ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ حاجي جند وڏو ڀيو ۾ ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ماڙي پئٽروليم گيس ڪمپني جي ويل پمپ گيٽ اڳيان احتجاج مظاهرو، ڳوٺاڻا گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا,
ان موقعي تي ڳوٺاڻن شاهن ڀيو، الطاف ڀيو ،مجاهد ڀيو، نويد ڀيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ بنيادي سهولتن اسڪول، ڊسپينسري ۽ ٻين سهولتن کان محروم آهي، اسان جي ڀرسان ماڙي پئٽروليم گيس ڪمپني جي ويل پمپ آهن جن جي بالا آفيسرن اسان سان ڪيترائي ڀيرا ڳوٺ ۾ بينادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وعدا ڪيا آهن، پر هن وقت تائين هڪ به ڳوٺاڻن جو جائز مطالبا تسليم ناهن ڪيا،
اسين اڄ مجبور ٿي ڪمپني جي ويل پمپ گيٽ اڳيان احتجاج مظاهرو ڪيو آهي،
اسان جو هي احتجاج مطالبہ تسلیم نہ ٿيڻ خلاف جاري رهندو,,,
پاڻي جي حوالي سان اپڊيٽ ڳوٺ دريا خان ٻنڀ کان پاڻي ھن وقت ماھي واھ ۾ 11فٽ ھلي ٿو ان حوالي سان موقف ميان واجد علي درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف کان آھي تہ اسان کي پاڻي جي ڪا خاص ضرورت ناھي وري يارو لنڊ مان دريا خان لنڊ جو مؤقف آھي تہ اسان کي امام واھ ۾ پاڻي فل گھرجي خانپور مھر مان گلزمان پتافي ستاڻي جو مؤقف آھي تہ اسان کي پاڻي ڪنڊير شاخ ۽ گاجي مائينر لور ۾ پاڻي فل گھرجي وڌيڪ ايريگيشن عملدارن جو ردي عمل ڇا آھي رب بھتر ڄاڻي ٿو رپورٽ علاؤالدين ميراڻي 09.01.2025
سنگت کي ڌاڙيل ٿيڻ جو شوق وڃن پيا راؤنتي ڪچي کان ٽريننگ سينٽر ڌاڙيل ٿيڻ پر موقعي تي پوليس پھچي وئي
پاڻي جي حوالي سان اپڊيٽ ماھي واھ ۾ پاڻي شوڪاٽ ڪري پھچي ويو درياءَ خان لنڊ صاحب ۽ گلزمان پتافي صاحب 05.01.2025
آبادگارن کي اطلاع ڪجي ٿو تہ ڪمند جي ورائٽي 234.233.59.246 جي پوکائي ڪيو انشاءالله توھان کي فائدو ٿيندو
رپورٽ علاؤالدين ميراڻي 06.01.2025
ماھي واھ جي حوالي سان اپڊيٽ ڳوٺ سانوڻ خان ٻنڀ کان نوٽ پاڻي جي حوالي سان گھڻي جفاڪشي صرف ھڪڙو آبادگار ڪري ٿو جيڪو ڪنڊير شاخ جو آبادگار آھي مشھور معروف شخصيت گھوٽي واھي لڳ لنڊ بازار جو آبادگار گل زمان پتافي ستاڻي سائين جن جي جفاڪشي کي سلام پيش ڪيون ٿا جنھن رات ڏينھن محنت ڪري گڊو بئراج کان ميرڪوش ريگيوليٽر تائين ميرڪوش ريگيوليٽر کان ڀيا ريگيوليٽر تائين ڀيا ريگيوليٽر کان سبڙ بوزار واري پل تائين سبڙ بوزدار واري پل کان پير بري امام پل تائين ڪنڊير شاخ کان گاجي مائينر لور جي پوڇڙي تائين ھر ھڪ آبادگار کي سڄاڳ ڪرڻ وارو صرف گلزمان پتافي باقي جڏھن پاڻي اچي ٿو تہ پھرين پاڻي بہ گلزمان پتافي ستاڻي جو بند ڪرين ٿا سنگت گلزمان پتافي جي پارت ھجي 2025جون ايڊوانس مبارڪون هجن
30.12.2024
فيس بڪ تي سنگت جو رايو وٺجي
نمبر 1 چيف سردار ميرشھريار خان شر صاحب
نمبر 2ڄام مھتاب حسين خان ڏھر صاحب
ان ٻنھي مان توھان گھڻي محبت ڪنھن سان ڪندا اھيو دل سان ٻڌايو مھرباني ڪمنٽ ڪيو
روڊ جي حوالي سان اپڊيٽ درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف کان ڳوٺ ڪوٽلو منشي تائين ڪم سٺي پوزيشن سان ڪراس ڪري چُڪو آھي ھي بہ مھرباني آھي سابقا ايم پي اي چيف سردار ميرشھريار خان شر صاحب جي
رپورٽ علاؤالدين ميراڻي 22.12.2024
پاڻي جي حوالي سان اپڊيٽ ڳوٺ سانوڻ خان ٻنڀ کان ماھي واھ ۾ پاڻي اچڻ جا امڪان 25ڊسمبر کان 1جنوري تائين آھن مٽي مافيا بہ پھچي چڪا آهن جيڪي ماھي واھ جي ھر طرف کان مٽي کڻڻ شروع ٿي ويا آھن
رپورٽ علاؤالدين ميراڻي تاريخ 22.12.2024
روڊ رستن جي حوالي سان اپڊيٽ درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف کان ھن وقت روڊ ٻنھي سائيڊن کان مضبوط ڪئي پئي وڃي ايڪسي ويٽر روڊ تي شروع آھي ڪوٽلي طرف وڃي رھيو آھي 22.12.2024
ڏھرڪي ميان عبدالسمع ڪالوني ۾ نالي اندر اڇلايل ھي تازو ڄاول ٻار بہ ھڪ انسان جو ٻچو ھو پر انساني روپ ۾ موجود جانور صفت ماڻھن کيس مئل حالت ۾ نالي اندر اڇلائي ويا، نامعلوم جوبدارن پنهنجو گناه لڪائڻ لاء تازي ڄاول معصوم ٻار کي گندي پاڻي جي نالي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا
ھي فوٽو انسانيت لاءِ عبرت جو نشان آھي.