاصل ڪندڙن لاءِ ڪو پروموشن جو نئون فارمولو جوڙيو وڃي يا سندن لاءِ ڪو پروفيشنل الائونس مقرر ڪيو وڃي.

عبدالوحید لاشاري جي ٿورن سان

ويٽنگ وارن اميدوارن لاء سٺي خبر !ڊائريڪٽر جنرل HR ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان سنڌ جي سڀني پرائمري سيڪنڊري ڊائريڪٽرز کي PST ۽ JES...
04/01/2024

ويٽنگ وارن اميدوارن لاء سٺي خبر !
ڊائريڪٽر جنرل HR ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان سنڌ جي سڀني پرائمري سيڪنڊري ڊائريڪٽرز کي PST ۽ JEST جي ڪرنٽ ويڪينسي پوزيشن ٽن ڏينهن اندر جمح ڪرائڻ جو حڪم .....
ويڪنسي پوزيشن جام آهي ويٽنگ وارن اميدوارن کي موقعو ملڻ گهرجي ...

04/01/2024
نئين سال جي خوشين سان گڏو گڏ اسڪول جي کلڻ جون خوشيون ٻارن جي پياري ۽ گلڙن جھڙي وڻندڙ مسڪراھٽ مان  پڻ نظر اچي رھيون آھن ...
01/01/2024

نئين سال جي خوشين سان گڏو گڏ اسڪول جي کلڻ جون خوشيون ٻارن جي پياري ۽ گلڙن جھڙي وڻندڙ مسڪراھٽ مان پڻ نظر اچي رھيون آھن نئين سال جي سيلفي اسڪول جي ٻارن سان گڏ خوشگوار موڊ ۾

31/12/2023

Happy New Year to all of you. May the year 2024 bring a lot of happiness in your lives.

18/12/2023
اسڪول ۾ پڙهندڙ نياڻين کي ملندڙ وظيفي جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر  2023 آهيجنهن بہ نياڻي کي وظيفو ناهي مليو اهي وصول ڪن اسڪول ...
18/12/2023

اسڪول ۾ پڙهندڙ نياڻين کي ملندڙ وظيفي جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2023 آهي
جنهن بہ نياڻي کي وظيفو ناهي مليو اهي وصول ڪن اسڪول جي هيڊماستر يا هيڊماسترياڻي سان ملو يا هيٺ ڏنل لنڪ ذريعي TID ٽرانزيڪشن آئڊي حاصل ڪريو
https://semis.rsu-sindh.gov.pk/verify-stipend
......

17/12/2023

گهٽ ته هينئر وارا به ڪونه پيا ڪن..!
40 لک کان هيٺ ته ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن..
بحرحال ڪرپشن ۽ فراڊ ثابت ٿيڻ تي SPSC جو اڳوڻو ڪنٽرولر ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر برطرف..
نگران وزير اعلي جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ ٿيل اعلي سطح جاچ دوران هادي بخش ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ ٻنهي تي ڏوھ ثابت ٿيو.

17/12/2023

دل جي ڌڙڪن! ناء تنهنجي جو رڌم ساڳو آ
۽ مونسان اڪيلائي جو ستم ساڳو آ

فرق من ولاء ٻنهي ۾ نه زري جو آھي
عشق تنھجو ۽ زمانو بي رحم ساڳو آ

ڪير ڪعبي وڃي ھن جي نمازن جي لاء
تنهنجو گھر ۽ اسان لاء حرم ساڳو آ

سونهن جوڙي خدا خوش آ مان پوڄي خوش آھيان
ھن جو ۽ منهنجو شايد ڌرم ساڳو آ

ڇات پائڻ کان مڙيو ڪون اڄان ڀي آهي
چنڊ اڄ ڀي ڪالھ وانگي بي شرم ساڳو آ

ڇو نٿي ھن جي ڇھاء مان ملي راحت لياقت
گل ب ھن جي ئي بدن وانگي نرم ساڳو آ

ڪمپوزباء! نويد قمر عباسي ڪاپي

اڄ علي محمد مغيري اسڪول جوھي سيمز ڪوڊ 402020324 ۾ ڪتابن جي ورھاست ڪئي وئي جنھن ۾ IRC ۽ ڪميونٽي جو ڀرپور ساٿ رھيو
15/12/2023

اڄ علي محمد مغيري اسڪول جوھي سيمز ڪوڊ 402020324 ۾ ڪتابن جي ورھاست ڪئي وئي جنھن ۾ IRC ۽ ڪميونٽي جو ڀرپور ساٿ رھيو

پڙھندي سنڌ تـ وڌيندي سنڌ علي محمد مغيري اسڪول سيمز ڪوڊ 402020324 تعلقي جوھي ۾ معمول جي مطابق ٿيـندڙ ٽيسٽ جنھـن ۾ ٻئين ڪ...
14/12/2023

پڙھندي سنڌ تـ وڌيندي سنڌ
علي محمد مغيري اسڪول سيمز ڪوڊ 402020324 تعلقي جوھي ۾ معمول جي مطابق ٿيـندڙ ٽيسٽ جنھـن ۾ ٻئين ڪلاس جي ٻارن کي سھولتون نـ ھجڻ سبب کليل آسمان ھيٺان مٽي تي ويھاري سنڌي جو پيپر ورتو ويو جنھن ۾ ٽي پوزيشن رکيون ويون ٻارن ۾ پڙھائي طرف ڌيان وڌائڻ جي لاء انعام طور ڪاپيون ۽ پين ڏنو ويو پھرين پوزيشن سجيلا مير مٺل مغيري ٻئين پوزيشن مھوش ۽ ٽئين پوزيشن فھد مير مٺل حاصل ڪئي پنھنجي وس آھر پنھنجون ڪاوشون جاري ۽ ساري آھـن

ٻارن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان IRC جي طرفان ڳوٺ علي محمد مغيري پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ علي محمد پرائمري اسڪول  جوھي ج...
25/11/2023

ٻارن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان IRC جي طرفان ڳوٺ علي محمد مغيري پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ علي محمد پرائمري اسڪول جوھي جي ٻارن ھن ڏينھن بابت اسپيچ ڪئي ۽ پڻ اسان استادن طرفان ٻارن کي ھن ڏينھن جي اھميت بابت ٻڌايو ويو





23/11/2023

فرسٽ ائير انٽر جون مارڪون وڪڻو, ڊاڪٽر ٿيڻ لاء امتحان جا پيپر وڪڻو, ڪميشن جون 16, 17 گريڊ جون نوڪريون وڪڻو, توھان وڌندڙ ويجھندڙ دماغن کي پوئتي رکي نااھلن کي اڳتي ڪري واڳون ھٿن ۾ ڏيندا تـ ملڪ جو ڪاروھنوار بدبودار ۽ ناڪارا ٿيندو...
Sindh


ٻارن جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي ٻچڙن سان محبتون ❤❤💗😇😇
20/11/2023

ٻارن جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي ٻچڙن سان محبتون ❤❤💗😇😇

ٻارن جي عالمي ڏينھن تي گورنمينٽ علي محمد اسڪول جوھي ۾ ٻارن کي انھن جي ڏينھن جي اھميت بابت ٻڌايو ۽ خوشي سان ڏينھن ملھايو
20/11/2023

ٻارن جي عالمي ڏينھن تي گورنمينٽ علي محمد اسڪول جوھي ۾ ٻارن کي انھن جي ڏينھن جي اھميت بابت ٻڌايو ۽ خوشي سان ڏينھن ملھايو

14/11/2023

اس گاڑی کی قیمت 13 کروڑ ہے۔

تیرہ کروڑ بنانے کیلئے عام انسان کو 13 بار پیدا ہونا پڑیگا۔
تیرہ کروڑ میں 3611 بچوں کی سال بھر کی سکول فیس جمع کروائی جا سکتی۔
تیرہ کروڑ میں 5,200 ریڑھی بانوں کو روزگار دیا جا سکتا
تیرہ کروڑ میں 26 ایسے سکول بن سکتے جن میں ہزاروں بچے تعلیم حاصل کرسکتے۔
تیرہ کروڑ میں 26 ڈسپنسری بن سکتی جن میں سینکڑوں مریضوں کا علاج ہو سکتا ہے۔
تیرہ کروڑ میں کم از کم 70 گھر بن سکتے جن میں بیوائیں اور یتم اپنی زندگی بھر کا خواب حقیقت کرسکتے ہیں۔

جن لوگوں کا دن کی کل کمائی 500 ہوتی ہے۔ ان تیرہ کروڑ سے ان کی زندگی تبدیل کی جاسکتی ہےلیکن

یہ 13 کروڑ ایک ایسے نکمے اور راشی سرکاری آفیسر پر لگائے جاتے ہیں۔ جو عوام کے کسی بھی کام نہیں آتا۔

14/11/2023

Address

Johi

Telephone

+923454666300

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Riaz khoso posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Riaz khoso:

Videos

Share



You may also like