![ديبل پبلشرز پاران زيبل اسٽوڊنٽس ڪانئونسل جي ٽه-ٻوليائي ''دَ پرزم ميگزين" جي ٻِي ڪڙي جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندي.رسالي جي ...](https://img5.medioq.com/263/128/472048852631282.jpg)
01/02/2025
ديبل پبلشرز پاران زيبل اسٽوڊنٽس ڪانئونسل جي ٽه-ٻوليائي ''دَ پرزم ميگزين" جي ٻِي ڪڙي جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندي.
رسالي جي هن ڪڙيءَ ۾ شاگردن، وڪيلن، اديبن، سماجي ورڪرن، ليکڪن ۽ شاعرن جون سنڌي، اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ مختلف موضوعن جھڙوڪ: سياست، سماجيات، فلسفو، قانون، علم، ادب سميت ڪتابي تبصرا، فڪري ۽ تعميري تنقيد ۽ شاعري وغيره تي مشتمل فڪر انگيز تحريرون شامل آهن.
يونيورسٽين جي هِن گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ پِرزَم رسالي جي هيءَ ٻِي ڪڙي ادارن ۾ لک پڙهه سان گڏو گڏ غير نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين کي پروموٽ ڪري علم، ادب ۽ تنقيد لاءِ شاگرد دوست ماحول جوڙڻ واري مقصد جو تسلسل آهي. پِرزَم يا هن جھڙن ٻين شاگردن طرفان نڪرندڙ رسالن مان نوجوانن جو علم ۽ شعور ڏانھن رجحان ڏسي ملڪ جي بھتر آئيندي جي اميد پڻ رکي سگهجي ٿي.
اميد آهي ته پڙهندڙن کي رسالو پسند ايندو ڇاڪاڻ ته هن ۾ شامل معياري لکڻيون پراثر هئڻ سان گڏ علم ۽ ڄاڻ جو سٺو ذخيرو پڻ آهن. ايئن هن ادبي ۽ علمي پورهئي مان ڪي سڌارا به سڀاويڪ آهن. اميد آھي ته هيءُ رسالو پڙهندڙ جي علم سميت ڄاڻايل اداري ۾ لک پڙهه جو ماحول جوڙڻ ۾ پڻ اڳ کان اڳڀرو هوندو. مھرباني
-مُصور علي شيخ (ايڊيٽر اِن چيف)
رسالو اڳواٽ گهرائڻ لاء اسان سان رابطو ڪريو:
ديبل هيلپ لائن: 03123464550
ايڊيٽر ان چيف (مصور علي شيخ): 03332536924
اصلي رقم: 400
رعايتي رقم: 349 (15% ڊسڪائونٽ)
.