Hyderebad Reports

Hyderebad Reports hyderabad reports

ڄامشورو :ڄامشورو ڀرسان ايم نائين موٽروي تي ٽول پلازه وٽ  ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو رينجرس ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري چ...
02/11/2022

ڄامشورو :
ڄامشورو ڀرسان ايم نائين موٽروي تي ٽول پلازه وٽ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو رينجرس ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري چئن ڪوچن ۾ سوار 320 کان مٿي غيرمۡلڪي افغاني کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ڪيلن ۾ 60 عورت ۽ 250 مرد ۽ 10 ٻار شامل آهن گرفتار ڪيلن کي ڄامشورو ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، مٿن سرڪار طرفان فارين ايڪٽ ڪيس داخل ڪرڻ بعد سمورن جوابدارن کي آخر خاص قائم عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو دير سان ٽول پلازه ڄامشورو وٽ ايم نائين موٽروي تي قائم رينجرس چوڪي تي ڊي ايس آر رينجرس طارق علي ۽ ڄامشورو پوليس چيڪنگ دوران چئن ڪوچن کي روڪي 320سئو کان مٿي ڪوچن ۾ سوار افغانين کي گرفتار ڪري ڄامشورو ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڄامشورو اسدالله پرهياڙ ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ٽول پلازه وٽ رينجرس ۽ پوليس چيڪنگ دوران ڪراچي کان پشاور ويندڙ چئن ڪوچن کي روڪي تلاشي ورتي جنهن ۾ سوار عورتن ۽ مردن وٽ ملڪي شناختي ڪارڊ نه هئا سمورا افغاني هئا پهريان افغان کان ڪوئٽا رستي ذريعي ڪراچي ۾ ترسيا هئا هاڻ وري پشاور طرف وڃي رهيا هئا جن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گرفتار ڪيل 320 غيرقانوني افغاني عورتن ۽ مردن کي ڄامشورو جي عدالت جي اسپيشل جج وٽ پيش ڪيو ويو جتان گرفتار سمورن افغانين کي جوڊيشنل رمارنڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ڄامشورو پوليس هٿان گرفتار افغانين کي ڪوٽڙي, سائيٽ ڪوٽڙي, لوڻي ڪوٽ ۽ ڄامشورو ٿاڻن جي پوليس ڄامشورو جي عدالت جي اسپيشل جج سيڪنڊ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿاڻوبولاخان ايٽ ڪوٽڙي جي عدالت پيش ڪيو ويو جتان عدالت جي جج گرفتار سمورن افغانين کي جوڊيشنل رمارنڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

Address

Hyderabad
71000

Telephone

+923113338839

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hyderebad Reports posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category