SaQi SaHar

SaQi SaHar Poetry

21/09/2024
Welcom All freinds  Meer Muhammad, Sadam Hossain Khaskheli, Babar Azam, Sanaullah Nohri, Khan Muhammad, Harish Kumar Rai...
28/04/2024

Welcom All freinds Meer Muhammad, Sadam Hossain Khaskheli, Babar Azam, Sanaullah Nohri, Khan Muhammad, Harish Kumar Raichandani, Ameen Soomro, Ali Gul Khaskhile, Ayaz Hassan Baloch, چنسیر سمیجو, Manghao Ram, Samandar Ali Bhanbhro, Niaz Samejo, Mir Nwaz, Muhammad Hassan Sand, Saqi Barkat Ali Abbasi, Subhan Otho Otho, Rashid SinDhi, اشرف نھڑیو, Haji Jat, Raichand ParMar, Gull Sher Rahimoon Rjt, Mohan Lal, Aliakbar Aliakbar, Gul Dar Jokhio, SaleemMangi SaleemMangi, M Ilyas Kunbhar, Shokat Ali

31/03/2024

منهنجو نئون غزل
31/03/2024
پيارا تنهنجون پل پل ڳالهيون آئون پچاري ويٺو آھيان سڏڪي سڏڪي توکي هردم سپرين ساري ويٺو آھيان
جيئندو هئس بس تنهنجي سهاري هاڻي جياپو مشڪل آھي توکان پوءِ تنهنجي يادن ، جي تَ سهاري ويٺو آھيان
توسان هئي منهنجي دنيا روشن، هاڻ اونداهي ٿي پئي آھي پين پني سان لفظن جا آئون ، ڏيئا ٻاري ويٺو آھيان
مهراڻ جون موجون سَاڳيون آھِن ، تون نَاهين ۽ توبِن جَانَان آئون اڪيلو تنها تنها ، سنڌوءَ ڪِناري ويٺو آھيان
منهنجون مَستيون هيون ئِي توسان ، خوشيون سڀئي کَسي هَليو وَئين ڪَڏهن نَ اَکڙِيَن لڙڪ وَهَايو ، اَڄ ڳوڙھا هَاري ويٺو آھيان
ڪونَ ڪَڏهن ڪنهن ٻي جو ٿيندس ، توسان ” ساهڙ “ وَچَن ڪيو هئَم تون تَ ڇڏي وَئين پوءِ پَنهنجا ، وَاعِدا پَاري ويٺو آھيان

............................................(ساقي ساهڙ)...................................

21/03/2024

شاعري جي عالمي ڏينهن تي سڀني شاعرن اديبن ليکڪن کي منهنجي طرفان مبارڪ
۽ اڄ ڪمينٽ ۾ پنهنجي پسند جي شاعري لکو ت ڪجھ دِل وِندرايون ۽ آئون بَ ٻڌايان ٿو پنهنجي شاعري اوهان دوستن کي پراڻو غزل آهي منهنجو


غزل: ساقي ساھڙ


سوچ تنهنجي آ سوالي ڇو اَڃا ،
دل بَ تنهنجي يار دَالي ڇو اَڃا

نَ ئي اکين ۾ آھي سرمو ۽ لَبَن تي ،
تو لڳائي ناهي لَالي ڇو اَڃا


ڌَارين مان آھي سِنڌ سَاري ڀَرجي وَئي ،
ڪا نَ تِن جي ٿِي نيڪالي ڇو اَڃا

ڏوتِي وِيچارا پيا بکون ۽ ڏک ڏِسن ،
سِنڌ تو ۾ ھي بَدحالي ڇو اَڃا

ٿا ووٽ ھر وَاري وَٺن پَرَ ديسَ ۾ ،
ڪا نَ ڪئي ٿَن ڪا خوشحالي ڇو اَڃا

باغ ھن جو ڪنهن تَ آ بَرباد ڪِيو ،
مايوس ويٺو آھي مَالِهي ڇو اَڃا

سنسان آھي مَئڪدو ۽ تو سَوا ”سَاقي“ هِتي،
سَڀ صراحيون آھِن خَالي ڇو اَڃا

04/01/2024

منهنجي هيءَ ڪجھ مَهينا اَڳ لکيل شاعري
عنوان : اَکيون
اَکيون آسَن جا گلڙا اَکيون گلستان اميدن جو هَلي آ رَات پَنهنجي آ ۽ تَنَ کي تَات تنهنجي آ
اکيون اوندھ ۾ سوجهرو اَکيون لاٽ ٻريون آھِن اَکيون نيهن جا ڀالا اَکيون ڄڻ ڇريون آھِن اَکيون سونهن جون سردار اَکيون جلَّ پريون آھِن اَکيون پِيارَ جا پوپٽ اَکيون قربن ڀريون آھِن اَکيون مَنَ جي محلَ جا اَکيون دَرَ ۽ دَريون آھِن ميدانِ عِشقَ ۾ نَڪا اَکين کي مَات ڪنهنجي آ
هَلي آ رَات پنهنجي آ ۽ تَنَ کي تات تنهنجي آ
اَکيون حاڪم حسن جون اَکيون آرڊر اَدَا آھِن اَکيون محبت ڀريا آلاپ اَکيون اِلتَجا آھِن اَکيون عَشقَ جا سڏڙا اَکيون پَل پَل پڇا آھِن اَکيون عاشقن جي بزرگي اَکيون دِل جي دعا آھِن اَکيون ڪي ميلَ ميلاپا اَکيون ڄڻ الوِداع آھِن هِنَ چاهَت ۾ چنڊ جي هيٺان جي ڦٽي پِرڀَات پنهنجي آ
هَلي آ رات پنهنجي آ ۽ تَنَ کي تَات تنهنجي آ
اَکيون جيوَن جو جياپو اَکيون جيءَ جِياريون ڀي اَکيون ڳاڙھيون گلابَن جيئن اَکيون ڪجليون ۽ ڪاريون ڀي اَکيون گَهٽا گهورن جي اَکيون ميگھ مَلهاريون ڀي اَکيون عِشقَ جو صحراء اَکيون باغ و بَهَاريون ڀِي اَکيون ڪي اَڻَ وڻَندڙ اَکيون سهڻيون ۽ پِياريون ڀِي اَکيَن سپرينءَ جي اَڳيان ”ساقي“ ”ساهڙ “ ماٺ منهنجي آ
هَلي آ رات پنهنجي آ ۽ تَنَ کي تات تنهنجي آ

04/01/2024

غزل: ساقي ساھڙ


سوچ تنهنجي آ سوالي ڇو اَڃا ،
دل بَ تنهنجي يار دَالي ڇو اَڃا

نَ ئي اکين ۾ آھي سرمو ۽ لَبَن تي ،
تو لڳائي ناهي لَالي ڇو اَڃا


ڌَارين مان آھي سِنڌ سَاري ڀَرجي وَئي ،
ڪا نَ تِن جي ٿِي نيڪالي ڇو اَڃا

ڏوتِي وِيچارا پيا بکون ۽ ڏک ڏِسن ،
سِنڌ تو ۾ ھي بَدحالي ڇو اَڃا

ٿا ووٽ ھر وَاري وَٺن پَرَ ديسَ ۾ ،
ڪا نَ ڪئي ٿَن ڪا خوشحالي ڇو اَڃا

باغ ھن جو ڪنهن تَ آ بَرباد ڪِيو ،
مايوس ويٺو آھي مَالِهي ڇو اَڃا

سنسان آھي مَئڪدو ۽ تو سَوا ”سَاقي“ هِتي،
سَڀ صراحيون آھِن خَالي ڇو اَڃا

29/11/2023

منهنجو نئون غزل


هيل وسڪارن مونکي ٻڌايو
تنهنجن چارن مونکي ٻڌايو


راهون ڏسين پيو ڪنهنجون گگن ۾
چنڊ ،ستارن مونکي ٻڌايو


تنهنجي وڃڻ سان خوشبو هلي ويئي
گل گلزارن مونکي ٻڌايو


تون جو وئين ت ويران آهيون
رستن سارن مونکي ٻڌايو


ڪيئي ڏينهن ٿيا بک تي آهيون
پيٽ بکارن مونکي ٻڌايو

ڌارين سنڌ ۾ ڪِن ڪيو آ
سنڌي سنگهارن مونکي ٻڌايو

عزتون اسان جون لٽجن پيون ٿيون
نياڻين ننگدارن مونکي ٻڌايو

روپلي جو ٿر وڪجي ويو آ
ڪولهين ڪارن مونکي ٻڌايو

ڪارونجهر ڀي ڪٽجي ويندو
مارو ويچارن مونکي ٻڌايو

تنهنجي آڱرين سان کيڏڻ جا منتظر آھيون
هن جي وارن مونکي ٻڌايو

ڪهنجي دل ۾ تون ب رهين ٿو
اک الارن مونکي ٻڌايو

پيار کي ڇڏ تون پاگل ٿيندين
بس تو پارن مونکي ٻڌايو

ڇو نَ هوءَ ڪاليج اچي ٿي
آھي انتظارن مونکي ٻڌايو

ساٿ ن تنهنجو ”ساهڙ “ ڇڏبو
ٻانهن جي هارن مونکي ٻڌايو

مهرباني ڪري منهنجي هن فيسبڪ پيج SaQi SaHar کي Follow ت جيئن منهنجي هر نئين ايندڙ شاعري توهان دوستن تائين پهچي سگهي

Address

Islamkot
44

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SaQi SaHar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to SaQi SaHar:

Share