Digital Sindh

Digital Sindh Digital Sindh News Social media

ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جاري اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 212 روپين جو ٿي ويو.
15/08/2022

ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جاري اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 212 روپين جو ٿي ويو.

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي بلوچستان ۽ ...
15/08/2022

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي بلوچستان ۽ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي
مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو، سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر نه ٿيا آهن، جيڪا اسان جي ڪاميابي آھي
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جتي گنجائش آهي اُتي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون
مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويندو، ضرورت پوڻ تي سنڌ پوليس سان گڏ پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کان به مدد ورتي ويندي.

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف سان فون تي رابطي دوران  سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول...
15/08/2022

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف سان فون تي رابطي دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي
اِن ڏس ۾ وزير اعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جي نائب وزير اعظم، دفاع واري وزير ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان فون تي رابطو ٿيو
وزير اعظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ولي عهد محمد سلمان آل سعود وزير اعظم ۽ پاڪستاني قوم کي آزادي جون واڌايون ڏنيون
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ پاڪستان سعودي عرب وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم به ورجايو ويو
وزير اعظم ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هُن قبولي ورتي، جڏهن ته وزير اعظم سعودي ولي عهد جا پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري لاءِ مدد ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ انٽر جي داخلا لاءِ ڊوميسائيل ۽ پي آرسي جمع ڪرائڻ وارو شرط ختم ڪندي داخلا جي تاريخ ۾ 20 آ...
15/08/2022

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ انٽر جي داخلا لاءِ ڊوميسائيل ۽ پي آرسي جمع ڪرائڻ وارو شرط ختم ڪندي داخلا جي تاريخ ۾ 20 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي
خانگي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي ڪاليجز جي پرنسپالز کي حڪم جاري ڪيو آهي ته فرسٽ ايئر جي داخلا وقت شاگردن کان ڊوميسائيل ۽ پي آر سي نه ورتي وڃي، کين اسڪولي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي داخلا ڏني ڊائريڪٽر موجب هيل تائين فرسٽ ايئر ۾ هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ شاگرد داخلا وٺي چڪا آهن، هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون اهڙيون جن وٽ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ناهي، جنهن سبب کين ڪاليجز ۾ داخلا نه پئي ملي، هاڻ کين داخلا ملي ويندي

گھوٽڪي: پوليس سپاھي جي پٽ رفيق چاچڙ يورپ جي سڀ کان وڏي اسڪالرشپ حاصل ڪري ورتي، ناروي جي يونيورسٽي ۾ داخل، ماھوار پاڪستان...
15/08/2022

گھوٽڪي: پوليس سپاھي جي پٽ رفيق چاچڙ يورپ جي سڀ کان وڏي اسڪالرشپ حاصل ڪري ورتي، ناروي جي يونيورسٽي ۾ داخل، ماھوار پاڪستاني اڍائي لک روپيا وظيفو پڻ کڻي سگھندو.

بدين: بدين ۾ ليڊي پوليس  لاءِ اپلاءِ ڪندڙ نياڻين ميرٽ تي آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف برسات دوران ايوان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهين...
12/08/2022

بدين: بدين ۾ ليڊي پوليس لاءِ اپلاءِ ڪندڙ نياڻين ميرٽ تي آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف برسات دوران ايوان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي
نارين مائره ڀرڳڙي، سنڌو چانڊيو، اميبا، تانيه خاصخيلي، سيما ۽ ٻين دانهيو ته بدين ۾ ليڊي پوليس ۾ 9 سيٽون آيون هيون جنهن ۾ بدين جي 54ڇوڪرين انٽرويو ڏنا، جن مان هڪ ڇوڪري صائمه انٽرويو ۾ نه اچڻ باوجود سليڪٽ ٿي وئي
ھنن چيو ته اھو بدين جي نياڻين جي حق تي ڌاڙو آهي، رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس سپاھين جي نياڻين به انٽرويو ڏنا آهن ميرٽ تي لسٽ جاري ڪرڻ بدران سفارشي ڇوڪرين جا آرڊر جاري ويا آهن
ھنن چيو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به ٻدين ضلع جو آهي، ان ڪري اسين نياڻيون کيس اپيل ٿيون ڪريون ته اسان سان انصاف ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

لاڙڪاڻو: وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مسئلو اِن ڪري پ...
12/08/2022

لاڙڪاڻو: وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مسئلو اِن ڪري پيش اچي رهيو آهي ڇو جو سمنڊ شهر کان تقريبن 8 فٽ مٿي آهي
لاڙڪاڻي ۾ شهيد ميجر سعيد تنيو جي وارثن سان تعزيت بعد آغا سراج دراني چيو ته ڪراچي واسين کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حضرت عبدالله شاهه غازي موجود آهي، اُهو شهر کي بچائيندو آهي
آغا سراج دراني ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو ذميوار حڪومت ۽ انتظاميا کي قرار ڏيڻ بدران سڄو ملبو سمنڊ تي اڇلي ڇڏيو آهي
هن چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوج ۽ حڪومت مدد ڪري رهي آهي، برسات جي ڪا خبر نٿي پوي ته ڪيترا فٽ وسندي، اِهو قدرتي سلسلو آهي، اُن ۾ ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگھي .

Address

Hyderabad
17000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Digital Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Hyderabad media companies

Show All