Sath news hd Tv Dadu

Sath news hd Tv Dadu Sath News hd Dadu

20/12/2024
05/12/2024

غير عربن وارو اسلام ڪھڙو؟؟

جي ايم سيد ۽ انجا چاھيندڙ اڪثر اھو چوندا آھن تہ اسان اسلام کي تہ مڃون ٿا ليڪن عربن ۽ ملن واري اسلام کي نٿا مڃون... منھنجو انھن کان سوال آھي تہ پوءِ توھان ڪھڙي اسلام کي مڃيو ٿا؟؟؟

محمد صلي اللہ عليہ وسلم بہ تہ عربي ھيا..قرآن بہ عربي ۾، حديثون بہ عربي ۾..
سڀ صحابہ ۽ اھل بيت رضي اللہ عنھم بہ عرب..

حضرت علي ۽ حسنين ڪريمين رضي اللہ عنھم بہ عرب..

قرآن پاڪ بہ محمدِ عربي صلي اللہ عليہ وسلم تي نازل ٿيل...

نماز، روزو، حج، زکوٰة، قرباني ۽ ٻيا سڀ احڪام جن تي جي ايم سيد تنقيد ڪئي آھي سڀ محمد عربي صلی اللہ علیہ وسلم جا ٻڌايل ۽ سيکاريل...

تہ پوءِ غير عربن وارو اسلام آخر ڪھڙو آھي جنھن کي توھان مڃيو ٿا؟؟؟

اصل ۾ اھو جي ايم سيد طرفان دين کان متنفر ڪرڻ لاءِ رٽايل جملو آھي.

جي ايم سيد صاحب جو دين اسلام بابت ڇا نظريو ھيو خدارا تعصب کان بالاتر ٿي ڪري حقيقت جي نگاھ سان پڙھي پوءِ پنھنجي ضمير ۽ دل سان فيصلو ڪيو تہ جي ايم سيد جو ٻڌايل نظريو صحيح آھي يا محمد عربي صلي اللہ عليہ وسلم جو سيکاريل دين....!!!؟

اسلام جو اصل ماخذ ۽ بنياد قرآن پاڪ آھي ۽ انھي ۾ لکيل آھي تہ:
وَ لِلّٰهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْهِ سَبِیْلًا١ؕ وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ.
ترجمو: ۽ الله جي لاءِ ماڻهن مٿان فرض آهي هن گهر جو حج ادا ڪرڻ جنهن کي بہ ان ڏانهن واٽ وڃڻ جي سگھ آهي ۽ جنهن بہ انڪار ڪيو تہ بيشڪ الله جهانن کان بي پرواھ آهي.
(سورة اٰلِ عِمۡرٰنَ آيت 97)

۽ جي ايم سيد وري انھي حج بابت لکي ٿو.
"مکيہ مذھبي مرڪزن جهڙوڪ ڪاشي، جیروسلم، مڪي وغيره تي وڃڻ کي تاريخي معلومات ۽ ماڻھن جي ميل ملاقات کان وڌيڪ اهميت نہ ڏيڻ گهرجي.“
(سنڌو جي ساڃاھ ۔ص:18)

صرف ايترو ئي نہ بلڪ پنھنجي ڪتاب "جيئن ڏٺو آھي مون" ۾ حج کي صرف ميلو ۽ جاھلاڻي رسم قرار ڏيڻ بعد ان جي فرضيت جو انڪار ڪندي لکي ٿو:
"انهي سڀني ڳالهين ۾، سواءِ قديم دستور ۽ رسمن کي دهرائڻ جي ڪا هدايت يا رهبري جي ڳالھ نہ آهي جا ملا واري اسلام کي آخري ۽ مڪمل بنائي جيڪو حج جي اهڙين قديم رسمن جي ادائیگي کي فرض ٺهرائي ٿو."
(جيئن ڏٺو آھي مون:85)
يعني جي ايم سيد جي نظر ۾ حج کي ملو فرض ٺھرائي ٿو جڏھن تہ مٿي بيان ڪيل آيت ۾ خدا انکي فرض قرار ڏنو آھي.

اللہ تعاليٰ قرآن فرمائي ٿو:
اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ وَ اَتْمَمْتُ عَلَیْكُمْ نِعْمَتِیْ وَ رَضِیْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِیْنًا.
(سورة المَآئِدَۃِ آيت: 3)
ترجمو: اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ڇڏي ۽ اوهان لاءِ اسلام کي (بطور) دين پسند ڪيم.

جي ايم سيد انھي اسلام لاءِ جنھن بابت خدا قرآن ۾ واضح طور فرمايو مون اوھان لاءِ دين مڪمل ڪري ڇڏيو
پنھنجي ڪتاب "سنڌو جي ساڃاھ" ۾ لکي ٿو:
"دنيا جي جملي مذھبن کي اسلام سميت، آخري ۽ مڪمل نہ ٿو ڄاڻان"
(سنڌو جي ساڃاہ صفحو:17)

قرآن پاڪ جنھن لاءِ خدا پاڻ فرمايو:
ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَیْبَ١ۛۖۚ فِیْهِ١ۛۚ هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ
ترجمو:(هيءُ) اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شڪ جي گنجائش نہ آهي، (ان ۾) هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.

انھي خدا جي پاڪ ڪلام قرآن پاڪ لاءِ جي ايم سيد لکي ٿو:
دنيا جي جملي مذھبي ڪتابن کي، قرآن شريف سوڌو، نھايت معلوماتي ۽ مفيد سمجھندي انھن کي آخري، مڪمل، بي عيب ۽ ھر مرض جو علاج نٿو سمجھان" (معاذ اللہ)
(سنڌو جي ساڃاہ صفحو:17 ۽ 18)

(ھي صرف ٻہ ٽي مثال آھن ورنہ جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ اڃا گھڻو ڪجھ لکيل آھي.)

منھنجا قوم پرست ڀائرو:
ھاڻي توھان پاڻ فيصلو ڪيو! ڪنھن جي ڳالھ مڃجي؟؟ قرآن واري اسلام جي يا جي ايم سيد جي تشريح ڪيل اسلام جي؟؟؟
جنھن ۾ ھو حج کي جاھلاڻيون رسمون پيو چوي، دين اسلام جي مڪمل ھئڻ جو انڪار پيو ٿو ڪري ۽ رب جي پاڪيزہ ڪلام قرآن پاڪ کي عيب دار پيو ٿو سمجھي..

اسين معاذ اللہ! توھان سڀني قوم پرستن کي غلط يا اسلام مخالف ڪونہ ٿا سمجھون ليڪن سنڌ ڌرتي جي محبت جي آڙ ۾ توھان کي غلط فھمي ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي ۽ "عربن وارو دين نہ کپي" وارو نعرو ڏيئي اڻ سڌي طرح توھان کي دين کان باغي ۽ مخالف ڪيو پيو وڃي..

توھان کي ادب سان گذارش ٿا ڪيون تہ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ڀلي محبت ڪيو ۽ ڀلي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقوق لاءِ جاکوڙ ڪيو ان جاکوڙ ۾ اسان توھان سان گڏ ھونداسين ليڪن خدارا ڪنھن ٻئي جي چوڻ تي خدا ۽ رسول جي چٽن ۽ واضح احڪامن کي پٺي ڏيئي پنھنجا ايمان برباد نہ ڪيو.. قيامت جي ڏينھن جي ايم سيد ڪم ڪونہ ايندوَ محمد عربي صلي اللہ عليہ وسلم ڪم ايندوَ.

توھان ڀلي ملن کي نہ مڃيو ليڪن پنھنجي موليٰ ۽ رب جي حڪم کي تہ مڃيو..
توھان ڀلي محمد بن قاسم کي نہ مڃيو ليڪن محمد بن عبداللہ صلي اللہ عليہ وسلم جي سيکاريل دين کي عربن جو دين چئي ڪري مخالفت تہ نہ ڪيو..

سڀني کي ڇڏيو توھان پاڻ قرآن ۽ سنت جو مطالعو ڪيو.
پاڻ دين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيو..
ٻئي جي چوڻ تي يا ڪنھن ٻئي جي ڪيل تشريح تي ھروڀرو اکيون بند ڪري اعتماد نہ ڪيو..
اميد آھي منھنجو مخلصاڻو مشورو قبول پوندو..
واڪا ڪرڻ مون وس،
ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
✍️.....

https://youtu.be/dMJrDBBaHh0?si=V2xCnfU9dgM8339WMatch ko live dekhani le clink kare or subcribe be Lazim kare
20/11/2024

https://youtu.be/dMJrDBBaHh0?si=V2xCnfU9dgM8339W

Match ko live dekhani le clink kare or subcribe be Lazim kare

New shooting volleyball match 2024, At Dadu City Sports volleyball match, Raheem khan Jamali Vs Imdad Channo Big MatchLive watching clink link

Address

Kumbhar Mullah Dadu
Hyderabad

Telephone

+923333609275

Website

https://fb.watch/pN67Kh7Tk_/?mibextid=Nif5oz, https://fb.watch/pN67Kh7Tk_/

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sath news hd Tv Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sath news hd Tv Dadu:

Share