09/01/2023
رپورٽ
محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر 2023ع
اوسر پيڙھڪا امانتاڻہ طرفان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي فڪر سان سرجيل ”ارتقاءَ“ جي عنوان سان مخدوم محمد زمان طالب المولي ”لا“ ڪاليج ۾ محمد اسماعيل عرساڻي سائنس ميلي جو انعقاد ڪيو ويو. جنھن جو افتتاح محترم غلام اڪبر لغاري سيڪريٽري تعليم ۽ خواندگي کاتو حڪومت سنڌ جن ڪرڻ فرمايو جڏھن تہ محترم عزيز اللہ اوڍو ڊائريڪٽر ھاير سيڪنڊري، سيڪنڊري ۽ ايليمينٽري حيدرآباد ريجن حيدرآباد، سائين رسول بخش شاھ فوڪل پرسن چيف منسٽر ايجوڪيشنل ڪميٽي، خدا بخش ميمڻ ضلعي تعليم آفيسر سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري مٽياري، خالد ٻٻر ضلعي تعليم آفيسر پرائمري ضلعو حيدرآباد ۽ مٽياري جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن سميت ضلعي مٽياري جي اليمينٽري، ھاءِ ۽ ھاير سيڪنڊري اسڪولن جي سئو کان وڌيڪ ھيڊ ماسترن پنھنجي تدريسي عملي ۽ ھزارين شاگردن سان گڏ ڀرپور شرڪت ڪئي. جڏھن تہ سائين غلام قادر وساڻ، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ، ڊاڪٽر اللہ ڏنو ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا تعليمدانن حيدرآباد کان سفر ڪري ھي سائنسي ميلو ڏسڻ ۽ شاگردن جي ھمت افزائي لاءِ پھتا. ھن ميگا ايونٽ ۾ مختلف مڪتبہ فڪر جي ماڻھن پنھنجي فيمليز سان گڏ اچي ھن سائنس فيئر ۾ پيش ڪيل ماڊلز کي پرکيو. اوسر پيڙھڪا امانتاڻہ طرفان منعقد ڪيل محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر ۾ ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري سطح جي ٽيونجاھ سرڪاري، پرائيويٽ ۽ سيف اسسٽيڊ اسڪولن پنھنجا 103 ماڊل ”ارتقاءَ“ جي موضوع تي ٺاھي پيش ڪيا. جن ۾ ارضيات، انسان، ائٽم، ڪرنسي، ثقافت، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ سميت ڪيترن ئي موضوعن جي ”ارتقاءَ“ کي سمجھايو ويو ھو.
افتتاحي پروگرام جي شروعات ايم آر ڪي اوسر اسڪول جھڻ موري جي شاگرد تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي. اللہ جي باربرڪت نالي کان پوءِ معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪرڻ واسطي گل عرساڻي ھاير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردياڻين ٽيبلو پيش ڪيو ۽ ڊائريڪٽر اوسر فائونڊيشن محترمہ غزالہ عرساڻي آڌرڀاءُ ۽ پروگرام جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. مھمانن کي اسٽيج تي سڏائي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ مھمانن کان پروگرام بابت ويچار ورتا ويا. پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي سائين رسول بخش شاھ، محترم غلام اڪبر لغاري ۽ پروفيسر عزيز اللہ اوڍو جن چيو تہ اھڙا سائنس فيئر ڪرائڻ سان شاگردن ۾ سائنسي ۽ منطقي شعور وڌي ٿو. ھنن وڌيڪ چيو تہ محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر جھڙو ڪاڄ ھالا جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن بہ ڪونہ ٿيو آھي، اھڙيون سرگرميون ھر سال ٿيڻ گھرجن، جيئن شاگردن ۾ سائنسي سوچ پروان چڙھي ۽ ھو تحقيق سان گڏ پنھنجي سماج کي اڳتي کڻي وڃي سگھن.
اوسر پيڙھڪا امانتاڻہ جي نشستمان ڊاڪٽر امتياز احمد عرساڻي، ھي سائنس فيئر ھالا نوان ۾ منعقد ڪرڻ، ارتقاءَ جو موضوع چونڊڻ ۽ محمد اسماعيل جھڙي تعليمي شخصيت کي منسوب ڪرڻ پٺيان مقصد ظاھر ڪندي ٻڌايو تہ ”عرساڻي ڪٽنب اصل ھالا سان تعلق رکي ٿو، محمد اسماعيل عرساڻيءَ بہ پنھنجي پرائمري تعليم ھالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ھالا جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستر ٿي رھيو. سندس سنڌ جي تعليم لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آھن. جيتوڻيڪ سندس طبعي طور وڇوڙي کي لڳ ڀڳ چاليھ سال گذري چڪا آھن، ليڪن سندس نالو اڄ بہ تعليم جي دنيا ۾ عزت، احترام ۽ نھايت ئي شانائتي نموني ياد ڪيو وڃي ٿو. محمد اسماعيل عرساڻي جي لکيل ڪتاب ”نياريون وٿون“ کي سنڌي زبان ۾ پھريون سائنسي ۽ تحقيقي ڪتاب چيو وڃي ٿو، ھي سائنس فيئر ھالا نوان ۾ ڪرائڻ ۽ محمد اسماعيل عرساڻي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو مقصد کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ آھي ۽ سندس ڪيل تعليم لاءِ خدمتن کي نوجوان نسل سان روشناس ڪرائڻ آھي“.
محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر جي ھي سائنسي سرگرمي سنڌي زبان ۾ پيش ڪري ھڪ اھو مقصد بہ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تہ اسين تعليم کاتو حڪومت سنڌ، تعليم جي پرائيويٽ ادارن، والدين ۽ شاگردن کي اھو پيغام ڏئي سگھون تہ سائنس جي تعليم پنھنجي مادري زبان ۾ حاصل ڪرڻ سان تحقيقي ۽ تخليقي صلاحيتون وڌن ٿيون. سائنس ھڪ بياني نہ پر سرگرميءَ تي مشتمل مضمون آھي، جنھن کي پڙھڻ نہ پر پريڪٽيڪل ڪرڻ سان سمجھي سگھجي ٿو. سائنس جو بنياد خيال، تصور ۽ ويچار تي ٻڌل ھوندو آھي، جيڪو ھڪ غير زبان ۾ سمجھڻ ڪنھن بہ شاگرد لاءِ ممڪن نہ آھي. غيرزبان ۾ سائنس کي پڙھائي اسين روايتي بيٺل ذھن تہ پيدا ڪري سگھون ٿا ليڪن تخليقي ذھن نہ ٿا خلقي سگھون! محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر ڪرائڻ ۽ ان جو موضوع ”ارتقاءِ“ رکڻ پٺيان خاص مقصد پنھا آھي. سائنس فيئر تعليمي ادارن ۾ اڪثر منعقد ٿيندا رھندا آھن، جن جو مرڪزي خيال يا ڪو موضوع نہ ھوندو آھي. ھي سائنس فيئر ارتقاءِ جي موضوع تي ڪرائڻ جو خاص مقصد شاگردن کي سائنسي فڪر سان گڏ تاريخ، حال ۽ مستقبل سان شناسا ڪرڻ آھي، شاگردن کي ارتقاءِ جو موضوع ڏئي کين اھڙن سوچن کان آزاد ڪرڻ آھي، جيڪي کين اڳتي ڏسڻ ۾ رڪاوٽ وجھي رھيون آھن. استادن توڙِي شاگردن کي ارتقاءَ جو موضوع ڏنو جيئن ھو تاريخ پڙھي پنھنجي حال کي پروڙي سگھن ۽ مستقبل جو انومان جوڙي سگھن.
محمد اسماعيل عرساڻي سائنس ميلي اندر شريڪ ٿيندڙ استادن ۽ والدين کي اويئر ڪرڻ واسطي ھالا سان واسطو رکندڙ اسپيڪرن کان پڻ ليڪچر ڪرايا ويا، جن ۾ پروفيسر منوج ڪمار، محترم شوڪت اڄڻ ۽ محترم دانش جتوئي صاحب جن ھئا. ھنن پنھنجي ليڪچر وسيلي سائنس فيئر ۾ شامل ٿيندڙ استادن ۽ والدين کي واضح الفاظن ۾ سمجھايو تہ منطقي ۽ مادري زبان ۾ ڏنل تعليم ئي اسان جي قوم جو بقا جو رستو آھي. جنھن ذريعي اسين پنھنجي ايندڙ نسل کي ترقيءَ ڏانھن گامزن ڪري سگھون ٿا. سائنس فيئر جي اختتامي تقريب ۾ پروجيڪٽ پيش ڪندڙ سمورن اسڪولن کي اعزازي شيلڊ ڏني وئي ۽ پروجيٽ تي ڪم ڪندڙ سمورن استادن ۽ شاگردن کي پارٽيسپيشن جا سرٽيفڪيٽ عطا ڪيا ويا. جڏھن تہ بھترين پروجيڪٽ ٺاھيندڙ ۽ پيش ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار پھريون، ٻيون ۽ ٽيون ڪيش انعام پندرھن ھزار، ڏھ ھزار ۽ پنج ھزار روپيہ پيش ڪيا ويا. ھن پروگرام ۾ ججن جو ڪردار محترم دانش چنا اڪيڊمڪ ڪوآرڊنيٽر (پراڊو)، محترمہ تحريم انصاري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جميل ميمڻ جن ادا ڪيو.
اوسر پيڙھڪا امانتاڻہ طرفان ڪرايل محمد اسماعيل عرساڻي سائنس فيئر جي پراجيڪٽ ٺاھيندڙ سمورن شاگردن ۽ استادن کي مانجھاندو ڪرايو ويو ۽ سمورن اخراجات لاءِ ڪنھن بہ اداري يا فرد کان ايسپانسر شپ نہ ورتي وئي آھي، ھن ايونٽ تي 250000 روپيہ خرچ آيو آھي. جيڪو اوسر پيڙھڪا پنھنجن ذريعن مان مڪمل ڪيو آھي.