Kabeer. Bheel.

Kabeer. Bheel. Writer and Social Activist. For more information visit my Youtube Channel and Facebook I'd.
(15)

11/12/2024

ڳوٺاڻن سان ڳالھڙيون 🌹🙏

ڪتاب ايترا مهانگا ناهن جيترو اسين سمجهندا آھيون. اسين روز گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار دفعا پنهنجن پئسن جي چانھ پيئون ٿا يا ڪجهہ...
09/12/2024

ڪتاب ايترا مهانگا ناهن جيترو اسين سمجهندا آھيون. اسين روز گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار دفعا پنهنجن پئسن جي چانھ پيئون ٿا يا ڪجهہ ماني جي ٽاڻي کان علاوه بہ بازار جون چٽپٽيون شيون کائي ٿا وٺون ان وچ ۾ مهمان ٿا اچن تہ اڃان بہ وڌيڪ خرچ ٿي ٿو وڃي، اسين روزمره جي ٽي چار دفعا چانھ ٿا پيئون جيڪا اسان جي صحت لاءِ چڱي بہ ڪانهي ان کي گهٽائي رڳو ٻہ ٽڪ ڪريون ۽ ائين چانھ جي اڌڙي جا 50 رپيہ روز بچايون تہ صرف هڪڙي هفتي اندر اسان وٽ 350 رپيہ بچندا جنهن مان اسين ڪو سٺو ڪتاب هر هفتي خريد ڪري سگهون ٿا ۽ ائين مهيني ۾ چار ڪتاب پڪا وٺي ٿا سگهون، هلو کڻي ٻن ڪتابن جو خرچ ڀلي دوستن جي چانھ يا ٻي ڪنهن خرچ ۾ وڃي پر ٻہ ڪتاب غريب کان غريب شاگرد پڻ مهيني ۾ آساني سان وٺي سگهي ٿو بس اسان وٽ پلان هجي ۽ رڳو ترجيح ڏيون. شاگرد ساٿيو پاڻ سڀ تقريبا غريب آھيون پر توهان روايتي خرچ ۽ شوق گهٽائي ان مان ڪتاب وٺي پڙھندوءَ تہ يقين سان چوان ٿو توهان هوٽلن تي چانھ پيئندڙ هزارين ماڻھن کان تمام گهڻا مختلف، عزت وارا، مطمئن زندگي گذاريندڙ ۽ معاشري جا سٺا انسان هوندا، متفق آھيو تہ عمل هينئر کان ئي شروع ڪريو ۽ ان پوسٽ کي جيترو ٿي سگهي شئر پڻ ڪريو 🙏🌹

06/12/2024

هن ڌرتي تي ۽ تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهيو ٿا تہ مڙس ماڻھو ٿي جيئو ✌️🌹

03/12/2024

جھالت کي ختم نہ ڪنداسين تہ جھالت اسان کي ختم ڪري ڇڏيندي!

ضروري ناھي تہ ھر ڀاڪر پائيندڙ اوھان جو خير خواھ ھجي..
02/12/2024

ضروري ناھي تہ ھر ڀاڪر پائيندڙ اوھان جو خير خواھ ھجي..

30/11/2024

سنڌ جي نوجوانن لاءِ پيغام 🙏✌️❣️

کاڌي سان گڏ تصوير رکڻ کان بهتر آھي تہ ڪتابن سان گڏ تصوير رکجي ڇاڪاڻ جو ممڪن آھي متان توهان جي لذيذ کاڌي کي ڏسي ڪنهن کي م...
29/11/2024

کاڌي سان گڏ تصوير رکڻ کان بهتر آھي تہ ڪتابن سان گڏ تصوير رکجي ڇاڪاڻ جو ممڪن آھي متان توهان جي لذيذ کاڌي کي ڏسي ڪنهن کي محرومي جو احساس ٿئي پر ڪتاب سان نڪتل تصوير جي خوبصورتي ۽ اهميت اها آھي جو متان توهان جي تصوير ڏسي ڪنهن کي پڙھڻ جي تمنا جاڳي پوي ۽ هن کي نہ پڙھڻ جو احساس ٿئي ۽ ائين هو ڪتابن طرف راغب ٿي، پنهنجي زندگي ڪتاب دوستي کي ارپي ڇڏي ۽ اها ئي هن وقت سنڌي سماج جي گهرج آھي تہ ڪتابي ڪلچر کي هٿي ڏني وڃي تہ جيئن جھالت، غيرسنجيدگي، اسھپ ۽ انتهاپسندي کي پاڙان پٽي صحتمند معاشرو اڏي سگهجي.

28/11/2024

سچ اهو آھي
تہ مذھب نہ پر محبت هر دور ۾ خطري هيٺ رهي آھي.

27/11/2024

غلام قوم جون ڇوڪريون بهادر ڇوڪرن سان محبت ڪنديون آھن ❣️✌️🌹

27/11/2024

بحريہ ٽائون خلاف ڌرڻي ۾ اسان پنهنجا اڳواڻ ۽ ماڻھو ڀڄندي ڏٺا ان ڪري خوش نہ ٿيو ۽ نہ ئي طنز ۽ ٽوڪ ڪريو. انهن جو مفاد ڪُرسي ۽ اسان جو مفاد ڌرتي آھي. رياست؛ پنهنجي رياستي مشينري استعمال ڪري عوامي مزاحمت کي ماٺو ڪندي آھي. اسان جو بہ دشمن ساڳيو آھي ڪالھ اسان سان ٿيو، اڄ انهن سان ٿيو سڀاڻي وري اسان سان ٿيندو. سياسي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي اچو تہ پنهنجون صفون درست ۽ وڌيڪ مضبوط ڪريون ان ڏس ۾ ٻن ڪمن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون.
1- فڪري ڪم تيز ڪريون (تربيتي ڪلاس، اسٽڊي سرڪل، ورڪشاپ ليڪچر پروگرام، فڪري ويهڪون ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪري ڪتابي ڪلچر کي وڌايون)
2- پنهنجن سياسي تنظيمن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کڻي وڃون انهن جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪريون ان تان سياسي جدوجھد تيز ڪريون ۽ قومي سڏ تي سڀ انائون ۽ اختلاف ڇڏي گڏ ٿي وڃون.
ڪبير ڀيل

اهي اسلام آباد ۾ اقتدار لاءِ وڙھي رهيا آھن، اهي هڪڙي شخص جي سڏ تي هيترا سارا گڏ ٿيا آھن اچو پاڻ ڌرتي ۽ درياءَ لاءِ گڏ ٿي...
26/11/2024

اهي اسلام آباد ۾ اقتدار لاءِ وڙھي رهيا آھن، اهي هڪڙي شخص جي سڏ تي هيترا سارا گڏ ٿيا آھن
اچو پاڻ ڌرتي ۽ درياءَ لاءِ گڏ ٿيون پاڻ کي هڪ فرد نہ پر سنڌ سڏي رهي آھي، اها سنڌ جنهن پاڻ کي پالي وڏو ڪيو آھي. پاڻ رڳو شعلا ٿيون اهي برف جا ڳنڍا آھن پاڻھي ڳري ويندا.

25/11/2024

سنڌو پاڻ سڀني ست ڪروڙ سنڌين جو پالڻھار آھي، رڳو هڪ لک سنڌي گڏجي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو هڻون پنهنجو درياء بچائي وينداسين.

24/11/2024

دل تي هٿ رکي ڏس
سيني ۾ سنڌ ڌڙڪي رهي آھي!

ڪبير ڀيل

 اُها بهار جي انڊلٺي شام هئي، هوا جي ناچ تي وڻن جا پن پاڻ ۾ تاڙيون ملائي رهيا هئا ۽ ڪجهہ گهاٽا چٽا هيٺ نمي ڌرتي کي سجدو ...
24/11/2024


اُها بهار جي انڊلٺي شام هئي، هوا جي ناچ تي وڻن جا پن پاڻ ۾ تاڙيون ملائي رهيا هئا ۽ ڪجهہ گهاٽا چٽا هيٺ نمي ڌرتي کي سجدو ڪري رهيا. زندگي ۽ موت جي ملاقات تي سوچيندي هن چيو

"درياءَ ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملندا آھن تہ ڊيلٽا ٺھندو آھي، مِينهن ۽ مارو پاڻ ۾ ملندا آھن تہ مُرڪ ٺھندي آھي، باغي قيدي ۽ سندس ساٿي پاڻ ۾ ملندا آھن تہ اُتساھ ٺھندو آھي ۽ زندگي ۽ موت پاڻ ۾ ملندا آھن تہ پوءِ اهڙي دُوري ٺهندي آھي جنهن جي واپسي ڪنهن بہ دور ۾ ممڪن ناهي هوندي"

ڳالهہ ختم ڪري هن رستي ڏانهن ڏٺو، هڪ پوڙھو پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي چيچ مان جهلي اسڪول کان واپس وٺي وڃي رهيو هو. پيءَ جي اکين جي ڪنڌين تي گُهنج هئا ظاهر آھي وقت جا ئي هوندا ڌيءَ جي پيرن ۾ ڇڄيل چپل، هٿ ۾ ڪتاب ۽ اکين ۾ اُميد جا ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا.

مٽي ۽ محبوب کي هڪ ئي وقت ڏسڻ جو مزو ئي پنهنجو آھي.
مون هن ڏانهن نهاري وري زمين ڏانهن نهاريو گذريل ڏينهن جي اخبار هوا جي هڪل تي اسان اڳيان رستي تي ڊوڙڻ لڳي…
مون چيو "زندگي واجب المحبت ۽ موت واجب القتل آھي!"
قتل؟ موت واجب القتل؟
اهو وري ڪيئن؟
تون سدائين هڪ جملو چئي خاموش ٿي ويندو آھين پوءِ مون لئہ سوچڻ ائين ختم ٿي ويندو آھي جيئن اجنبي لئہ چوواٽي تي پهچي بہ رستا ختم ٿي ويندا آھن.
چيم "هر اهو موت واجب القتل آھي جيڪو پناھ گاھ بڻيل زندگي اجاڙي ٿو. ڪهاڙو واجب القتل آھي وڻ ماري ٿو، غليل واجب القتل آھي پکين جي پريت ماري ٿي، ڪُرسي واجب القتل آھي نااهل کي حڪمران بڻائي ٿي، سرحدون واجب القتل آھن انسانيت ۾ اليحدگي جو احساس پيدا ڪن ٿيون ۽ اهي حُڪمران واجب القتل آھن جي پورهيت جو حق مارين ٿا"
هن منهنجي ڪلهي تي چهٽيل پن کي لاهيندي چيو هاڻ آئون ٻڌايان زندگي واجب المحبت ڪيئن آھي؟
کلندي چيم ها ها ها وڏي اُستاد آھين ٻڌائي ڀلا...
طوطي جي چھنب جھڙي نڪ هيٺيان ٻن سنھڙن گلابي چپن جي وچ ۾ زبان چوريندي چيائين
" هر اها زندگي واجب المحبت آھي جيڪا محبت ڪري ٿي، بهار واجب المحبت آھي ڪچڙن گونچن کي آبياري ٿي، جبل واجب المحبت آھن جانورن جي جياپي سان محبت ڪن ٿا، رستا واجب المحبت آھن جو انهن وٽ فرق ناهي هوندو تہ ڪير امير آھي ڪير غريب، ڪتاب واجب المحبت آھن لفظن سان محبت ڪندا آھن، پنن ۾ پيغام لڪائي پڙھندڙ جي اکين حوالي ڪندا آھن، ڌرتي واجب المحبت آھي سدائين جيءُ ۾ جاءِ ڏيندي آھي مرڻ کان اڳ بہ ۽ مرڻ کان پوءِ بہ ۽ سنڌو واجب المحبت آھي ڪيلاش پربت تان لهندي شينھن جيان گجگوڙ ڪندو ايندو آھي ۽ ست ڪروڙ سنڌين سان ماءُ جيان محبت ڪندو آھي"
ڳالهين جي ڳوٺ جون گهٽيون گهمندي اسان کي ڪئي مهمان نواز خيال مليا اسان ميزباني قبول ڪئي ۽ ڪوسي چانھ جھڙي ڪچھري ڪئي.
اسين اتي جو اتي هئاسين رڳو وڻن جي ڇانو تبديل ڪندا رهياسين اسان جي وات ۽ ڪنن جي وچ ۾ ايترو پنڌ ڪونہ هو پر وقت ويو هليو. سج صفا ڳاڙهو لال ٽانڊو ٿي پيو، رات جي آمد تي پکين وڻن ۾ نعري بازي شروع ڪئي. هن منهنجي ڪنڌ ۾ پنهنجين سنهڙين ٻانهن جو هار وجهي اکين ۾ نهاريندي چيو
"جسم ۾ جوانيءَ جي باھ ٻري آھي ۽ تون جهنجهيل ٻير کي ڀتر هڻڻ لڳو آھين مطلب تہ تون تنهائيءَ جي آئيني ۾ پڇتاءُ جا ڳوڙھا ڳاڙيندين"

مون سندس ڪنڌ ۾ پنهنجين ٻانهن جو هار وجهي پيشاني تي نرم چُمي ڏيندي چيو
دل تي هٿ رک، ڏس سيني ۾ سنڌ ڌڙڪي رهي آھي ۽ ان سنڌ ۾ هزارين نوجوان آزاديءَ جي عشق ۾ محبوبائن جون چميون ان آسري تي ڇڏي آيا آھن تہ موٽي سنڌو ڪناري راتين کي آلو ڪنداسين، هو منهنجا اهي ڪامريڊ ساٿي آھن جيڪي هاڻ مرڻ نہ مارڻ چاهن ٿا ۽ رڳو پاڻ جيئڻ نہ پر ٻين کي جيئارڻ چاهن ٿا، آئون انهن جو عاشق ۽ هو منهنجا عاشق آھن ڇاڪاڻ جو اسين سڀ آزادي جا عاشق آھيون، آئون گرم چمين ۾ گرفتار ٿيڻ وارو روايتي ڇوڪرو ناهيان ڇاڪاڻ جو مون يانگ مو جو ناول نوجوانن جو گيت پڙھيو آھي، منهنجي ماءُ بہ انقلابي آھي ۽ مون ميڪسم گورڪي جو ماءُ ناول پڻ پڙھيو آھي، مون ڀڳت سنگهہ جا خط ۽ چي گويرا جي ڊائري پڙھي آھي. پنهنجا ڀاڪر ڪهڙي ڪم جا جو وطن کي ڀالا لڳي رهيا آھن، سنڌو سُڪي رهيو آھي، نوري جي ڪينجهر ڪُسجي رهي آھي ۽ ڌارين جي ڌپ سنڌ جي روح کي رهڙون ڏيئي رهي آھي ۽ انتهاپسندي جا بي ڊولا هٿ سيڪيولر سنڌ جو ساھ گهٽي رهيا آھن يار، اُٿ تون بہ چُنري کي چيلھ تي ٻڌي پنهنجي محبت جو محور سنڌ بڻائي تہ پاڻ پاڻي چور پنجاب کي ٻُڌايون تہ سنڌ جي پريمي جوڙن پڻ سنڌو جو پاڻي پيتو آھي هاڻ هو هڪ ٻي جي سڪ ۾ روئڻ بدران پنهنجن ڳوڙھن کي پٿر، چمين کي چاڪو، سڏڪن کي سڏ ۽ ڀاڪرن ڀالا کي بڻائي وڙھندا"
مون هي سڀ جذباتي انداز ۾ چئي بس ڪيو، هن جي اندر ۾ بغاوت جي باھ ٻري، رون رون اُڀو ٿيڻ لڳو هو. هو ڪڪرن جيان نکري ۽ ڪاوڙجي پيئي، هن چُنري مٿي تان لاهي چيلھ تي ٻڌي منهنجي هٿ مان قابو جهلي المنظر طرف وڌڻ لڳي. درياءَ خاطر جهيڙو آ جا نعرا هن جي وات مان نڪري فضا ۾ بادلن کي پريشان ڪرڻ لڳا. هن چيو هٿ نہ ڇڏجان سڌو سنڌو کي سجدو ڪري رات سڄي پليجي جو سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار ڪتاب پڙھي سڀاڻي ڪراچي ۾ لڳندڙ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿينداسين…
مون ڏٺو هن جي رڳن ۾ سنڌو جو پاڻي ڊوڙي رهيو هو منهنجو ويساھ پختو ٿي ويو ۽ پڪ ٿي تہ هاڻ هر پريمي جوڙو چيلھ تي چُنري ٻڌي رستن تي نڪري ايندو ۽ لانگ بوٽ جي ڦُڻن تي نچندڙ ڪو بہ ماءُ جو لال اسان کان سنڌ ۽ سنڌو ڦُري نٿو سگهي!
ڪبير ڀيل

24/11/2024

دوستي ڪرڻ ايئن آسان آھي جيئن مٽي تي مٽي سان مٽي لکڻ ۽ دوستي نڀائڻ ايئن مشڪل آھي جيئن پاڻي تي پاڻي سان پاڻي لکڻ۔
حضرت عليؓ

22/11/2024

آدرشي انسان وٽ لذت ۽ ذلت جو تصور ۽ ماڻ ماپا عام ماڻھو کان مختلف هوندا آھن.

 #هوءَ_ڪير_هئي؟هو مون کي ۽ آئون هن کي چاهڻ لڳا آھيون تڏھن کان جڏھن کان مون پهريون دفعو هن کي ڪتابن ۾ سُتل ڏٺو هو، هو احس...
21/11/2024

#هوءَ_ڪير_هئي؟
هو مون کي ۽ آئون هن کي چاهڻ لڳا آھيون تڏھن کان جڏھن کان مون پهريون دفعو هن کي ڪتابن ۾ سُتل ڏٺو هو، هو احساسن جي اُڻيل کٽ تي اميدون اوڍي ڪنواري ڇوڪريءَ جيان ستي پئي هئي.
پوءِ ڇا ٿيو…؟
پوءِ؟ پوءِ مون لئہ لفظ ڄڻ ڪنهن حادثي ۾ وفات ڪري ويا هئا ۽ منهنجي اکين اڳيان پنهنجو آئيندو اُداس نظر اچڻ لڳو.
پوءِ ڇا ٿيو…؟
پوءِ؟ پوءِ مون وات بند ڪري ۽ دماغ کولي ڪتابن ۾ ٽُٻي هنئي، مونکي ڌرتي هيٺيان ۽ ڌرتي مٿان رهندڙ ماڻھن جي خبر پئي، مون کي ڀريل پيٽ ۽ بکي پيٽ جو فلسفو سمجهہ ۾ آيو.
پوءِ ڇا ٿيو؟
پوءِ؟ پوءِ دوستو اڄ صبح جي ئي ڳالھ آھي، اسر ٿيڻ ۾ ڪي ڪلاڪ ٻہ باقي هوندا. ٻاهر سڄي شھر کي ڪوهيڙي ڪڙو ڏيئي ڇڏيو هو ۽ رستن تي ٿڌي هوا تيز ڊوڙڻ لڳي هئي، منهنجي ڪمري جي ديوار تي ستل چي گويرا ۽ ڀڳت سنگهہ جون تصويرون الرٽ ٿي ويون هيون، آئون ڪمبل اوڍي ڪتاب سان ڪچھري ڪري رهيو هئس. اوچتو بلب بند ٿيو ۽ گُگهہ اونڌاهي ۾ ڄڻ ڪمري اندر ڪوئي داخل ٿيو، سيءُ وڌندو ويو، مون خوف مان ڪمبل ڇڪي اوڍي ڇڏيو، هن اڳيان وڌي ديوار تي ٽنگيل ڀڳت سنگھ ۽ چي گويرا جي تصويرن کي چميون ڏنيون، هن جي چُمين جي خوشبو سڄي ڪمري ۾ پکڙجي ويئي ۽ پوءِ هن هڪ ڀرپور زندگي جھڙو عاليشان ٽھڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي اُٿ نوجوان مٿي اُٿ…
آئون روس، ويٽنام ۽ چين جي گهٽين مان اُڏامندي هاڻ سنڌو جي امرت ۾ وهنجي، موهن جي دڙي کي سجدو ڪري ۽ ڀٽائي جي بيتن جو سواد وٺي سنڌ جي نوجوان وٽ آئي آھيان، ڇو سُتو آھين، ڇا تون هن دنيا ۾ سُمھڻ آيو آھين، تنهنجي سيني ۾ دل ناهي ۽ ان دل ۾ ڪنهن لاءِ درد ناهي؟
اٿ نوجوان اُٿ… آئون توهان نوجوانن جي عاشق آھيان، توهان جي دل جي ڌڙڪن، پرھ جو پيغام ۽ صبح جو سڏ آھيان، مون کي قبول ڪريو آئون توهان مٿان برسات جيان وسڻ چاهيان ٿي ۽ اهي سمورا پٽ پسائڻ چاهيان ٿي جن کي پليد حُڪمرانن ناپاڪ ڪيو آھي، آئون هر ان دل کي ٻانهن ۾ ڀري ڳراٽڙي پائڻ چاهيان ٿي جنهن کي جبر زخمي ڪيو آھي، پر بس هاڻ توهان رڳو سُرت جو سرمو پائي سورهيائي جو ساز بڻجو. تون اڃان بہ نٿو اُٿين نوجوان ڇا تنهنجي خمير ۾ پيل سنڌوءَ جو پاڻي ڇوليون نٿو هڻي سنڌو جو پاڻي تہ وڏو غيرتي پاڻي آھي، ٻڌ نہ نوجوان آئون ائين ناهيان آئي مون کي ڀٽائي، سيد، جتوئي ۽ پليجي موڪليو آھي هاڻ تہ اُٿ نہ!!
آئون ڪمبل هڪ پاسي اُڇلي يڪدم اٿي بيٺس، هن ڏيئي جي لاٽ جھڙو ٽھڪ ڏنو، اونڌاهيءَ جو سينو چيريندڙ تابان ٽھڪ، هن جي حسين ٽھڪ سان سڄو ڪمرو روشن ٿي ويو. هوءَ ٻري ۽ ٻھڪي رهي هئي مون اکيون مهٽيندي هن ڏانھن ڏٺو هوءَ مارڪس جي جيني، لينن جي ناديہ، مائو جي محبت، هوچي جي همت، چي جي چاهت ۽ هوبهو ڀڳت سنگهہ جي بغاوت جھڙي هئي، دوستو هوءَ آزادي هئي، توهان اسان سمورن غلام قومن جي باشعور نوجوانن جي محبوبہ آزادي!
هو هوا جيان آئي هئي ۽ هوا جيان هلي ويئي پر منهنجي دل جي ڌڙڪن ۾ هڪ ئي آواز گونجي رهيو آھي آزادي آزادي آزادي آزادي
…… آ…زا…دي...
ڪبير ڀيل

19/11/2024

مڙس ماڻھو شان سان جيئندا آھن ۽ شان سان مرندا آھن ❣️

Address

Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kabeer. Bheel. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Kabeer. Bheel.:

Share