02/06/2024
جي ويس مري رُوئجانءِ نه تون،
تربت جي طرف اچجانءِ نه تون،
گل تازا ڪي رکجانءِ نه تون،
قُل ڪلما ڀي پڙهجانءِ نه تون،
۽ سُڏڪي سَڏ ڪجانءِ نه تون،
تون سَڏ ڪنديئين ته اُٿي پوندس،
۽ محشر سمجهي جي پوندس،
پوءِ ماڻهو پير سڏيندا پيا
۽ مون کي ھو پوڄيندا پيا
پر مون کي پير کان نفرت آ،
هر دادا گير کان نفرت آ ،
سرڪش سنڌي