Creative Media

Creative Media Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Creative Media, Media, Islamkot.

03/02/2020

Song : Sah Hik Hik ji Qeemat Bhari Aa
Voice :Raj Sukhani

01/02/2019

Song : Wah Wah Waneen Waen
Singer : Zawar Faqeer
Poet : Makhdoom Zaman Talib-ul-Mola



واه واه وڻي وئين تون پهرين نظر ۾
کسي دل کڻي وئين تون پهرين نظر ۾
تون يار سڄڻ يار، تون يار سڄڻ يار
سهڻا تنهنجو مرڪڻ ماري وجھي ٿو،
غمن گوندرن کي ڳاري وجھي ٿو،
هن رمز سان دل جو
ڌاڙو هڻي وئين تون پهرين نظر ۾
پرين نيڻ تنهنجا گلابي گلابي
گلابي گلابي، شرابي شرابي،
گلن جي وسيلي،
جيءُ منهنجو کڻي وئين تون پهرين نظر ۾
پتو تنهنجي دل جو تو کي ئي آهي
مگر منهنجي دل ۾ جيئن ته ناهي
نگاهن سان طالب کي
دلبر ڌُوڻي وئين تون پهرين نظر ۾

22/01/2019
11/12/2018

ٿر جي پهرين عورت ڍولڪ نواز خانہ بدوش ۽ ميڊم امر سنڌو جي ٿورن سان

11/12/2018

Dholak Nawaz : Mariam Naz
First Dholak nawaz woman of Sindh from Thar at
Mariam can play
,
,
,
etc on ...
This is of Sindh, enriched with art, music and big heart
Thanks Madem Amar Sindhu


SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

05/12/2018

Song : Tokhey Ghole Thaki Piyo Aahyan Toon e Budha Kithe Aahin
Singer : Aslam Faqeer
Poetery : Ali Ansari
توکي ڳولي ٿڪي پيو آهيان!!
تون ئي آواز ڏي ڪٿي آهين..؟

تنهنجي تصوير سان ڪري ڳالهيون،
پاڻ ئي پاڻ سان وڙهيو آهيان!

شهر جا چوڪ چپ ٿي ويا آهن،
پر نه خاموش مان رهيو آهيان..

تنهنجي ڳولا جي پنڌ ۾ پياري،
رڻ جو رولاڪ ٿي رُليو آهيان،

آٿتون ڪيتريون ”علي“ آخر،
تون ئي ڳولي ٻڌا ڪٿي آهيان؟!

SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar


04/12/2018
04/12/2018

Song : He Aadhi Raat Andhari Ja, Jann Tara Khuwab Kunwari Ja
Singer : Rajab Faqeer
Poet : Haji Saand
هي آڌي رات انڌاري جا،
ڄڻ تارا خواب ڪنواري جا،

ڪنهن مُرڪي آڏي اک ڏٺو،
ڄڻ هلڪا لوڏا لاري جا،

هُو آئي هُن کانپوءِ ڏٺا،
مون اهڙا روپ ملهاري جا،

هُو منهنجي گوڏي ننڊ سُتي،
مون وار سنواريا، پياري جا،

يوٽيوب استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/c/CreativeMediaSagar

03/12/2018

Song : Tuhinja Chap Firat, Unj Asaan Ji Kaan Wai
Poet : Sarwan Sindhi
Singer : Aslam Faqeer
پهرين پنهنجو پاڻ کي، مون هُئي اَرپي اُڃ
تنهن کان پوءِ سُڃ، ساوڪ لڳي پاڻ کي،..

تنهنجا چپَ فرات، اُڃ اسانجي ڪانہ وئي،
ڏونگر ڏونگر ڏينهڙا، سهرا سهرا رات،
اُڃ اسانجي ڪانہ وئي،
تنهنجا چپ فرات،
پنهنجون ڊاهي جھوپڙيون، جوڙيا سين محلات،
اُڃ اسانجي ڪانہ وئي،
تنهنجا چپ فرات،
ڪارونجھر جي ڪور تي، گر گر وائي وات،
اُڃ اسانجي ڪانہ وئي،
تنهنجا چپ فرات،
اونهاري جي انت ۾، تڙ تڙ ساڳي تات،
اُڃ اسانجي ڪانہ وئي،
تنهنجا چپ فرات،

يوٽيوب استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar



01/12/2018
01/12/2018

Song : Dil Khe Dhodindarr He Ghadi Aahe Sham Larri Aahe
Singer : Sadiq Faqeer
Poet : ??
توکي هارائي، مون سڀ ڪُجھ هارايو پِرين،
هاڻي رُڳو ڳائي پرچايان ٿو پاڻ کي...

دِل کي ڌوڏيندڙ هي گَھڙِي آهي،
شام لَڙِي آهي، شام لَڙِي آهي،

دِلبَر کان دُوري، ڪيڏي ڪَڙِي آهي،
شام لَڙِي آهي، دِل کي ڌوڏيندڙ هي گَھڙِي آهي،

سُهڻي صُورت ڪا، اَکَ ۾ اَڙِي آهي،
شام لَڙِي آهي، دِل کي ڌوڏيندڙ هي گَھڙِي آهي،

تَنهائي کولي، وَکَ کَڙِي آهي،
شام لَڙِي آهي، دِل کي ڌوڏيندڙ هي گَھڙِي آهي،

يوٽيوب استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar


30/11/2018
30/11/2018

Song : Alae Kehen Jo Ho Halandar Lari Maan Hikrro Gull Kiri Pyo
Singer : Sadiq Faqeer
Poet : Adal Soomro
جنهن جي مُرڪ مٿان، گھوريم پنهنجا گيت،
اَڄ اُنهي مِيت ناءُ پُڇيو آ مون کان..

اَلائي ڪنهن جو هو، هَلندڙ لارِي مان
هڪڙو گُل ڪِري پَيو،

مالهڻ مُڙي نِهارِيو، هُن جي کارِي مان،
هڪڙو گُل ڪِري پَيو،
اَلائي ڪنهن جو هو، هلندڙ لارِي مان،
هڪڙو گُل ڪِري پَيو،

دَردَن جي طُوفان ۾ جوڀَن ٽارِي مان،
هڪڙو گُل ڪِري پَيو،
اَلائي ڪنهن جو هو، هلندڙ لارِي مان،

اُڀريو شَڪَ اندر ۾، پنهنجي ياريءَ مان،
هڪڙو گُل ڪِري پَيو،
اَلائي ڪنهن جو هو، هلندڙ لارِي مان،
هڪڙو گُل ڪِري پيو،..
يوٽيوب استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

29/11/2018

Song : Surmae Je Sham Mein Toon Nihareenden Pireen
Singer : Rajab Faqeer
Poetry : ??
سُرمَئِي جي شام ۾، تُون نِهاريندين پِرين،
لُڙڪ هاريندين پِرين، مُونکي ساريندين پِرين،

عيدَ ۽ ديوالِيون، سُس پُسن جُون ڳالهيون،
مُنهنجي گوڏي تي سُمهڻ، ڪيئن وساريندين پِرين،

تُون گھَڙي سان گھاٽَ تي، مان نه هُوندس واٽَ تي،
ها پِرين هن ساٿَ کي، ڏاڍو ساريندين پِرين،

تُنهنجِي زُلفن جي سَڳي، ڪنهن جڏهن کولِي کڻي،
منهنجي هٿڙَن جي ڦڻي، ڪيئن وساريندين پِرين،

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

28/11/2018

Song : Keenjhar Hoo Kinara Hoonda
Singer : Bhugro Nacheez
Poetry : Amar Sahar
Music : Sodho Jogi
ڪينجهر هُوءَ ڪِنارا هوندا،
دلڪش نيڻ نظارا هوندا،
جيون تائين ساٿ نِڀائيِن،
پنهنجا نينهن نِيارا هوندا،
جانچي جانچي جھُڙَ جون راهون،
ڪونه ٿَڪا ٿَر وارا هوندا،
اَمر تَڪيندا تُنهنجون واٽون،
ڪنهن جا نيڻ سِتارا هوندا،

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

27/11/2018

Song : Dhaar To Khaan Thiyoon Tha Aseen
Singer : Bhugro Nacheez
Poetry : Amar Sahar
Music : Sodho Jogi
ڌار تو کان ٿيون ٿا اسين،
بس رُڳو ڀوڳيون ٿا اسين

يار جي پار ڏي ئي رُڳو،
نيڻ تاڻي نيئيون ٿا اسين.

خُود کلائي پُڇو ٿا پرين،
ڪيئن ڪاوڙ پيئون ٿا اسين،

دل لڳي جي ڪري دوستو،
روز رُسوا ٿيون ٿا اسين،

بي وڙي هن جهان ۾ امر،
جاڙ توريءَ جيئُون ٿا اسين،

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

24/11/2018

Song : Tunhinja Nain Jo Qatil Thi Pya
Singer : Sadiq Faqeer
Poet : ??
اَصُل يار اَکين جي، ٻِئي آهي ٻولُي،
سڄڻ لاءِ سَولي ، ڏُکي ساري ڏيهه لاءِ...

تنهنجا نيڻ جو قاتِل ٿي پِيا،
ماڻهو گھايَل گھايَل ٿي پيا،

لِيئڙا سِج جي ڪِرڻَن وانگُر،
دِل جي دَر مان داخَل ٿي پِيا،
تُنهنجا نيڻ جو قاتِل ٿي پيا...

تون جا دُور هلي وئي آهين،
پُورا پاڙا پاگل ٿي پيا،
تُنهنجا نيڻ جو قاتِل ٿي پيا...

ڇوڙهي جنهن پَل وارَ ڇڏيا تو،
بَرسَڻ جهڙا بادَل ٿي پِيا،
تُنهنجا نيڻ جو قاتِل ٿي پِيا...

تُنهنجا ڏُکَن ۾ ڏَڍَ نہ مِليا،
لُڙڪ ويچارا شامل ٿي پيا،
تُنهنجا نيڻ جو قاتِل ٿي پيا..

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

23/11/2018

Song : Haaney Tunhinji Murk Munhinji Zindagi
Singer : Sadiq Faqeer
Poet : ??
جيستائين کُلي نہ دروازو، هرڪو اندازو آهي اندازو...!

هاڻي تنهنجي مُرڪ منهنجي زندگي،
مونکي پنهنجي هار وانگر ٿي لَڳي،

دوستي جي ڳالهہ هاڻي دوستو!
هانءُ ۾ تلوار وانگُر ٿي لڳي،
مونکي پنهنجي هار وانگر ٿي لَڳي،
هاڻي تنهنجي مُرڪ منهنجي زندگي،

زندگي ڄَڻ ساهه ۾ تڪليف آ،
پوءِ به پهرين پيار وانگر ٿي لڳي،
مونکي پنهنجي هار وانگر ٿي لَڳي،
هاڻي تنهنجي مُرڪ منهنجي زندگي،

جي جيئي تولاءِ مري،
آرزُو ڪنهن ٻار وانگُر ٿي لڳي،
مونکي پنهنجي هار وانگر ٿي لَڳي،
هاڻي تنهنجي مُرڪ منهنجي زندگي،
مونکي پنهنجي هار وانگر ٿي لَڳي،

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

21/11/2018

Song : Sochoon Saroon Tuhinjoon Jana
Poe Bi Mayaroon Tuhinjoon Jana
Singer : Sadiq Faqeer
Poet : Yar Bahadur
ڏيئِي هَٿَ هَٿَن ۾ گڏجي گُھمون ٻَئي،
ڏِسي لوڪ سارو، خُوش ٿي کِلون ٻَئي،
اَچ گُلابن رابيلَن سان کيڏوُن راند پيارا،
ڏيِئي ٽهڪ مِٺڙا جُھومون نَچُون ٻَئي..

سوچُون ساروُن تُنهنجوُن جانان،
پوءِ به مَياروُن تُنهنجوُن جانان،

لُڙڪَن سان هي نيڻ ڀِڳل هِن،
نِيرَ ڪَتاروُن تُنهنجوُن جانان،
پوءِ به مَياروُن تُنهنجوُن جانان،

دِل جو چين کڻي وَئين مِٺڙا،
ساٿ نِهاروُن تُنهنجوُن جانان،
پوءِ به مَياروُن تُنهنجوُن جانان،

يار بهادُر وَئين تون ڇيڙي،
دِل جون تاروُن تُنهنجوُن جانان،
پوءِ به مَياروُن تُنهنجوُن جانان،
سوچُون ساروُن تُنهنجوُن جانان،

يوٽيوب جي استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ لنڪ
SUBSCRIBE HERE
https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar

Annual Result Announcement ProgramSome Random Clicks
13/04/2018

Annual Result Announcement Program

Some Random Clicks

11/04/2018

غور فرمائجو...

Address

Islamkot
69240

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Creative Media posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Category

Creative Media

Creative Media formerly (Sagar Movies) is video recording company, based in Tharparkar

Follow Us

https://www.facebook.com/pg/SagarCreativeMedia

https://www.youtube.com/CreativeMediaSagar


Other Islamkot media companies

Show All