23/12/2024
لطيفيات سٿ ضلع دادو پاران لطيف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت اظهر علي شاه پرو وائيس چانسلر ڪئي.
هن ڪانفرنس جا مهمان خاص عطا چانهيو ۽ سيد رسول بخش شاه هئا اعزازي مهمانن ۾ غلام مصطيٰ مالون ۽ مهراب لطيفي هئا لطيف ڪانفرنس ۾ آيل مقررين خطاب ڪندي لطيف جو پيغام عام ڪرڻ جو چيو ۽ هنن چيو تہ اهڙيون ڪانفرنسون يا ڪچهريون ڳوٺن ۾ ٿيڻ گهرجن جن سان لطيف جو فڪر گهر گهر پهچي سگهي ٿو هنن لطيفيات ڪانفرنس جي اڳواڻن غلام محمد چنہ . غلامصطفيٰ مڱڻيجو. غلام نبي پنهور. وفا ياسين آرائين محمد ابراهيم ڀنڊ ۽ ٻين کي جس ڏنو ۽ چيو تہ هي لطيف ڪانفرنس هڪ يادگار آهي ۽ هت محقق .اديب شاعر ۽ ٻين طبقن جا ماڻهو موجود آهن جنهن بعد سنڌ جي ثقافت اجر پهرايا. لطيف ايوارڊ ڏنا ويا لطيف جا بيت شاگردن پيش ڪيا مشهور صوفي راڳي اختيار علي خشڪ وائي پيش ڪئي هاءَ اسڪول ڪمال خان لنڊ جي شاگردن ٽيبلو پيش ڪيو جڏهن تہ سنڌ جي مختلف ضلعن کان غلام مرتضيٰ پيرزادو.آڪاش بلوچ عبدالطيف سولنگي سميت ٻين لطيف جي پارکن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.لطيفيات سٿ پاران دادو جي سرگرم ساٿين کي بھترين ڪارڪردگي تي شيلڊون ء سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا. حاجي غلام النبي پنھور ،حافظ غلام محمد چنہ ،وفا ياسين آرائين ،صوفي غلام مصطفا ،ميڊم ريحانہ.ميڊم بلقيس اختر ،ميڊم ممتاز مگسي،ميڊم انمول سحر ،ميڏم رشيدہ جوڻيجو ،وفا عنايت رستماڻي،غلام سرور،صنم جويو،ھالار ياسين ،وغيرہ شامل آھن
رپورٽ ... انمول لطيفي سٿ دادو