Mubarik Bajeer

  • Home
  • Mubarik Bajeer

Mubarik Bajeer Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mubarik Bajeer, News & Media Website, .

28/11/2024

هاڻ جي ويندين هليو
مونکي کائيندو وطن

اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻن ڀيڻن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ وارو ماملو،لاش بغير پوسٽ مارٽم  جي وارثن جي حوالي ٿيڻ جو انڪشاف،لاشن جو ڳ...
13/11/2024

اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻن ڀيڻن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ وارو ماملو،لاش بغير پوسٽ مارٽم جي وارثن جي حوالي ٿيڻ جو انڪشاف،لاشن جو ڳوٺَ ۾ اگني سنسگار ڪيو ويو،پوليس به ڪا جاچ نه ڪئي،علائقي ۾ وارثن پاران دماغي توازن درست نه هجڻ واري موقف تي مختلف چوٻول

31/10/2024
ٿرڪول جي متاثرين جي واهر نه ٿي اڄ به سراپا احتجاج بڻيل،چونڊيل نمائنده به خاموش،بلاڪ ون ۽ ٽو جا غريب متاثر پنهنجي مدد پاڻ...
28/10/2024

ٿرڪول جي متاثرين جي واهر نه ٿي اڄ به سراپا احتجاج بڻيل،چونڊيل نمائنده به خاموش،بلاڪ ون ۽ ٽو جا غريب متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن تي حقن جي حاصلات لاء دربدر ڪمپنين توڙي ڪامورن پاران ڪيل وعده وفا نه ڪيا ملڪ لاء قرباني ڏيندڙ ديس واسي بي گهر ٿيڻ جو خدشو

19/10/2024

وفاق جو سنڌ سان هن وقت جيڪو رويو آهي انهي تي سنڌ جي شعور ۽ قومپرست ڌُرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي اهڙو اجتماعي احتجاج ڪرڻ کپجي جو هُنن کي خبر پوي ته سنڌ سُجاڳ آهي

11/07/2024
ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پوندا ٻيهر آء ايم ايف وٽ وڃڻ ٻُڏي مرڻ جو مقام هوندو:وزيراعظم شهباز شريف جو بياناڄوڪي سنڌايڪسپريس
09/07/2024

ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پوندا ٻيهر آء ايم ايف وٽ وڃڻ ٻُڏي مرڻ جو مقام هوندو:وزيراعظم شهباز شريف جو بيان
اڄوڪي سنڌايڪسپريس

ذولفقار علي ڀُٽو معصوم هو غير آئيني عدالت سزا ڏني:سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلوتفصيل اڄوڪي سنڌايڪسپريس ۾
09/07/2024

ذولفقار علي ڀُٽو معصوم هو غير آئيني عدالت سزا ڏني:سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلو
تفصيل اڄوڪي سنڌايڪسپريس ۾

ٿر ۾ قهر جي گرمي.پاڻي جي سخت کوٽ.کوھ سُڪي ويا سوين آر او پلانٽ بند پيل مارو ماڻهو توڙي جانور ۽ جيوت پاڻي ڍُڪ لاء پياسا،
31/05/2024

ٿر ۾ قهر جي گرمي.پاڻي جي سخت کوٽ.کوھ سُڪي ويا سوين آر او پلانٽ بند پيل مارو ماڻهو توڙي جانور ۽ جيوت پاڻي ڍُڪ لاء پياسا،

ٿر ۾ جهنگلي جيوت غير محفوظ بڻيل،مختلف جانورن ۽ پکين جو شڪار بدستور جاري.لاڳاپيل کاتو شڪار روڪڻ ۾ ناڪام.نسل ڪشي سبب ڪيترا...
26/05/2024

ٿر ۾ جهنگلي جيوت غير محفوظ بڻيل،مختلف جانورن ۽ پکين جو شڪار بدستور جاري.لاڳاپيل کاتو شڪار روڪڻ ۾ ناڪام.نسل ڪشي سبب ڪيترائي نسل ناياب ٿيڻ لڳا،تحفظ لاء صرف پنج اهلڪار مقرر،ڪارونجهر شڪارين جو مرڪز،سياسي ڀوتار هرڻ مارائي دعوتون ڪن ٿا.
رپورٽ مبارڪ بجير
اڄوڪي روزاني ڪوشش

هاء سنڌ تنهنجا نصيب.....!!هتي قانون نالي ڄڻ ڪا شيء ناهي ڪجھ مهينا اڳ دلير صحافي جانمحمد مهر کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو...
24/05/2024

هاء سنڌ تنهنجا نصيب.....!!
هتي قانون نالي ڄڻ ڪا شيء ناهي ڪجھ مهينا اڳ دلير صحافي جانمحمد مهر کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جيڪو ڪيس هاء پروفائيل ٿيو سموري سنڌ ۽ ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر اصل قاتل اڄ تائين پڪڙ ۾ ناهن آيا اڄ وري هڪ بهادر دلير پٽ صحافي نصرالله گڏاڻي کي پڻ سرعام گولين جو کاج بڻايو ويو اڃا تائين قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا آخر صحافين کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا آخرڪار خاص طور اتر سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ڪڏهن نافذ ٿيندي آخر ڪير اهي ڌُريون آهن جو انصاف جي وچ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن؟ اڄ شهيد نصرالله جي گهر روڄ راڙو آ معصومن جو اُڀ ڏاريندڙ دانهون شل ڪنهن جي ڪنن تي پهچن سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي وقت جي حڪمرانن کان پرزو مطالبو ٿو ڪجي ته فوري طور شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

سج لهي ويو پر اسلام ڪوٽ ۾ اڃا باھ لڳي پئي آهي
21/05/2024

سج لهي ويو پر اسلام ڪوٽ ۾ اڃا باھ لڳي پئي آهي

21/05/2024

ٿرپارڪر ضلعي جي موجوده آبادي جي حساب سان لڳايل اندازي موجب انهي ۾ پنج کان ڇھ لک نوجوانن جو تعداد هوندو ۽ انهي ۾ اڪثريت نوجوانن جي سوشل ميڊيا سان سلهاڙيل آهي هر نوجوان اهو عهد ڪري ته هيل برساتي موسم ۾ هرهڪ نوجوان پنهنجي نالي هڪ وڻ پوکيندو ۽ پالنا ڪري وڏو ڪندو ۽ ائين هرسال لکن ۾ وڻ لڳي وڃن ته منهنجي خيال ۾ ٿر ۾ ايندڙ موسمي آفتن کان بچي سگهجي ٿو ۽ سڄو ٿر گرين ٿي سگهي ٿو ڇو ته ٿر ۾ قدرتي آفتن جا ذميوار اسان پاڻ آهيون
هن وقت گرمي جي شدت به وڻ جي واڍي سميت قدرتي نظام سان هٿ چراند جو نتيجو آهي.
مبارڪ بجير

الائي ڪٿي پڙھيو ھئم،انساني وجود ۾ ھڪ عمل مسلسل جاري رھي ٿو.اِھو تيستائين نٿو رُڪجي،جيستائين ماڻُھو چئن ڪُلھن تي نٿو کڄي....
20/04/2024

الائي ڪٿي پڙھيو ھئم،
انساني وجود ۾ ھڪ عمل مسلسل جاري رھي ٿو.
اِھو تيستائين نٿو رُڪجي،
جيستائين ماڻُھو چئن ڪُلھن تي نٿو کڄي.
سائنسي علم جا پاڙھو،
انھي عمل کي ميٽابوليزم چون ٿا.
سچ پُڇِين مَنُ،
اَسان پُورِي ڄمار ڀڃ ڊاھ جو شڪار رھون ٿا.
ھر روز ڊھون ٿا،
وري جُڙي ٿا پئون.
بس لڳندڙ لٺ وساري ٿا ويھون،
پر ڌَڪُ وسري ئي نٿو.
ڀڃ ڊاھ وارو سمورو عمل،
مون کي انتهائي حسين لڳندو آھي.
ماڻھو مٽيءَ جو ڍير،
مٽي پئي ڪُٽجي،
مٽي پئي ڳوھجي،
مٽي چڪ مٿي ٿي رقص ڪري.
رقص ئي تخليق آھي.

مَنَ،
ڊھڻ ۽ جُڙڻ ئي مٽي جو رومانس آھي.
تُون پريشان نه ٿي.
جڏھن به حالات بگڙيا آھن،
انسان کي پنھنجي قدر ۽ اوقات جو پتو لڳو آھي.
بُري وقت جي اھا ئي ته خوبي آھي،
ھُو فالتو ماڻھن کي،
فرينڊز سرڪل مان ڪڍي،
ڪٻاڙ خاني حوالي ڪرڻ لاءِ رستا ھموار ڪري ٿو.

مَنَ،
تُنھنجي پشيماني جائز ڪونھي،
اھا انساني فطرت آھي.
لڏڻ ۽ ڇڏڻ کي جبلت ٺاھي ڇڏيو اٿس.
ماڻُھو به پکين وانگي ٺڪاڻا مٽائي ٿو،
بس وڻن جي حصي ۾ ھجرت نٿي اچي.
مَنَ، فطرت سان جھيڙو ڪرڻ،
انتھائي اوکو ڪم آھي.
جھيڙي بغير به جيئي ته سگھجي ٿو.
تعلق کي زندھ رکجي.
ڇڏي وڃڻ کي تعلق جو موت ڇو چئون،
ڌار رھي، جيئن جو ڏان سکجي.

مَنَ،
اھا ڀڃ ڊاھ جو عمل رڳو جسم تائين محدود ناھي،
پاڻ سڀئي ھر روز، ڪنھن نه ڪنھن طرح
پاڻ کي ڊاھيون ۽ ٺاھيون ٿا.
بس وري ٺھڻ وارو عمل رُڪجڻ نه گھرجي.
اچ ته پاڻ کي ٺاھيون.
وري ھڪٻئي کي پايون.

Mukesh Raja

ٿرڪول بلاڪ ون جا متاثر مسلسل سراپا احتجاج بڻيل،ڪمپنين پاران ٻن هنڌن تي الڳ الڳ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو سوين ايڪڙ زمين پ...
25/03/2024

ٿرڪول بلاڪ ون جا متاثر مسلسل سراپا احتجاج بڻيل،ڪمپنين پاران ٻن هنڌن تي الڳ الڳ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو سوين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ ڳوٺ ٻُڏڻ جو خطرو مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران ڊمپنگ ڀرسان راڄوڻي ڪٺ، ڪمپنين جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي،

20/03/2024

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهياري بجير ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب 50 کان مٿي پورهيتن جا گهر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا باھ سبب گهرن ۾ پيل لکين روپين جو کاڌ خوراڪ توڙي قيمتي سامان خاڪ ۾ تبديل ٿي ويو جڏهن ته باھ سبب گهرن ۾ بيٺل 60 کان مٿي چوپايو مال پڻ سڙي ڪوئلو ٿي ويو سخت گرمي ۽ تيز هوا سبب کن پل ۾ باھ جهانگيئڙن جون جهوپيون رک جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيون وڏي مشڪل کانپوء اسلام ڪوٽ ۽ مٺي مان فائر برگيڊ جون گاڏيون دير سوير پهتيون ۽ ڳوٺاڻن سان گڏجي باھ تي ڪنٽرول ڪيو هن وقت ميهياري ڳوٺ ۾ مايوسي جو عالم ڇانيل آهي ڳوٺاڻا صرف جانيون بچائي سگهيا متاثرين هن ڀلاري مهيني ۾ بي يارو مددگار بڻيل آهن ضلعي انتظاميه سميت وس وارن کي فوري طور تي هنن باھ متاثرين جي واهر ڪرڻ گهرجي.
مبارڪ بجير

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mubarik Bajeer posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share